سرور سهتو
قومي تحريڪ جو خاموش پر متحرڪ ڪردار
عبدالخالق جوڻيجو
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته؛ ”خواب
اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ڪندي ڏسو پر خواب اهو آهي جيڪو توهان جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي“،
اهڙا خوابن جي پويان ننڊون ڦٽائيندڙ انسان ئي قومن جي حقيقي ميراث هوندا آهن.
سنڌي قوم به اهڙن سپوتن کان
خالي ناهي، اهڙو جاڳندڙ اکين سان خواب ڏسندڙ ۽ ان خواب جي ساڀيان خاطر زندگي ڀر
جاکوڙيندڙ هڪ شخص سرور سهتو به هئو، هن جو خواب آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ هئي،
ان خواب جي تعبير خاطر جاکوڙ ۾ هو ڪڏهن غفلت جي ننڊ ڪو نه ستو، هن شايد شاهه لطيف
جي سُر سسئيءَ مان اهو سبق حاصل ڪيو هئو ته هڪ لمحي جي ننڊ زندگيءَ جي خواب جي
تعبير کي ”ڪوهين ڏور“ ڪري ڇڏيندي، ان ڪري ئي شايد هن پنهنجي تخليقن کي شاهه لطيف
جي نالي سان منسوب ڪيو، پهرين بحيثيت استاد سنڌ جي نوجوان کي انسان ذات جي خدمت جا
سبق ڏيڻ خاطر منظم ڪيائين ته ان تنظيم کي شاهه لطيف اسڪائوٽس جو نالو ڏنائين، وري
جڏهن بحيثيت سياسي اڳواڻ جي سنڌ جي اڀرندڙ نسل کي قومي شعور ڏيڻ جو بار مٿي تي
کنيائين ته لطيف سنگت جو پليٽ فارم منظم ڪيائين.
