جهانگير بدر
هڪ ڪميٽيڊ اڳواڻ جو وڇوڙو
حامد علي
پيپلز پارٽيءَ اندر جتي بيشمار ڪُٽي کائو مجنون ملن ٿا، اُتي اهڙا هزارين
نه بلڪ لکين ماڻهو به ڏسجن ٿا، جن پنهنجي پوري زندگي انهيءَ پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي،
جيڪي جيئي ڀُٽو جي نعري کي پنهنجي لاءِ راههِ مشعل سمجهندا رهيا، جن زمانن جون
سختيون سٺيون، پر هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ذهن ۾ اِن پارٽيءَ کان پانڌ ڇڏائڻ جو نه
سوچيو. اهڙو ئي هڪ سينئر اڳواڻ ڪالهه 72 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي عارضي سببان پيپلز پارٽيءَ کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو آهي،
جنهن کي دُنيا جهانگير بدر جي نالي سان سُڃاڻندي هُئي. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ آهي
ته هُو ڪيتري ئي وقت کان گُردن جي مرض ۾ به مبتلا هُو، جنهن نهايت جرئت سان مُنهن
ڏئي رهيو هو، پر ڪالهه سندس دل دوکو ڪري وئي ۽ هُو وڃي خالقِ حقيقيءَ سان مليو.
