محبتي ملاح
محبتون ورهائيندڙ شاعر
علي محمد درد سولنگي
هي دور دجالي دور آهي. هن دور ۾ محبتون مرنديون ۽ نفرتون نپجنديون، وڌنديون
ويجھنديون وڃن، هي دور جنهن ۾ محبتي هجڻ جي دعويٰ ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر،
”يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پوي ٿي ڪل پوي.“
وقت اچڻ تي اهي محبتون، واريءَ جي محلن جيان ڌڙام سان ڪريو پون ۽ پوءِ
ماڻهوءَ جو محبتن تان ويساھ ئي کڄيو وڃي،
پر صفا سڃ به نه ٿي آهي، محبتون اڄ به موجود آهن، ڪي آهن جيڪي اڄ به محبتن کي مان
ڏين ٿا، محبتون ونڊين ۽ ورهائن ٿا ۽ پاڻ کي محبتي سڏائن ٿا، اهڙن محبتي ماڻهن مان
اسان جو شاعر دوست ”محبتي ملاح“ به هڪ آهي.
