; سنڌي شخصيتون: فقير، يار محمد، پيرزادو، آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري، لطف پيرزادو،
Showing posts with label فقير، يار محمد، پيرزادو، آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري، لطف پيرزادو،. Show all posts
Showing posts with label فقير، يار محمد، پيرزادو، آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري، لطف پيرزادو،. Show all posts

20 November, 2016

فقير يار محمد پيرزادو- لطف پيرزادو

فقير يار محمد پيرزادو
آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري...
لطف پيرزادو
شاهه جي رسالي ۾ عجب دنيا سمايل آهي، جنهن جو مُکيو نقطو ”انسان“ آهي، ان کان علاوه انسان جي اوس پاس جي زندگي جهلڪندي نظر پئي اچي، جنهن ۾ مذهب، ڌرتي، ان جا ماڻهو ان جا رويا، سماجي ريتون رسمون، تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ جي نزاڪت، ان جا داءَ پيچ، گهاڙيٽا ۽ گرامر، انساني اندر جا اڌما، عشق، رنج، غم، خوشي، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، سڀ جون سڀ وٿون اوهان کي هن سمنڊ نما شاعريءَ جي ساگر ۾ ملنديون. پر جيڪا اهم ۽ مقدم ڳالهه آهي، اها آهي انسان ان جي فطرت، قدرت جا ڪرشما ۽ فطري حسن جي جهلڪار. هو ڪڏهن اوهان کي، تارن ڀري رات ٿو پسائي ڪڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ ٿو ڏيکاري، ته ڪڏهن اڻٽيهين اونداهي ٿو پسائي، هن جي هر سٽ هر جملي ۾ ڪا نه ڪا معنيٰ لڪل هوندي آهي جيڪا هو اوهان جي ذهن ۾ داخل ڪرڻ چاهيندو آهي. ڳالهه ڪرڻ جو ايڏو ته استاد آهي، جو اڻ پنهوار کان ويندي عالم ۽ فلسفي به هن جي ڳالهه مان هڪ جيترو مطلب ۽ لطف ٿو ماڻي. استاد به استادن جهڙو جيڪو ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه کي روشن ڏينهن جيان، اوهان آڏو چٽو ڪري بيهاري. اهو ئي سبب آهي جو هر سنڌي سمجهندڙ هن جي بيت ۽ وائيءَ ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ ان جي سحر ۾ غرق ٿيندو نظر ايندو آهي. ڀل ته هن جي ذهني سطح ڪهڙي به هجي. پر لطيف پاران ادا ڪيل جملي تي هر ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو پوي. بقا ۽ فنا، دنيا جي حقيقت، مايا جو موهه، پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ترڪُ ۽ تزڪيه نفس، هن جا محبوب موضوع آهن. اڪثر ڪري هي زندگيءَ سان لاڳاپيل موضوعن کي سهڻي پيرائي ۽ صاف ٻوليءَ ۾ ايئن ادا ڪندو آهي، جو ٻڌندڙ جي دل، دماغ ۽ ڪنن کي نه رڳو سرور ايندو آهي، پر هُن جي پر مغز معنيٰ تائين رسائي هِن لاءِ آسان ٿي ويندي آهي.