حشو ڪيولراماڻي
سنڌي تاريخ جو وساريل ورق
لکمي کلاڻي
”ڪونج“ جي هن خاص پرچي (جولاءِ
آگسٽ ۲۰۱۶ع) ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙي
لاثاني شخصيت کي روشنيءَ ۾ آڻي توهان پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ انمول تحفو ڀيٽ ڏنو
آهي. ڀاءُ مدد علي سنڌيءَ به مبارڪون لهڻيون، جنهن حشوءَ جي زندگيءَ بابت هيترو
سارو مسودو ڪٺو ڪري، اتهاس جي ورقن ۾ وڃائجي ويل هن انقلابيءَ کي ڳولي لهي، سندس
ادڀت ڪردار کي ڇنڊي ڦوڪي نئين سر جيئاري، سنڌ جي تاريخ ۾ کيس پنهنجو اهم مقام واپس
ڏياريو آهي.
