غلام مصطفيٰ جتوئي
سندس ياد ۾..
زاهد قائمخاني
جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي ان کي واپس پنهنجي پروردگار ڏانهن وڃڻو آهي پر ڪنهن
شخصيت جو اوچتو وڇوڙو جيءَ جهوري ڇڏي ٿو ۽ وڇوڙي کان پوءِ ٿيل خال ڀرجڻ ۾ وڏو وقت
لڳندو آهي. 20 نومبر 2009ع جمعي جي ڏينهن لنڊن جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويل پاڪستان جي
اڳوڻي وزيراعظم ۽ اين پي پي جي سرواڻ رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي وڇوڙي کي اڄ
ست سال مڪمل ٿي ويا آهن جيڪو 14 آگسٽ 1931 ۾ پيدا ٿيو ھو اڄ به مرحوم غلام مصطفي جتوئي جي ياد ماڻهن جي
دل ۾ ديرو ڪري ويٺل آهي.
