; سنڌي شخصيتون: اقبال خان سولنگي - اظهر سولنگي

12 December, 2016

اقبال خان سولنگي - اظهر سولنگي


اقبال خان سولنگي

هڪ مانجهي مرد جو وڇوڙو..

اظهر سولنگي

سنڌ پنهنجي ڌرتي تي ڪيئي اهڙا جوڌا جوان ۽ مانجهي مڙس پيدا ڪيا آهن جن هميشه پنهنجي قوم، ديس ۽ عوام لاءِ پاڻ ارپيو آهي. انهن مانجهي مڙسن مان اقبال خان سولنگي به هڪ هو. هن نه صرف پنهنجي ذات سولنگي  لاءِ  ڪم ڪيو پر هڪ سنڌ واسي هجڻ جي ناتي هر ماڻهو کي پنهنجو سمجهي ان جي ڪم آيو.  اقبال خان اهو ماڻهو هو جيڪو بغير تعصب جي  سمورن قومن ۽ ذاتين ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ڪردار ۽ قومي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. اسان جي معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته جنهن ماڻهو کي ٿوري به اڳتي وڌڻ جي وٿي ملندي آهي ته هو ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ماڻهن جي حقن جي  لتاڙي ڪري اڳيان نڪري ويندو آهي پر اقبال احمد انهن منجهان نه هيو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته ائين به ڪري ٿي سگهيو جيئن عام چوڻي ۾ بااثر چيا ۽ ڳڻيا وڃن ٿا. اقبال احمد تي سرداري جي پڳ هوندي به هن هر طبقي جو تمام گهڻو خيال ڪيو، انهن کي پنهنجو سمجهيو. جيئن هڪ اڳواڻ تي پڳ جي ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي قبيلي، پاڙي، ۽ قوم سان  اڳواڻ واري حيثيت ۾ پيش ايندو رهي ۽ هو انهن جي سار سنڀال جو ذميوار پڻ هوندو آهي. هن پڳدار به پنهنجي پڳ ۽ چڱ مڙسي کي بلڪل ائين سڀني جو ڀرجهلو ٿي نڀايو. هن جي خوبصورت خوبي اها هوندي هئي جو قبيلي جي هر ماڻهو کي بغير ڌرمي فرق جي گڏ کڻي هليو. خاص ڪري ٿر ۾ موجود پنهنجي قبيلي جي هندو ڌرم جي ماڻهن کي هميشه اهو چوندو هو ته اوهان به اسان جا اوترائي ويجها آهيو جيترا سنڌ جا مسلم سولنگي قبيلا..اوهان کي جيڪا به ضرورت پوي آئون اوهان لاءِ حاضر هوندس.


اقبال احمد نه صرف قبيلائي اڳواڻ هوندي پنهنجون سرگرميون ذات پرستيءَ تي صرف نه ڪيون، بلڪه هو سماجي اڳواڻ جي حيثيت ساڻ هڪ ادبي چاهه رکندڙ شخص هو. جنهن پنهنجي قبيلي جي تاريخ کي پڻ اڳيان آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، سولنگي قبيلي جي تاريخ تي مبني ڪتاب “تاريخ سولنگي” جو سهيڙڻ جو ڪم جيڪو اقبال احمد جي والد نبي بخش خان سولنگي سنڌ جي وڏي ليکڪ، تاريخ جي پارکو، محقق، اديب ۽ دانشور علامه غلام محمد گرامي کان لکرائڻ جو اهم ڪم ڪيو هو. علامه گرامي صاحب سولنگي تاريخ کي تاريخ جي مختلف ڪتابن مان حوالا گڏ ڪري نج تاريخي حوالن تي ٻڌل هي ڪتاب سولنگي ڪميونٽي کي ڏئي تمام ڪارائتو ۽ املهه ڪم ڪري ڇڏيو، گرامي صاحب  جي هن ڪتاب ۾ ڏنل حاشين ۾ حوالن تي جيڪڏهن ڪير محقق تحقيق ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري ته منهنجي خيال ۾ ضرور ٻيو ڪتاب به ٺهي ويندو. گرامي صاحب جي هن تحقيقي ڪم کي سولنگي قبيلي ڪڏهن به وساري نه سگهندو ۽ نه ئي سندس جو ٿورو لاهي سگهجي ٿو.  اهو ڪتاب اقبال احمد هڪ ٻئي ادب دوست، سگهڙ، صحافي ۽ دانشور درمحمد ڪمال سولنگي جي سهڪار سان ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو جيڪو ڪتاب سنڌ جي سمورن سولنگي قبيلي جي اڳواڻن کي ڏنو ويو ته سولنگي قبيلي جي هر گهر ۾ ضرور هي ڪتاب هجڻ گهرجي .  علامه گرامي صاحب جي هن ڪم کي اقبال احمد پنهنجي تڪميل تي پهچايو. جيڪو سندس ڪارائتو عمل سمجهيو وڃي ٿو.

اقبال احمد هڪ روشن خيال ماڻهو هوندو هو. خاص ڪري ٻهراڙي ۾ رهندڙ پنهنجي سولنگي قبيلي جي ماڻهن جي تعليم جو اونو هوندو هئس. هو چوندو رهندو هو ۽ قبيلي جي ماڻهن کي تاڪيد ڪندو هو ته جيترو به ٿي سگهي ته پنهنجي ٻچن کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو. ٻاهر موڪلڻ جيتري سگهه هجي ته پنهنجي ٻچن کي ولايت مان به تعليم ڏياريو.

سولنگي قبيلي سميت هن کي گهڻي مان گهڻو اهو خيال هوندو هئو ته جيڪر هي سڀ ماڻهو، سڄي قوم متحد ٿي وڃي، ۽ پنهنجن مسئلن کي حل ڪرائڻ جو فن ڄاڻي وٺي ته جيڪر هڙ ڪم آسان ٿي پون. ان حوالي سان هن سڀ کان پهريان سولنگي قبيلي کي متحد ڪرڻ لاءِ سنڌ سولنگي ويلفيئر ايسوسئيشن کي سماجي تبديليءَ  ڪارڻ رجسٽرڊ ڪرايو. رجسٽرڊ ڪرائڻ کانپوءِ  تنظيم سازي وارو ڪم ڪيو  ۽ ويلفيئر ايسوسيئيشن کي فعال بڻائي ڇڏيو. اڪثر تعلقن ۾ سولنگي ويلفيئر جون مهيني وار گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جن ۾ پنهنجن مسئلن تي ويچاريو ويندو هو. ان کان سواءِ سالياني رپورٽ پڻ عهديدارن کي ڏيڻي هوندي هئي، ان رپورٽن تي مشتمل هڪ رسالو ڇاپي پڌرو ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويندو هو ته ويلفيئر جو   تنظيمي ڪم ڪيئين ٿي رهيو آهي. تنظيم سان گهڻو لاڳاپيل درمحمد ڪمال سولنگي اڪثر تنظيمي پليٽ فارن تان ضلعن ۽ تعلقن جي هيڊ ڪوارٽرن سميت جتي جتي يونٽ کليل هوندا هئا، اتي جا دورا ڪري ڄاڻ وٺندو هو، سياسي ۽ سماجي ڪمن ڪارين کان به کين آگاهه ڪيو ويندو هو.

اقبال احمد هڪ مانجهي مرد هو، هن جون ڪيل خدمتون هيمشه ياد ڪيون وينديون، هن جي طبيعت ۽ سلڇڻائپ واري ڪردار جي هميشه هن ديس ۾ ضرورت پوندي رهندي. هن جي وڇوڙي تي هن جي ويجهن ماڻهن کان ويندي سولنگي قبيلي ۽ دوستن کي دلي ڏک رسيو آهي. هن جون هر پل يادون اينديون رهنديون، خاص ڪري جڏهن به قومي ڪردار کي ياد ڪيو ويندو ته اقبال احمد سولنگي به انهن ڪردارن ۾ شامل هوندو. هن جي وئي کانپوءِ پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مشڪل بڻجي پيو آهي. تنظيم ۽ سولنگي قبيلي جو هر ماڻهو سندس ڪمي ضرور محسوس ڪري رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا