; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

16 December, 2016

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ولادت ۱۳۳۶ هه = ۱۹۱۷ع
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مشهور سنڌي اديب، مورخ، محقق، مبصر، اهل قلم، دانشور ۽ بيباڪ شخص، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان ولد علي محمد خان بلوچ، ۱۳۳۶ هه مطابق ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي، ضلعي سانگهڙ، تعلقي سنجهوري جي ڳوٺ ”جعفر خان جمال“ ۾ تولد ٿيو. مئٽرڪ ۱۹۳۵ع ۾، بي اي ۱۹۴۱ع، ايم اي ۽ ايل ايل بي ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن (education) ۾ پي ايڇ ڊي (ph: D) حاصل ڪيائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جتان ۱۹۶۷ع ۾ وائيس چانسلر جي عهدي تان بدلي ٿي، اسلام آباد ۾ وزارت تعليم جي سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو رهيو. هينئر رٽايرڊ ٿيڻ بعد، ثقافتي شعبي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. خاص ڪري ادب جي تاريخ، لوڪ ادب، سنڌي لغت، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي شاعري ۽ لطيفان وغيره تي سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي سنڌي نسل صدين تائين ساراهيندو رهندو. جيتري قدر کيس نثر سان انس آهي؛ اوترو نظم ۾ به گهرو نظر اچي ٿو.
علم جي سلسلي ۾ يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۾ حڪومت پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪندو رهيو آهي، سندس علمي خدمتن عيوض حڪومت پاسڪتان طرفان ”تغمهء پاڪستان“ جو اعزاز به مليو آهي. شال خداوند ڪريم، سنڌ جي هن سپوت کي وڏي عمر عطا ڪري.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ماهر لوڪ ادب ۽ لغات
آفتاب ابڙو
سنڌ جو هاڪارو عالم، اسڪالر، اديب، محقق، تعليم دان، تاريخ دان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۹۴ سالن جي ڄمار گذارڻ کان پوءِ اسان کان ۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي موڪلائي ويو. سندس لاڏاڻي سبب سنڌ جي علم ادب  ۾ جا کوٽ پيدا ٿي آهي. ان کي ڀرڻ لاءِ صديون درڪار آهن. ڊاڪٽر صاحب علم ادب جي مختلف شعبن ۾ انتهائي معياري ڪم ڪبو. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، ادب، موسيقي، لطيفيات، لغات، لوڪ ادب وغيرهه شامل آهن. انهن شعبن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو ايترو ڪم ڪيل آهي، جو هر هڪ شعبي تي الڳ تحقيقي مقالو لکي سگهجي ٿو، پر هت اسان سندس لوڪ ادب ۽ لغات جي حوالي سان ڪيل ڪمن جو سرسري جائزو پيش ڪنداسين.
ڊاڪٽر بلوچ ۱۹۴۳ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم اي ڪئي. سندس ٿيسز جو عنوان هو ”سنڌ ۾ عرب حڪمراني“. ان عرصي ۾ سنڌ ۾ وڏي جاکوڙ کان پوءِ مسلمانن لاءِ ”سنڌ مسلم ڪاليج“ کوليو ويو. جنهن لاءِ استادن جي وڏي کوٽ هئي، ان لاءِ وزير تعليم پير الاهي بخش، ڊاڪٽر بلوچ کي گذارش ڪئي، جنهن اچي ڪجهه وقت لاءِ پڙهايو، ان کان پوءِ برٽش حڪومت اسڪالرشپس جو اعلان ڪيو، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب ٽيسٽ پاس ڪري، اسڪالرشپ حاصل ڪري ورتي ۽ سرڪاري طور ڪولمبيا يونيورسٽي (نيويارڪ) ۾ سندس داخلا ٿي ۽ کيس عالمي سطح تي ريسرچ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر صاحب کي ۱۹۴۶ع ۾ داخلا ملي. هو اڃا تحقيق ڪري رهيو هو ته پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. هن ڊاڪٽريٽ تعليم جي شعبي ۾ ڪئي ۽ هو پهريون پاڪستاني هو جنهن وٽ اها اعليٰ ڊگري هئي. سندس ڊگريءَ جي آڌار تي کيس اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي پر پاڻ ملڪي خدمت جي جذبي هيٺ وطن وريو. ۱۹۴۹ع ۾ سنڌ پهتو، هتي کيس جنهن نوڪريءَ جو آسرو ڏنو ويو. اها کيس ڪانه ملي. وقت کي سجايو ڪرڻ لاءِ هو سنڌ جي واهڻ، وستين ۾ نڪري پيو ۽ لوڪ ادب جو سرمايو گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ويو. مختلف سگهڙن، هنرمندن ۽ ڏاهن سان سندس ملاقاتون ٿيون. اهو وقت هو جو کيس احساس ٿيو ته سنڌ جو اصل سرمايو ته ڳوٺن ۾ آهي. کيس تاريخ مان اها خبر پئي ته سنڌ ۾ صدين تائين ڌارين جي حڪمراني  سبب سنڌ جي لوڪ ڏاهپ شهر ڇڏي، واهڻ وسايا، ان وچ ۾ هن لوڪ ادب جو پهريون ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ تيار ڪري ورتو.
ڊاڪٽر بلوچ پاڻ سان وچن ڪري ورتو ته جيڪڏهن کيس موقعو مليو ته هو سنڌ جي لوڪ ادب کي نه صرف سهيڙيندو پر ان کي ڏيهان ڏيهه مشهوري به ڏياريندو. ان سوچ سبب هن لوڪ ادب جي هر ڪتاب جو مهاڳ/پيش لفظ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو.
۱۹۵۵ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ جي ٻيهر جوڙجڪ ٿي. نوان ميمبر مقرر ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ کي به هڪ اهم ميمبر طور شامل ڪيو ويو. موقعو غنيمت ڄاڻندي، ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ ۽ دورانديشيءَ سان ”لوڪ ادب اسڪيم“ تيار ڪئي ۽ مختلف موضوعن تي ۴۲ ڪتاب ڇپائڻ جي رٿا جوڙي. ان بابت ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”ان تجويز مطابق جنوري ۱۹۵۱ع ان لوڪ ادب جي سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ تعلقي وار ڪارڪن  مقرر ڪيا ويا هو ڏنل هدايتن مطابق ٻهراڙين مان مواد گڏ ڪري موڪلين سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪيمپس) ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ، لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته هو مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين
ڊاڪٽر صاحب پاران مقرر ڪيل ڪارڪن تمام گهٽ معاوضي تي ڏينهن رات ڪم ڪرڻ لڳا. ڊاڪٽر صاحب هر هڪ داخلا جي چڱي طرح چڪاس ڪندو هو ۽ آخر ايڊيٽنگ/واڌارن/سڌارن جو ڪم سرانجام ڏيندو هو. لوڪ ادب جي مختلف ۳۸ صنفن بابت ڪتاب تيار ٿيندا ويا ۽ بورڊ پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. انهن مان ڪن صنفن تي ٻه ٽي ڪتاب به تيار ٿيا، البت لوڪ ڪهاڻين بابت ست جلد تيار ٿيا. اهي آکاڻيون ان دور ۾ ايتريون ته مقبول ٿيون جو ڇهن مهينن ۾ ڇپايل سڀ ڪتاب وڪامجي ويا انهن جي ٻيهر اشاعت مسئلو ٿي پئي، جو رٿا ۾ ان بابت رقم رکيل ڪانه هئي، پوءِ اهي گهڻي گهرج وارا ڪتاب ڏهن سالن کان پوءِ بورڊ پاران شايع ڪيا ويا.
لوڪ ادب رٿا هيٺ جيڪي ڪتاب تيار ٿيا. اهي انتهائي دلچسپ ۽ معياري هئا. انهن جي گهرج سنڌ جي هر باذوق ماڻهو کي هئي. لوڪ ادب جي صنفن بابت تفصيل کي ڇڏي، هتي اهو عرض ڪندو هلان ته ڊاڪٽر صاحب جي جاکوڙ ۽ علمي پورهئي سبب سنڌ جو اهو لوڪ ورثو هڪ طرف محفوظ ٿي ويو ته ٻئي طرف اسان ان جي ڀيٽ ننڍي کنڊ جي ڪنهن به شاهوڪار ٻولي جهڙوڪ هندي، گجراتي، بنگالي، تامل، تلگو وغيره سان ڪري سگهون ٿا. هتي اها به وضاحت ڪندا هلون ته اردو ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب نه هئڻ جي برابر آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي اوسر شهري ماحول ۽ درٻار ۾ ٿي، ان ڪري ان ۾ لوڪ ادب جي ڪابه صنف موجود نه آهي.
موضوع جي مناسبت سان، هڪ تاريخي حقيقت جي وضاحت ڪندو هلان ته ”لوڪ ادب اسڪيم“ جو آخري ڪتاب ”سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون“ ڪنهن طرح مڪمل ٿي نه سگهيو. ان جو هڪ مکيه سبب اهو ٿيو جو ڊاڪٽر بلوچ قومي هجره ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو ۽ اسلام آباد ۾ مستقل رهائش پذير ٿيو. اها ۸۰ واري ڏهاڪي جي شروعات هئي. مون کي اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ملي، کاتي طرفان شايع ٿيندڙ رسالي پيغام ۾ هڪ مضمون لکيم جيڪو سنڌي چوٿين درجي بابت هو. ان ۾ مون خاص طور ٻولي، گرامر ۽ تاريخي حوالن بابت وضاحت ڪئي. ان جي ڪاپي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ هڪ ڪاپي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ڏانهن ڏياري موڪلي. ٻنهي طرفان همت افزائي جا خط مليا، جيڪي سانڍي رکيا اٿم. ٻنهي مانوارن محققن کي شڪريه ادائي جا خط لکيم.
ٻنهي ڏاڍي مانائتي موٽ پئي ڏني، ايئن ساڻن خط ڪتابت جو سلسلو شروع ٿيو ٽيهارو خط ڊاڪٽر بلوچ طرفان آيا ۽ ساٺيڪو خط ڊاڪٽر سنديلي طرفان آيا. ساڻن ٻولي ۽ لغت بابت خط ڪتابت رهي. ان وچ ۾، منهنجا ڪي تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون/مقالا به ايندا رهيا ۽ کين موڪليندو رهيس. ۱۹۸۳ع ڌاري ڊاڪٽر بلوچ هڪ چئن پنجن صفحن جو خط لکيو، جنهن ۾ جامع سنڌي لغت جي چوٿين جلد تي ڪيل تنقيد جي آجيان ڪندي، مون کي ڪوٺ ڏنائين ته مان ڊيپوٽيشن تي ادبي بورڊ هليو وڃان، هتي ۱۱ گريڊ ۾ ئي ڪم ڪيم ۽ اتي ۱۶ گريڊ ڏيڻ جو ڊاڪٽر صاحب يقين ڏياريو. اتي سنڌي جامع لغات جي جلد ٻئي کان وٺي پنجين تائين ٻيهر چڪاس ڪرڻي هئي. ايئن ڪرڻ کان مون جڏهن عاجزي ڏيکاري ته پوءِ ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ ۾ رهي ”سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون“ بابت ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پوري وضاحت سان ڪم ڪرڻ جو خاڪو سمجهايو. سندس راءِ هئي ته ”مون کي سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ، بيهڪ، خاص طور پهاڪي، چوڻي، محاوري، اصطلاح ۾ فني فرق جي چڱي ڄاڻ آهي“ اهڙو اظهار ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ طرفان ۲۰۰۵ع ۾ شايع ٿيو آهي ان ۾ صفحي ۱۰ کان ۲۰ تائين مون ڏانهن سندس لکيل ۸ خط شامل آهن. جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل خط به شامل آهي.
پهاڪن بابت ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪي ٽي پاچڪا ڪاغذن جا ڀريل هئا. ڪن سببن ڪري، ان وقت مان اهو ڪم ڪري نه سگهيس، پوءِ جڏهن ساڻس ۲۰۰۷ع ۾ ملاقات ڪيم ته مون کي وري به همٿايائين ۽ ڪن دوستن جي سامهون چيائين اهو ڪم صرف تون ئي ڪري سگهين ٿو. جڏهن مون پڪو ارادو ڪيو ۽ ثقافت کاتي ان جي ڇپائي ۽ معاوضي جي حامي ڀري ته ڊاڪٽر صاحب لاءِ اهي ٻورا ڳولڻ مشڪل ٿي پيا. ۱۹۸۹ع ڌاري مون کي ثقافت کاتي ۾ موڪلڻ وارو به ڊاڪٽر بلوچ هو. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏئي ساڻس تمام وڏيون ڪچهريون رهيون، جن جو بعد ۾ ذڪر ڪنداسين، مان اهو اعتراف ڪندو هلان ته مون کي ٻولي، لغت ۽ لطيف سان لنؤ لڳرائڻ وارو ڊاڪٽر بلوچ آهي.
هاڻي ٿورو ذڪر لغت جو به ڪجي:
ساڳي طريقي سان ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغت تي ڪم ڪرڻ جو آغاز ڪيو. ڪارڪنن کي ان لاءِ الڳ هدايتون جاري ڪيون ويون. اهي مقامي محاوري مطابق لفظ جون جدا جدا صورتون لکي موڪليندا هئا. جن کي ڀيٽي هڪ معياري صورت مقرر ڪئي ويندي هئي. ان رٿا تحت صرف پهريون جلد شايع ٿيو بعد ۾ ڪن مَسهو ماڻهن ڊاڪٽر بلوچ کي بورڊ جي ميمبرشپ تان هٽائي ڇڏيو ۽ ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ان دوران بورڊ جو چيئرمين غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ٿيو. بورڊ پاران هڪ عجيب فيصلو ڪيو ويو ته مواد جهڙي به صورت ۾ آهي، ان کي جيئن جو تيئن شايع ڪريو. نتيجي طور نج سان گڏ گاڏڙ به گڏجي ويئي ۽ لغت جهڙي اهم ۽ نازڪ شيءِ ۾ هٿ چراند سبب تمام گهڻيون غلطيون شامل ٿي ويون، مثلاَ َ درياءُ، درياهه، دريا – ٽئي لکيا پيا آهن. روپيا، رپيا، روپيه ۽ پيسا، پئيسا، پيسه سڀ درست قرار ڏيئي لغت ۾ شامل ڪيا ويا. ڊاڪٽر صاحب انهن جي درستگي ڪرڻ پئي گهريو، پر کيس ايئن ڪرڻ ڪونه ڏنو ويو. آخر ۲۰۰۷ع ۾ وري ڊاڪٽر صاحب انهن جلدن جي نئين سر ايڊيٽنگ ڪئي ۽ بورڊ انهن کي ڇپرايو. ان بابت ڊاڪٽر صاحب مون ڏي پنج خط لکيا، جيڪي مون وٽ سانڍيا پيا آهن. ڊاڪٽر صاحب ڏي جن ماڻهن خط لکيا، اهي به شايع ٿيا آهن، جن ۾ منهنجا به خط شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب جامع سنڌي لغات کان سواءِ، اردو-سنڌي ۽ سنڌي-اردو ڊڪشنريون به ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان اردو شعبي جي سربراهه سان گڏجي ترتيب ڏنيون، جيڪي سنڌ يونيورسٽي جي فنڊن مان شايع ٿيون. ۶۰-۱۹۵۹ع ڌاري شايع ٿيون.
اهڙي طرح ڊاڪٽر بلوچ عام ماڻهن جي سهولت خاطر ”هڪ جلدي لغت“ تيار ڪئي، جيڪا سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ پاران ۱۹۹۸ع ۾ شايع ٿي. ان لغت کي بنياد بنائي محترم عبدالرشيد ميمڻ ”سنڌي – انگريزي“ ڊڪشنري تيار ڪئي جيڪا پڻ سنڌي لينگويج اٿارٽي مان شايع ٿي. ميمڻ صاحب به انتهائي معياري ڪم ڪيو آهي. اهڙي لغت جي سخت ضرورت هئي، جنهن جي پورائي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن لينگويج اٿارٽي جو چيئرمين هو، تڏهن سنڌ جي هڪ اڻ لڀ لغت، ”جواهر لغات – سنڌي اڪيچار“ سوڌي سنواري شايع ڪرائي، اها لغت فارسي-سنڌي آهي، جيڪا آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، جيڪو انگريزن جي دور جو ڏاهو ماڻهو هو، ان تيار ڪئي هئي. عباسي صاحب جي علمي لياقت اها هئي، جو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جنهن سڀ کان پهريائين شاهه جو رسالو ۱۸۶۶ع ۾ شايع ڪرايو، ساڻس علمي ڪچهريون ڪندو هو، ٽرمپ کائنس متاثر هو ۽ سنڌي ٻوليءَ بابت هن کان مشورا وٺندو هو.
ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي آخري ايام ڪاريءَ ۾ شاهه جي رسالي جي لغات ”روشني“ جي نالي سان تيار ڪئي، جنهن ۾ لفظن جي سمجهاڻي بيتن مطابق ڏني اٿائين، اها لغت سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ ۲۰۰۲ع ۾ شايع ڪرائي. ان لغت جي اهميت اها آهي، جو ان جون سون جي تعداد ۾ ڪاپيون هندستان جي سنڌي عالمن اديبن گهرايون، هتي به ان جي وڏي گهرج آهي. اٿارٽي وارا اسان جو ٻيو ڇاپو ڇپائي رهيا آهن.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
وسرندي نه وسري
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سونهن هو. هو شرافت جو مجسمو هو. هر عام و خاص تي بي حد مهربان هو. الله تعاليٰ دنياوي طور تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ايترو ته نوازيو هو جو ڪو پروفيسر خواب ۾ به ايترا وڏا عهدا ماڻي نٿو سگهي. پروفيسر آف ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسلر اسلامڪ يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي) اسلام آباد، سيڪريٽري (o.s.d) وزارت تعليم ۽ ثقافت هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد، صلاحڪار نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد، چيئرمين سنڌي لئنگويج اٿارٽي حڪومت سنڌ حيدرآباد ۽ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت، حڪومت سنڌ ڪراچي جا عهدا ماڻيندڙ هن عظيم انسان جي نوڙت ۽ حسن اخلاق ڏسي انساني عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هميشه پنهنجي ماضي جو ذڪر ڪري پنهنجي خاندان جي غربت تي فخر محسوس ڪندا هئا. هيڏن وڏن عهدن ۽ پوزيشنن تي رهڻ جي باوجود منجهن تڪبر ۽ وڏائي نالي ماتر به نه هئي. ايڏو منڪسر المزاج عالم مون پنهنجي زندگي ۾ ڪو نه ڏٺو آهي.
هڪ ٻيو عظيم اسڪالر، ڊاڪٽر محمد حميد الله جيڪو اسلام تي اٿارٽي هو. ان ۾ به بي حد انڪساري ۽ نوڙت هئي. جيڪو پيرس ۾ جلاوطني ۾ رهندو هو. هو ويهين صدي جو عظيم مسلم اسڪالر هو، جيڪو پنج ٻوليون ڄاڻيندو هو. اردو، عربي، انگريزي ۽ ترڪي ٻولين تي کيس دسترس حاصل هئي. سندس قرآن پاڪ جو فرانسيسي ۾ ترجمو عظيم شاهڪار آهي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان منهنجو تعلق اڌ صدي تي پکڙيل آهي. آئون ساڻس ۱۹۶۰ع ۾ پهريون ڀيرو مليس. جڏهن پاڻ پروفيسر آف ايجوڪيشن هئا. مون کين ٻڌايو ته منهنجو تعلق ٽنڊي باگي سان آهي ۽ آئون مير غلام خان ٽالپر مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول ۾ پري ميٽرڪ تائين پڙهيو آهيان. ميٿس ٽيچر نه هئڻ سبب ميٽرڪ جو امتحان مون ڪينٽومينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (هاڻي فيڊرل هاءِ اسڪول) مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ اسڪول ۾۱۹۵۵ع ۾ پهريون نمبر آيس، تازو ۱۹۶۰ع ۾ مون بي اي آنرس ۾ آرٽس فيڪلٽي ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ شاباس ڏنائون ۽ تعليم جاري رکڻ لاءِ چيائون. آئون اڃا ايم اي فائنل ۾ هئس ته بي اي آنرس فرسٽ پوزيشن جي بنياد تي ترڪي حڪومت طرفان مون کي پي ايڇ ڊي جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. آئون ٻڏتر ۾ هئس ته ايم اي ڪرڻ کان اڳ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪي وڃان يا نه وڃان. آخر مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر ڊاڪٽر صغير الحسن معصومي ۽ ڊاڪٽر هاشمي سان صلاح ڪيم. انهن مشورو ڏنو ته ايم اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان اڳ نه وڃين ته بهتر آهي. آخر ۾ آئون ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ سڄي روئيداد کين ٻڌايم. پاڻ هڪدم چيائون ته؛ ايم اي ڪرڻ کان اڳ ۾ قطعي ڪونهي وڃڻو. جيڪڏهن اتي پي ايڇ ڊي نه ڪري سگهين ته تنهنجو ڪيريئر تباهه ٿي ويندو. وزارت خارجه وڃي ٻن مهينن جي مهلت لاءِ درخواست ڏي ۽ آٿت ڏيندي چيائون ته انشاءَالله تو کي مهلت ملي ويندي. ان بعد آئون ڪراچي وزارت خارجه جي لاڳاپيل اسسٽنٽ ايجوڪيشنل ايڊوائيزر سان وڃي مليس. جناب محفوظ الرحمان جو تعلق مشرقي پاڪستان سان هو. ڏاڍي اخلاق سان مليو ۽ درخواست ڏيڻ لاءِ چيائين. ايترو پڻ چيائين ته آئون وڃي ايم اي جي تياري ڪريان ۽ پريشان نه ٿيا. مون واپس اچي پوري حقيقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ٻڌائي. پاڻ مطمئن ٿي ويا ۽ آئون امتحان جي تياري ۾ لڳي ويس. انهيءَ وچ ۾ وڃڻ جي به تياري ڪندو رهيس. مون آخر طئه اهو ڪيو ته آئون بحري جهاز ذريعي ڪراچي کان بصره ويندس ۽ اتان ٽرين جي ذريعي بغداد کان ٿيندو، انقره ويندس. تاريخ ۲ آگسٽ ۱۹۶۲ع تي رزلٽ آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ، ۴ آگسٽ تي روانگي جو پروگرام ترتيب ڏنم. ۴ آگسٽ ۱۹۶۲ع ڇنڇر جي ڏينهن شام جو ساڍي ستين بجي آئون ڪراچي مان سرڌانا بحري جهاز ذريعي بصره روانو ٿيس. روانگيءَ کان اڳي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ملي، وٽائنس صلاح مشوره ڪري، پوءِ موڪلائي روانو ٿيس. بحري جهاز ذريعي ۱۱ آگسٽ تي بصره پهتس. بحري جهاز ۾ سفر ڪندڙن کي اڪثر سي سڪنيس ٿيندي آهي ۽ الٽيون اينديون آهن. پر مون کي اهڙو ڪو پرابلم ڪو نه ٿيو. بصره  پهچڻ بعد، ٽرين ۾ ويهي بغداد پهتس. ڪربلا معليٰ به ويس. واپسي پير عبدالقادر جيلاني رح جي مزار تي وڃي دعا گهريم. بغداد کان ٽرين ۾ ويهي ۲۰ آگسٽ ۱۹۶۲ع تي انقره پهتس. انقره يونيورسٽي جي تاريخ ۽ ادب جي فيڪلٽي ۾ پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽر ٿيس. ترڪي مان ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان خط و ڪتابت ذريعي تعلق قائم رهيو. ۱۹۶۳ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا ٻه خط ساڳئي موضوع تي مليا. ڊاڪٽر صاحب ترڪي ايران تعلقات جي باري ۾ ڪجهه معلوماتي مواد موڪلڻ لاءِ لکيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ مهيني بعد کين ايران ڪانفرنس ۾ وڃڻو هو. ٻن خطن لکڻ جو مقصد اهو هو ته جيڪڏهن هڪ خط گم ٿي وڃي ته ٻيو ته ملڻ گهرجي. حڪم جي تعميل ۾ گهربل مواد ڊاڪٽر صاحب کي موڪلي ڏنم. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۱۹۶۴ع ۾ ترڪي ڪنهن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ آيا. اچڻ کان اڳ ۾، مون کي پنهنجي پروگرام جو اطلاع ڏيئي ڇڏيو هئائون. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، تقريبن هڪ هفتو ترڪي ۾ رهيا. آئون گهڻو وقت سندس خدمت ۾ حاضر رهيس. ڊاڪٽر صاحب ڪانفرنس کان پوءِ گهڻو وقت ترڪي جي ڪتب خانن ۾ سنڌ جي متعلق لکيل مواد تلاش ڪندا رهيا. ٻيو ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ڊسمبر ۱۹۶۶ع ۾ ترڪي آيا. آئون ان وقت پي ايڇ ڊي جو مقالو تقريبن مڪمل ڪري چڪو هئس ۽ فائنل ڊرافٽ ٽائپ ڪري رهيو هئس. واضح ڪرڻ چاهيندس ته ترڪي ۾ هر مضمون ترڪي ٻولي ۾ پڙهايو ويندو آهي ۽ غير ملڪين کي پهرين ترڪي ٻولي سيکاريندا آهن، ان بعد ريسرچ اسڪالر کي پنهنجي ٿيسس ترڪي ٻولي ۾ لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ڪرڻي پوندي آهي. هن سلسلي ۾ ڪنهن سان ڪنهن رعايت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
مسلمان ملڪن ۾ ترڪي اهڙو ملڪ آهي جتي هر سبجيڪٽ تي ترڪي ٻولي ۾ ڪتاب ملن ٿا. ترڪ پنهنجي قومي ٻولي تي فخر ڪن ٿا ۽ ڌارين کي خوش ڪرڻ لاءِ هروڀرو غير ملڪي زبان ڪو نه ڳالهائيندا آهن. ترڪي ۾ ٽن ٻولين؛ انگريزي، فرانسيسي ۽ جرمني جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ اهي ٻوليون سکڻ ضروري آهن. باقي ڳالهائيندا ترڪي آهن. ٽن يورپي ٻولين اچڻ سبب، ترڪي جا پروفيسر اسڪالر، اديب، تاريخدان ۽ شاعر مختلف موضاعات تي ڇپيل ڪتابن جو اڪثر ترڪي ۾ ترجمو ڪري ڇپرائيندا آهن. انهي ڪري ترڪي ٻولي ۾ هر موضوع تي دنيا جي ادب، سائنس، تاريخ وغيره تي لکيل ڪتابن جو ترجمو ملي ويندو. آئون جون ۱۹۶۷ع ۾ ڊي لٽ جي اعليٰ ڊگري انقره يونيورسٽي مان تاريخ ۾ حاصل ڪري واپس وطن پهتس. نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جا دروازا ته سنڌين لاءِ بند هئا پر سنڌ يونيورسٽي ۾ جنهن طريقي سان ملازمت ملي اها تفصيل جيڪڏهن زندگي وفا ڪئي ته آتم ڪهاڻي ۾ انشاءَالله لکندس. واپسيءَ بعد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ملڻ ويس. ملي، ڏاڍا خوش ٿيا. ٻي ملاقات وري ڊاڪٽر صاحب سان ۲۰ جولائي ۱۹۶۷ع تي ٿي. پاڻ چيائون ته؛ سٺو ٿيو جو اچي وئين. پاڻ وڌيڪ چيائيون ته؛ مون سوچيو پئي ته تو کي ڪيئن نياپو موڪليان ته اچي مون سان مل. پوءِ پاڻ چيائون ته ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ آر سي ڊي جو ڏهاڙو پيا ملهايون. ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد صدارت ڪري رهيا آهن. انهيءَ موقعي تي تو کي عثماني ترڪ خليفن جي هندستان جي مسلمانن سان اوائلي لاڳاپن جي موضوع تي مقالو پڙهڻو آهي. مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو ته منهنجي پراڻي دوست غلام رسول مشتاق جي نياڻي جي شادي ۲۶ جولائي تي ڪنڊيارو ۾ ٿي رهي آهي، آئون ته اتان ۲۷ جولائي تي موٽندس. اتي ڊاڪٽر صاحب حڪم صادر ڪيو ته تو کي ۲۶ جولائي واپس حيدرآباد پهچڻو ۽ مقالو پڙهڻو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان علاوه  ٻيو ڪو چاڙهو ئي ڪو نه هو. وعدو ڪرڻ بعد ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي چار پنج ڏينهن مقالي لکڻ ۾ لڳائي، مقالو مڪمل ڪري ورتم. ان بعد ۲۴ جولائي تي آئون ڪنڊيارو ويس ته جيئن شاديءَ ۾ شريڪ ٿي سگهان. ۱۹۶۷ع تي آئون دوست جي نياڻيءَ جي شادي ۾ شرڪت بعد واپس آيس ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ فنڪشن ۾ شامل ٿي، پنهنجو مقالو پيش ڪيم. ترڪيءَ مان واپسيءَ بعد پهريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مهربانيءَ سان ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اهل علم سان تعارف ٿيو. سڀني کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، آئون پهريون سنڌي آهيان جيڪو ترڪي مان تاريخ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري آيو آهيان.
زندگي ڀر ٻن عظيم انسانن جو احسان مند رهيو آهي. جن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ مون کي تحقيق ۽ تصنيف ڏانهن مائل ڪيو ۽ اڄ سوڌو منهنجو گهڻي ۾ گهڻو وقت مطالعي ۽ ريسرچ ۾ گذري ٿو. اهو سلسلو مارچ ۱۹۶۷ع کان شروع  ٿيو ۽ اڄ سوڌو جاري آهي.
پهريون عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر خليق انالحق آهن. جيڪي ڊي لٽ ۾ منهنجا سپروائيزر ۽ رهبر هئا جن حوصله افزائي ڪري منهنجو پهريون ريسرچ پيپرز جنهن جو عنوان هو ”سورهين صدي جي تاريخي دستاويز جنهن جو تعلق عثماني ترڪن جي اقتدار اعليٰ ۽ دولت عثمانيه جي حجاز تائين حڪومت ۽ بحر احمر ۾ پورچيگيزن سان مقابلو“، انهي خط کي جيڪو قديم ترڪي (رومن حروف) ۾ لکي ريفرنس وغيره ڏيئي ترڪي جي ريسرچ جرنل بيلگيلر جي جلد ۲۷ انقره يونيورسٽي انقره ۾ اپريل ۱۹۶۷ع ۾ شايع ٿيو. اهو منهنجو علمي حلقن ۾ پهريون تعارف هو. جنهن لاءِ آئون هميشه پنهنجي استاد محترم پروفيسر ڊاڪٽر خليل انالحق جو ٿوارئتو رهندس.  ڇاڪاڻ ته ان بعد اهو ريسرچ جو سلسلو مسلسل جاري رهيو ۽ اڄ سوڌو آئون مختلف موضوعات تي ڪم ڪندو رهان ٿو.
استاد محترم پروفيسر ڊاڪٽر اناالحق سان عقيدت ۽ احترام جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن ۱۹۷۹ع ۾ منهنجو ترڪي ٻولي ايشيائي ماڻهن کي سيکارڻ لاءِ منهنجو ڪتاب جڏهن استنبول ترڪي مان ڇپيو ته اهو ڪتاب استاد محترم ڊاڪٽر اناالحق جي نالي منسوب ڪيو. “منهنجي استاد پروفيسر ڊاڪٽر خليل اناالحق جي نذر جنهن مون ۾ ترڪي تاريخ ۽ ٻولي جي محبت جو جذبو پيدا ڪيو.”
ٻي عظيم هستي جنهن مون کي تحقيق ۽ تصيف لاءِ ترغيب ڏني ۽ هميشه حوصله افزائي ڪندا رهيا، اهي هئا ڊاڪٽر بلوچ صاحب. جيئن آئون ذڪر ڪري چڪو آهيان ته علمي آر سي ڊي جي سالگرهه جي موقعي تي ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ريسرچ مقالو پڙهڻ لاءِ مون تي جيڪو زور رکيو انهي جو اهو فائدو ٿيو ته منهنجو تعارف پاڪستان جي علمي حلقن ۾ ٿيو ۽ ۱۹۶۷ع ۾ مون وارو لکيل ريسرچ پيپر سنڌ يونيورسٽي آرٽس ريسرچ جرنل ۾ شامل ڪري ڊاڪٽر صاحب جيڪو مون تي احسان ڪيو اهو وسارڻ جو نه آهي. دراصل ڊاڪٽر صاحب هڪ پارس هئا ۽ سندن ٻين کي فيض پهچائڻ مخصوص ماڻهن لاءِ نه پر هر ريسرچر لاءِ عام هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ننڍي کان ننڍي ماڻهو سان به شفقت سان پيش ايندا هئا. سندن علم جا دروازا هميشه کليل رهندا هئا. شام جو ۵ وڳين کان رات جو اٺين وڳي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾ ڪير به اچي کيس ملي سگهندو هو. جيڪڏهن ايمرجنسي ۾ به ڪو سندن گهر ملڻ ويندو هو ته ڊاڪٽر صاحب خنده پيشاني سان ملندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تمام گهڻين خوبين جا مالڪ هئا. اهڙا ماڻڪ موتي ورلي پيدا ٿيندا آهن.
منهنجي ترڪي ۾ قيام جي مختلف دورن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪل پنج ڀيرا ترڪي آيا. پنهنجي قيام جي دوران استنبول ۾ توپ قاپي سرائي جيڪو عثماني خليفن جو پراڻو محل آهي ۽ جتي نوادرات رسول صلعم رکيل آهن ۽ هاڻي ميوزيم بنايو ويو آهي، اتي پاڻ ضرور ويندا هئا. انهي کان علاوه حضرت ابو ايوب انصاري رضه جيڪي مهماندار رسول خدا هئا ۽ هجرت مدينه بعد پيغمبر خداصه سندن مهمان ٿي مديني ۾ رهيا هئا ۽ اهي هن وقت استنبول ۾ مدفون آهن. مسلمانن ۶۶۹ع ۾، امير معاويه رضه جي دور حڪومت ۾، جڏهن بازنطيني بادشاهت جي دارالحڪومت قسطنطنيه تي حملو ڪيو هو ته حضرت ابو ايوب انصاري رضه به انهيءَ فوج ۾ شامل هئا. معاصرن جي دوران پاڻ بيمار ٿي پيا ۽ وفات ڪري ويا. انهيءَ ڪري استنبول جي قلعي جي ٻاهران کين دفنايو ويو ۽ اهو به اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن ميت جي بي حرمتي ڪئي وئي ته پوءِ انهي جي بدلي ۾ عيساين جي عبادتگاهن کي تباهه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر بلوچ وقت ڪڍي حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي مزار تي وڃي دعا ضرور گهرندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي زيارت گاهه قونيه جو شهر هو. جتي حضرت مولانا جلال الدين رومي رح جو مقبرو آهي. مقبري جو خادم ۽ ترڪي جو عظيم شاعر ۽ مولانا رومي رح جو عاشق فيضي خاليجي هو. فيضي صاحب پاڪستان جو وڏو دوست ۽ مداح هو ۽ سندس تعلقات ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ مون سان برادرانه نوعيت جا هئا.  ترڪي جي قيام دوران آئون هر سال مولانا رومي جي عرس جي موقعي تي قونيه ويندو هئس ۽ محفل سماءَ ۾ شرڪت ڪندو هئس. اهو وڃڻ جو سلسلو اوستائين رهيو جيستائين آئون ترڪي ۾ رهيس. ۱۹۷۲ع ۾ ٻيهر ترڪي وڃڻ ٿيو ۽ ۱۹۷۵ع تائين اتي رهيس، ان وقت آئون ادبيات فيڪلٽي استنبول يونيورسٽي ۾ ريسرچ فيلو باني چيئرمين ڊپارٽمنيٽ آف اردو اينڊ پاڪستاني ڪلچر هئس.
۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي مولانا جلال الدين رومي رح جي ۷۰ هين يوم وفات جي موقعي تي مولانا رومي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس قونيه ۾ منعقد ڪئي وئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پاڪستان مان اچي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. پروفيسر ڊاڪٽر انيمري  شمل جرمني مان آئي هئي. ڊاڪٽر شمل جو پاڪستان ۽ سنڌ سان عشق هو. پير حسام الدين راشدي ڊاڪٽر شمل جو بي حد مداح هو. سندس تعلق جي ڪري ڊاڪٽر شمل وصيت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس مڪلي (ٺٽه) ۾ دفن ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شمل هڪ ترڪ سان شادي ڪئي هئي، ليڪن بعد ۾ سندس عليحدگي ٿي وئي. ڊاڪٽر شمل، سنڌي ٻولي به سکي ورتي هئي. ترڪي ٻوليءَ تي کيس عبور حاصل هو. جرمني سندس مادري زبان هئي. انگريزي ٻوليءَ تي کيس ڪمانڊ حاصل هئي. فرانسيسي ٻولي به کيس ايندي هئي. مولانا روميءَ جي بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آئون استنبول مان پهتو هئس. جتي ان وقت آئون ادبيات فيڪلٽي استنبول يونيورسٽي ۾ نئين قائم ڪيل شعبي اردو ۽ پاڪستاني ڪلچر جو باني سربراهه هئس. اتي پروفيسر ڊاڪٽر سهيل انور استنبول مان آيل هو. هنن ڪانفرنسن جو هي وڏو فائدو آهي جو دنيا جي مختلف ملڪن جا اسڪالر هڪ ٻئي سان ملن ٿا ۽ رابطي ۾ اچن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ڪانفرنس ۾ ڊسمبر ۱۹۷۳ع ۾ آيا هئا. ان وقت پاڻ وائيس چانسلر سنڌي يونيورسٽي هئا. مولانا رومي جي ۱۰۰ ساله يوم وفات جي موقعي تي هي انٽرنيشنل ڪانفرنس هڪ يادگار ڪانفرنس هئي. ڪانفرنس کان پوءِ اسڪالرس کي ملڻ جو موقعو پيو ملندو هو ۽ مختلف موضوعات تي گفتگو پئي ٿيندي هئي.
هڪ شام ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر انيمري شمل، ڊاڪٽر سهيل انور ۽ آئون هڪ ٽيبل تي ويهي چانهه پي رهيا هئاسون. گفتگو جو موضوع هو؛ مولانا رومي جي مثنوي جو دنيا تي اثر. گفتگو ڪنهن مهل ترڪي ۾ ته ڪنهن مهل فارسي ۾ ته وري ڪنهن مهل سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي رهي هئي. مولانا رومي رح جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي جيڪو گهرو اثر هو انهي تي به گفتگو ٿي. مولانا رومي رح جي صوفيانه فڪر تي به بحث ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه ڀٽائي رح جي حوالي سان ڳالهايو. ڊاڪٽر سهيل انور ۽ ڊاڪٽر شمل مولانا رومي رح جي تصوف تي گفتگو ڪئي. ڏاڍو لطف آيو. هر ڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي علم جو درياهه هو. اهڙي عالمانه گفتگو زندگي ۾ مشڪل سان ٻڌڻ جو موقعو ملندو آهي. آئون اها گفتگو انهماڪ سان ٻڌي رهيو هئس ته اوچتو فيضي خالجي اچي چيو ته؛ هاڻي ڊنر جو وقت ٿي ويو آهي، هلو ته هلي ڊنر ۾ شريڪ ٿيون. ان بعد اسين سڀ وڃي  ڊنر ۾ شريڪ ٿياسون.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ھڪ انسٽيٽيوٽ
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اُهو محقق، عالم، اديب ۽ ڏاهو آهي، جنهن شعر ۽ ادب جي هر موضوع تي تمام وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. خاص ڪري ڪلاسيڪي ادب ۽ لوڪ ادب ته سندس اهم موضوع آهن. موجوده دور ۾ اهڙو ٻيو ڪوبه عالم ۽ اديب ناهي جنهن ايڏو وڏو ڪم ڪيو هُجي. شاهه لطيف ۽ شاهه جي رسالي تي سندس ڪيل ڪم تمام گهڻو معياري ۽ شاندار آهي. سنڌي لوڪ ادب ڊاڪٽر صاحب وسيلي ئي سهيڙجي سگهيو. لوڪ ادب کي محفوظ ڪرڻ سندس اهم ڪارنامو آهي. جيڪڏهن ائين لکجي ته ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ ادب تي وڏا وَڙَ ڪيان آهن ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ڊاڪٽر صاحب ذاتي دلچسپي وٺي لوڪ ادب کي سنڌ جي وستيءَ واهڻ، جهنگ جبل ۽ ٿر بر مان ميڙي گڏ ڪيو. هن لوڪ ادب جي نثري توڙي نظمي صنفن کي جهجهي انداز ۾ گڏ ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب ۱۶هين ڊسمبر ۱۹۱۷ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو علي محمد خان لغاري هُئو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم کانپوءِ . هن ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ ڪئي. پوءِ ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪيائين. هيءُ ننڍي هوندي کان ئي هوشيار شاگرد هو، اهو ئي سبب آهي جو هميشه پوزيشن ماڻيندو هو. ان زماني ۾ پوزيشن ماڻڻ تمام گهڻي ڏکي ڳالهه هوندي هئي. علي ڳڙهه مان ايم اي ڪرڻ کان پوءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ آمريڪا پڙهڻ ويو. اُتان ۱۹۴۷ع ۾ ايم اي (ايجوڪيشن) ڪري ۱۹۴۹ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس پي ايڇ ڊي ٿيسس جو موضوع آهي Education for the new state of Pakistan the programme of teacher  ڊاڪٽر صاحب ان شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پاڪستان جو پهريون عالم هو. پاڪستان واپس ورڻ کان پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ کيس هتي منسٽري آف انٽيرير، انفارميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ڪراچيءَ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. هن جي ذميوارين ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرامن جي نگراني به شامل هئي. هتي هن سنڌي ادب ۽ ثقافت جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. ان کان ستت ئي پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو. اتي هو ڊائريڪٽر به رهيو هو ان اداري سان ۱۹۷۶ع تائين لاڳاپيل رهيو. ان وچ ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر (۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع) بڻايو ويو. هو اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو نومبر ۱۹۸۰ع کان آگسٽ ۱۹۸۲ع تائين وائس چانسلر به رهيو. هو تعليم ۽ ثقافت جي وفاقي وزارت جو جنوري ۱۹۷۶ع کان مارچ ۱۹۷۹ع تائين آفيسر ان اسپيشل ڊيوٽي/سيڪريٽري به رهيو. ڊاڪٽر صاحب ٻين ڪيترن ادارن ۾ به ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌي اردو، انگريزي سرائيڪي فارسي ۽ عربيءَ وغيره جو وڏو ڄاڻو آهي. انهن ٻولين ۾ هن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي هن جو موضوعن تي ڪم ڪيو آهي. انهن ۾ سنڌي لوڪ ادب، ڪلاسيڪي، ادب، تعليم، لطيفيات، تاريخ ۽ لغت وغيره شامل آهن. لوڪ ادب ۾ سموريون صنفون جهڙوڪ، مذهبي شاعري، لوڪ گيت، عشقيا قصا، لوڪ قصا، ڪهاڻيون، ڳيچ ڳجهارتون بروليون نڙ جا بيت موسيقي رسمون رواج وغيره اچي وڃن ٿا.
هن جن صوفي شاعرن جي ڪلام کي سهيڙيو آهي. انهن ۾ قاضي قادن، شاهه لُطف الله قادري، ميون شاهه عنايت، خليفو نبي بخش، ”قاسم“ لغاري، شاهه شريف ڀاڏائي، صوفي صادق فقير سومرو، غلام محمد خانزئي، حمل فقير لغاري، نواب ولي محمد لغاري، مير عبدالحسين سانگي ۽ مولوي لطف علي وغيره شامل آهن. هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ۾ لکي آهي. اهڙيءَ ريت ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ به لکي اٿائين. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ به لکيو اٿائين.
ڄاڻ ۽ فڪر جا ڪرڻا ورڇي، سورج الهي ويو!
گل محمد عمراڻي/ حيدرآباد
۱۸ هين صديءَ ۾ فرانس ۾ ’ڊينس ڊڊيرو‘ (Denis Didero) نئين روشني (Enlightment) واري دور ۾ ۱۷ جُلدن واري هڪ زبردست قاموس (ڊڪشنري نُما انسائيڪلو پيڊيا) لکي، يورپ ۾ سجاڳيءَ واري جديد دور جو آغاز ڪيو هو. هن جي انسائيڪلو پيڊيا جا ۲ لکندڙ والٽيئر ۽ رُوسو جهڙا مهان ذهن ۽ ارڏا مفڪر هئا. اڄ کان ۲ سال اڳ ۶ اپريل تي اسان کان سنڌ جي هڪ قاموسي عظيم شخصيت جُدا ٿي وئي. ”هو اسان کان وڇڙيو آهي، پر وسريو ناهي“ هو فرينچ ڏاهن ۽ عالمن جي صف جو هڪ اڻٿڪ ريسرچ اسڪالر هو. هڪ دوست سندن وفات تي اظهار ڪندي کيس ’سنڌ جو انسائيڪلو پيڊيا‘ چيو هو. بلوچ صاحب لوڪ ادب ۽ تاريخ، لُغت ۽ لطيفيات تي خاص طرح تحقيق ۾ عالمي سطح تي سنڌ جي سُڃاڻپ ڪرائي آهي پر سچ ته سنڌ جو اهڙو ڪو به موضوع باقي ڪو نه بچيو آهي، جنهن تي پاڻ تحقيق ڪري، سنڌ جو مان مٿانهون ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي هجي. بلاشبه سندن تحقيقات کي سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا جو درجو حاصل آهي. بين الاقوامي سطح تي بلوچ صاحب جي مڃتا ڏسڻي آهي ته پوءِ انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ڏسو (نئون ڇاپو) جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي موضوعن تي ڊاڪٽر صاحب جي تاريخ نويسي عيان و بيان آهي. هو هڪ مُستند تاريخ دان، لطيف شناس (۱۰ جُلدن وارو اڻ ڌري جديد تحقيق وارو شاهه جو رسالو، جنهن ۾ پاڻ ۵۲ مختلف قلمي نُسخا ۽ ۱۶ ڇپيل رسالا ڀيٽا اٿائين) مڃيل ماهر علم الانسان هو ۽ هن علم کي پاڪستان جي يونيورسٽي ( سنڌ ) ۾ سڀ کان اڳ متعارف ڪرايائين ۽ لوڪ ادب جا ۴۲ جُلد، خود گڏ ڪري، دنيا کي حيران ڪري ڇڏيائين. هندستان، آمريڪا ۽ يورپ، وچ اوڀر ۾ لوڪ ادب جا اٺ نوَ جُلد به توهان کي مشڪل سان ئي نظر ايندا. عربي، هندي، ايراني لوڪ ادب بقول همعصر مغربي مُحققن جي، الف ليلى، قصه چار دوريش، گل بڪاولي ۽ طوطي مينا تائين محدود آهي، اڄڪلهه ڪجهه مقامي دوست هندستان ۾ ڊاڪٽر بلوچ متعلق عجيب و غريب ڳالهيون شائع ڪرائي خوش ٿين ٿا! انهن جي پيش نظر هي اطلاع جيڪو ڊاڪٽر گورڌن گهايل شرما (پونا) کان آيل آهي، ورجايان ٿو: سنڌي ادبي سڀا پوني هندستان جي گڏجاڻي (اپريل ۲۰۱۱ع) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ لسانيات جي مشهور ماهر ڊاڪٽر ڪنهيي ليکواڻي، ريٽا شهاڻي، پروفيسر ايشوري جوتواڻي، گورڌن شرما گهايل، ارجن موٽواڻي، تارا ميرچنداڻي، ڊاڪٽر ڀوڄراج جوتواڻي، اندرا شبنم، ڊاڪٽر ڀوڄراج ليکواڻي، ڊاڪٽر نيلم ڇاٻڙيا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڊاڪٽر جو وڇوڙو هند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ عوام لاءِ هڪ جهڙو دکدائڪ آهي، ڊاڪٽر بلوچ جهڙي اعلى شخصيت صدين کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، شاهه لطيف، اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعري ۽ لُغت تي بي بَها ڪم ڪيو ۽ سنڌيءَ جي جهولي کي مالا مال ڪيو. قاضي منظر حيات جو منظوم خراج عقيدت پيش خدمت آهي:
علم، ادب جو اعلى مڪتب، سوچ، شعور جو سج!
ڄاڻ ۽ فڪر جا ڪرڻا ورڇي، سورج اُلهي ويو!
ساڃهه، سُرت ۽ ڄاڻ، خرانو، سنڌڙي جو ورثو،
محسن قوم جو، سنڌ جو سائين، آهه وڇڙي ويو!



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هڪ عالم ۽ ڏاهي جو وڇوڙو
رضوان گل
تاريخ ۾ انهن ئي ماڻهن کي سٺن لفظن سان ياد رکيو ويندو آهي جن مثبت رويا اپنائي قوم، ٻولي ۽ ادب لاءِ هاڪاري ڪردار نڀايو هجي. اهي ماڻهو جن پنهنجي راتن جو ننڊون ڦٽائي سالن جا سال علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهيو ڪيو هوندو آهي ۽ نوان دڳ ڏيکاري علم جا ڏيئا روشن ڪيا هوندا آهي انهن جا ٿورا سڄي قوم تي هجن ٿا. سنڌي علم، ادب، تحقيق ۽ لوڪ موسيقيءَ کان علاوه لطيفيات ۽ لسانيات تي هيل تائين جيترن به عالمن اڪابرن ڪم ڪيو آهي انهن ۾ ڏاهي ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو مٿاهين حيثيت جو حامل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ تي، ڳوٺ جعفر خان لغاري، ضلعي سانگھڙ ۾، علي محمد خان لغاري جي گھر ۾ جنم ورتو. بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙه مان ايم اي ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪيائين. جنهن بعد ايڊيوڪيشن ۾ ايم اي ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ڪيائين. جنهن کانپوءِ ۱۹۴۹ ۾ ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. ۱۹۵۱ ۾ پاڻ ايڊيوڪيشن جي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪيائين، ۱۹۷۳ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو جنهن کانپوءَ وري ۱۹۸۰ ۾ بين القوامي اسلامي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. مختلف ذميوارين جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جن اهم عهدن تي رهيو انهن ۾، ميمبر پاڪستان پي ڪميشن، چيئرمين سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، نگران وزيرِ تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت حڪومت سنڌ، پروفيسر ايمرائيٽس ۽ پروفيسر علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو. ان کان علاوه ڪيترن ئي ادارن ۽ چيئرس جو ميمبر پڻ رهيو. کيس تمغه پاڪستان ۱۹۶۸، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس ۱۹۷۹، صدراتي ايوارڊ اعزاز ڪمال ۱۹۹۱، صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز ۲۰۰۱ انهن اعزازن کان علاوه ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون بلوچ صاحب کي مليل آهن. پاڻ سنڌي اردو سرائڪي فارسي عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو به هو ته انهن ٻولين ۾ ڪم پڻ ڪيو اٿائين. ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي جتي ٻاهريان عالم سندس علم کان تمام گھڻو متاثر ٿيا جنهن سبب ٻاهرين ملڪن جي ڪيترن ئي عالمن ۽ اڪابرن سان ڊاڪٽر بلوچ جي خط و ڪتابت رهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪيل ڪارناما تاريخي حيثيت رکندڙ آهي سندس ڪيل تحقيقي پورهئي تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي فخر آهي ، هن اهڙن موضوعن تي قلم کنيون جن تي اڳ۾ يا بنه ڪم ئي نه ٿيو هو يا وري اهو ڪم سائئنسي انداز ۾ نه ٿيو هو، ڊاڪٽر لوڪ ادب هجي يا لسانيات کان ويندي سنڌي لغت جي سهيڙ هر ڪم ذميواري ۽ ڌيان سان ڪيو جنهن مان سنڌ جا سمورا اهلِ علم فائدو وٺي رهيا آهن. نه صرف ايترو پر پاڻ شاه سائين جي رسالي تي جيڪو ڪم ڪيو اٿائين يا سندس راڳ جي حوالي سان جيڪا تحقيق ڪيل آهي سا سندس مسلسل محنتن جو ئي نتيجو آهي. هن هڪ بند ڪمري ۾ ويهي اهو سمورو ڪم نه ڪيو پر ان حوالي سان پاڻ جھر جھنگ لتاڙيندو رهيو سنڌ جي هر ڳوٺ واهڻ ۽ وستيءَ ۾ پهچي اتان جي ماڻهن سان ملي ڪچهريون ڪيائين انهن سان انٽرويز ڪيائين ۽ انهن جي لهجن جو گھرائيءَ سان مشاهدو پڻ ڪيائين جنهن کانپوءِ هن پاڻ کان اڳ ڪيل تحقيق کي يا ته هٿي ڏني يا رد ڪيو. اهو ئي هڪ عالم جي تحقيق جو طريقيڪار هوندو آهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جيڪا به نئين ڳالهه ڪئي ان لاءِ ائين ئي دليل ڏئي سمجھايو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ماٺيڻي طبعيت وارو پنهنجي منهن سان سان ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو هو جيتوڻيڪ سندس ڪيل قلمي پورهئي جي موٽ ۾ کيس ڪيترين ئي تنقيدن جا تير به سهڻا پيا پر هن ڪڏهن به انهن کي تيستائين جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھيو جيستائين انهن ڳالهين ۾ کيس صرف تنز ئي نظر آئي هن انهن چند ڳاليهن جي ئي وضاحت ڪئي جيڪي کانئس رهجي ويون. اسانوٽ اڪثر اهو رويو عام آهي ته جيڪو ماڻهو اسانوٽ ڪو ڪم ڪندو آهي ته بجاءِ ان کي ساراهڻ جي اسان بيجا تنقيدن جا تير وسائڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون... تنقيد ٿيڻ گھرجي پر اها ذاتي رنجشن ۽ حسد کان مٿاهين هئڻ گھرجي جيڪو رواج افسوس ته اسانوٽ تمام گھٽ آهي. اسانجي ماڻهن اهو نه ڏٺو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب جي ڪيترن خالي پيل پاسن تي ڪم ڪري اسانجي ادب کي مالامال ڪري ڇڏيو پر هنن صرف اهو جانچيو ته هن ڪٿي ڪا غلطي ڪئي آهي.. ڳالهه جيڪڏهن صرف غلطيءَ جي نشاندهي تائين محدود هجي ها ته ٺيڪ پر افسوس ته ائين نه ٿيو. ان جي برعڪس ڊاڪٽر صاحب ته اڪثر انٽرويوز ۾ چوندو هو ته ”آءٌ ته طالبِ علم آهيان تحقيق وڏو ڳرو لفظ آهي مون لاءِ! بس مطالعو ڪيان پيو ڪوشش ڪيان پيو“.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙا عالم هر روز پئدا ڪونه ٿيندا آهن اها اسانجي خوشنصيبي آهي جو اهڙو عالم ۽ دانشور سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ڀرڻ لاءِ پئدا ٿيو ۽ هن پنهنجي سموري ڄمار علم ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان صرف ڪئي. علامه آءِ آءِ قاضي کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ جيڪي خدمتون ڊاڪٽر صاحب سرانجام ڏنيو سي پڻ تاريخي اهميت رکندڙ آهن. شاه سائين تي سوانحي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جيڪا تحقيق ڪئي سا پڻ سندس ڪيترن ئي سالن جي محنتن جو ثمر هئي . ان تحقيق دوران جڏهن ڪنهن انٽرويو ۾ ڊاڪٽر بلوچ کان شاه سائين جي سوانح بابت سوال ڪيو ويو هو ته پاڻ جواب ۾ چيو هئائين ته: ”جيسيتائين مان مڪمل طور تحقيق ڪري پوري نه ٿو ڪيان تيستائين اندازي يا مفروضي کي بنياد بڻائي جواب نه ڏبو، جيتوڻيڪ مون ان کي ڪافي حد تائين واضع طور سمجھيو آهي پر صرف نالي طور ڪتاب لکڻ يا جواب ڏيڻ ٺهي ڪو نه ٿو“.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان کان جدا ٿي ويو آهي جيڪو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ حقيقي معنى ۾ تمام وڏو نقصان آهي جيڪو ڀرجڻ جهڙو بنهه به ڪونهي. هونئن به ڪنهن به ماڻهوءَ جو خال ڀرجڻ ناممڪن هجي ٿو، ڇا لاءِ ته هر انسان جي اندر پنهنجون پنهنجون الڳ صلاحيتون هجن ٿيون. پر اهو سچ آهي ته وري ٻيو ڊاڪٽر بلوچ پئدا ڪونه ٿيندو. اچو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏسيل راهن تي هلي انهيءَ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي عالمن جي لاءِ پنهنجون دليون ڪشاديون ڪري کين ڪم ڪرڻ لاءِ اهڙو حقيقي علمي ۽ ادبي ماحول پئدا ڪري ڏيون جنهن سان ايندڙ دور جي محقق کي پنهنجي قوم جي روين کان شڪايت نه رهي.
جڏهن هڪ موت عالِمَ جو سڄي عالَم جي لئه آهي
تڏهن آ درد هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي،
مرڻ جن کي کپي سي موت کان لڪندا رهيا آهن
جيئڻ وارا الائي ڇو وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙي



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شاهه لطيف ۽ لوڪ ادب جو پارکو
ابراهيم لاشاري
سنڌ جو مهان اديب، ٻولي جو ماهر، لطيف جو پارکو، لوڪ ادب جو ڄاڻو ۽ ڏاهو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت، آثار قديمه، سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، لطيف شناس سنڌي، عربي، فارسي، اردو ٻولين جو ڄاڻو ناميارو اسڪالر ۲۱ صدي جي تاريخ ساز شخصيت جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ جي حيثيت نالي ماتر آهي. سنڌ جو هي ادب روشن ڏيئو علي محمد خان لغاري جي گهر ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع آچر ڏينهن تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو پاڻ اڃا ابهم ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد جو شفقت کان محروم ٿي ويو سندس والد علي محمد لغاري ڦوهه جواني ۾ ئي رب سائين کي پيارو ٿئي ويو هو، سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو، جنهن شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وسومل وٽ کيس پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جنهن وٽ هندڪا اکر سکيو. تنهن بعد ڳوٺ پليوخان لغاري ۾ پرائمري تعليم وٺي، وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ۱۹۲۹ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلا ورتي.
۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءُ الدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۴۱ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۱۹۴۳ع منجهان ايم اي   تنهن بعد  ايل ايل بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ڊاڪٽر صاحب  محنت ڪرڻ تان هٿ نه کنيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۱۶ آگسٽ ۱۹۴۶ع تي ولايت ايڊيو ڪيشن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو، جتان پي ايڇ ڊي ڊاڪٽري جي اعلي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۴۹ع ۾ پنهنجي وطن واپس وريو تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن جي اداري اقوام متحده ۾ نوڪري جي آڇ ٿيس مگر ڊاڪٽر صاحب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي، پر پاڻ پنهنجي وطن سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ ۱۹۴۹ع کان آگسٽ ۱۹۵۰ع تائين سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل وانگر آهن، سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو، هونئن ته سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن.
ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پهريان ڪجهه وقت لاءِ حڪومت پاڪستان جي اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي  تي ڪم ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو، جنهن کان پوءِ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن صاحب تعليم ۽ تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعلي منصب تان استعيفي ڏئي ڇڏي، تنهن بعد جلد پاڻ ۱۹۵۱ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراهه به جو به اعزاز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي مليو  ان زماني ۾ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو انهي کان پوءِ هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو، پاڻ پهرين جولاءِ ۱۹۷۹ع تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.
هن عهدي تي آگسٽ ۱۹۸۲ع  تائين رهيو ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو  جنهن کان پوءِ سال ۱۹۹۰ع کان ۶ مارچ ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (سنڌي لينگوئيج اٿارٽي) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو پاڻ ڪافي وقت کان علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهيو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي حاصلات آهن، تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم، ادب، لغت، شاعري، تاريخ، ثقافت، موسيقي، لطيفيات ۽ آٽار قديمه تي لاجواب ڪتاب، مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا اٿس، جن کي علمي ادبي دنيا ۾ تحسين نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين به ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر صاحب جڏهن ڪليات سانگي، ڪليات حمل، ڪلام نواب ولي محمد لغاري، ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام ترتيب ڏئي انهن منجهه سندن زندگي جو عڪس نمايان سامهون اچي وڃي ٿو پر ڪلام ۾ آيل محاورا ۽ استعارا به پنهنجي دور جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ماضي حال بڻجي اسان سامهون اچي بيهي ٿو. جنهن ۾ ان دور جون سماجي، ريتون رسمون ۽ ثقافتي رنگ کي به قدر چڱي نموني سان پرکي سگهجي ٿو ڊاڪٽر صاحب ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي آهي، اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي، ايتري هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي آهي ۽ شايد  ئي ڪو لوڪ ادب جو ڏاهو ڪري سگهي. ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي اٽڪل ۸۰ کن ڪتاب لکي چڪو آهي، سندس لوڪ ادب جا سڀئي ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن ۽ زينت ۾ پڻ هڪ سمنڊ جيتري جهجي حيثيت رکن ٿا .جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا ڪيترن ئي اخبارن، رسالن، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ڪونهي. سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر ۽ شاعرن جي سرتاج لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ (شاهه جو رسالو) به ترتيب ڏنو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۳۳ سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال ۲۰۰۰ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا اٿس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه شاعري به ڪئي پاڻ  سر ۽ سنگيت راڳ جو به وڏو  شوقين هو.
هن فن جي دنيا ۾ سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو ملهه جي فن کي به مقبول ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هيو، پاڻ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪرڻ جو انتظام ڪيائين ۽ ملهه ايسوسيئيشن به ٺهرايائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب، عالم، اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان ٻاهرين ملڪن يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ شامل ٿي پياري پاڪستان جي نمائندگي ڪيترا ئي ڀيرا ڪندو رهيو، جنهن منجهه آمريڪا، ڪئنڊا، انگلينڊ، ايران، شام مراڪش، فرانس، سعودي، عرب، لبنان، ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق، ڪويت، الجزائر وغيره جو سفر ڪري چڪو هو. ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي، پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو، صدين تائين ساراهيندا رهندا. پاڻ وڏو محقق، اديب، تاريخدان، دانشور، ماهر لسانيات، مبصر ۽ امين هو. کيس بين الاقوامي شهرت پڻ حاصل هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪافي انعام ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان ستاره قائداعظم ۽ ۱۹۷۹ع ۾ صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي) شامل آهن ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ ڪم سمورن ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي، پاڻ سموري ڪم جو باب بند ڪري دل جي تڪليف سبب ۶ اپريل ۲۰۱۱ع اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري ۹۳ سال ۳ مهينا ۲۱ ڏينهن زندگي جا گذاري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي الله تعالي کي وڃي پيارو ٿيو، ادبي دنيا ۾ سندس ادبي پورهئي ۽ ڪيل سموري ڪم تي سدائين فخر رهندو. هو پاڻ ته وفات ڪري ويو، پر سنڌي ادب کي تاريخ، ثقافت، ٻولي  ۽ لطيف سائين جي فڪر سان آسودو ڪيون ويو، سندس اڄ به ادبي دنيا ۾ نالو چمڪندو رهي ٿو.


ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
رھندا سي حيات
عنايت بلوچ
هر انسان ۾ عشق جو جذبو موجود هوندو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي به عشق جي لنئون لڳل هئي. پر گهڻن ماڻهن کي سندس اٿاهه عشق جي خبر ڪا نه هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي محبوبه وڏن نازن نخرن، سورنهن سينگارن واري ۽ هزارن ۾ فقط هڪڙي ئي هئي، اها هئي ”سهڻي سنڌ.“ سنڌ جي عشق ۾ ڊاڪٽر صاحب جڪڙجي صفا سوگهو ٿي ويو هو. سندس نظر ۾ سڄي دنيا ۾ سنڌ جو مٽ ۽ ثاني ٻيو ڪو به ڪو نه هو. سنڌ جي ٻوليءَ، سنڌ جي لوليءَ، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جون ريتون رسمون ۽ روايتون، سنڌ جو شاهه ۽ سندس رسالو، سنڌ جي سنڌو، سنڌ جو موهن جو دڙو، سنڌ جون سورميون ۽ سنڌ جا سگهڙ... مطلب ته سنڌ جي هر شيءِ سان ڊاڪٽر جو عميق عشق هو. عشق ته هر ڪو ڪري پر، نڀائڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. ڊاڪٽر پنهنجي عشق سان سؤ فيصد سچو رهيو ۽ ان سان توڙ نڀايائين. تحقيق ڪري جيڪو ڪجهه لکيائين، اهو من مُهڻي سنڌ ۽ فقط سنڌ لاءِ لکيائين ۽ سنڌ جي سونهن کي سڄي جڳ جنسار ۾ چٽو ۽ نروار ڪري مڙني کان مٿاهون پيش ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ کي آفرين هجي، هو سڀني محققن کان وڌيڪ جس لهڻي، جنهن قلم کنيو ته فقط سنڌ لاءِ ۽ جيڪو ڪجهه لکيو، اهو به فقط سنڌ جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لکيو.
ڊاڪٽر بلوچ سان منهنجون ملاقاتون اڪثر ڪري سندن يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس واري گهر ۾ ٿينديون هيون. هر مهيني ٻه يا ٽي ڀيرا ساڻس ملاقات جو شرف ضرور حاصل ٿيندو هو. ڊاڪٽر صاحب جي گهر جو رکوالو (نوڪر نٿو لکان جو ڊاڪٽر صاحب سندس گهر ۾ ڪم ڪندڙن کي پنهنجن ٻچن جهڙي شفقت سان پيش ايندو هو) ٻين ملاقاتين کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاري ويندو هو پر، منهنجي لاءِ کيس چيل هوندو هو ته، جڏهن به عنايت اچي ته ڀلي کيس اتي وٺي اچو، جتي ويهي آئون لکندو پڙهندو آهيان. جڏهن به ڊاڪٽر صاحب وٽ پهتس وٽس پنن جا ڍير وکريل ڏٺم ۽ سدائين ڪتاب کليا پيا هوندا هئا. ڪڏهن وري کيس ڪتابن ۾ مهو ٿي پڙهندي ڏٺم، ڪڏهن لکڻ ۾ مصروف ڏٺم. هڪڙو موقعو به اهڙو نه آيو، جو ڊاڪٽر صاحب مون کي پڙهڻ لکڻ کان واندو ويٺل نظر آيو هجي.... ها هڪڙي ڀيري لس ٻيلي (بلوچستان) جا ٽي چار اديب ساڻس ڪچهري ڪرڻ لاءِ آيل هئا ته آئون به ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب جن جي خدمت ۾ پهتو هئس. مونکي ياد آهي ته ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي صوفي ۽ قومي شاعر مست توڪلي تي گفتگو هلي رهي هئي، ڊاڪٽر، توڪليءَ جي باري ۾ بلوچ اديبن کي گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ اهو به ٻڌايو ته، توڪلي ڪيئن عشق جي آڙاهه ۾ پچي راس ٿيو هو ۽ اهي ڪهڙا موضوع هئا، جيڪي سندس شاعريءَ جو محور نه رهيا. مونکي ان ڏينهن ڪيڏانهن ضروري وڃڻو هو، اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪيم پر اجازت نه ملي، وڌيڪ ويهڻ جو حڪم مليو ۽ آئون ماٺ ڪري ويهي رهيس.
شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد جيڪي ۳۳ سالن جي مسلسل محنت، جاکوڙ ۽ تحقيق کانپوءِ ڇپرايائون مونکي هر جلد جي هڪ ڪاپيءَ تي ”پرين عنايت جي مطالعي لاءِ“ لکي تحفي طور ڏنائون. هڪ طرف لاکيڻي لطيف جي رسالي جا مستند ڏهه جلد، ته ٻي طرف اهي ڊاڪٽر صاحب جهڙي سنڌ جي مايا ناز محقق ۽ اسڪالر طرفان تحرير ٿيل لفظ تحفو هجن ته اهڙي عنايت تي ته آئون تصور ۾ مٿي اڏامڻ لڳندو آهيان.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا ۾ پروگرام مئنيجر هئس، آگسٽ جي آخري هفتي جي ڪنهن تاريخ تي آئون بولان ميل ذريعي ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي رهيو هئس، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به ساڳي بوگيءَ جي ساڳي ڪمپارٽمينٽ ۾ اچي سوار ٿيو، کين ڏسي ڏاڍي سرهائي ٿي ته سفر به سٺو گذرندو ته، ساڳي وقت علم ادب جون ڪي ڪارائيتيون ڳالهيون به کانئن ٻڌي ۽ پرائي سگهندس. گاڏي هلي، مون کان مختصر احوال ورتائون ته آئون ڪوئيٽا ڪهڙي سلسلي ۾ آيو هئس. منهنجي ڪوئيٽا ۾ پوسٽنگ ۽ هاڻي بي بي سي لنڊن رواني ٿيڻ جو مختصر احوال کين ٻڌايم. ڊاڪٽر صاحب ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هڪدم چيائون؛ ”اهليت رکندڙ ماڻهو کي ڪڏهن به مايوس نه ٿيڻ گهرجي. هاڻي ڏسو، اوهان کي يقيني طور اهليت جي بنياد تي بي بي سي جهڙي دنيا جي مشهور اداري ۾ ٽريننگ لاءِ موڪليو پيو وڃي. آئون هر محفل ۽ هر جڳهه تي سنڌ جي نوجوانن کي پاڻ ۾ اهليت پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪندو آهيان ته قومي توڙي بين الاقوامي سطح تي سفارش نه پر فقط ميرٽ ڪم ايندي.“
ڊاڪٽر صاحب سان ڪچهري هلندي رهي، جڏهن اڌ ڪلاڪ کن گذريو ته ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪتابن جو هڪ بنڊل کوليائون جنهن ۾ پراڻا بائينڊ ٿيل ڪتاب ٻڌل هئا. ڊاڪٽر صاحب مونکي عربي رسم الخط ۾ هٿ سان لکيل هڪ ڪتاب ڏيکاريو، جيڪو نائين صدي هجري اڳ جو لکيل هو. مونکي چيائون؛ ”پيارا عنايت! پنهنجي ڏاڍي سهڻي ڪچهري ٿي، پر هاڻي ڪتاب سان به ڪجهه ڪچهري ڪجي ته بهتر ٿيندو.“ مان سمجهي ويس ته هاڻي ڊاڪٽر صاحب جي مطالعي جو وقت آهي، سو مون به هڪ ڪتاب کولي پڙهڻ شروع ڪيو. مونکي ياد آهي ته پورا پنج ڪلاڪ مطالعو ڪري وري ڪتابن کي ڊاڪٽر صاحب ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي ڇڏيو، ان وقت رات جا يارنهن ٿيا هئا، مونکي چيائون پيارا هاڻي وري ننڊ سان به ڪا قربائتي ڪچهري ڪجي، مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ پاڻ به ڏاڍا کليا.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
علم ادب جو پارکو
عاجز رحمت الله لاشاري
سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. ۱۹۲۴ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ ۲۲ جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۲۹ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. ۱۹۳۶ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم اي ڪيائين ۽ ۱۹۴۹ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. ۱۹۵۰ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ O.S.D) آفيسر بڪارخاص) مقرر ٿيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقاتِ عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو.
جامع سنڌي لغات: سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهم ڪم ۱۹۵۴ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ  ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو.
اردو، سنڌي ۽ سنڌي، اردو لغت:
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون ۱۹۶۰-۱۹۵۹ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون.
سنڌي لوڪ ادب واري رٿا:
سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا ۱۹۵۶ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر صاحب ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صنفون کيس موڪليون، ان کانسواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا ۴۰ جلد شايع ٿيا، جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر صاحب ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن.
شاهه جي رسالي واري رٿا:
شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي ۱۰ جلد ڇپايائين، جن ۾ ۹-۸ گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي، ۲۰۰۹ع ۾ بلوچ صاحب جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جي سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ بلوچ صاحب شاهه جي مختلف سُرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.
ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام:
هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دؤر ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره.
سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي:
ڊاڪٽر صاحب جا هنن موضوعن تي ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘،’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’سومرن جو دور‘ (۲ جلد) ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (۸ جلد)، لاکو ڦلاڻي، گڏهه، پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام وغيره اچي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب جي اردو ڪتابن ۾ ”سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم، ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم وغيره اچي وڃن ٿا. اهي فارسي ڪتاب، جن  جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر صاحب لکي، انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، حاصل النهج، فتح نامه سندهه، باقيات از ڪلهوڙا،  تاريخ  بلوچي، ديوان عطا ٺٽوي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزة الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

1.     Teachers Education in Pakistan.
2.     Sindh: Studies (Cultural)
3.     Sindh: Studies (Historical)
4.     Advent of Islam in Indonesia
5.     Muslim Luminaries
6.     Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region
7.     Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh
8.     World of Work
ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترا ئي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن جي وچور تمام ڊگهي آهي.
ڊاڪٽر صاحب کي مختلف اَوارڊ جهڙوڪ:
تمغئه پاڪستان  ۱۹۶۲ ۽ ۱۹۶۸ ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ۱۹۷۹ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال ۱۹۹۱ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز ۲۰۰۱ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۰۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي حيدرآباد شهر ۾ وفات ڪئي سندس مزار سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندي کان آهي.



ڊاڪٽر بلوچ
فن سان پيار ڪندڙ
عنايت بلوچ
اڄوڪو ڏينهن هونئن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وفات جو ڏينهن آهي، پر عجيب اتفاق چئجي ته هيلوڪو سال ڊاڪٽر صاحب جي ڄم جي سئو سالا جشن ملهائڻ جو سال پڻ آهي، جڏهن ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۷ع تي ڊاڪٽر صاحب جي پيدائش جي هڪ صدي پوري ٿيندي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ريسرچ فائونڊيشن، (جنهن جو آئون به ميمبر آهيان) طرفان گهڻا ئي پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن پر سچ پڇو ته ذهن سوچي سوچي ٿڪجي پيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن جي طويل داستان کي يا سنڌ ڌرتيءَ جي ذري ذري لاءِ سندن اڻ مئي عشق جي ذڪر کي آخر ڪهڙي زاويي کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ان جي پڄاڻي ڪجي؟ ”عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.“ اڄ نه کين محقق طور ۽ نه وري مورخ طور پيش ڪيو ويندو، نه کين هڪ عظيم استاد ۽ بيمثال تعليمي ماهر طور سندن ذڪر ڪيو ويندو، نه وري شاهه جي رسالي جي مستند ڪلام تي ۳۵ سالن تائين نور نچوئڻ ۽ عرق ريزي ڪرڻ جو ڪو بيان ٿيندو، نه ئي سندن لوڪ ادب، لوڪ ورثي کي سالها سال سانڍڻ، سهيڙڻ، سموهڻ ۽ ان کي ۴۲ جلدن ۾ شايع ڪرائڻ جو ذڪر اذڪار ٿيندو، نه وري علم ادب ۽ تحقيق جي جستجو ۾ سنڌ جي ٿرن، برن ۽ بلوچستان جي برپٽن ۽ پهاڙن جي ڏکين ۽ ڏورانهن گسن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين جي سورن جي سفر جو احوال اوربو، هتي اسان واشنگٽن ڊي سي جي سمٿسونين ميوزيم جو به ذڪر نه ڪنداسين، جتي پاڪستان جي حڪومت ڊاڪٽر صاحب کي ميوزيم ۾ ڪنهن اهڙي ڪارنر قائم ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيڪو سڄي پاڪستان جي نمائندگي ڪري- پر اتي به ڊاڪٽر صاحب ”سنڌي گهر“ ٺاهي آمريڪا ۾ به سنڌ جو نالو نروار ۽ نشانبر ڪري واپس موٽيو. ڊاڪٽر صاحب جي اهڙين بيشمار خدمتن جو ڪهڙو ۽ ڪيترو ذڪر ڪري ڪيترو ڪنداسين، تنهن ڪري آئون هتي فقط سندن گمنام خدمتن جو ذڪر ڪندس، جنهن جي گهٽ، تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي.
هڪ دفعي ريڊيو جي فنڪارن، ڳائڻن، سازندن ۽ سگهڙن جي ڳالهه نڪتي ته ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ريڊيو تي ڳائڻ وڄائڻ وارا جيڪڏهن اڌو اڌ نه، تڏهن به ٽيون حصو فنڪار، سازندا ۽ سُگهڙ اهڙا آهن جن جو ريڊيو وارن سان تعارف مون ڪرايو هو. ريڊيو وارن انهن جو آڊيشن ورتو ۽ اهي پاس ٿي ريڊيو جا ناميارا فنڪار يا سازندا بڻجي ويا. ڪيترن ئي فنڪارن جا نالا به ورتائون، پر مان فقط سنڌ جي پهرين نامور الغوزه نواز استاد مصري خان جمالي جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي زباني ڪرڻ چاهيندس. ڊاڪٽر بلوچ موجب: ”۵۷-۱۹۵۶ع جو سال هو، آئون هر سال جيان ادبي ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي ميلي تي پهتس. لطيف جي درگاهه ڏانهن ويندي الغوزي جا سريلا آلاپ ڪنن تي پيا، جن ڪافي سرور پهچايو. هلندي هلندي بيهي رهيس. ڏٺم ته وڻندڙ منهن مهانڊن وارو هڪ شخص فوٽ پاٿ تي ويهي الغوزو وڄائي رهيو هو، ڏانهس وڌي ويس. جڏهن الغوزي جا آلاپ پورا ٿيا ته سندس نالو پڇيم. منهنجو نالو مصري خان جمالي آهي ۽ نواب شاهه جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان. غريب مسڪين آهيان، تنهن ڪري هر سال الغوزه ٺاهي ڀٽائي بادشاهه جي ميلي تي ويهي وڪڻندو آهيان ته ٻچن جو گذر سفر ٿي ويندو آهي. کيس ٻه چار سُر (خيال) آلاپڻ جي فرمائش ڪيم ۽ هر سُر ايترو ته ڪمال جو آلاپيائين جو آئون حيران ٿي ويس ۽ سوچيم ته اسان وٽ اهڙا املهه ماڻڪ فنڪار آهن، ۽ ڪوبه سندن قدر ڪرڻ وارو ڪونه هو. هڪدم پنهنجي کيسي مان ڪاغذ ڪڍي ان تي پنهنجي گهر جي ايڊريس لکي کيس ڏنم ۽ چيم ته، لطيف جي ميلي ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجي گهر اچجو ته آئون اوهان کي ريڊيو تي وٺي هلندس. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دعائون ڏنائين. هفتي کن بعد هو منهنجي گهر پهتو. کيس وٺي ريڊيو جي ريجنل ڊائريڪٽر وٽ پهتس. ان کي آڊيشن لاءِ اتي ڇڏي واپس گهر هليو آيس. شام جو ڇهين وڳي ڊائريڪٽر جو فون آيو، جنهن چيو ته، سائين مون رڳو مصري خان جمالي جي آڊيشن ۾ پاس ٿيڻ جي اطلاع ڏيڻ لاءِ اوهان کي فون نه ڪيو آهي پر اوهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ فون ڪيو اٿم ته اهڙو ڪمال جو الغوزي نواز اوهان جي معرفت اسان کي مليو آهي، جو هي اڳتي هلي نه رڳو سڄي سنڌ بلڪه سڄي ملڪ جو نالو روشن ڪندو.“ ڊاڪٽر صاحب گفتگو جاري رکندي چيو ته، ”پوءِ اوهان ڏٺو ته مصري خان جمالي زمين کان آسمان تائين پهچي ويو ۽ ڪيترن ئي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ وڏو مقام ماڻيائين. مهربان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ خاطر ۸۴-۱۹۸۳ ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيل مصري خان جمالي جي هڪ انٽرويو بابت هڪ دلچسپ داستان ٻڌائيندو هلجي ته انٽرويو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ مصري خان چيو: مون مسڪين تي ٻن ماڻهن جا وڏا احسان آهن، جيڪي مان زندگي ڀر ڳائيندو رهندس، پهريون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو، جنهن مون کي فوٽ پاٿ تان اُٿاري آسمان تائين پهچايو، ۽ ٻيو منهنجي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جا ٿورا مڃان ٿو، جنهن مون کي جرمني، لنڊن ۽ فرانس جي دوري تي ٻاهر موڪليو. هن مصري خان اهي جملا مس ڳالهايا ته انٽرويو نشر ٿيندي ٿيندي بند ٿي ويو. ضياءُالحق جي حڪومت هئي ۽ ميڊيا تي سخت گُهٽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ ڀٽي صاحب جي تعريف ڪٿان برداشت ٿئي ها. آئون تڏهن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ ۾ پروگرام مئنيجر هئس، بعد ۾ ٽيليويزن جي هڪ دوست کان خبر پئي ته اهڙو انٽرويو هلائڻ سبب پي ٽي وي جي ٻن پروڊيوسرن کي ساڳي ڏينهن تي ئي نوڪريءَ مان فارغ ويو. پوءِ جڏهن ضياءَ ۱۹۸۸ع ۾ جهاز حادثي ۾ موت جو شڪار ٿيو ته انهن پروڊيوسرن کي ٻيهر بحال ڪيو ويو.
آئون جڏهن ۸۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي اسٽيشن دائريڪٽر ٿي آيس ته ڊاڪٽر صاحب ڪيترا ڀيرا مون کي ڳائڻن، سگهڙن ۽ سازندن جي باري ۾ سفارشون ڪندا هئا، پر ساڳئي وقت تاڪيد به ڪندي هئا ته اوهان ڀلي سندن ٽيسٽ يا آڊيشن وٺي پنهنجي مقرر معيار موجب کين ريڊيو پروگرام ڏيو. آخر ۾ آئون سندن هڪ چٺي منسلڪ ڪريان ٿو، جيڪا شاهه جي راڳ جي فقيرن کي همٿائڻ بابت آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جن کي لائق فنڪارن کي همٿائڻ جو هر وقت ڪيڏو نه اونو رهندو هو:
پيارا عنايت تسليم!
ڀٽائي صاحب جي راڳ وارا فقير وڃن ٿورا ٿيندا. هنن کي همٿائجي- ڇٽو فقير ۽ محمد هاشم فقير اچن ٿا، هي گڏجي ڳائيندا. هنن تي عنايت ٿئي. اميد بخير هوندا. مخلص نبي بخش.




ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
 سنڌ جو ناميارو عالم
گل محمد عُمراڻي

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا
۶ اپريل تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پهرين ورسي آهي، هڪ سال اڳ هو اوچتو اوچتو بنا سنگت کان موڪلائڻ جي راهه ربانيءَ تي روانو ٿي ويو هو. شاهه لطيف جو وڏو پارکو، محقق ۽ سنڌي قديم اساسي شاعريءَ جو عظيم قدر دان ۽ رکوالو هئو. ان ڪري سُر رامڪلي جا ڪي بيت، دل تي هُري اچن پيا، سي حسب حال سندن خدمت ۾ ڀيٽا طور پيش ڪيان ٿو:
اڄ نه اوطاقن ۾، سندي جوڳين ذات،
ساري سنياسين کي، رُنم ساري رات،
مون جنهين جي تات، سي لاهوتي لڏي ويا،

اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،
آديسي اُٿي ويا، پئي اُڏامي رک
سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌي ٻولي، ادب، سماج، تاريخ، تعليم، تاريخ شناسي ۽ نويسي، علم لغت، علم الانسان (Anthropology) ۽ لوڪ ادب جو وهائو تارو (Morning Star) هو. سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هن جاکوڙي سچي، قابل قدر ۽ عالي مرتبت عالمن جي عالم بابت ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پنهنجي هڪ بي لاگ جائزي ۾ لکي ٿو، ”مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ هيءَ ٻي ادبي اُٿل آهي. اُٿل لفظ کي انگريزي ۾ Upheaval چئبو آهي، جنهن کي فقط اهي دوست سمجهڻ ۽ پرکڻ جو صحيح ادراڪ رکن ٿا جن کي علم ارضيات (Geology) سان دلچسپي هوندي، زمين جي ”اُٿل“ ۾ زمين جي اندران بيش قيمتي خزانا نڪري ايندا آهن. ڊاڪٽر بلوچ به پنهنجي جُهد مسلسل ۽ حيات با ثمر ۽ بابرڪت سنڌي ٻولي، لسانيات، ڪلاسيڪل شاعري، شاهه جي ڪلام، علم لغت ۽ لوڪ ثقافتي ورثي ۽ ادب کي ارپي ڇڏي هئي. سنڌي ادب جي هن سنجيده اسڪالر ۽ ليکڪ پنهنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز طنز و مزاح سان ڪري، انگريزي طنز نگارن Swift ۽ اسٽيفن ليڪاڪ (Stephen Leackock) کي شرمائي ڇڏيو. بقول ڊاڪٽر صاحب ”ته هن ۱۹۴۵ع ۾ ان وقت جي سياست ۽ سياسي ليڊر شپ تي طنز ۽ پيروڊيءَ (Parody) طور ”گڏهه“ ڪتابڙو لکيو ۽ ڄاڻايو ته بهتر ٿيندو ته ان وقت جي سياسي ليڊرن بدران گڏهه کي پنهنجو ”ليڊر“ بڻائجي، جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏي ۾ وڏو پورهيت آهي. وري چئي ٿو ”اسان جي سنڌ سونهاريءَ ۾ هر ڪو سيد ليڊر سيدن لاءِ آهي، بلوچ بلوچن لاءِ، سماٽ سماٽ لاءِ ۽ سومرو، سومرن لاءِ آهي، ان بعد وري سڀئي گڏجي ساڳي ڪُرسي لاءِ آهن. پر گڏهه ڪي جئي! گڏهه زندهه باد!! گڏهه اوڏن جو آسرو، دَاين لاءِ دلاسو، چوهاڻن جي چڙهيءَ ۽ هارين سان ڀاڻ ڍوئڻ ۾ همراهه ڪنڀرن جي ڪرت جو مٿس دارومدار ! کٽين جو کنڀ لڏڻ ۾ آسرو ۽ روزگار جنڊن، شڪارين ۽ ٻاليشاهن ۽ ٻين خانه بندوش ۽ مهاجر قومن جو لڏ پلاڻ ۾ مددگار! جوڳين جو لڏو مٿس لڏجي ته سامين جو سرو (وڏو لڏو) مٿس سٿجي! ڇا پبلڪ ۾ سندس خدمتون واقعي شاندار ناهن ؟ پر افسوس جو قدر ڪم ٿيا، کٽا خريدار!“ هي بي بها طنزيه ڪتابڙو پهريائين آگسٽ ۱۹۴۶ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، جيڪو اردو جي وڏي افسانه نگار مهان مارڪسي، دانشور آنجهاني ڪرشن چندر جي ڪتاب ”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ کان اٽڪل ۲۰ ورهيه کان اڳ ڇپيو هو. ڪير ٿو چئي ته ”ڪي سنڌي اديب اردو کان متاثر ٿي لکندا آهن؟“ هتي ته قصو ئي الٽ آهي، اردو اديبن کي ڊاڪٽر بلوچ واري گڏهه جي Theme (مرڪزي سوچ) اُڌاري وٺڻي پئي! هيءَ آهي ڊاڪٽر بلوچ جي Originality (انفراديت ۽ نواڻ) ڪيئن ڳالهه لڳي؟ سندس ٻيو اوريجنل (بلڪل نج نبار) ڪم آهي، سندس ٻيون نمبر ڇپيل ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ ۱۹۵۱، جيڪو هن ۱۹۴۹ ۾ آمريڪا کان Ph.D ڪري موٽي اچڻ کان پوءِ شروع ڪيو هو. پاڻ ٻڌائي ٿو ته ”۱۹۴۹ع ۾ وطن ورڻ بعد بيروزگاريءَ جي نعمت نصيب ٿي جنهن کي غنيمت سمجهي، نومبر ۱۹۴۹ع ۾ سڄي ڪتاب جو مسودو مڪمل ڪيم“ ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪندي پاڻ چئي ٿو: ”سنڌي ٻوليءَ جو هقاني ادب جيڪو نج سنڌي ادب آهي، تنهن جي تحقيق ۽ تلاش بندي جي ڪوشش ۽ ڪاوش جو عين مقصد رهيو آهي، هيءَ موجوده تحقيق نه رڳو لس ٻيلي جي ادب کي اُجاري ٿي، پر سنڌ جي دهقاني ادب جي سنڀار سهيڙ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ جي اها علمي ادبي مسافري سندس بنيادي مول ۽ متي تي غالب نه رهي ڇاڪاڻ ته هو آمريڪا جي ناليواري يونيورسٽي ڪولمبيا (Columbia) نيويارڪ مان هڪ شاندار تحققي مقالو:
A Program of Teachers Education for new state of Pakistan.
(استادن جي تعليم جو نئون سرشتو، پاڪستان جي نئين رياست ۾)
لکي، ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ترين سَنَد وٺي آيو هو. ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪري جي آڇ ملي،  پر پاڻ ۱۹۴۹ع ۾ واپس سنڌ موٽي آيو، ڇاڪاڻ ته هتي هن وطن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي کي ترجيح ڏني ۽ بقول ڊاڪٽر صاحب جي ته هن خاڪي ڪپڙن جا ٻه وڳا ٺهرائي سنڌ کي ڏسڻ پسڻ لاءِ مئي ۱۹۴۹ع کان آگسٽ ۱۹۵۰ع تائين هڪ Gyps/Scholar (جپسي اسڪالر) ٿي مادر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهميو، علمي، ادبي ڪچهريون ڪندو رهيو ۽ تاريخي ماڳ مڪان ڏسندو رهيو، هو آرام ڪُرسي تي ويهي بند ۽ ٿڌن ڪمرن (Air Condition) ۾ ڪم ڪرڻ وارو عالم اوس ڪو نه هو، هن سنڌ کي سسئي جيان ڏوري ڏٺو، ان ڪري به شايد سسئيءَ جا پنج ئي سُر هن جا پسنديده سُر هئا.“ ڊاڪٽر صاحب اڪثر مون کي سُر سسئيءَ جو هيءُ بيت ٻڌائيندو هو:
ويهه مَ مُنڌ ڀنڀور ۾، ڪَرڪَو واڪو وَس،
ٻانهي ٻاروچن جي، گولي ڇَڏ م گس،
ڏورڻ منهنجا ڏَسُ، پوندئي هَوت پنهون جو.
ڊاڪٽر بلوچ جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۱۹۵۱ع ۾ اچڻ جو محرڪ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب هو، علامه صاحب ۹ اپريل ۱۹۵۱ع تي وائيس چانسلر جي چارج ورتي ۽ ان سال ئي ٻن تدريسي شعبن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جن مان پهريون شعبو تعليم جو هو، ڊاڪٽر بلوچ سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان اول انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيو، جيڪو پهريان هڪ ڊپارٽمينٽ هو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر بلوچ هڪ تعليمي ميوزيم به قائم ڪيو ته جيئن زير تربيت اُستاد تعليم جي طور طريقن کي موثر بڻائين ۽ نصاب جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ هنر ۽ ڪاريگريءَ جي روايتن کان به بهتر نموني واقف ٿين. هي سنڌ جو پهريون ميوزيم هو، جيڪو پوءِ سنڌالاجيءَ ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ اتي باقاعدي ميوزيم جو بنياد پيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اصل خالق ۽ محرڪ به دراصل ڊاڪٽر بلوچ آهي. هي ادارو ۱۹۶۲ع ۾ ”سنڌي اڪيڊمي“ جي نالي سان ڊاڪٽر رضي الدين صديقي (ان وقت جو وائس چانسلر) ۽ (عثمانيه يونيورسٽي فيم) ڊاڪٽر صاحب جي صلاح سان برپا ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ هن تحقيقي اداري جي PCI (رٿا) پاڻ تيار ڪئي ۽ ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ سان گڏجي راولپنڊيءَ ويو، جتي هو مرڪزي ايجوڪيشن سيڪريٽري ايم ايم شريف (شريف ڪميشن رپورٽ) آڏو اها رٿ پيش ڪئي ۽ ان رٿا بابت سخت آڏي پڇا جا زبردست علمي ۽ منطقي دليل ڏنا، اهو داستان انهيءَ ڪري بيان پيو ڪريان جو هاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا وارث گهڻا پيدا ٿي ويا آهن، ۽ جهڙي طرح ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽج ۽ ريسرچ، حيدرآباد کي هتان منتقل ڪري، سنڌي ادبي بورڊ ۾ ضم ڪري، ڊاڪٽر صاحب جي روح کي رنجايو پيو وڃي، ان طرح سنڌالاجي جي خالق لاءِ ڊاڪٽر بلوچ ڪارنر ۲۰۰۹ع جي جون ۾ ان وقت قائم ڪيو ويو. جڏهن ارباب اختيار کي ڊاڪٽر بلوچ اوچتو ياد اچي ويو ۽ هڪ آچر ڏينهن تي اوچتو جڏهن ڪا به باقاعدي تقريب يا پريس يا Media کي سڏائڻ بغير ڊاڪٽر صاحب ۽ مون کي به ازراهه مهرباني وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي صاحب، سڏائي چپ چپات ۽ خاموشيءَ سان ان ”بلوچ“ ڪارنر جو افتتاح ڪرايو. ڊاڪٽر صاحب به حيران ۽ پريشان هو ته هيءَ سڄي ڪار گذاري ايتري پر اسرار خاموشيءَ ۽ لِڪ لڪاءَ ۾ الائي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ ان پر اسرايت جي پويان لڪل داستان امير حمزه ڪنهن ٻئي دفعي بيان ڪبو.
ڊاڪٽر صاحب پاڻ ٻڌايو ته ”هاڻ ته هن جي اساسي ڪردار جو ذڪر ڪنهن به طرح سان سنڌالاجيءَ جي حوالي سان ڪرڻ ڄڻ هڪ قصهءِ پارينه بڻجي ويو آهي“، جيئن وري ڊاڪٽر بلوچ انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ ۽ هيريٽيج ٺاهڻ کان پوءِ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، ڪجهه نام نهاد عالمن ته ان وقت (۲۰۰۹) ۾ غير ضروري اعتراض به واريا هئا ته هن سرڪاري اداري جو نالو آخر Antiquities ڊپارٽمينٽ ڊاڪٽر بلوچ جي نالي تي ڇو پيو رکيو وڃي؟ هنن جي محدود سوچ ۽ عقل مطابق هن انسٽيٽيوٽ جو نالو سر جان مارشل يا سر مارٽيمر وهيلر جهڙن گورن ۽ ”مقدس“ ٿنڀن ۽ استعماريت پسندن جي پٺيان رکيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. اها سائين آهي، اسان جي ڄامڙن دانشورن جي ”بي تعصبي“ ۽ عالماڻي ”ڪَج روي“ ها ته سائين تاريخ جي Correction يا درستگيءَ لاءِ عرض پئي ڪيم ته عام طرح، ماڻهو سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو ذڪر ڪندا آهن، جنهن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي نئين بلڊنگ ٺهرائي هئي (ڄام شوري ۾) پر صحيح، درست ۽ سيبتي تاريخ بيان ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه هئڻ گهرجي، جڏهن ڊاڪٽر بلوچ، هڪ ڪٽر پنجابي وفاقي سيڪريٽري، ايم ايم شريف جي سخت جارحاڻي Cross Examination مخالفاڻي (جَرح ۽ آڏي پڇا) کي ڪاميابيءَ سان رد ڪري هن کي قائل ڪيو، تڏهن هن ڊاڪٽر بلوچ ۽ رضي الدين صديقيءَ کي ”سنڌ اڪيڊميءَ لاءِ فقط ۵۰ هزارن جي ڀڳڙن مٺ واري گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا اٺ جي وات ۾ جيرو (زيره) برابر رقم هئي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بيان ڪري ٿو ته ”ڊاڪٽر بلوچ هن اداري جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو، شروع کان سندس راءِ هئي ته اداري جو نالو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ هجي (پر پنجابي اردو مرڪز پسند هن نالي کان الائي ڇو ڇرڪيل هئا) آخر اها راءِ مڃي وئي ۽ نالو بدلايو ويو، سنڌي شعبي جي ليڪچرار مسٽر غلام علي الانا کي هن اداري ۾ آفيس لاءِ اسسٽنٽ (ڊائريڪٽر) مقرر ڪيو ويو، يونيورسٽيءَ کان ٻاهر جو هڪ ميمبر محمد حنيف صديقي صاحب هو جيڪو اعزازي ڊائريڪٽر ٿيو ۽ هڪ ٻيو ميمبر پير حسام الدين راشدي هو، حنيف صديقي صاحب جي وفات کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اداري جو ڊائريڪٽر ٿيو ۽ ويندي جنوري ۱۹۷۶ع تائين هن اها ذميداري سنڀالي ۽ اداري کي مستحڪم بنيادن تي بيهاريو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ئي هن اداري کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪرڻ جي شروعات ڪئي، جيڪا وائيس چانسلر غلام مصطفيٰ شاهه جي وقت ۾ ٺهي هئي جنهن جا فنڊ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب، حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس واري سنڌالاجي لائبريري باهه ۾ سڙڻ واري واقعي ۽ ذاتي انسپيڪشن ڪرڻ وقت ڏيئڻ جو اعلان ڪيو هو، اها نئين بلڊنگ (ڄام شوري ۾) خالي پئي هئي، ڊاڪٽر صاحب هن اداري لاءِ خاص جدا تحقيقي جرنل (journal) ”علمي آئينو“ ڪڍڻ جي ابتدا ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مرحوم پاڻ ٻڌائيندو هو ته هن اداري تي وقت بوقت هڪڙا هٿ ٺوڪيا بحران آيا، يا آندا ويا، ٻه گهمرا سنڌالاجيءَ کي سنڌ يونيورسٽيءَ کان جدا ڪرڻ جون به ڪوششون ڪيون ويون ۽ بظاهر اُهي ڪوششون (سازشون) ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ناڪام ۽ ڪمزور ڪرڻ ۽ سنڌالاجيءَ جي ”ترقي“ جي بهاني ڪيون ويون. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت واري دور ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب (جنهن سنڌالاجيءَ جي لاءِ بيشڪ قابل تعريف اورچائي ۽ لڳن سان ڪم ڪيو آهي) جي تحرڪ تي پهريون دفعو سخت ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌالاجيءَ کي سنڌ يونيورسٽي کان ڌار ڪري ”خودمختيار“ ڪري، سنڌ حڪومت جو هڪ ”ذيلي“ ادارو بڻائجي، ان وقت جو صوبائي وزير تعليم مسٽر پيار علي الانا (فرزند جي الانا، انگيرزي زبان جو بيمثال تحقيقي ليکڪ، شاعر ۽ دانشور) ان ”مهم“ ۾ اڳڀرو هو، پر اڳيان به ڊاڪٽر بلوچ صاحب، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي هو، جنهن کي علامه آءِ آءِ قاضي صاحب، اقبال جو هيءُ شعر ازبر زبان ڪرائي ويو هو ته
”تُندي باد مخالف سي نه گهبرا اي عُقاب!
يه تو چلتي هي تجهي اونچا اُڙاني ڪي لئي“
ڊاڪٽر بلوچ، همت ڪري، وزير اعليٰ سنڌ غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي مڃايو ته ڪنهن به صورت ۾ ائين نه ٿئي ۽ اهڙي طرح انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هميشه لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي رهي ۽ بقول ڊاڪٽر عبدالجبار ته ”اهو معاملو ٽري ويو”، ان معاملي تي ڊاڪٽر بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه جي وچ ۾ گهڻيون غلط فهميون ڪجهه خود مطلبي وچ وارن پيدا ڪيون هيون، جنهن جو ذڪر به ڊاڪٽر جبار جي زباني بيان ڪجي. ته بهتر (حوالو ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو) صفحي ۳۱ تي، هيءَ محقق بيان ڪري ٿو ته ”جيئن ته هن اداري کي قائم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب عملي جدوجهد ڪئي هئي، ان ڪري کيس گهڻو احساس هو، خود غلام مصطفيٰ شاهه جي هڪ تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌالاجيءَ بابت سندس ذهن ۾ ڪا ڳالهه واضح نه هئي. سنڌالاجيءَ جي سلور جوبلي (۱۹۸۷) جي موقعي تي شاهه صاحب (غلام مصطفيٰ شاهه) پنهنجي موڪليل پيغام ۾ لکي ٿو: ”سائين حسام الدين راشدي مرحوم مون کي چوندو هو ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي ابتدا هڪ سياسي ڍونگ هو، سنڌ کي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻي هئي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ڀنڀلائڻ جي مترادف هو، پر توهان (ڊاڪٽر بلوچ) جي ڪاوش انسٽيٽيوٽ جي لائبريري کي باهه لڳڻ سان، انسٽيٽيوٽ کي سنڌي معاشري ۾ هڪ حيرت انگريز محبت، شان ۽ عزت نصيب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب، سنڌالاجيءَ جي تخليق لاءِ جاکوڙ ڪئي، اهو جذبو، سندس سنڌي ثقافت ۽ تاريخ سان محبت جو ثمر آهي، پر وري به ڊاڪٽر جبار جي هن جملي تي غور ڪريو، جيڪو سڀني ٻين موجوده ادارن جي لاءِ به موزون ۽ مناسب آهي، ”اسان جو الميو اهو آهي ته ادارا قائم ٿين ٿا، انهن لاءِ دل وارا ته بي لوث خدمت ڪن ٿا، پر دماغ وارا کيسا ڀرڻ شروع ڪن ٿا.“ وما علينا الا البلاغ.


روزاني عوامي آواز جي پھرين اپريل ۲۰۱۲ع واري آچر ميگزين تان ٿورن سان کنيل.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌ جي ھڪ بين الاقوامي اسڪالر کي ڀيٽا
گل محمد عمراڻي/حيدرآباد
ڊاڪٽر بلوچ جي ۹۹هين سالگرهه جي سلسلي ۾ اڄ سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب رٿيل آهي. ان حوالي سان هي چند سٽون ڀيٽا طور آئون به پيش ڪريان ٿو. هي ڏاهو، علم ۽ ادب جي بيشمار صنفن ۽ شعبن جو ماهر هو، لوڪ ادب (۴۰ جلد)، تاريخ، ثقافت، لغت، لطيفيات، علمِ انسان، موسيقي، آثار قديمه، سنڌالاجي جو بنياد، شاهه عبداللطيف سينٽر، سنڌ ميوزيم، سنڌ صدين کان (خيال ۽ عملي جاکوڙ) بلاشڪ سندس علمي تحقيق ۽ ڪم کيس ۱۸هين صديءَ جي انسائڪلو پيڊٽس مفڪرن جي صف ۾ آڻين ٿا. پاڻ سنڌ جي سگهڙن ۽ ڌنارن کان وٺي پکين، جانورن سامونڊي جيوت مڇين، جيتن جڙن، گلن ڦلن، گاهن ۽ ٻوٽن تي به انيڪ ڪم ڪري ويو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جو پسنديده موضوع سنگيت وديا هو، جنهن بابت هو تمام گهڻي جاکوڙ ڪري شاهه جي راڳ بابت شاهه جي رسالي ۾ ۽ پنهنجي ليڪچرن ۾ ٻڌائيندو رهيو. هڪ تقريب ۾ چيائون ته، مون موسيقي سکڻ جي ڪوشش ڪئي پر تمام گهڻي ڪوشش کانپوءِ سمجهيم ته موسيقي کي عملي طور سکڻ لاءِ هڪ ٻئي جنم جي ضرورت آهي. نقادن جي راين موجب ڊاڪٽر صاحب جو وڏي پورهئي وارو ڪم لوڪ ادب ۽ لطيفيات تي آهي. پر ساڳي طرح جامع سنڌي لغات جا پنج جلد سنڌي ٻوليءَ ۽ علمِ لغت جا وڏا روشن مثال آهن. گهڻا دوست ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو جي ريسرچ بابت ڳالهائيندي چوندا آهن ته بيشڪ ٻئي عالم لوڪ ادب جا اسڪالر آهن، پر هيئن نه هونءَ.... ڊاڪٽر سنديلو پنهنجي پي ايڇ ڊي واري ٿيسز وارو ڪتاب ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ڊاڪٽر بلوچ کي منسوب ڪري لکي ٿو،... علمِ لغات جي ماهر محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي، جنهن سنڌي زبان سان نينهن نڀائڻ خاطر ساري سنڌ جهاڳي سنڌي ادب کي اوچي پد تي پهچايو آهي. اهڙي سادگي ۽ محنت شال اسين سڀ سکون! باقي تحقيق جو سمنڊ اجهاڳ آهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ به انهي بحر جو هڪ غواص هو، ڇاڪاڻ ته علم جو انت تجسس ۽ کوجنا آهي. ڊاڪٽر صاحب آخري وقت تائين ٻولين ۽ تهذيبن جو هڪ اڻ ورچ اسڪالر رهيو ۽ سندس ناگهاني وفات کان پوءِ مون جڏهن سندس بيڊروم ۾ پيل ڪتاب رکيل ڏٺا ته انهن ۾ منهنجو به هڪ پسنديده ڪتاب آڪسفورڊ ڊڪشنري ٽيبل تي رکيل مليو. انگريزي علم ادب بابت ڊاڪٽر صاحب ڪڏهن به گهڻو ذڪر اذڪار ڪونه ڪندو هو ۽ پاڻ کي سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خادم طور پيش ڪندو هو. پر سندن ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب ۽ مقالا انگريزي جي بين الااقوامي ريسرچ جرنلس ۾ به شايع ٿيل آهن ۽ اڃان به ڇپجن ٿا. قليچ بيگ کانپوءِ ايترو معياري ۽ گهڻو ڪم انگريزي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ئي ڪيل آهي. بيشڪ هو پاڪستان ۽ سنڌ جو بين الاقوامي حيثيت رکندڙ عالم هو.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سندس ڪارنامن جا رهجي ويل منظر
آغا نور محمد پٺاڻ
ڪالهه اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ۹۹هين سالگرهه ملهائي سون. جنهن ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري صاحب پاران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مرتب ڪيل مستند شاهه جي ڪلام جي سمجهاڻي واري رسالي جي مهورت ٿي گذري. شاگرديءَ جي زماني کان سنڌي ڪتابن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نالو هڪ محقق، مولف ۽ مصنف جي صورت ۾ پڙهندا ايندا هياسين ۽ ايڏي وڏي شخصيت کي ڏسڻ ۽ ملڻ جو دل ۾ ڏاڍو خيال ايندو هيو.
ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرديءَ جي زماني ۾ حيدرآباد جي هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ ٿي ۽ ان کانپوءِ سيد علي مير شاهه جي لطيف آباد واري بنگلي ۾ اي.ڪي بروهي صاحب جي صدارت ۾ هڪ شاهه عبداللطيف ڀٽائي  جي فقيرن جي هڪ راڳ جي محفل ۾ ٿي. جنهن ۾ پهريون دفعو سائين علي مير شاهه جيڪو خود به ڀٽائي جي ڪلام جو حافظ آهي تنهن ڀٽ شاهه کان فقير گھرايا هيا ۽ سڄي رات انهن شاهه جو ڪلام پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائي ٻڌايو هيو. ان تقريب ۾ شاهه جي راڳ جي موضوع تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪليدي خطاب فرمايو هيو. ان کانپوءِ اڪيڊمي ادبيات جي زماني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان اڪيڊمي جي بورڊ آف گورننس جي ميمبر جي حيثيت ۾ رابطو رهندو آيو. جنهن وقت اڪيڊمي جي آفيس ڪراچي ۾ شيخ سلطان ٽرسٽ جي ڏهين ماڙ تي هوندي هئي ۽ اسانجو معروف سنڌي اديب ۽ ڪالم نگار مرحوم علي احمد بروهي اتي ايڊمنسٽريٽر هيو ان وٽ سنڌ جا اڪثر اديب، شاعر ڀيرو ڀڃندا هيا ۽ ڊاڪٽر صاحب به اتي جڏهن ايندو هيو ته ملاقات جو موقعو ملندو هيو.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي فرمائش تي آمريڪا کان ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جي شعبي جو بنياد وڌو ۽ سنڌ ۾ هن وقت جيڪي به وڏا تعليم جا ماهر آهن انهن بي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي سربراهيءَ ۾ ڪئي. نه ته ان کان پهريون استادن جا ننڍا ننڍا تربيتي ڪورس ٽرئننگ ڪاليج مٺياڻي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندا هئا. ڊاڪٽر صاحب تعليم جي تربيت کي جديد سائنسي بنيادن تي قائم ڪيو ۽ استادن کي تحقيق ۽ تعليم جو هڪ نئون موڙ ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو ان دور جا استاد جيڪي اسان ڏٺا ۽ ٻڌا اهي اديب ۽ شاعر به هوندا هيا. هاڻي هڪ اردو چينل استادن جا انٽرويو نشر ڪيا جن کي پرائمري ۽ سيڪنڊري جي اسپيلنگ به نه پئي اچي.
ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي ٻي تفصيلي ڪچهري جاتي شهر ۾ سنڌ جي هڪ صوفي بزرگ مغر ڀين جي ميلي جي موقعي تي ڪوٺايل ادبي ڪانفرنس ۾ ويهه سال پهريون ٿي. جتي ڊاڪٽر صاحب رسول بخش تميمي، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، حافظ حبيب سنڌي، عزيز جعفراڻي، زاهد اسحاق کٽي ۽ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي ڪيترن اديبن جي موجودگيءَ ۾ رات جو دير تائين ڊاڪٽر صاحب ڪچهري ڪندو رهيو. ان کان علاوه اڪيڊمي جون جيڪي به قومي ۽ صوبائي ڪانفرنسون ٿينديون هيون ان ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪنهن نه ڪنهن سيشن جي صدارت ڪندا هئا. هن وقت اسلام آباد ۾ جيڪا انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي قائم آهي ان جو باني وائس چانسلر به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيو ۽ ڊاڪٽر صاحب اتي ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي کي به وٺي آيو ۽ ڪراچي ۾ سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد رکڻ وارن منجهان هيو. اها ڳالهه مونکي سر سيد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر زيڊ.اي. نظامي ٻڌائي ۽ هن ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۽ ڪم تي هڪ خصوصي سوئينيئر به ڇپرايو هيو جنهن جي ترتيب جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو هو.
ڊاڪٽر صاحب جو مقصد سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ هيو ۽ انهي مقصد کي سامهون رکي هن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي لغت، لطيفيات، لوڪ ادب، سنڌي موسيقي، سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي شاعري ۽ اردو سنڌي لُغت تي مختلف پروجيڪٽ شروع ڪيا ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مستند رسالو ڏهن سالن جي مسلسل محنت سان ۶۰ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل نسخا ڀيٽي تيار ڪيو جنهن جي هاڻي شرح ۽ سمجهاڻي ان جي ئي هڪ لائق شاگرد ڊاڪٽر عبدالغفار سومري تيار ڪئي آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪيو آهي. مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب هميشه علم حاصل ڪرڻ جو شيدائي رهيو آهي ۽ نبي پاڪؐ جي فرمان مطابق ته ماءُ جي جهولي کان وٺي قبر جي لحد تائين علم جي طلب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فرمان تي عمل آخري ساهه کڻڻ تائين جاري رکيو.
ڊاڪٽر صاحب سان آخري ملاقات بلوچستان جي مشهور اديب ۽ سابق چيف سيڪريٽري حڪيم بلوچ سان گڏ حيدرآباد ۾ سندس نياڻيءَ جي گھر ۾ ٿي. ان وقت ڊاڪٽر صاحب ڪافي ڪمزور ٿي چڪا هئا تنهن هوندي به سندس چهري ۾ وڏي چمڪ هئي ۽ علمي موضوعن تي ان جي ياداشت حيرت جهڙي هئي ان وقت حڪيم بلوچ کي اردو ۽ انگريزي ۾ ڀَرِيءَ جيترو مواد ڏنو ته هن ۾ بلوچي ادب، تاريخ، شاعري ۽ لوڪ داستانن متعلق مواد مون وٽ رکيل آهي جنهن تي مان ڪم نه ڪري سگھيو آهيان. اهو مواد مان توهان جي حوالي ڪيان ٿو. اوهان ان کي موضوعاتي ترتيب ڏئي بلوچي اڪيڊمي يا ٻي ڪنهن اداري کي اشاعت لاءِ حوالي ڪندا.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هن قرآن شريف پنهنجي امڙ کان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ان جو والد ننڍڙي لاءِ گذاري ويو جڏهن هو چئن، پنجن مهينن جي عمر جو هيو. وفات وقت سندس والد وصيعت ڪئي هئي ته ”منهنجي پٽ کي پڙهائجو“، اهي لفظ چئي هو گذاري ويو پوءِ سندس چاچي پڙهائيءَ تي خاص خيال رکيو اها ۱۹۲۳ع ۽ ۱۹۲۴ع جي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي گھر کان ۱۴ ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هيو، ڪڏهن اتي ڳوٺ ۾ رهي پوندو هيو ۽ وري پنڌ موٽندو هيو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ڪڻڪ ڪا نه هوندي هئي، ٻاجهري جي ماني پاڻيءَ سان کائيندا هياسين، اها ماني ٻڌي اسڪول کڻي ويندا هياسين پوءِ اتي دال رڌي منجهند جو استاد سان گڏ کائيندا هياسين.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته ان وقت استادن کي اسان ڪڏهن موڪل ڪندي نه ڏٺو. پرائمري کانپوءِ نوشهري جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ عثمان علي انصاري صاحب پرنسپل هيو جيڪو لنڊن مان ايم.اي جو امتحان پاس ڪري هتي آيو هيو، اتي به مون ڪو استاد اسڪول مان غير حاضر ٿيندي نه ڏٺو ۽ هاڻي سنڌ ۾ هزارن جي تعداد ۾ گوسڙُو استاد آهن ۽ ڪي وري ويزا تي هلن ٿا. اهي نوان اصطلاح اسان کي هن جديد دؤر ۾ سنڌ کي ترقي ڪندي مليا آهن.
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته انهي وقت به استاد گھڻو زور انگريزي ٻوليءَ، حسابن سکڻ تي ڏيندا هيا ۽ هاڻي حال اهو آهي ته ايم.اي ۽ بي.اي ڪرڻ کانپوءِ انگريزي ۾ درخواست لکڻ به مشڪل ٿي پئي آهي. ڊاڪٽر صاحب اهو به ٻڌايو ته ۲۰ روپين جي اسڪالر شپ تي مون اڳتي پڙهائي جو سلسلو جاري رکيو ۽ ڪراچي ۾ جناح ڪورٽ واري هاسٽل ۾ رهندو هيس جيڪا سنڌ جي مسلمان شاگردن لاءِ ان وقت خيرپور رياست جي وزير آغا قادر داد خان ٻين زميندارن کان پئسا گڏ ڪري ٺهرائي هئي جيڪا خير سان هاڻي سنڌ رينجرس جو هيڊ ڪوارٽر آهي.
ڊاڪٽر صاحب پهريون دفعو ”ٻيلائن جا ٻول“ ڪتاب لکي اتان جي لوڪ ادب کي محفوظ ڪيو ۽ وري پوءِ جيڪب آباد جي داد محمد خادم بروهي کان سبيءَ جي سنڌي لهجي تي ڪتاب لکرايائين. اهڙي طريقي سان ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ٻوليءَ جي سرحدن جي تلاش ۾ پري پري تائين ويو ۽ اهڙي طريقي سان لطيف سائين جي شاعري جي حوالي سان به سسئي، سهڻي، مارئي، جي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ هنگلاج جا پهاڙي پيچرا به ڏٺا، ٿر ۽ ننگرپارڪار جا ريگستاني رڻ به لتاڙيا ۽ شاهه جي ڪلام جي مستند مواد کي ڪٺو ڪري ڏهن جلدن ۾ پنهنجي قوم جي سامهون پيش ڪيو، بر صغير ۾ سنڌ جي تاريخ تي پهريون لکيل ڪتاب چچنامو آهي. ان تي تحقيق ۽ حاشيا لکي پيش ڪيا. اسلام آباد ۾ رهڻ وقت پاڪستان جي تاريخ جي قومي اداري National Institute of Historical Research لاءِ دنيا جا عالمي ادب جا چونڊ سؤ ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ اسڪيم ٺاهي ۽ ڊاڪٽر خضر نوشاهي جي معرفت مير علي شير قانيو ٺٽوي جي سنڌ جي تاريخي مقالن جي فارسي زبان مان ايڊٽ ڪرائي ڇپرائي.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ڊاڪٽر صاحب جي ان شروع ڪيل رٿائن کي مسلسل جاري رکڻ لاءِ اسانجي موجوده حڪمرانن ۽ ادارن وٽ ڪهڙو پروگرام آهي. ماشاءَالله سنڌي لوڪ ادب ۾ اڃا ايتري گنجائش آهي جو پنجاهه ٻيا جلد تيار ٿي سگھن ٿا. ڇو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نئون سنڌي لوڪ ادب اڃا صحيح معنيٰ ۾ ڪٺو نه ٿي سگھيو آهي. هر سال سگھڙن جون ميلن جي موقعي تي ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون پر اهي نشستاً، گفتاً، برخاستاً وانگر هوا ۾ اڏري وڃن ٿيون. ريڊيو ۽ ٽيليويزن جون ڪچهريون به تحريري شڪل ۾ نٿيون اچن. سنڌالاجي ۾ ڪيترو ئي ادب، تاريخ جي حوالي سان مواد رڪارڊ ٿيل موجود آهي. جيڪو ڊاڪٽر الانا صاحب جي زماني کان اسانجي دوست محمد قاسم ماڪا اڌ صدي جي محنت سان جهنگ جهر وڃي رڪارڊ ڪيو آهي. ان کي تحريري شڪل ۾ اچڻ کپي يا گھٽ ۾ گھٽ ان کي سنڌالاجي جي ويب سائيٽ تي محفوظ ڪرايو وڃي.
تازو ڊاڪٽر صاحب جي رٿائن جي ڪم جي سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي نالي تي هڪ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو ويو آهي. جيڪو تمام سٺو قدم آهي ۽ ان جي اعزازي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڊاڪٽر صاحب جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي شاهه جي رسالي جي سمجهاڻي ۽ ڏسڻي تي ۱۲۱۰ صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب تيار ڪري سنڌي ادبي بورڊ کان ڇپرايو آهي. جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. اهڙي طريقي سان لوڪ ادب ۽ سنڌ جي تاريخ تي به ان قسم جي سلسلي کي جاري رکڻ کپي.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌي ادبي جو اُملهه نانءُ:
غلام حسين خاصخيلي
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، دانشور، تاريخدان، ماهر لسانيات، لوڪ ادب، لطيفات جو پارکو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ادب جي ميدان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. عبرت گروپ طرفان کيس ڀيٽا ڏيندي سندس خدمتن ۽ زندگي بابت پروفائيل پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفيات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو املهه خزانو ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبان تي عبور حاصل آهي. ۱۹۲۴ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ ۲۲ جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۲۹ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو، ۱۹۳۶ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ايجوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ ۱۹۴۹ع ۾ ساڳئي موضوع تي ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.
پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. ۱۹۵۰ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾ او ايس ڊي (OSD) مقرر ٿيو، ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقات عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ ڊسمبر ۱۹۷۳ع کان جنوري ۱۹۷۶ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري ۱۹۷۶ع کان ۹ مارچ ۱۹۷۹ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سولائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع کان ۱۹۸۳ع  تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۹ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. ۱۹۹۳ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو، ۱۹۹۱ع کان هن وقت تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ؛ اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمين وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائد اعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثـه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائد اعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۽ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ آهي. نبي بخش علم ادب لاءِ خدمت هن ريت آهي:
جامع سنڌي لغات؛ سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهو ڪم ۱۹۵۴ع ڌاري ڊاڪٽر جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنهنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو.
اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت؛ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون ۱۹۶۰-۱۹۵۹ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون.
سنڌي لوڪ ادب واري رٿا؛ سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا ۱۹۵۶ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر بلوچ ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صفتون کيس موڪليون. ان کان سواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا ۴۰ جلد شايع ٿيا. جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي ۴۰ جلدن مان ڪجهه هن ريت آهن.
سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نـڙ بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (۸ جلد)، ڪافيون (۳ جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معما ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (۹ جلد)، رسمون، رواج ۽ سنوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري، سومرا دور (۲ جلد) وغيره.
شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي ۱۰ جلد ڇپايائين، جن ۾ ۹-۸ گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي. تازو ۲۰۰۹ ع ۾ ڊاڪٽر جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جي سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر شاهه جي مختلف سرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.
ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دور ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي جنهن ۾ قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي شامل آهن.
سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر جا هنن موضوعن تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو، جتڪي ٻولي، ٻيلاين جا ٻول، سومرن جو دور (۲ جلد) چچ نامو، (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجوڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (۸ جلد)، لاکوڦلاڻي، گڏهه،پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام اچي وڃن ٿا.
ڊاڪٽر جي اردو ڪتابن ۾ ”سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم،ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم اچي وڃن ٿا.اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر لکي انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ”ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلار نامه، حاصل النهج، فتح نامه سنده، باقيت از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي، ديوان عطا ٺٽي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزته الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل ڪتابن ۾؛
(1) Teachers Education in Pakistan.
(2) Sindh: Studies (Cultural)
(3) Sindh: Studies (Historical)
(4) Advent of Islam in Indonesia
(5) Muslim Luminaries
(6) Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region
(7) Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh
(8) World of Work
ان کان سواءِ ڊاڪٽر جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۾ڇپيل آهن. ڊاڪٽر کي مختلف ايوارڊ: تمغهءِ پاڪستان ۱۹۶۲ع ۽ ۱۹۶۸ع ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ۱۹۷۹ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال ۱۹۹۱ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز ۲۰۰۱ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن. سندس اهڙي خدمت تي هر ڪو کيس مڃتا ڏئي ٿو.



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
ٽه-ماهي تَخَيُل پاران کيس ڏنل ڀيٽا
ادل سولنگي
مارئي اڪيڊمي پاران جاري ٿيل ٽه ماهي ”تَخَيُل“ جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سڪندر ملاح ۽ بشير احمد هيسباڻي جي ادارت هيٺ شايع ٿيل هن ”تخيل“ جي هن خاص نمبر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪيل ادبي، تحقيقي ڪم مڪمل وچور ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سموري زندگيءَ جو وهنوار علمي/ادبي ۽ قلمي پورهئي جي ڪٿ/پرک ۽ وچور پيش ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ننڍپڻ، تعليم جي حاصلات، جيون ڪٿا، تاريخ، لوڪ ادب، تحقيق، لغت، لوڪ شاعري، لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ شاعريءَ جي ڪٿ/پرک خاص ڪري شاهه لطيف تي ڪيل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق/ پرک هن خاص خاص نمبر ۾ شامل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي ۽ شخصي بيهڪعلمي ادبي وهنوار تي انتهائي تفصيلي مضمون، ڊاڪٽر صاحب جا انٽرويو، سندس خاندان وارن جا ويچار، عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ ساڃاهه وندن جون ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ بابت تحقيقي لکڻيون جنهن مان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي ادبي حيثيت جي پرک ۽ شخصيتن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪهاڻي، تاريخ جي زباني، ڊاڪٽر بلوچ ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، سنڌ اسٽيڊيز ڪلچرل جو علمي ۽ تنقيدي جائزو، سنڌ جي اساسي شاعري بابت ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جي ڄاڻ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون علمي خدمتون، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جون انگريزي، عربي، فارسي، اردو، سنڌي ادب بابت علمي خدمتون، خط نگاري، مغربي ۽ مشرقي ثقافت بابت تحقيق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خاڪا نگاري، ڊاڪٽر نبي بخش جي زندگيءَ جون ساروڻيون، سير سفر هن نمبر ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نمبر ۾
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شخصيت، فن ۽ فڪر، هن ڀاڱي ۾ ۴۱ مضمون/مقالا ۽ تاثر ڏنل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجن جي نظر ۾، هن ڀاڱي ۾ ۲۴ مضمون/مقالا، تاثر ڏنل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان پراون جي نظر ۾ ۵ مضمون/مقالا تاثر ڏنل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خاندان وارن جي نظر ۾، هن ڀاڱي ۾ ۵ مضمون/مقالا ۽ تاثر ڏنل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي منظوم ڀيٽا، ۱۷ شاعرن جي شاعري ڏنل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بابت هن ”تَخَيُل“ جي خاص نمبر ۾ مضمونن/مقالن کي انهن جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي اهميت جي بنياد تي ترتيب ڏنو ويو آهي.
اداري جي علمي ادبي ماهرن ۽ صلاحڪارن جي محنتن جو هيءُ اعليٰ ثمر آهي، جنهن وسيلي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سڄي ڄمار جي، ادبي ۽ علمي پورهئي کي پسي سگهجي ٿو. ”تَخَيُل“ پنهنجي ادبي سفر جي ٻئي سال ۾ داخلا ٿيڻ کان اڳ عالمي شهرت ماڻيندڙ عالم ۽ اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شخصيت، فن ۽ فڪر ترتيب ڏئي، سنڌي ادب جي هڪ گهن گهريئي، سنڌي ٻولي ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو، شاهه سائين جي پارکو بابت دنيا کي آگاهي ڏيڻ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي علمي ادبي حيثيت موجب کيس علمي ادبي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪيل ۽ علمي پورهيو، نهايت ئي اعليٰ قسم جو مڃتا ايوارڊ به آهي، ته سندس علمي، ادبي پورهيي جو قدر ۽ احترام به آهي. سنڌي ٻوليءَ جي لغت، لوڪ ادب، شاهه لطيف تي تحقيق، توڻي ٻين ادبي صنفن تي ڪيل تحقيقي ڪم، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اعليٰ علمي، ادبي صلاحيتن جو اعتراف آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب فخر ڪري سگهي ٿو، دنيا کي ڏيکاري سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي ۽ ادب ڪيترو قديم ۽ عظيم آهي، جنهن جي لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو نالو وٺڻ سان ئي ٻولي ۽ ادب جي درياهه ۾ تحقيق جون ڇوليون اڀرن ٿيون جيڪي ٻولي ۽ ادب کي سيراب ڪن ٿيون، مارئي اڪيڊمي جي پاران شايع ٿيندڙ ”تَخَيُل“ جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  نمبر ۶۸۰ صفحن تي ڦهليل آهي، جنهن جو ملهه ۱۰۰۰ رپيا رکيو ويو آهي،  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خوبصورت تصوير ٽائيٽل تي ڏنل آهي، جنهن کي نه رڳو پڙهڻ گهرجي ۽ کيس سانڍي رکجي. ڇاڪاڻ جو هي هڪ علمي خزانو آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ ضروري آهي. ”تَخَيُل“ جي هن نمبر سان هڪ نئين روايت سامهون آئي آهي، اڳتي هلي هن تسلسل کي قائم رکندي. مارئي اڪيڊمي پنهنجو علمي، ادبي سفري جاري رکندي پڙهندڙن جي علمي اڃ اجهائيندي رهندي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو علمي، ادبي، پورهيو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب، خاص ڪري لغات، لطيفيات، لوڪ ادب ۽ تاريخ شناسيءَ جي حوالي سان نهايت ئي اعليٰ روايتن جو امين آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سموري ڄمار علمي، ادبي ادارن جي اڏاوت ڪندي گذاري ۽ پنهنجي زندگيءَ جو پل پل سڪارتو گذاريندي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي. سندس محنتن جي مڃتا ۾ هي خامي ”تَخَيُل“ جو نمبر ترتيب ڏئي شايع ڪيو ويو آهي.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سوين سالگرهه جي موقعي تي
ابراهيم  لاشاري
سنڌي، ادب، تاريخ، ثقافت، آثاري قديمه، سنڌي ٻولي، لوڪ ادب، لطيف شناسي، سنڌي، عربي، فارسي، اردو ٻولين جو ڄاڻو ناميارو اسڪالر ۲۱ صدي جي تاريخ ساز شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تذڪري ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ جي حيثيت نالي ماتر آهي .
سنڌ جو هي روشن ڏيئو علي محمد خان لغاري جي گهر ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع آچر ڏينهن  تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو پاڻ اڃا ڇهن مهينن جو مس هو ته پنهنجي والد جي سائي کان محروم ٿي ويو، سندس والد علي محمد لغاري ڦوهه جوانيءَ ۾ ئي رب سائين کي پيارو ٿي ويو هو، سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار سندس چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو جنهن شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هڪ ندو ڀائي وسومل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جنهن وٽ هندڪا اکر سکيو، تنهن بعد ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ پرائمري تعليم وٺي وڌيڪ نصابي تعليم لاءَ ۱۹۲۹ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلا ورتي.
۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۴۱ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۱۹۴۳ع منجهان ايم اي تنهن بعد ايل ايل بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب محنت ڪرڻ کان هٿ نه کنيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ پاڻ ۱۶ آگسٽ ۱۹۴۶ع تي اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو جتان پي ايڇ ڊي جي اعلي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۹ع ۾ پنهنجي وطن واپس وريو، تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن جي اداري اقوام متحده۾ نوڪري جي آڇ ٿي مگر ڊاڪٽر صاحب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي، پاڻ پنهنجي وطن پياري پاڪستان ۽ سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ ۱۹۴۹کان آگسٽ ۱۹۵۰ تائين سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي، گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو، ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جا علمي ڪارناما سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل آهن سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو، ته سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب تي لکڻيون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن ،
ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پهريان ڪجهه وقت لاءَ حڪومت پاڪستان جي محڪمه اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو جنهن کان پوءَ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو، ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن صاحب تعليم ۽  تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعليٰ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، تنهن بعد جلد پاڻ ۱۹۵۱ ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جي پهرئين استاد ۽ سربراهه جو به اعزاز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي مليو .
ان زماني ۾ ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو انهي کان پوءِ هڪ سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو، پاڻ پهرين جولاءِ ۱۹۷۹ تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق، تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هن عهدي تي آگسٽ ۱۹۸۲ تائين رهيو ۱۹۸۳ کان ۱۹۹۰ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو. جنهن کان پوءِ سال ۱۹۹۰ع کان ۶ مارچ ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (سنڌي لينگويج اٿارٽي) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو پاڻ ڪافي وقت کان علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ وڌي اٿل آهن، تصنيف ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم ادب لغت شاعري تاريخ ثقافت موسيقي لطيفيات ۽ آثار قديمه تي لاجواب ڪتاب مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا آٿس جن کي علمي ادبي دنيا ۾ تحسين نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين ٻه ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪليات سانگي، ڪليات حمل، ڪلام نواب ولي محمد لغاري ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام ترتيب ڏئي ڇپايو.
ڊاڪٽر صاحب لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ (شاهه جو رسالو) به ترتيب ڏنو ڊاڪٽر صاحب ۳۳ سالن جي ادبي پورهئي ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال ۲۰۰۰ ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ۾ شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه شاعري به ڪئي پاڻ راڳ جو به شوقين هو هن فن جي دنيا ۾ سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. ڊاڪٽر صاحب جو ملهه جي فن کي به مقبول ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هيو، پاڻ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪرڻ جو انتظام ڪيائين ۽ ملهه ايسوسيئيشن به ٺهرايائين،
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب عالم اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان ٻاهرين ملڪن يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ شامل ٿي پياري پاڪستان جي نمائندگي ڪيترا ئي ڀيرا ڪندو رهيو جنهن منجهه آمريڪا، ڪئنڊا، انگلينڊ، ايران، شام مراڪش، فرانس، سعودي عرب، لبنان، ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق، ڪويت، الجزائر وغيره جو سفر ڪري ڇڪو هو.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا اديب صدين تائين ساراهيندا رهندا، پاڻ سموري ڪم جو باب بند ڪري دل جي تڪليف سبب ۶ اپريل ۲۰۱۱ اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويوسندس ادبي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي اڄ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۱۷ع هن مهان اديب جي ۱۰۰ سالگرهه سڄي سنڌ جي ادبي لڏي جا ساٿي ملهائيندا.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
هڪ بيمثال عالم!
شوڪت حسين شورو
فرانس جي صدر ڊيگال نامور فلاسافر ۽ ليکڪ سارتر لاءِ چيو هو ته ”سارتر پاڻ فرانس آهي.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ سراپا سنڌ هو. جهڙي ريت سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پايي جو ٻيو ڪو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي، اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي پايي جو ٻيو ڪو عالم پيدا نه ٿي سگهيو آهي. هو سنڌ ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو يڪتا عالم آهي، جنهن جي املهه علمي خزاني مان سنڌ جو نه رڳو موجوده نسل، پر ايندڙ ڪيترن نسلن جا لکندڙ ۽ پڙهندڙ فيضياب ٿيندا رهندا. ڊاڪٽر بلوچ جي گڏ ڪيل علمي ذخيري جي وسيلي ٻاهرين ملڪن جا عالم سنڌ کي سڃاڻي سگهندا.  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي شهداد پور تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ ڄائو، سندس والد علي محمد لغاري هاري هو. ڊاڪٽر بلوچ اڃا چئن پنجن مهينن جو هو ته سندس والد گذاري ويو. سندس والد وصيعت ڪئي هئي ته ”منهنجي ڇوڪري کي پڙهائجو“ هو چئن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏي ڳوٺ جي دڪاندار واسومل وٽ هٽ تي وٺي وڃي کيس ويهاريو ته هٽڪا اکر سکي. واسومل هن کي پٽيءَ تي ٿورا ٿورا اکر لکي ڏنا ۽ ڊاڪٽر بلوچ سگهو ئي سڄي پٽي ياد ڪري ويو. پوءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ سنڌي اسڪول کليو ته کيس اتي داخل ڪرايو ويو. هو ٻن ٽن ٻارن سان گڏجي اتي پڙهڻ لاءِ ويندو هو. سندس پير اگهاڙا هوندا هئا. آرهڙ جي اُس ۾ سڙندا هئا ۽ ڪنڊا لڳندا هئا. پرائمري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن مدرسه هاءِ اسڪول نوشهري فيروز ۾ داخلا ورتي. هن ٽئين درجي ۾ اسڪالرشپ جو امتحان ڏنو ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. کيس ماهوار 9 رپيا وظيفو ملڻ لڳو. ۱۹۳۶ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ٻيو نمبر اچڻ جي ڪري هن کي ماهوار ۲۰ رپيا اسڪالرشپ ملي. جهوناڳڙهه جي نواب ڪاليج قائم ڪرايو هو، جتي مسلمان شاگردن کان في ڪا نه ورتي ويندي هئي. ڊاڪٽر بلوچ بهاءُ الدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ پڙهڻ ويو. اتي هو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. خاڪسار ورهاڱي جي حامي ڪا نه هئي. ڊاڪٽر بلوچ کي خاڪسار جي ورهاڱي مخالف رويي متاثر ڪيو هو. ڊاڪٽر بلوچ ۱۹۴۱ع ۾ بي اي جي امتحان ۾ پنهنجي ڪاليج ۾پهريون نمبر ۽ بمبئي يونيورسٽي ۾ ٽيون نمبر آيو. پوءِ هن ايم اي ڪرڻ جي لاءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخلا ورتي. ۱۹۴۳ع ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ هو خاڪسار ڇڏي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. هو سنڌ ۾ موٽي اچڻ کان پوءِ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي ۾ استاد مقرر ٿيو. انگلنڊ جي سرڪار پرڏيهه لاءِ اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو ته ڊاڪٽر بلوچ دهلي وڃي چٽا ڀيٽيءَ جي امتحان ۾ ويٺو ۽ چونڊجي ويو. کيس ايم ايڊ ۽ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ موڪليو ويو. آمريڪا مان واپس اچڻ کان پوءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهريون پروفيسر مقرر ڪيو، جتي هن ۲۵ سال پڙهايو. هو ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ان کان پوءِ اسلام آباد ۾ وزارتِ تعليم ۽ وزارت ثقافت ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪيائين. کيس نئين قائم ٿيل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر بلوچ لکڻ جي شروعات ۱۹۴۵ع ۾ ”گڏهه“ جي نالي سان ڪتاب لکڻ سان ڪئي. سنڌ جي ماڻهن کي اميد هئي ته بمبئي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ترقي ڪندي، پر مسلمان اڳواڻ اميدن تي پورو لهي نه سگهيا. ڊاڪٽر بلوچ مسلمان سياستدانن تي طنزيه طور ”گڏهه“ نالي سان ڪتابڙو لکيو: ”بهتر ٿيندو ته سياسي ليڊرن بدران گڏهه کي پنهنجو ليڊر بنائجي، جيڪو خلق جو سچو خادم ۽ وڏي ۾ وڏو پورهيت آهي.“ ان کان پوءِ هن ٻيو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ لکيو، جيڪو لسٻيلي جي سنڌي سگهڙن بابت هو. اها ڄڻ سنڌي لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جي شروعات هئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب اسڪيم تحت ۴۲ ڪتاب سهيڙيا. ڊاڪٽر بلوچ ڏکيا ۽ تڪليف وارا سفر ڪري سنڌ جي جهر جهنگ، ڪوهستان، ڪاڇي، لاڙ، ٿر ۽ اتر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پهتو. سنڌي اساسي (ڪلاسِڪي) شاعري کي سهيڙڻ جو ڪم به ڊاڪٽر بلوچ ڪيو. جامع سنڌي لغات کان سواءِ هن سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقي جون تاريخون، سنڌي ثقافت تي تحقيقي ڪم کان سواءِ شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد مرتب ڪيا. هن اٽڪل سئو کن ڪتاب ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون سنڌي ۽ انگريزي ۾ لکيا. ڊاڪٽر بلوچ کي مختلف ادبي محفلن ۾ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا موقعا ته مون کي گهڻا مليا، پر هن سان ويجهڙائپ تڏهن ٿي جڏهن ۲۴ جنوري ۲۰۰۱ع ۾ آئون سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر ٿيس. ستت پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي خدمت ۾ حاضر ٿي مون کيس رهنمائي ڪرڻ جو عرض ڪيو. پاڻ نهايت شفقت سان مليو ۽ چيائين ”سنڌالاجي کي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کي هڪ بين الاقوامي سطح جو ادارو بنائڻ کپي. جيڪڏهن تون اهو ڪم ڪرڻ چاهين ٿو ته آئون ضرور تنهنجي مدد ڪندس.“ مون سنڌ الاجي ۾ ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺائڻ ۽ ميوزيم ۾ نمائشن ڪرائڻ  جي رٿا جوڙي، ان سلسلي ۾ پهريون سيمينار“ 21 صديءَ جو گهرجون ۽ سنڌ ۾ تعليم جو معيار“ ۲۸ آگسٽ ۲۰۰۱ع تي ڪوٺايو ويو، جنهن لاءِ مون ڊاڪٽر بلوچ کي خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ جو عرض ڪيو. چيائين ته ”ڳچ سالن کان سنڌ الاجي جا دروازا مون تي بند رهيا آهن، پر هاڻي تون آيو آهين ته آئون ضرور ايندس.“ ان کان پوءِ سنڌالاجي ۾ سندس اچڻ جو سلسلو باقاعدي شروع ٿيو ۽ فون تي به ڳالهه ٿيندي رهي. هن مون کي شروع ۾ چئي ڇڏيو هو ته ”توکي مون سان ملڻ جي لاءِ ٽائيم وٺڻ جي ضرورت ڪانهي. جڏهن به اچڻ چاهين، مون کي رڳو فون تي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندو ڪر.“ مون کي ياد ڪونهي ته پاڻ ڪڏهن مصروفيت جو سبب ڄاڻائي ملڻ کان انڪار ڪيو هجيس. مون سوچيو ته ڊاڪٽر بلوچ جا ٻين ماڻهن کي لکيل خط هٿ ڪري سنڌ الاجيءَ طرفان شايع ڪجن. جڏهن کيس اها ڳالهه ٻڌايم ته چيائين، ”بلي! پر خط هٿ ڪرڻ جو ڪم ڪير ڪندو؟ ماڻهن وٽ پاڻ هلي وڃڻو پوندو، تڏهن ڪم ٿيندو.“ مون چيو، ”سائين، آئون پاڻ وڃي خط هٿ ڪندس.“ مون اها رٿا سنڌ يونيورسٽي جي تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي جي اڳيان رکي. هن خوشيءَ سان رٿا منظور ڪئي ۽ سڄي سنڌ جي دوري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي طرفان هڪ گاڏي به ڏني. عثمان منگي، سگهڙ عبدالرحمان مهيسر ۽ ارشد بلوچ انهيءَ دوري ۾ مون سان گڏ هئا. ان کان پوءِ هڪ دورو ٻيو ڪيم. خط گڏ ڪري ڊاڪٽر صاحب جي خدمت ۾ آڻي حاضر ڪيم، جيڪي پاڻ نظر مان ڪڍي مون کي ڇپجڻ لاءِ ڏنائين. سندس لکيل خطن جو اهو ڪتاب ”سڄڻ ساريندي“ جي نالي سان سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جي خواهش هئي ته سنڌالاجي لائبريري ۾ سندس نالي سان بڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. حقيقت ۾ اها سنڌالاجيءَ لاءِ فخر جي ڳالهه هئي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ذاتي لائبريري مان سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي ڪتاب، رسالا، قلمي نسخا ۽ ٻيا لکپڙهه جا اهم ڪاغذ منهنجي حوالي ڪيا. اهو شاندار ڪارنر سنڌالاجي لائبريري ۾ قائم ڪيو ويو. سنڌالاجي جي ميوزيم ۾ پڻ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نالي سان ٻه ڪارنر قائم ڪيل آهن. پاڻ ڪجهه ناياب شيون ميوزيم لاءِ ڏنائين، جيڪي هڪ ڪمري ۾ سندس نالي سان محفوظ ڪيل آهن. ميوزيم ۾ سنڌ جي گذاري ويل نامور شخصيتن جا ڪارنر آهن، جن ۾ سندن ذاتي استعمال جون شيون رکيل آهن. مون کي خيال آيو ته ڊاڪٽر بلوچ هڪ Living Legend آهي. ايڏي وڏي شخصيت جو ڪارنر سندس حياتيءَ ۾ ئي قائم ٿيڻ کپي. پهرين ته کيس اها ڳالهه نه آئڙي، پر پوءِ منهنجي زور ڀرڻ تي نيٺ راضي ٿيو. هن پنهنجي ذاتي استعمال جون شيون منهنجي حوالي ڪيون. سنڌالاجي ميوزم جي ڪارڪنن محنت ڪري نه رڳو ڊاڪٽر بلوچ جو ذاتي ڪارنر سهڻي نموني ڊسپلي ڪيو، پر سنڌ ۾ ملهه راند جو به هڪ خوبصورت ڊايوراما تيار ڪيو، جنهن ۾ ملهه وڙهڻ جي منظر سان گڏ ملهه بابت ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل هڪ مضمون کي پينا فليڪس تي ڇپرائي رکيو ويو. منهنجي رٽائر ٿيڻ کان فقط پنچ ڏينهن اڳ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪارنر ۽ ملهه جي ڊايوراما جو افتتاح ڊاڪٽر بلوچ پاڻ ۽ مظهر الحق صديقي گڏجي ڪيو. ۲۰۰۸ع ۽ ۲۰۰۹ع ۾ مون سياري جي مند ۾ سنڌ الاجي پاران مچ ڪچهريون سجايون هيون. ڊاڪٽر بلوچ ٻئي ڀيرا انهن ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيو هو ۽ سنڌي لوڪ ادب بابت ڳالهايو هو.
ڊاڪٽر بلوچ ۾ مون ڪڏهن به هڪ وڏي عالم جو تڪبر ۽ وڏائي نه ڏٺي. باقي اهو ضرور هو ته هو پنهنجي راءِ تي مضبوطيءَ سان قائم رهندو هو. ڊاڪٽر بلوچ بابت ڪجهه غلط فهميون به پيدا ڪيون ويون، پر حقيقت اها آهي ته هن کي سنڌ سان لڳاءُ ۽ بيحد محبت هئي. هن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي مٿانهون رکيو ۽ ان جي مٿانهين پڻي کي دليلن ۽ حوالن سان ساراهيو آهي. سنڌ جي مان شان کي وڌائڻ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جنهن لاءِ هو سالن کان چپ چاپ، بنا پاڻ پڏائڻ جي ڪم ڪندو رهيو.


ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌي ادب ۾ سندس خدمتون
پروين موسيٰ ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ لاءِ باعث فخر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ضلعو سانگهڙ، تعلقو سنجهورو جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ ۱۹۱۷ع ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت، آثارِ قديمه، سنڌي موسيقي، تاريخ، لطيفيات، لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جهڙن موضوعن کي قلم جي گرفت ۾ تحقيق جي پئماني سان پروڙي پيش ڪندڙ هڪ اڻ ورڇ محنتي محقق جنهن جون علمي ۽ ادبي خدمتون ڪڏهن به وسارڻ جوڳيون نه آهن. ورهاڱي کان پوءِ جي تحقيقي ۽ علمي ميدان جو سرواڻ کين سڏجي ته بي جا نه ٿيندو. سندن تحقيقي ڪم بي حساب آهي. هتي مختصر ذڪر ڪجي ٿو، خاص طور لوڪ ادب ۽ لوڪ شاعريءَ جي ڪم تي روشني وجهجي ٿي.
ڊاڪٽر صاحب جي تصنيفات ۾ لغت جي ڪمن ۾ ”جامع سنڌي لغات“، ”سنڌي اردو لغت“، (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سان گڏ) ”فارسي لغت“ اهم آهن. آخوند عبدالرحيم عباسيءَ جي لکيل ”جواهر لغات اڪيچار“ کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. لطيفيات ۾ ”شاهه جي رسالي جا سرچشما“، ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“، ”شاهه عبداللطيف تحقيقي مضمون“، ”سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ“ ۽ ”شاهه جو رسالو“ (ترتيب ۱۰ جلد) آهن. ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل ”شاهه جو رسالو سندن اڻ ٿڪ محنت جو نشان آهي. هن رسالي جي تياريءَ ۾ کين وڏو عرصو لڳو. ۶۰۲۰ صفحن تي مشتمل هيءُ منفرد لطيفي ايڊيشن ۵۰ قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڌارئين ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. جدا ڪيل اهم ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ الڳ جلد ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏوگڏ مشڪل لطيفي لفظن جي لغات ”روشني“ جي نالي سان ترتيب ڏني ويئي آهي. هن رسالي ۾ شاهه جي سوانح ڪلام ۽ راڳ جي باري ۾ مفصل مقدمو آهي ۽ شاهه جي ڪلام جي پرک لاءِ اٺ معياري اصول پڻ ڄاڻايل آهن، جن تحت دليلن سان ڌاريو ڪلام جدا ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ لطيفيات جا ڪتاب پڻ ڊاڪٽر نبي بخش جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيا آهن، جن ۾ لطيف سالگرهه مخزن جا ڪافي نمبر آهن. ازانسواءِ ”لطائفِ لطيفي“ (مير سانگي) ۽ ”احوال شاهه عبداللطيف“ (قليچ) جي ڪتابن جي ايڊيٽنگ ۽ ترتيب ڪئي اٿن.
گهڻن ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام ترتيب ڏيئي ڇپرايو اٿن، جن ۾ ”ڪليات حمل“،”خليفي صاحب جو رسالو“، ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، ”قاضي قادن جو رسالو“، ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو“، ”راڳ نامو صوفي صادق فقير“، ”ڪليات سانگي“،  ”رسالو خان محمد زئي“ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام شامل آهي. انهن ڪتابن جا بلوچ صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ مقدما معلوماتي آهن. ايئن پاڻ ڪيترائي مقدما مختلف علمي، ادبي، تاريخي ۽ ٻين موضوعن جي ڪتابن جا لکيا اٿن، جيڪي ڪتاب بابت مفصل ۽ جامع ڄاڻ ڏين ٿا.
تاريخ ۽ ثقافت جي حوالي سان سندن ڪم تمام اهم آهي. ”فتح نامه سنڌ“ (چچ نامو)، ”تاريخ معصومي“، ”تحفة الڪرام“ جهڙن ناياب ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، شايع ڪرايائون. سندن ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ مشهور ۽ مستند حواله جاتي ڪتاب آهي. ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“، ”سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو“ ٻوليءَ جي باري ۾ لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ڇپيل سندن اهم ڪتاب آهن. انيڪ مضمون، مقالا ۽ تقريرون مختلف موضوعن تي پيش ڪيا اٿن، جن مان ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏيئي سگهجن ٿا.
ڊاڪٽر صاحب جا اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب گهڻن تاريخي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، جن جو تعداد ڪافي آهي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ فارسي ۽ عربيءَ جي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، مقدما لکي شايع ڪرايو اٿن.
ڊاڪٽر صاحب کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترن ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ ”ستاره قائداعظم“، ”پرائيڊ آف پرفارمينس ۱۹۷۹ع، اعزازِ ڪمال ۱۹۹۱ع، ستاره امتياز ۲۰۰۱ع صدارتي ايوارڊ شامل آهن.
بلوچ صاحب جي باري ۾ ذاتي احوال سندن ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ (ٽي ڀاڱا) مان ملي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب ۽ تحقيقي ڪمن لاءِ  ڪيل مسافريون، محنتون، ماڻهن سان ملاقاتون ذڪر ڪيل آهن ته مختلف موضوعن تي سندن ويچار ڊائريءَ جي صورت ۾ آهن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو ”ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“ ۽ تاج جويو جو ”ڊاڪٽربلوچ هڪ مثالي عالم“ (جنهن ۾ ڪيترن ئي اهلِ قلم جا ڊاڪٽر نبي بخش جي باري ۾ لکيل ليک آهن) اهم ڪتاب آهن.
لوڪ ادب ڪنهن به ملڪ جي ادب جي سڃاڻپ ۽ ان جو اصل ۽ نسل آهي. هيءُ ادب عوام جي اُڌمن، امنگن ۽ جذبن جي ترجماني سندن زباني آهي، جنهن جي بقا فقط ۽ فقط حافظي جي قوت تي هئي. جيڪڏهن ان کي تحريري طور محفوظ نه ڪيو وڃي ها ته ڪيترن بزرگن، سگهڙن، سياڻن، شاعرن ۽ سڄاڻن جي هن دنيا مان موڪلائڻ سبب اهو علم ضايع ٿيندو وڃي ها. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جَرَ جهنگ جهاڳي، ڪشالا ڪاٽي، ڪيئن سلسليوار مسافريون ڪري، هيءُ انمول خزانو تحريري طور سنڌي ادب ۾ محفوظ ڪيو آهي.
”لوڪ ادب کي ٻن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون نثري حصو ۽ ٻيو نظمي حصو. نثري حصي ۾ لوڪ ڪهاڻيون اچي وڃن ٿيون ۽ نظمي حصي ۾ لوڪ شاعري“.
ڊاڪٽر نبي بخش صاحب مٿين ٻنهي صنفن ۾ ڪل ٽيتاليهه ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب رٿا ۱۹۵۶ع تحت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مواد سهيڙي، سالن جي اڻ ٿڪ محنت سان تيار ڪيا، جن ۾ لاڳاپيل موضوعن تي تفصيلي مقدما پڻ ڏنل آهن.
لوڪ ڪهاڻين جي ستن جلدن ۾ ڪافي ڪهاڻيون آيل آهن. هر جلد کي ان جي مناسبت سان عنوان ڏنل آهي. بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڪهاڻيون، جنن پرين جون ڪهاڻيون، پکين ۽ جانورن جون ڪهاڻيون، درويشن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، شهزادن ۽ شهزادين، راڻين جون ڪهاڻيون، مطلب ته سنڌ ۾ مروج ڪيترين ئي آکاڻين/ ڪهاڻين کي ڪتابي شڪل ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري آندو ويو آهي. ٻين ڪتابن ۾ ”لوڪ گيت“، ”ڪافيون“، (۳ جلد) ”پروليون“، ”ڏٺ ۽ معما“، ”مداحون ۽ مناجات“، ”مناظرا“، ”بيت“، ”ڏور“ ”ٽيهه اکريون“، ”ڳيچ“، ”ڳاهن سان ڳالهيون“، ”هنر“، ”ڳجهارت“، ”معجزا“، ”سينگار“، ”مولود“، هفتا ڏينهن ۽ راتيون ۽ مهينا“، ”ڏهس“، ”جنگ ناما“، ”لاکو ڦلاڻي“، هرگنيو“ ۽ ٻيا آهن. ”ٻيلاين جا ٻول“ ٻيلي جي شاعرن جي شاعريءَ جي باري ۾ ڪتاب پاڻ انهيءَ لوڪ ادب رٿا کان اڳ لکيو هئائون. هيٺ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪرايل لوڪ ادب جي چند ڪتابن جو مختصر احوال ڏجي ٿو.
مداحون ۽ مناجات سنڌي ادبي بورڊ ۴۹۹ صفحن جي هن ڪتاب جي اشاعت نومبر ۱۹۵۹ع ۾ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي اهم شاعرن جو مدحي ڪلام ۽ مناجاتون شامل آهن.
مولود: لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ چوٿون نمبر ڪتاب چار سؤ ويهن صفحن تي مشتمل ۱۹۶۱ع ۾ شايع ٿيو. لفظ ”مولود“ جي تفصيلي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکن ٿا ته، ”صنف شعر جي حيثيت ۾ مولود ”وائي“ يا ”ڪافي“، واري دفعي ۾ شامل آهي. قالب ۽ هيئت کان منجهن فرق ڪونهي، پر معنيٰ توڙي موسيقيءَ جي لحاظ کان مولود وائيءَ کان نرالي حيثيت رکي ٿو.
ٽيهه اکريون: ٽيهه اکريون ٻن جلدن تي مشتمل لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ ڇهون نمبر ڪتاب آهي. ٻيو جلد چار سؤ ستهٺ صفحن تي آڌاريل ۱۹۶۱ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ ٽيهه اکريءَ جي صنف جا ۶۲ شاعر ڪلام جي مثالن سان ذڪر ڪيل آهن. موضوع تي مفصل مقدمو لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي جو ڪتاب جي پويان انگريزيءَ ۾ پڻ ڏنل آهي. ڪجهه سرائڪي ٽيهه اکرين جو ڪلام پڻ شامل آهي. ٽيهه اکريءَ جو موضوع مناجات، نصيحت، سلوڪ ۽ مدح نموني جو هوندو آهي. پيش ڪيل مواد جي وضاحت ۾ ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته ”نظم جي اندروني فني نزاڪت، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فصاحت توڙي معنيٰ ۽ بلاغت جي خيال کان گهڻيون ٽيهه اکريون معياري آهن“.
شاعرن ۾ حافظ سليمان ”سائل“، رکيل شاهه، علي محمد قادري، محمد عثمان ميمڻ، نوح پنهور، ڄام خان چانڊيو، طالب پلي، عثمان کٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، احمد خان ”آصف“، سرائيڪي شاعرن ۾ روحل فقير، حسين فقير ديدڙ، حمل لغاري، محمد فقير کٽياڻ ۽ ٻين جو ڪلام آهي.
هفتا، ڏينهن راتيون ۽ مهينا: جولاءِ ۱۹۶۱ع ۾ شايع ٿيل چار سؤ ويهن صفحن جو هيءُ لوڪ ادب جي سلسلي جو ڪتاب اشاعتي ترتيب ۾ ستون نمبر آهي. نئين قسم جي عنوان واري هن ڪتاب ۾ شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ ڪلاسيڪل داستانن ذريعي فراق ۽ سڪ جو وڇوڙو ڏينهن، راتين، هفتن، مهينن، مُندن ۽ سالن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، انهيءَ منتخب ڪلام کي الڳ ترتيب سان جمع ڪري، مٿيون عنوان ڏيئي شايع ڪيو ويو آهي.
مناظرا: مناظرو لوڪ شاعريءَ جي هڪ اهم صنف آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ انيڪ مناظرا موجود آهن. هيءُ ضخيم ڪتاب ۷۱۴ صفحن تي آڌاريل آهي، جو اپريل ۱۹۶۱ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب هن صنف جي هيئت تي لکي ٿو ته:
”مناظرا عام سنڌي شاعريءَ جو نج ۽ نادر نمونو آهن. اڪثر مناظرا ٻن ڌرين جي وچ ۾ زباني جهيڙا آهن. ڪي وري محبتن وارا آمهان سامهان سوال جواب آهن، جن ۾ جهيڙي جوذڪر ڪونهي. مناظري جي اندروني سٽاءَ ۾ ٻن منهن مقابل ڌرين جوهجڻ لازمي آهي“. (۵)
مناظرا سهڻن لفطن، اصطلاحن، قرآني آيتن ۽ حديثن سان سينگاريل هئڻ ڪري معياري سنڌي ادب جو اهڃاڻ آهن.
پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول: ۱۹۶۵ع ۾ لوڪ ادب جي سلسلي جو هيءُ ٻارهون نمبر ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو تيرهن بابن ۽ ٻه سؤ ٻيانوي صفحن تي مبني آهي. هن ۾ پرولين جا قسم، ڏٺون، معما، سگهڙپائيءَ جا ٻول ۽ عاقلاڻا قول کولي سمجهايا ويا آهن. مٿين صنفن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي، جنهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ ڪافي مشڪل امر هو، ته به جَس آهي سائين نبي بخش جي محنتن کي، جو پاڻ لوڪ ادب جي تقريبًا هر صنف تي مواد گڏ ڪيو اٿن. ڪتاب ۾ هن موضوع تي ڪافي مثالي مواد ڏنل آهي.
پروليءَ جي فن تي لکن ٿا ته: ”پروليون انسان ذات جي ذهانت ۽ ذڪاوت، ظرافت ۽ فقاهت جا آڳاٽا آثار ۽ نمايان نشان آهن“. (۶) مثال طور:
سون پرکجي ڪسوٽي، رپو پرکجي باهه،
ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.
ڏور: جنوري ۱۹۷۰ع ۾ ڏور جي بيتن تي مشتمل ۷۳۸ صفحن جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو. ”ڏور“ جي جنس جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ”ڏور جي عبارت تمثيل تي اڏيل آهي. ڏور جو مستقل قالب ”بيت“ آهي“. (۷)
لوڪ گيت: لوڪ سلسلي جو سترهون نمبر هيءُ ڪتاب آڪٽوبر ۱۹۶۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اسلاميه پرنٽنگ پريس مان شايع ڪرايو. ۴۰۵ صفحن جي لوڪ گيتن جي هن ڪتاب ۾ ۵۷ گيتن جي نمونن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ جمالو، مورو، ڇلو، لولي، همرچو، ڪرهو، لاڻو، ڪَجليو، گولاڙيو ۽ ٻيا گيت شامل آهن، جن جي موضوعن جي وضاحت ڊاڪٽر صاحب ڏني آهي ته اهو به ڄاڻايو اٿن ته اهي ڪهڙن علائقن سان منسوب آهن.
بيت: سنڌي شاعريءَ جي قديم ترين صنف بيت تي مشتمل۵۲۲ صفحن جو هيءُ ڪتاب ۱۹۷۱ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي ۱۵۶ شاعرن ۾ قاضي قاضن، ميون علي شيرازي، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، اشرف شاهه، ڇتو سانگي، رمضان ڪنڀر، صاحبڏنو شيخ، گل حسن لغاري ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب بيت جي قدامت، بنيادي سٽا ۽ ارتقا، هيئت، فني خوبيون، معنوي ارتقا ۽ مواد جي ترتيب سمجهائي آهي ۽ گڏ ڏيڍ سؤ شاعرن جي شاعريءَ جي مثالن کان علاوه انهن جي سوانح حيات تي روشني وڌي ويئي آهي، جنهن ۾ اساسي شاعريءَ سان گڏ نئين دور جي شاعرن جي شاعري به شامل آهي.
ڪافيون: ڪافي سنڌي شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. لوڪ ادب جي هن سلسلي ۾ ڪافين جا ۳ جلد بالترتيب ۱۹۸۵ع، ۱۹۸۷ع ۽ ۱۹۹۰ع ۾ شايع ٿيا آهن، جيڪي ڪل ۱۵۳۲ صفحن تي آڌاريل آهن. ٽنهي جلدن ۾ دورن جي حساب سان ورهاست ڪري ڪافين جو مواد ڏنل آهي.
ڳاهن سان ڳالهيون: لوڪ ادب جي ڇپائيءَ جي سلسلي جو ۲۹ نمبر ڪتاب ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ ڏمڻ سوناري، سونل، سڏ يونٽ ۽ سارنگاهه، گامون سچار، وڪيو ڏاتار، جسوڌن بادشاهه ۽ ٻين سان منسوب ڳاهون آهن، جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سگهڙن معرفت دستياب ٿيون.
مشهور سنڌي قصا ۽ عشقيه داستان: هيءُ ٽيهون نمبر ڪتاب ۱۹۷۲ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي اهم عشقيه قصن، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي ۽ ٻين جي احوال ۾ روايتن سان گڏ مل محمود، حفيظ تيوڻي، طالب پلي، حاجي فقير جا بيت ڏنل آهن.
رسمون رواج ساٺ ۽ سؤڻ: چوڏهن بابن تي آڌاريل سنڌ جي ثقافت جي اهم رسمن ۽ ريتن تي مبني هن ڪتاب ۾ گهرو زندگيءَ جي ڪيترن ئي اهم سؤڻن ساٺن ۽ ريتن رواجن کي ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻار جي ڄمڻ کان جهنڊَ لهرائڻ، سنڀال، ڇٺي، طهر، سڱ، مڱڻا، شاديون، آداب اخلاق، ڌنڌا، سڀاڳ نڀاڳ، نذر، پِٽَ پاراتو، بيماريون علاج ۽ ٻيا موضوع سنڌين جي نظرين، سوچن جي اپٽار ۽ ريتن روايتن مطابق ذڪر ڪيل آهن. موضوع جي وضاحت تي ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا ته،
”رسمن، رواجن، سوڻن ۽ ساٺن جو مطالعو علم الانسان جو هڪ مکيه باب آهي. انهيءَ تحت ئي سنڌي قوم جي ترجماني ڪيل آهي“. (۱۲)
جيڪڏهن هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب وارن ڪتابن جو مڪمل تفصيل ڏبو ته پوءِ هيءُ مضمون نه، بلڪه هڪ چڱيرو ڪتاب ٿي پوندو، انهيءَ ڪري مختصرًا ڪجهه ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي ته جيئن پڙهندڙن کي اندازو ٿئي ته هن مهربان محقق جون سنڌي ادب ۽ خاص طور لوڪ ادب جي لاءِ ڪيتريون اهم خدمتون ڪيل آهن.
ڊاڪٽر بلوچ هڪ منظم زندگي گهاريندڙ نيڪ دل، بااخلاق ۽ بلند ڪردار انسان هئا. سندن سادي سڀاءَ ۾ همت، عزم ۽ اعليٰ حوصلي سان گڏ نهٺائي ۽ خلوص شامل هو. اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ واريون سندن خدمتون سنڌ جي تاريخ جو هڪ سنهري باب آهن.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
هڪ مثالي ماڻهو
مرتضيٰ سيال
سنڌ جو برک ڏاهو ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اسان کان وڇڙي ويو آهي، يقينن سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اهو تمام وڏو نقصان آهي. ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جو اهڙو ليجنڊ هو، جنهن جون خدمتون صدين تائين ياد رکيون وينديون. ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي اکيون کوليندڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ننڍي هوندي کان ئي لاتعداد صلاحيتن جو مالڪ هو. سندس تعليم ۽ تربيت وارو رڪارڊ به نهايت شاندار آهي. هن ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. گريجوئيشن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان، ايم اي ۽ ايل ايل بي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان پاس ڪئي. پڙهڻ دوران هن سياست ۾ به عملي ڪردار ادا ڪيو، گهڻي وقت تائين خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن اتي مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن پڻ ٺاهي. ڊاڪٽر بلوچ ايم ايڊ ۽ پي ايڇ ڊي ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ڪئي. ۱۹۵۱ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مشوري تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد طور پنهنجون خدمتون ارپڻ شروع ڪيون. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو باني ۽ پهريون سربراهه به ڊاڪٽر بلوچ صاحب هو. ٽن سالن لاءِ هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو. سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، تعليم توڙي ثقافتي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو ڪنٽريبيوشن تاريخي ۽ تمام وڏو آهي. خاص طور تي لوڪ ادب کي جنهن نموني بلوچ صاحب سهيڙيو ان جو مثال نه ٿو ملي. هي عظيم انسان آخري گهڙيءَ تائين ادب، ٻولي توڙي ديس لاءِ ڪم ڪندو رهيو. هڪ سچي عالم جيان پنهنجو هڪ پل به ضايع ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قوم کي ارپيندو رهيو. سنڌ يقينن هڪ وڏي، مثالي انسان ۽ اسڪالر کان محروم ٿي وئي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ کي جيڪو علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثو ڏنو آهي اهو تمام وڏو آهي، اسان کي نه رڳو ان ورثي کي سنڀالڻو آهي پر ان ڪم کي جاري به رکڻو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي نالي سان هڪ ادارو جڙيل آهي جنهن کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن بلوچ صاحب جي ڪيل ڪم کي سهيڙڻ سان گڏ ان تي وڌيڪ تحقيق پڻ ٿي سگهي. ڊاڪٽر بلوچ کي خراج ڏيڻ جو بهترين طريقو به اهوئي آهي. لوڪ ڏاهپ جو جيڪو خزانو هن اسان لاءِ ڇڏيو آهي ان جي وارثي ڪرڻ جي ذميواري اسان تي آهي. اسان جي سماج جو اهو تمام وڏو الميو آهي جو پنج سيڪڙو ماڻهو به پنهنجن فرضن جو پورائو ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان نه ٿا ڪن. پنهنجن ادارن، علم، ادب توڙي ٻوليءَ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جيان ذميواريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته وڏيون ڪاميابيون ماڻي سگهجن ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي زندگيءَ جي ۹۴ سالن ۾ ايترو ته ڪم ڪري ويو آهي جو ان جو ڪم ڏسي سچ پچ ته ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي، سندس عمر ۽ ڪم جي ڀيٽ ڪبي ته سندس ڪم تمام گهڻو ۽ وڏو محسوس ٿيندو. هو هڪ شخص نه پر مڪمل ادارو هو ۽ سندس ڪم به گهڻ پاسائو ۽ بهترين آهي. آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ هو چاهي ها ته اتي ڪنهن اداري ۾ علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري ڀرپور مڃتا ماڻي ها، کيس اهڙيون آڇون به هيون پر هن پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ کي ارپڻ چاهيو. سنڌ سندس ساهه ۾ سمايل هئي ۽ اهوئي سبب آهي جو هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ لاءِ ڪم ڪندو رهيو. اسين يقينن تمام گهڻا خوش نصيب آهيون جو ڊاڪٽر بلوچ جهڙا اعليٰ پائي جا عالم ۽ محقق سنڌ ۾ پيدا ٿيا. ان سلسلي کي قائم رکڻ ڀلي اسان جي هٿ ۾ نه هجي پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن عالمن جي ڇڏيل علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي جي وارثي ڪري ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجون قومي ذميواريون پوريون ڪريون ته به وڏي تبديلي آڻي سگهون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ جيترا ڪتاب لکيا آهن اسين ايترا ڪتاب پڙهي به ناهيون سگهيا. ڏيڍ سؤ کان مٿي ڪتاب لکڻ، انهن جي پروف ريڊنگ ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ سهيڙڻ ڪو معمولي ڪم ناهي، نه رڳو اهو پر بلوچ صاحب سنڌ جو چپو چپو گهميو ۽ ادبي  خزانو گڏ ڪيو. يقينن اهو عشق ئي هئو جنهن ڊاڪٽر صاحب کان ايترو ڪم ڪرايو. اهو سچ آهي ته اسين هڪ عظيم اسڪالر کان محروم ٿيا آهيون، اهڙا لائق انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر بلوچ جو وڇوڙو سنڌ جو تمام وڏو نقصان آهي پر جيڪڏهن سندس ڪم کي جاري رکيو وڃي ۽ ان جي ورثي جي صحيح نموني وارثي ڪئي وڃي ته سندس وڇوڙي واري ڏک کي سگهه ۽ اتساهه ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن به عظيم انسان يا اداري جي پڄاڻي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ان جي ڪم کي فل اسٽاپ اچي ويندو آهي، ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو ته سندس وڇوڙي کي به سندس پڄاڻي تصور نه ڪيو ويندو.
پنهنجن عالمن ۽ محسنن تي فخر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ فخر ڪرڻ به گهرجي پر اهم ڳالهه اِها آهي ته اسان سندن اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪيتري دلچسپي ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ٿا ڪريون. واهه واهه ڪرڻ سولي ڳالهه آهي ۽ اهو ڪم هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر عملي ڪم واري تسلسل کي جاري رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان وٽ تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ذميواريءَ سان پنهنجو ڪم ڪن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو سنڌ جي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن کي ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي، ايجوڪيشن فيڪلٽي، علامه آءِ آءِ قاضي چيئر ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي جو بنياد وجهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. نه رڳو اهو پر هو وفاقي وزارت تعليم ۾ ثقافت جو سيڪريٽري، اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ جو نگران وزير تعليم به رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ رڳو لوڪ ادب تي ئي نه پر لغت، ٻولي، تاريخ، موسيقي، سنڌي صورتخطي، ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ٻولي جي منظوم ذخيري توڙي لطيفيات تي به وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ جو ڪم ڏسي حيرت جا ڪيئي دروازا کلي وڃن ٿا، ائين ٿو لڳي ڄڻ هو ڪو انسان نه پر ديوَ مالائي ڪردار هو جنهن ٿورڙي وقت ۾ وڏو ڪم ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته وقت جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. سندس تحقيق جو انداز به ڏاڍو نرالو آهي، سنڌ جي ريتن رسمن، چوڻين، ڳجهارتن تي به کيس وڏي دسترس حاصل هئي. هو سنڌي ٻولي سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي جو به ڄاڻو هو. اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن يا مڪمل ادارو هو. سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان کيس جيڪا ڄاڻ ۽ مهارت حاصل هئي ان جي بنياد تي کيس سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا به چئي سگهجي ٿو. سنڌ کي ڊاڪٽر بلوچ تي تمام گهڻو فخر آهي.
آئون پنهنجي ڳالهه کي سميٽيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏيندس ته ڊاڪٽر بلوچ کي خراج پيش ڪرڻ جو ان کان بهتر ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي جو سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ ڪم جي مڃتا طور سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي وڌيڪ عام ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزارت ۽ ثقافت کاتي کي عملي قدم کڻڻ گهرجن ۽ اهڙي عمل کي يقيني بنائڻ گهرجي.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
تاريخ جو وڇوڙو
عنايت بلوچ
اڄ ڪتابن جا ورق ويڳاڻا نظر اچي رهيا آهن. سنڌي ثقافت، ٻولي، محاورا، ڏوهيڙا، بيت، ڳجهارتون، مولود، مداحون ۽ مناجاتون، مطلب ته سنڌي لوڪ ادب جو چهرو اڄ مايوس، ملول ۽ اُداس نظر اچي رهيو آهي، سياري جي سِيءَ ۾ مَچَن تي ڪچهريون مچائڻ  جو مور، اسان کان جدا ٿي ويو آهي. لطيف جي پيرن پٺيان پير کڻي هر ان ماڳ مڪان تي پهچڻ ۽ لطيف تي مشاهداتي تحقيق ڪرڻ وارو اڪيلو ماڻڪ سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) تي لکجي ته ڪٿان کان شروع ڪجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي. هو علم، ادب ۽ ڏاهپ جو ايڏو ته اجهاڳ سمنڊ هو، جو ان جي انت ۽ ڇيهه جي خبر به شايد فقط کيس ئي هئي. ڪاش! سندس لاڏاڻي کانپوءِ، سنڌ ۾ ڪو ته اهڙو رهبر اڃا به هجي ها، جنهن وٽ وڃي سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لوڪ ادب ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي گوناگون بيتن بابت رهبري حاصل ڪجي ها. چوندا آهن؛ ڀاڳين جا ڀاڻا خالي نه ٿيندا آهن. الحمدلله سنڌ ۾ ڪلجڳ ڪاپڙي اڃا به موجود آهن، پر ڀٽائيءَ چواڻي ته: ”سوڍا هجن سوَ، ته به مَٽُ نه ڀانيان مينڌري.“
اسان جا نوجوان سنڌ جي حوالي سان گهڻا ئي نعرا پيا لڳائيندا آهن، پر ان نعري هڻڻ کانسواءِ ٻي ڪا به خبر نه هوندي آهي ته سنڌ کي جيئارڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻڻ ضروري هوندا آهن. منهنجو پختو ايمان آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حقيقي طور تي سنڌ جو عاشق هو، جنهن جيڪو ڪجهه به لکيو ته فقط سنڌ تي ۽ سنڌ لاءِ لکيو ۽ سنڌ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه لکيو. لوڪ ادب، لطيف، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت، سنڌي موسيقي، سنڌ جي جاگرافي مطلب ته فقط ۽ فقط سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي دنيا ۾ روشناس ڪرڻ لاءِ، سڄي زندگي پاڻ پتوڙيندو رهيو. هتي آئون پنهنجي اکين ڏٺو احوال اوهان سان مختصر طور اوريان ٿو ۽ ڪوشش اها ڪندس ته ڊاڪٽر صاحب جن بابت ڪجهه نيون ڳالهيون اوهانکي ٻڌايان.
۱۹۸۶ع ۾ آئون آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم اسمٿسونين ميوزيم گهمڻ ويس. هي ميوزيم اٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي. هڪڙيءَ جڳهه تي لکيل هو.A Sindhi home   بجليءَ جو ڪرنٽ محسوس ڪيم ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيم ته واشنگٽن جي اسمٿسونين ميوزيم ۾ اهو سنڌي گهر، ڪنهن ٺاهيو هو، يا ان کي ٺاهڻ ڪيئن ڏنو ويو هو؟ سنڌي گهر ۾ اندر ڇا وڃي ڏسان ته هڪ ٿري عورت سُوسيءَ جا ڪپڙا پائي ڏُڌ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇَڄَ ۾ اَن ويٺي ڇنڊي ۽ ٽين مائي سنڌي رِلي ويٺي ٺاهي ۽ سنهي سئيءَ سان انکي ٽوپو ويٺي ڏئي، وغيره وغيره. خوشي ۽ جذبات ۾ سرشار ٿيندي ميوزيم جي رکوالي کان پڇا ڪيم ته هن هڪدم رجسٽر کولي مونکي ٻڌايو ته ڪو صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندس نالو ڊاڪٽر اين اي بلوچ هيو، اهو ڪيترا ڏينهن هتي ترسيل هو ۽Sindhi Home  به ان ئي ٺاهيو هو. پاڪستان واپس ورڻ تي ڊاڪٽر صاحب جن کان جڏهن اها ڳالهه معلوم ڪيم ته پاڻ مون کي هينئن ٻڌايائون: پاڪستان جي حڪومت مون کي حڪم ڪيو ته اسمٿسونين انسٽيٽيوٽ (ميوزيم) ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ڪرڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهن ڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr Knez)  جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، کيA Sindhi Home  ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن به بنا دير کڻي قبول ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ کي ته فقط اهڙي ثقافتي شيءِ ٺاهڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري پر اُتي به هو ”سنڌي گهر“ ٺاهي آيو ۽ اها پرواهه به نه ڪيائين ته ائين ڪرڻ سان کيس تڪليف به اچي سگهي ٿي. فقط اهڙن جرئتمندي وارن عملي قدمن سان ئي سنڌ جيئندي ۽ جيئندي رهندي. انشاءَ الله.
۱۹۸۳ع ۾ آئون پئرس ويس، جتي الجزائر جي مسلمانن جي هوٽل مونديال ۾ وڃي رهيس. ريسپشن تي سامهون رکيل وڏا نقش نظر آيم، جن تي مڪليءَ جي چٽسالي ۽ هالا ٽائيلز جو رنگ نظر آيو. انهن پينٽنگز تي لکيل هو:Glimpses from Sindh  يعني سنڌي تهذيب جون جهلڪيون. خوشيءَ سان گڏ حيرانگي وٺي وئي. کانئن پڇيم: هي سنڌ جا نقش اوهان وٽ ڪٿان آيا ته هو فرينچ ۾ شروع ٿي ويا، فقط ايترو سمجهه ۾ آيو ڊاڪٽر بلوچ. جيڪو دوست مون کي هوٽل تي وٺي ويو هو ۽ فرينچ چڱيءَ طرح ڳالهائيندو هو، ان جي پڇڻ تي هوٽل وارن ٻڌايو ته: ڊاڪٽر بلوچ ڪيترا ڀيرا پئرس آيو آهي ۽ هميشه اسان جي هوٽل ۾ اچي رهندو آهي. اهو هي پينٽنگون هتي رکرائي ويو هو ۽ تاڪيد ڪري ويو هو ته هنن کي ريسپشن تان هرگز نه هٽائجو. هي واقعو به ان ڪري لکيو اٿم ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل به سنڌ کي جيئارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي.
جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسٽيشن ڊائريڪٽر هوس ته ڊاڪٽر صاحب جن، بغير اڳواٽ اطلاع ڪرڻ جي اڪثر مون وٽ هليا ايندا هئا. جيئن ته ائين اچڻ سندن نظم ۽ ضبط رکندڙ طبيعت جي خلاف هو ته هڪ دفعو کانئن پڇڻ جي جرئت يا گستاخي ڪري ويٺس ته مُنهن تي مرڪ آڻيندي ٻڌايائون ته دوستن ڏي لکيل خط پوسٽ آفيس حوالي ڪرڻ ايندو آهيان، جيئن ته ريڊيو پاڪستان سامهون آهي ته دل چوندي آهي ته اوهان وٽان جهاتي پائيندو وڃان. هڪ ٻه ڀيرا ساڻن حُجت ڪندي عرض ڪيم ته، ڀلا جي آيا آهيو ته عنايت تي عنايت ڪندا وڃو ۽ ڪجهه رڪارڊ ڪرائيندا وڃو. ڊاڪٽر صاحب جن جي نٽائڻ باوجود کين منٿ ڪري اسٽوڊيو ۾ وڃي ويهاربو هو ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪنهن به موضوع تي ساڻن گفتگو ڪبي هئي. بغير ڪنهن تياريءَ جي ۽ بغير ڪتاب کي سامهون رکڻ جي تاريخ وار تفصيل ٻڌائيندا ويندا هئا، آئون ۽ مرحوم مراد علي مرزا حيرت ۾ کين گهوريندا رهجي ويندا هئاسين. مثال طور: سڪندر اعظم جڏهن ننڍي کنڊ ۾ آيو ته ڪڏهن آيو، ڪٿي ويو ۽ ڪنهن سان مليو....البيروني ڪڏهن هتي آيو، ڇا ڇا ڪيائين ۽ سندس ڪارناما ڪهڙا هئا. وغيره، مجال آهي جو ڪتابن ڀيٽڻ سان تفصيلن ۽ ٻڌايل تاريخن ۾ ڪو فرق اچي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (مرحوم) سان آخري ۽ تفصيلي ملاقات فقط پنج ڏينهن اڳ، آچر جي ڏينهن ۳ اپريل تي سيد آفتاب شاهه ڄاموٽ صاحب جي بنگلي تي ٿي هئي. اها تقريب حڪومت پاڪستان طرفان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري کي هلالِ امتياز ۽ ستاره امتياز ملڻ تي کين مان ڏيڻ لاءِ ٿي هئي، جنهن ۾ تمام گهڻن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خطاب ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جن بيحد خوشگوار موڊ ۾ هئا ۽ پنهنجا ننڍپڻ جا ڪجهه قصا کلئي دل سان محفل ۾ ويهي ٻڌايائون: تمام هشاش بشاش نظر ٿي آيا ۽ اهڙي ته شگفته مزاجيءَ سان ڪچهري ويهي ڪيائون.....جو سچ پڇ هاڻي محسوس ٿو ٿئي ته ڇو ايتري زنده دلي جيڪا اڳ ڪڏهن نه ڏيکاري هيائون.

اُهي خطا بيحد خوش قسمت ۽ خوش نصيب چئبا، جتي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا بيمثال ۽ بي بدل عالم فاضل پيدا ٿين ۽ اسان سنڌ وارا ڪيڏا ۽ ڪيترا نه نصيبن وارا آهيون، جتي اهڙو املهه ماڻڪ هيرو پيدا ٿيو، جنهن پنهنجي علم ۽ تحقيق جي خزانن جا منهن سڀني سنڌين لاءِ کولي ڇڏيا ته جنهن کي به ڪجهه وٺڻو هجي ته ڀلي پنهنجي حصي جي ونڊ وٺي وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن  جيڪي ۽ جيترا ڪتاب لکيا آهن، اهي ائين چوڻ برابر ٿيندو ته آسمان تي ڄڻ تارا ڳڻڻا آهن. ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندن تصنيفون پڙهڻ لاءِ سالها سال گهرجن، پر اهو تصور ڪيو ته جنهن شخص پنهنجو نور نچوئي سوين ڪتاب لکيا، انهن جا پروف چيڪ ڪيا ۽ هزارين مسودا ويهي اٿلايا پٿلايا ته ان کي ايڏي ڪٺن ڪمن لاءِ ڪيترو وقت لڳو هوندو. ڪيتريون سندن تصنيفون اهڙيون آهن، جو رڳو ڪرسي ٽيبل تي ويهي نه لکيون ويون آهن، پر انهن موضوعن تي لکڻ کان اڳ انهن تي تحقيق ڪرڻي هئي. تحقيق ڪرڻ لاءِ کين ڪجهه ڏورانهن علائقن جا پنڌ ڪرڻا پيا آهن، ۽ ڪٿي ته گهوڙن، گڏهن ۽ اُٺن تي سواري ڪري ٿر، ننگر پارڪر ۽ بلوچستان ۾ حب ۽ ڀاڳ ناڙي تائين ويا آهن، ڇو ته اهڙن ڏکين علائقن ۾ اهو تحقيق طلب مواد موجود هيو. ڪيترا ئي ڏينهن انهن ماڳن تي هيٺ تڏن تي ويهي، پلٿيون ماري ڪم ڪيو اٿن ۽ پنهنجي تحقيق مڪمل ڪري پوءِ اچي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائون. ايترو تحقيقي ڪم جنهن ۾ ايڏيون تڪليفون اچن ۽ ڪشالا ڪاٽڻا پون، سو ادارن کان به نه ٿي سگهندو آهي، پر هن هڪڙي شخص اڪيلي سر ويهي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا، جيڪي هڪڙي فرد لاءِ ذري گهٽ ناممڪن آهن.




ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
(سنڌي ٻوليءَ جو سرواڻ ۽ سالڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ۶ اپريل جي ورسي جي حوالي سان مختصر تاثر)
منظور ڪوھيار
اڳي هڪڙو پهاڪو ڏيندا هيا، ته:
مڇي سڄي پاٽ، گوشت هڪ ڳڙي،
مورک سڄي رات، سالڪ هڪ گھڙي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جھڙي ترٻيڻ شخصيت تي اسان جھڙو وات ڳاڙهو ڇا ڳالهائيندو يا لکندو؟... اهڙي شخصيت تي ته اهي ڳالهائين، جيڪي هجن نامي گرامي، اديب، محقق يا دانشور. بس پنهنجي نصيب ۾ ته ساڻس چند ملاقاتون هيون. پهرين ملاقات ۲۹ ڊسمبر ۲۰۰۲ ع ۾ٿي. جڏهن لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي وارن، شاهنواز ڀٽو لائبرري آڊيٽوريم ۾، ’لاڙڪاڻو سؤ ساله ڪانفرنس‘ جو انعقاد ڪيو. مونکي به اتي پنهنجو مقالو ”لاڙڪاڻي جي قدامت“ جي عنوان سان پڙهڻ جو موقع مليو. صدارت، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي هئي. جنهن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ منهنجي مقالي جي ساراھ ڪئي. جيڪو مقالو ڪتاب” لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾“ به شامل آهي. پوءِ ته سائين منهنجي کي چوان، ڦوسي ڪاپار تي هجي. چئي جبل مان اُڏرانءِ ٿي!.. ڊاڪٽر صاحب پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ مونکي تحقيق جي ميدان ۾، ذهن جي تازي گھوڙو ڊوڙائڻ لاءِ ايترو ته اتساهيو، جو مون سوچيو ته هن عظيم شخصيت جا پير چمي چئجن، ته سائين ڀليا آهيو. پاڻ اهي شهسوار ڪٿي؟ اسان ته ان گڏھ جا سيس به نه ٿا سونهئون، جنهن جي محنت ۽ جانفشاني جو قدر ڪندي اوهان گھوڙي کان وڌ سمانو ڪري مضمون ”گڏھ“ لکيو هيو.
ٻيو دفعو پنهنجي ملاقات ۲۵ ڊسمبر ۲۰۰۳ يا ۲۰۰۴ ۾ ٽائون هال لاڙڪاڻي ۾ ٿي. جتي قائد اعظم محمد علي جناح جو ڏينهن ملهائجي رهيو هيو. ڪيترا ئي جَناب ۽ جُناب تشريف فرما هيا. اسان به سائين جي دم ديدار لاءِ اتي پهتل هياسي. ڪن قائد اعظم محمد علي جناح کي سياستدان نه، پر اصل ملائڪ ڪري پيش پئي ڪيو. ڪي وري ٻڏ تر ۾ هيا ته کيس ڇا ڪري پيش ڪجي؟ جو اتي مختلف ڌرين جا ماڻهو ويٺا هيا. اتي هڪ هرڌاتي چمچو مقرر اهڙو ته اچي ڦاٿو، جو اڳيان پاڻي، پويان چِڪَ. نه جائي رفتن، نه پائي ماندن (نالو نه کڻبو جو حال حيات آهي. پر مُئي به نه کڻبو جو چرين ڪهڙا چِتَ مئن ڪهڙا مامرا) ڳالهائي ته ٿڙ ٿڙ!.. ڪڏهن هِن ڀر، ته ڪڏهن هُن ڀر. ڪڏهن ٺپ قوم پرست ٿي وڃي، ته ڪڏهن وفاق پرست. ڪڏهن اقبال جو مرد مومن، ته ڪڏهن علامه مشرقي وارو خاڪسار، ” آگي چل! پيڇي چل!“. پر جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب آخر ۾ ڳالهايو، ته ائين لڳو، ته قائد اعظم محمد علي جناح ڪو مافوق الفطرت هستي نه، پر هڪ اهڙو اڳواڻ هيو، جيڪو خوبين ۽ خصلتن رکڻ سان گڏ انسان به هيو.
ٽين ملاقات به گھڻو ڪري ۲۰۰۵ جي مٺي موسم ۾ ٿي. خبر پئي، ته سائين لاڙڪاڻي جي سرڪٽ هائوس ۾ قيام پذير آهي. وڃي سلام ڀريوسي. ڪلام هلي رهيو هيو، علامه محمد هدايت علي نجفي تارڪ جو:
”يار دي الفت سوا هي دين تي ايمان عبث
راز وحدت دي سوا هي بيد تي قرآن عبث
فقير ڏوڪري جو ڪو مغيري ٻروچ هيو. وڏي مؤج ۽ مستي ۾ پئي ڳايائين. اتي هڪ پاڻ هرتڙي همراه فرمائش ڪيس، ته ”رڳو نجفي تارڪ کي ٿو ڳائين، ٻين جا به ڪي ڪلام شلام ٻڌاءِ!...“ ٻروچ کي ڪي وڄ جا پاڻي هيا. سو تنبورو غاليچي تي رکي چيائينس، ”مان نه ٿو ڳايان، تون اچي ڳاءِ!“ تنهن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب همراه کي فهمائش ڪندي چيو، ته ”بابا! هڪ ته هي فقير پروفيشنل ناهي، جو اوهان جي فرمائش پوري ڪري. ٻيو ته راڳي کي ڇڏجي ته پنهنجي دل سان ڳائي. اهڙي ڳائڻ مان نه صرف اسان حظ حاصل ڪنداسين، پر راڳي پاڻ به ڪندو. باقي جي اوهان کي وڻي ته واه واه ڪيو، نه وڻيوَ ته نه ڪيو!“
ڌڪ هڻ ڌيءُ کي، ته سکي ننهن جي مثل، اهو سبق مون به ياد ڪري ڇڏيو. ٻه هفتا اڳ لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ منهنجي مان ۾، بحيثيت پهرين سيڪريٽري ۽ بنيادي وجھندڙ جي موسيقي ڊپارٽمينٽ جي سنگت پروگرام ترتيب ڏنو. ڪن همراهن راڳين کان اجائي سجائي فرمائش ڪرڻ شروع ڪئي، ته مان بلوچ صاحب جي هڙ ۾ ٻڌل نصيحت کي ڇوڙي، پنهنجي نالي سان منسوب ڪري مٿانئن ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو. سڀئي ائين بس ٿي ويا، جيئن ڪڪڙن مٿان پاڻي پئجي وڃي.
ملاقاتن جو قصو ڪوتاه!...
سچ پچ ته ۶ اپريل ۲۰۱۱ وارو ڏينهن منهنجي لاءِ ڏاڍو اداس هيو. ان ڪري نه جو انهن ڏينهن ۾ مونکي شهباز بلڊنگ ۾ ٽائون پلاننگ جي آفيس مان ڪڍي تپيداري بلڊنگ جي هائوسنگ سيل ۾ بدلي ڪيو هيائون، جنهن کي شهري رٿابندي جي کاتي جي ٻوليءَ ۾ ٽارچر سيل ڪري سڏيو ويندو هيو. پر منهنجي لاءِ ته نيڪ شگون هيو، ته کاتي جي وزير جي پرسنل سيڪريٽري ڍولو ۽ کاتي جي سيڪريٽري جي پي اي ڀولو مان جان ڇٽي. هر وقت ٽيليفون جي ٽين لڳي پئي هوندي هئي !.. سو به چڱي ڪم لاءِ نه!....خبر ناهي ته ڇو ان ڏينهن تي دل بار محسوس پئي ڪيو. منجھند جو نه ماني کائڻ تي دل پئي ڪڍيو، نه خوامخواه واري چانھ پيئڻ تي. ايتري ۾ نوجوان ناول نگار منير چانڊيو سهڪندو آفيس ۾ گھڙيو. اچڻ سان ئي هٿوڙو هڻي ڪڍيائين، ”ادا، سائين! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ گذاري ويو!“
ائين لڳو ڄڻ چوندو هجي؛ ”سائين سنڌ جي تاريخ جو مهمير، سنڌي لوڪ ادب جو شهمير ۽ لسانيات جو دِلڌير گذاري ويو. هاڻي توهان ڄاڻو، ۽ بي ادبي ڄاڻي.“ ان کانپوءِ جو ٻڌايائين ته سندس جنازي نماز مسلم هائوسنگ سوسائٽي جي پارڪ ۾ ادا ڪئي ويندي. ماني کائڻ ۽ چانهن پيئڻ به وسري وئي. اٿي کڙو ٿيس. منير کي چيم؛ ”يار! هل ته هلي منهڙو ڏسئون! متان دير نه ٿي وڃي.“
ٻئي اتي پهتاسي، ته هشام ماڻهن جا اڳيئي بيٺا هيا. ڪي دوست، ڪي احباب، ڪي پرين، ڪي پيارا، ڪي شاگرد، ته ڪي چاهيندڙ، ڪي ڳورپٽ، ته ڪي روداليون. جن اخبار وارن کي فون ڪري انهن جا به نالا پئي لکرايا، جيڪي موجود ئي نه هيا، ۽ اهڙا ڳوڙها پئي ڳاڙيا، جو واڳون به نه ڳاڙين.
خير سان جنازي نماز ٿي، منهن ڏسڻ نصيب ٿيو. ائين پئي لڳو ڄڻ گھر گنڀير هستي پُر سڪون ۽ آرامي هجي سڀن کي واڏائي چوندو هجي، ته اسان پنهنجو وارو ببانگ دهل وڄايون، هي ٿا وڃئونوَ. هاڻي توهان جو وارو آهي. اتي ئي احبابن ۽ گھڻگھرن وٽان خبر پئي، ته وصيت مطابق کيس علامه آءِ آءِ قاضي جي پيراندين کان دفن ڪيو ويندو. جنازي پٺيان پٺيان اسان به اُتي پهتاسين. دفنائڻ کانپوءِ دعاءِ مغفرت ٿي. جڏهن موٽياسين، ته انهيءَ احساس سان، ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ته پنهنجي حياتي حلال ڪري ويو.... چورانوي سالن جي عمر ۾ به وِرچي نه ويٺو.. سؤ کان وڌيڪ سنڌي اردو انگريزي فارسي عربي ۽ سرائيڪي ۾ ڪتاب ڏئي ويو.
پر پاڻ ڇا ڪيو؟...
ان سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيا آهيون.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ جو مهان اديب ۽ ٻولي ماهر
ابراهيم لاشاري
سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ آثاريه قديمه جو ڄاڻو ۽ ناميارو اسڪالر ۲۱ صدي جي تاريخ ساز شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تذڪري ڪرڻ کان سواءِ سنڌي تحقيقي ادب جي تاريخ جي حيثيت نالي ماتر آهي. سنڌ جو هي روشن ڏيئو علي محمد خان لغاري جي گهر ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع آچر ڏينهن تي ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، پاڻ اڃان ابهم ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد جو سائيي کان محروم ٿي ويو. سندس والد علي محمد لغاري ڦوھ جواني ۾ ئي رب سائين کي پيارو ٿئي ويو هو. سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو  جنهن شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي واڻئي ڀائي وسومل وٽ پڙهڻ لاءَ ويهاريو جنهن وٽ هندڪا اکر سکيوتنهن بعد ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ پرائمري تعليم وٺي ڪري وڌيڪ نصابي تعليم لاءَ ۱۹۲۹ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلاءِ ورتي ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج جهونا ڳڙهه ۾ داخل ٿيو جتان ۱۹۴۱ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه  ۱۹۴۳ع منجهان ايم اي تنهن بعد ايل ايل بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ڊاڪٽر صاحب محنت ڪرڻ کان هٿ نه کنيو وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ پاڻ ۱۶آگسٽ ۱۹۴۶ع تي ولايت ايڊيو ڪيشن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءَ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو جتان پي ايڇ ڊي ڊاڪٽري جي اعلي ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۹ ع ۾ پنهنجي وطن پياري پاڪستان واپس وريو تعليم پوري ٿيڻ تي گڏيل قومن جي اداري اقوام متحده۾ نوڪري جي آڇ ٿي مگر ڊاڪٽر صاحب اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي پر پاڻ پنهنجي وطن پياري پاڪستان ۽ سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ ۱۹۴۹کان آگسٽ ۱۹۵۰ تائين سنڌ جي گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو ڊاڪٽر نبي بخش لغاري جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل آهن سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو هوئين ته سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پهريان ڪجهه وقت لاءَ حڪومت پاڪستان جي محڪمه اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو جنهن کان پوءَ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن صاحب تعليم ۽  تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعلي منسب تان استعيفا ڏئي ڇڏي. تنهن بعد جلد پاڻ ۱۹۵۱ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراه به جو به اعزاز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب کي مليو  ان زماني ۾ ۱۹۷۳ ع کان ۱۹۷۶ع تائين پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو انهي کان پوءِ هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو پاڻ پهرين جولاءِ ۱۹۷۹ تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هن عهدي تي آگسٽ ۱۹۸۲ تائين رهيو ۱۹۸۳ کان ۱۹۹۰ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو  جنهن کان پوءَ سال ۱۹۹۰ ع کان ۶ مارچ ۱۹۹۴ ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (سنڌي لبنگويج اٿارٽي) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو پاڻ ڪافي وقت کان علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ وڌي اٿل آهن تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم ادب لغت شاعري تاريخ ثقافت موسيقي لطيفيات ۽ آٽار قديمه تي لاجواب ڪتاب مقالا انگريزي ،عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا آٿس جن کي علمي ادبي دنيا ۾ تحسين نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين ٻه ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي ان سلسلي ۾ سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر صاحب جڏهن ڪليات سانگي، ڪليات حمل، ڪلام نواب ولي محمد لغاري ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام ترتيب ڏئي انهن منجهه سندن زندگي جو عڪس نمايا سامهون اچي وڃي ٿو پر ڪلام ۾ آيل محاورا ۽ استعارا به پنهنجي دور جي نشاندگي ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ماضي حال بڻجي اسان سامهون اچي بيهي ٿو جنهن ۾ ان دور جون سماجي ريتون رسمون ۽ ثقافتي رنگ کي به قدر چڱي نموني سان پرکي سگهجي ٿو ڊاڪٽر صاحب ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي آهي اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب  کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءَ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش خاب بلوچ ڪئي آهي ايتري هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي آهي ۽ شايد ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب تي اٽڪل ۸۰ کن ڪتاب لکي چڪو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي اخبارن، رسالن ، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ڪونهي.سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون   ڊاڪٽر صاحب لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ( شاهه جو رسالو ) به ترتيب ڏنو ڊاڪٽر صاحب  ۳۳ سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال ۲۰۰۰ ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا اٿس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪجهه شاعري به ڪئي پاڻ راڳ جو به شوقين هو هن فن جي دنيا ۾ سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. ڊاڪٽر صاحب ملهه جي فن کي به مقبول ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ هيس پاڻ پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه تي ڪرڪيٽ جيان ملاکڙي جي ڪمينٽري ڪرڻ جو انتظام ڪيائين ۽ ملهه ايسوسيئيشن به ٺهرايائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب عالم اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان ٻاهرين ملڪن يورپ ۽ مشرق جي تعليمي ۽ ثقافتي اجلاسن ۾ شامل ٿي پياري پاڪستان جي نمائندگي ڪيترا ئي ڀيرا ڪندو رهيو جنهن منجهه آمريڪا، ڪئنڊا، انگلينڊ، ايران، شام مراڪش، فرانس، سعودي عرب، لبنان، ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق، ڪويت، الجزائر وغيره جو سفر ڪري ڇڪو هو ڊاڪٽر صاحب سندس ڪيل جاکوڙ ۽ نچوڙيل نور کي پاڪستان خاص طور تي سنڌ جا ادبي دنيا سان واسطو رکندڙ صدين تائين ساراهيندا رهندا پاڻ وڏو محقق اديب تاريخدان دانشور ماهر لسانيات ۽ مبصر ۽ امين هو کيس بين الاقوامي شهرت پٻ حاصل هئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪافي انعام ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان ستاره قائداعظم ۽ ۱۹۷۹ ۾ صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي) شامل آهن ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ ڪم ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي پاڻ سموري ڪم جو باب بند ڪري دل جي تڪليف سبب ۶ اپريل ۲۰۱۱ اربع ڏينهن  تي زندگي جو سفر پوري ڪري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويوسندس ادبي خدمتن کي اڄ به ياد ڪيو پيو وڃي. اڄ  ۱۶ ڊسمبر تي هن مهان اديب جي ۱۰۰ سالگرهه سڄي سنڌ جي ادبي لڏي جا ساٿي ملهائيندا.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون يادگيريون
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سونھن ھو. ھُو شرافت جو مجسمو ھو. ھر عام و خاص تي بي حد مھربان ھو. الله تعاليٰ دنياوي طور تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ايترو ته نوازيو ھو جو ڪو پروفيسر خواب ۾ به ايترا وڏا عھدا ماڻي نٿو سگھي. پروفيسر آف ايڊيوڪيشن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽي، نيشنل ميرٽ پروفيسر، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر اسلامڪ يونيورسٽي (بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي) اسلام آباد، سيڪريٽريO.S.D  وزارت تعليم ۽ ثقافت حڪومت پاڪستان اسلام آباد، ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد، صلاحڪار نيشنل ھجره ڪائونسل اسلام آباد، چيئرمين سنڌي لئنگيج اٿارٽي حڪومت سنڌ، حيدرآباد ۽ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت، حڪومت سنڌ ڪراچي جا عھدا ماڻيندڙ ھن عظيم انسان جي نوڙت ۽ حُسنِ اخلاق ڏسي انساني عقل دنگ رھجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھميشه پنھنجي ماضيءَ جو ذڪر ڪري پنھنجي خاندان جي غربت تي فخر محسوس ڪندا ھئا. ھيڏن وڏن عھدن ۽ پوزيشن تي رھڻ جي باوجود منجھن تڪبر ۽ وڏائي نالي ماتر به نه ھئي. ايڏو منڪسر مزاج عالم مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪونه ڏٺو آھي. ھڪ ٻيو عظيم اسڪالر ڊاڪٽر محمد الله جيڪو اسلام تي اٿارٽي ھو، ان ۾ به بي حد انڪساري ۽ نوڙت ھئي، جيڪو پيرس ۾ جلاوطني ۾ رھندو ھو. ھوُ ويھين صديءَ جو عظيم مسلم اسڪالر ھو، جيڪو پنج ٻوليون ڄاڻندو هو. اردو، عربي، انگريزي ۽ ترڪي ٻولين تي کيس دسترس حاصل ھئي. سندس قرآن پاڪ جو فرانسيسي ۾ ترجمو عظيم شاھڪار آھي.
منهنجي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ملاقات ترڪي ۾ ٿي ۽ ٻي ملاقات وري ۲۰ جولائي ۱۹۶۷ع تي ٿي، جنهن دوران هن مون کي چيو ته تو کي ”عثماني ترڪ خليفن جا ھندستان جي مسلمانن سان اوائلي تعلقات“ جي موضوع تي مقالو پڙھڻو آھي. مون سبب ٻڌائي انڪار ڪيو ته ان تي ڊاڪٽر صاحب زور ڀريو ته ”تو کي واپس حيدرآباد پھچي مقالو پڙھڻو آھي.“ ڊاڪٽر صاحب جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو نه هو، بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي چار پنج ڏينھن مقالي لکڻ ۾ لڳائي مقالو مڪمل ڪري ورتم. ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ڪنڊياري مان واپسي بعد مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ فنڪشن ۾ شامل ٿي پنھنجو مقالو پيش ڪيم. ترڪي مان واپسي بعد پھريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مھرباني سان ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اھل علم سان تعارف ٿيو. سڀني کي اھو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته آءٌ پھريون سنڌي آھيان جيڪو ترڪي مان تاريخ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪري آيو آھيان.
آءٌ زندگي ڀر ٻن عظيم انسانن جو احسان مند رھيو آھيان، جن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ به مون کي تحقيق ۽ تصنيف ڏانھن مائل ڪيو ۽ اڄ منھنجو گھڻي ۾ گھڻو وقت مطالعي ۽ ريسرچ ۾ گذري ٿو. اھو سلسلو مارچ ۱۹۶۷ع کان شروع ٿيو ۽ اڄ سوڌي جاري آھي. پھريون عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر خليل انالحق آھن، جيڪو ڊي لٽ ۾ منھنجو سپروائيزر ۽ رھبر ھو، ٻي عظيم ھستي جنھن مون کي تحقيق ۽ تصنيف لاءِ ترغيب ڏني ۽ ھميشه حوصله افزائي ڪئي، اهو هو ڊاڪٽر بلوچ صاحب. جيئن آءٌ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته ڊاڪٽر صاحب آرسي. ڊي جي سالگره جي موقعي تي ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ريسرچ مقالو پڙھڻ لاءِ مون تي جيڪو زور رکيو انھيءَ جو اھو فائدو ٿيو ته منھنجو تعارف پاڪستان جي علمي حلقن ۾ ٿيو ۽ ۱۹۶۷ع ۾ مون وارو لکيل ريسرچ پيپر ”سنڌ يونيورسٽي آرٽس ريسرچ جرنل“ ۾ شايع ڪري ڊاڪٽر صاحب جيڪو مون تي احسان ڪيو اھو وسارڻ جوڳو نه آھي. دراصل ڊاڪٽر صاحب ھڪ پارس ھو ۽ سندن ٻين کي فيض پھچائڻ مخصوص ماڻھن لاءِ نه ھر ريسرچر لاءِ عام ھو. ڊاڪٽر بلوچ ننڍي کان ننڍي ماڻھو سان به شفقت سان پيش ايندو ھو، شام جو پنجين وڳي کان رات جو اٺين وڳي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ ڪير به اچي کيس ملي سگھندو ھو. هو تمام گھڻين خوبين جو مالڪ ھو، اھڙا ماڻڪ موتي ورلي پيدا ٿيندا آھن.
۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي مولانا جلال الدين رومي رحه جي ۷۰۰ ورسي جي موقعي تي مولانا رومي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس قونيه ۾ منعقد ڪئي ويئي ھئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڪستان مان ۽ انيمري شيمل جرمني مان آئي ھئي. ڊاڪٽر شيمل جو پاڪستان ۽ سنڌ سان عشق ھو. پير حسام الدين راشدي مرحوم ڊاڪٽر شيمل جو بي حد مداح ھو. سندس تعلق جي ڪري ڊاڪٽر شيمل وصيت ڪئي ھئي ته مرڻ کان پوءِ کيس مڪلي (ٺٽي) ۾ دفن ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شيمل ھڪ ترڪ سان شادي ڪئي ھئي بعد ۾ سندس عليحدگي ٿي ويئي. ڊاڪٽر شيمل سنڌي ٻولي به سکي ورتي ھئي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۱۹۶۴ع ۾ ترڪي ۾ ڪنھن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ آيل هو. اچڻ کان اڳ ۾ مون کي پنھنجي پروگرام جو اطلاح ڏيئي ڇڏيو ھئائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تقريبا ھڪ ھفتو ترڪي ۾ رھيو. آءٌ گھڻو وقت سندس خدمت ۾ حاضر رھيس. ڊاڪٽر صاحب ڪانفرنس کان پوءِ گهڻو وقت ترڪي جي ڪتبخاني ۾ سنڌ جي متعلق لکيل مواد تلاش ڪندو رھيو. ٻيو دفعو ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر ۱۹۶۶ع ۾ ترڪي آيو. آءٌ ان وقت پي ايڇ. ڊي جو مقالو تقريبا مڪمل ڪري چڪو ھوس ۽ فائنل ڊارفٽ ٽائيپ ڪرائي رھيو ھوس. واضح ڪرڻ چاھيندس ته ترڪي ۾ ھر مضمون ترڪي ٻولي ۾ پڙھايو ويندو آھي ۽ غير ملڪين کي پھريائين ترڪي ٻولي سيکاريندا آھن. ان بعد ريسرچ اسڪالرس کي پنھنجو ٿيسزThesis  ترڪي ٻولي ۾ لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ڪرڻو پوندو آھي. ھن سلسي ۾ ڪنھن سان ڪنھن رعايت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
بهرحال، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھن ڪانفرنس ۾ ڊسمبر ۱۹۷۳ع ۾ آيو ھو ته ان وقت پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو. مولانا رومي رحه جي ۱۰۰ ساله يوم وفات جي موقعي تي ھي انٽر نيشنل ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي هئي. اهڙين ڪانفرنسز ۾ اسڪالرس کي ملڻ جو موقعو پيو ملندو آهي ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو پئي ٿيندي آهي. ھڪ شام ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر انيمري شيمل، ڊاڪٽر سھيل انور ۽ آءٌ ھڪ ٽيبل تي ويھي چانهه پي رھيا ھئاسون. گفتگو جو موضوع ھو مولانا رومي جي مثنوي جو دنيا تي اثر گفتگو ڪنھن مھل ترڪي ۾ ته ڪنھن مھل فارسي ۾ ته وري ڪنھن مھل سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي رھي ھئي. مولانا رومي رحه جو شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه تي جيڪو گھرو اثر ھو، انھيءَ تي به گفتگو ٿي. مولانا رومي رحه جي صوفياڻي فڪر تي به بحث ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاھ ڀٽائي رحه جي حوالي سان ڳالھايو. ڊاڪٽر سھيل انور ۽ ڊاڪٽر شيمل مولانا رومي رحه جي تصوف تي گفتگو ڪئي. ڏاڍو لطف آيو. ھرڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي علم جو درياهه ھو. اھڙي عالمانه گفتگو زندگي ۾ مشڪل سان ٻڌڻ جو موقعو ملندو آھي.
(ليکڪ سابق سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سنڌ آھي)
ڏيھاڙي عبرت ۷ اپريل ۲۰۱۹ تان ٿورن سان


ڊاڪٽر نبي بخش خان
جيئن ڏٺو مون!!!
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ جو اهو عظيم محقق، اسڪالر، تاريخ دان تعليمي ماهر ۽ ڏاهو آهي، جنهن کي سنڌ، پاڪستان ۽ هندستان ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جو شارح، سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو ماهر، عظيم استاد، اعليٰ درجي جو منتظم ۽ بي شمار ادارن جو بنياد رکندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي سڄي زندگي تحقيق ۽ تصنيف لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جن موضوعن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪم ڪيو آهي، انهن جو وڌ ۾ وڌ تعلق سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن، سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي، شاهه جو رسالو جنهن جا ڊاڪٽر صاحب ۱۰ جلد ڇپرايا، سنڌ جي ريتن رسمن ۽ روايتن بابت تحقيق ڪري ۴۲ ڪتاب لوڪ ادب جي عنوان سان ڇپرايا.
ڊاڪٽر بلوچ وڏي همت ۽ حوصلي جا مالڪ هئا، وٽن فضول ڪچهري لاءِ بلڪل وقت ڪونه هو. سندن زندگي بي حد منتظم هئي، وقت جو قدر ڄاڻندا هئا. ڪڏهين ڪنهن جي گلا ڪونه ڪيائون، نه وري ڪنهن جي گلا ٻڌندا هئا.
جيڪڏهن ڪو اديب، يا حاسد مٿن ڪا تنقيد ڪندا هئا ته به پاڻ ڪڏهين انهيءَ جو جواب نه ڏيندا هئا پر صبر ۽ تحمل اُهي ناجائز ڳالهيون برداشت ڪندا هئا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان جيڪڏهين اهڙي تنقيد جو ذڪر به ڪبو هو ته چوندا هئا ته مون وٽ ايترو فضول وقت جو اهڙين هلڪين ڳالهين جو جواب لکان. ايندڙ مورخ اهو فيصلو ڪندا ته صحيح ڪير هو ۽ غلط ڪير.
منهنجو ڊاڪٽر بلوچ سان ۱۹۶۰ع کان تعلق رهيو آهي، ۱۹۶۰ع ۾ جڏهين آئون آرٽس فيڪلٽي ۾ پهريون نمبر آيو هئس ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان وڃي مليو هئس. پاڻ منهنجي پهرئين نمبر اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا هئا ۽ مون کي چيو هئائون ته ايم-اي ڪري اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪجائين. ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ جڏهين مونکي ترڪي حڪومت طرفان پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ لاءِ ميرٽ اسڪالرشپ ته ان وقت به ڊاڪٽر بلوچ صاحب بي حد خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. منهنجي ترڪي ۾رهڻ جي دوران ڊاڪٽر صاحب پنج دفعا ترڪي تي تحقيق جي سلسلي ۾ آيا ۽ آئون ان سفر دوران سڄو وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سان گڏ هوندو هئس. سندن سفر دوران مون ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم ڪرڻ جي طريقي، وقت جي پابندي ۽ منصوبا بندي کان ايترو ته متاثر ٿيس جو مون به لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو طريقه ڪار استعمال ڪيو، جنهن مان مونکي بي حد فائدو ٿيو ۽ آءُ به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهيس. ڊاڪٽر صاحب ۾ نوڙت ۽ نهٺائيءَ هئي ۽ سفر دوران گهڻي ۾ گهڻو وقت ترڪي جي مشهور لائبررين ۾ گذاريو. آچر جي ڏينهن سيرو تفريح ۽ تاريخي عمارتن ڏسڻ لاءِ وقف هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بحري جهازن ۾ تفريح ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا ۽ هڪ شهر کان ٻي شهر وڃي تاريخي جڳهن جو مشاهدو ڪندا هئا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو دنيا ۾ پسنديده شهر استنبول هو، جيڪو عثماني ترڪن جو ۱۴۵۳ع کان ۱۹۲۴ع تائين تخت گاهه رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان سندس وفات کان ٻه هفتا اڳ ملاقات ٿي ته چيائون ته پيارا مغل پاڻ وري ڪو ترڪي جو جلد ترڪي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيون ته جيئن استانبول جو هلي سير ڪجي. دراصل ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي استانبول جي سليمانيه لائبريري ۾ ريسرچ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ٻيڙي تي تريل مڇي ترڪي روٽي ۾ کائڻ ۾ لطيف ايندو هو يا وري فرمائش ڪندا هئا ته اڄ عثمان ڪوفتي واري وٽ هلي ڪوفنا کائينداسين. يا وري حضرت ابو ايوب سان ٻڌي ويندي هئي. حضرت ايوب انصاريرضه جي مزار تي روزانه زيارت لاءِ انڀوه عقيدت مندن جي اچي دعا گهري ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به جڏهين ترڪي ايندا هئا ته استانبول ضرور ايندا هئا ۽ حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي مزار تي اچي عقيدت جا گُل نڇاور ڪندا هئا ۽ دعا گهرندا هئا. نماز پڻ اچي ادا ڪندا هئا. مزار تي ڪافي ترڪي ٻليون ويٺيون هونديون هيون. ڊاڪٽر صاحب ضرور کين پيار ڪندو هو. دراصل ڊاڪٽر صاحب کي جانورن ۽ پکين سان بي حد انسيت هئي.
سچ پڇو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان منهنجو تعلق اڌ صدي کان مٿي جو هو ۽ مون زندگي ۾ سندن رهنمائي ۾ تمام گهڻو علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، اڄ به الله جي فضل سان ڊاڪٽر صاحب جي نقش قدم تي هلندي سندن مشن کي اڳتي وڌائي رهيو آهيان.
(ليکڪ سابق سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سنڌ آھي)
عوامي آواز ۷ اپريل ۲۰۱۹ تان ٿورن سان



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سالگرھ جي مناسبت سان
استاد لغاري
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع جِي، سُهڻي ۽ سڀاڳيءَ رات ۾ جنم ورتو ۽ ۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي، ۹۴ سالن جي ڄمار ۾، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس شمار ۲۰هين صديءَ جي وڏن عالمن ۾ ٿئي ٿو. هُو هڪ عظيم اديب، اسڪالر، مُدبر، مُقرر، مُفڪر، مُحقق، مُترجم، مُقلم، مُرتب نگار، سُگھڙ، سهيڙيندڙ، شارح، ڏاهو ۽ اعليٰ بصيرت وارو انسان هيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ لُغت تي ڪيل ڪم، بلاشبه تاريخ جو هڪ بي بدل باب آهي. پاڻ هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهوءَ جو فرزند هيو. سندس والد صاحب آخري ايامن ۾ وصيت ڪئي هئي، ته ”منهنجي پٽ کي پڙهائجو.“ ۽ پوءِ، هڪ مسڪين جو ٻار جڏهن پڙهي، پچي، لالئون لال ٿي نڪتو، ته ان جي علمي ۽ ادبي پورهئي کي ڏسي، دنيا دنگ ۽ حيران رهجي ويئي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، بُلنديءَ جا ڏاڪا، هيٺانهينءَ کان حاصل ڪيا يعني ڪُڙمي، ڪوري، درزي، موچي، رازي، واڍي، لوهار، هاري، مزدور، پورهيت ۽ فقير سان فقير ٿي، ڳُوڻِي وڇائي، پَٽ تي ويٺو ۽ اُتان ويهي، علم و ادب جا موتي ميڙيائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب بڙ جي گھاٽي وڻ وانگر، هر هڪ ٿڪل مسافر کي، ٿڌڙي ڇانوَ مهيا ڪئي. ماڻهو، ڊاڪٽر صاحب سان چند گھڙيون گڏ گذاري، نيڻ ٺاري، پنهنجا ٿڪ ڀڃي، هليا ويندا هئا. سندس ڳُڻن ۽ ڳالهڙين جي ڳٺڙين مان، خوبصورت خيالن جون خُرزينون، ڳُوڻيون ۽ ڳوٿريون ڀري کڻندا هئا.
بڙ جو وڻ جيئن جيئن وڌيڪ وڏو ۽ پُراڻو ٿيندو ويندو آهي ته ان تي ويتر وڌيڪ پکيئڙا، پنهنجا پر پساريندا، آکيرا اڏيندا، آستانا ۽ کيلهڻا ٺاهيندا ويندا آهن. انهن ۾ ڳاڙهيون ڳيريون، ڪاريون ڪڻڇيون، بگيون بُربليون، ڦِڪيون ڦُوسيون، نِيريون ڊِيريون، ٽِڪ مِڪ ٽِڪون، چِڪ مِڪ چَچُونيون، جھِينڻيون جھِرڪيون ۽ هِينڻيون هيڙهيون به شامل هونديون آهن. اهڙيءَ ريت، بڙ جي انهيءَ ساڳئي سائي سهڻي وڻ تي، وري ڪڏهن ڪڏهن ڪارا ڪانگا، چالاڪ چٻرا ۽ مُوذي ملهالا به اچي ملهالا مچائيندا آهن ۽ مهمان نوازيءَ جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. بعضي بعضي ان جي انگھن ۾، سَپَ، سانڊرا، ڳيلهڙ ۽ ڳُهِيرا به ڳُڙکا ٺاهي، اچي آرامي ٿيندا آهن ۽ پولن ۾ پل پل پيا پساھ کڻندا آهن.
مون کي چڱي ۽ چٽيءَ طرح سان ته نه، پر ٿورو ياد اچي ٿو، ته انهيءَ بڙ جي بنھ گھاٽي، بيحد پياري ۽ سائي سهڻي وڻ تي، هڪ چرِي چِيڙي، جڏهن کيلهڻي ۽ کُڏڻي ٺاهڻ جي خيال سان، پهريون پهريون ڪک ۽ پهريون پهريون تِنڪو اچي آويزان ڪيو هو، ته بڙ جي ڳُجھن ڳُڙکن ۾ ويٺل، ڳوهن، ڳُهيرن، سَپن ۽ سانڊرن، ان کي تهتي ئي تڪڻ شروع ڪيو هو. ”هيڪَلِيُون هَلَن جي، سي تاڪُنِ جِي تُوڻِ.“ ۽ پوءِ، ان جھِيڻِي جھِرڪيءَ کي، اُهو ڏينهن به ڏسڻو پئجي ويو، جڏهن ان جا آنا ۽ ان جا آنڊرا به چيري، ڦاڙي، چٽ ڪري ڇڏيا هئائون. ”گھايَل ڪِي گَتَ گھايَل جاني، اَور نه جاني ڪوءِ.“
دراصل اهو معاملو، ان وڻ جي وس ۾ ناهي هوندو، ته اهو ڪنهن نقصان ڪار نوريئڙي، پکي يا جيت جڻي کي، پنهنجي وجود مان پري ڪري سگھي. اُها الڳ ڳالھ آهي جو طوفانن ۾، ان وڻ جا وڏا ڏار ڏاڍا لُڏن ٿا، لَمن ٿا، نِوڙن ٿا، نَمن ٿا ۽ ڪڙڪاٽ ڪري، ڪِرن ٿا، ته ان جو نقصان وري به ننڍڙن ننڍڙن پيارن پکيئڙن کي ئي سَهڻو پوندو آهي پر پولن ۾ پاسيري پيل، ضدي، ظالم، زهريلي ۽ زورآورن کي، ڪُجھ به ڪو نه ٿيندو آهي. اهو ازل کان اصول رهيو آهي، ته نسورو ناحق، هميشه حق تي حمله آور ٿئي ٿو. ڏاڍو ڏنگو، هميشه هيڻي جي هتيا ڪري ٿو. ظاهر ظهور ظالم، مظلوم کي ماري ٿو. وڏي مڇي، ننڍي مڇيءَ کي ڳڙڪائي ٿي ۽ هيبتناڪ هاٿي، ڪمزور ڪِوِلين کي لتن سان لتاڙي ٿو.
جيستائين عظيم انسان حياتيءَ هوندا آهن، ته انهن جا دوست ۽ ساٿي سڏائيندڙ، سڀ جا سڀ ٻين جي عزت، احترام ۽ آڌرڀائيءَ پيا ڪندا آهن. ٻل ٻل ٻلهار پيا ويندا آهن. اکڙيون اوتارا ڪري، پنبڙيون پشم بڻائي، هر ڪنهن کي جيءَ ۾ جايون پيا ڏيندا آهن. پر جڏهن اُهي عظيم انسان اوڍر ٿيندا آهن، ته يڪدم تلوارون مياڻ مان نڪري اينديون آهن، سنگينون سراڻ تي چڙهي وينديون آهن ۽ سانگين جي سٽوسٽ ۾، ڪنهن جو به سانگو يا صرفو باقي ڪو نه بچندو آهي.
اي بڙ جا گھڻا گھاٽا وڻ! اُهي ڏينهن اُهي شينهن. تُنهنجي ٿڌڙي ڇانهن ۾ ويهي، اسان اکڙيون ٺاريون سي ٺاريون. اسان پنهنجا ڪي پياسا پل پاس ڪيا سي ڪيا. جڏهن کان تنهنجي وجود، فنا واري واٽ ورتي آهي، تڏهن کان اسان تنهنجي آس پاس، کيتيَنِ، کيڙهيَنِ، ڀِترَنِ ۽ ڀِينڊَنِ جي ڀرن ۾ ويهي، راتين جون راتيون وِهايون آهن ۽ تنهنجي آستاني ۽ آخري آرامگاھ تي اچي، ڪيترائي ڀيرا اکڙيون آليون ڪيون آهن. اي بڙ جا بيحد جھُونا وڻ! جڏهن کان تنهنجي ڇانهن اسان کان ڇڍري ٿي آهي، تڏهن کان پوءِ، اسان ڪنهن ٻئي وڻ ڏانهن واجھايو ناهي. شيخ اياز چيو هو: ”تُون ڀَلي دُور سَهِي! رات ته گُذرِي ويندي، مان ڀَلي مَجبُور سَهِي! رات ته گُذرِي ويندي.“
چون ٿا ته، جلاد جڏهن جنجيرن ۾ جڪڙيل ڪنهن قيديءَ کي، تختئه دار تي چاڙهي بيهاريندو آهي، تڏهن دل ئي دل ۾، خدا کان دعا گھرندو آهي، ته ”اي الله سائين! هن قيديءَ جي حياتي بچائڻ جي لاءِ، شال! ڪنهن جو فون اچي نه وڃي ۽ هي بچي نه وڃي. نه ته هن جي پيرن هيٺان، تختي ڪڍڻ جي عيوض ۽ اُجوري ۾ ملندڙ مزدوريءَ جا پنج روپيا، مون کي ڪو نه ملندا.“ اسان جي علمي توڙي ادبي، تمام تر تاريخ شاهد آهي، ته جڏهن جڏهن به جلادن اسان جا تختا ڪڍيا آهن، ته انهن کي پنج روپيا به نصيب ڪو نه ٿيا آهن ۽ اسان وري ٻيو جنم وٺي، ٻيهر موٽي آيا آهيون ۽ اچي پنهنجي جنم جو جشن ملهايو آهي. يقين ڄاڻو، ته رنگ، پٿر ۽ قلم جو پورهيو، ڪڏهن به رائگان ڪو نه ويندو آهي. صديون انهن کي مٽائي نه سگھنديون آهن. بي بُنياد بُغض، ناحق نفرتون، سَکڻو ساڙ، علمي عداوتون، تِرڇيون تنقيدون ۽ رَوَيَنِ جون تکيون تنگ نظريون، انهن کي ڪڏهن به ڪمزور ڪري يا انهن جا حوصلا گھٽائي نه سگھنديون آهن. بلڪهِ ويتر وڌيڪ وڏي ۽ اٽل ارادي ۾ آڻي، انهن کي باقائده سنڌرو ٻَڌائي، منزلن ماڻڻ ۾ اچي مدد ڪنديون آهن. ”ڏوٿيَنِ چَيَسِ: ”ڏُورِ، ڪيچُ اَڳاهون پَنڌُ ٿيو،“ پاڻان چَڙهِي پُورِ، وِکَ وِڌائين وِتَرِي“، ”ڏيکاريَسِ ڏُکَنِ، گُوندَر گَسَ پِرِيَنِ جو، سُونهائي سُورَنِ، ڪِي هيڪاندِي هوتَ سِين.“  
اڄ جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سالگرھ جو سَمو اچي سهڙيو آهي، ته ان کي سُرخ سلام پيش ڪندي، اسين فقط ايترو چئي سگھون ٿا، ته ”اي ڊاڪٽر بلوچ صاحب! تون بڙ جي گھاٽي وڻ وانگر، واٽ ويندڙ مسڪين مسافرن جي لئي، ڇپر، ڇانهن ۽ ڇنڊڪار وانگر هئين، تون مکڻ، ماکي، مصري، مٺائِي ۽ ميوات وانگر، بنھ مٺڙو ۽ روح کي راحت بخشيندڙ رهبر هئين. سُرخ سلام آهي، تنهنجي دانائيءَ کي، تنهنجي دلبريءَ کي ۽ تنهنجي دُورانديشيءَ کي، جو اسان تنهنجي ٿڌڙي ۽ ٿَڪ لاهيندڙ ٿاڪ هيٺان ٿهرِي، تتل تاريخ جِي تلخيءَ کي، تحليل ڪرڻ جو طريقو سکيو ۽ ماٺ ميٺ ۾، اڃان اڳتي وڌڻ جو فن، فڪر، فلسفو، هنر ۽ حوصلو حاصل ڪيو.




ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
سنڌ جو هڪ املهه ماڻڪ
عاجز اعجاز راڄڙ
سنڌ منهنجي امڙ آھي ۽ ھن سنڌ ڌرتي جي پاڪ سرزمين ڪيترا ئي اھڙا نوجوان پيدا ڪيا آھن جن اڳتي ھلي پنهنجي سنڌ امڙ جو ناءُ پوري دنيا ۾ روشن ڪيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ انهن مان ھڪ آھي سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۱۹۲۴ع ڌاري ڳوٺ پلئي خان لغاري جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ورتي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري چڪ ۲۲ جمڙائو ۾ پڙھيو. ديني تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۱۹۲۹ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽر نبي بخش مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۳۶ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيو،۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ۽ پوءِ ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم اي ڪيائين ۽ ۱۹۴۹ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽر تعليم کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري تي رسائڻ کان پوءِ گڏيل قومن ۾ نوڪريءَ جي لاءِ سڏ ٿيو، پر پاڻ قبول نه ڪيائون ۽ پوءِ ۱۹۵۰ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾O.S.D (آفيسر بڪار خاص) مقرر ٿيو. ڪجهھ وقت کان پوءِ مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقاتِ عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر پوءِ وري ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏئي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترغيب تي، سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو ھو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر ۱۹۷۳ع کان جنوري ۱۹۷۶ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پڻ رهيو ھو. پهرين جولاءِ کان ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تائين انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سوِلائيزيشن جو ڊائريڪٽر رهيو. ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع کان آگسٽ ۱۹۸۳ع تائين بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر پڻ ٿي رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۳ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بھتري، ترقي ۽ سکيا لاءِ جوڙيل اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمين ٿي رهيو. ۽ ۱۹۹۳ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت جو نگران وزير پڻ رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ۱۹۹۱ع کان ۲۰۱۱ع تائين علامه آءِ آءِ قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪمن جي ڳالھه ڪجي ته ۱۹۵۴ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهم ڪم ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو. ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن ۽ ڪيل ادبي خدمتن تي جيڪڏهن لکبو ته ان جا ڪتاب ڀرجي ويندا پر ڊاڪٽر نبي بلوچ جون ڪيل خدمتون ڪو نه کٽنديون.
آخر ڪار ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي اسان کي اڪيلو ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو پر تاريخ جي سنھري اکرن ۾ سندس نالو لکيو ويندو ۽ کيس ھميشا ياد ڪيو ويندو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪيل ادبي ڪم صدين تائين اسان جي رھنمائي ڪندو.


ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌي ادب کي شاھوڪار ڪندڙ شخصيت
ابراھيم لاشاري
سنڌي ادب دنيا جي ٻين ملڪن کان به وڌيڪ آسودو آهي هن ڌرتي ڪيترن ئي عالمن، علم جي اڪابرين کي وقت بوقت پنهنجي هنج منجهه جنم ڏنو آهي ڪيترا ئي عالم، فاضل پنهنجي ادب کي پنهنجي سوچ، سمجهه، ڏاهپ سان سرشار ڪري پنهنجي حصي جو ڪم ڪري وارو وڄائي هميشه لاءِ هليا ويا، ڪيترا ئي اديب عالم هن وقت پڻ انهي پورهي سان لاڳايل نظر اچن پيا. اڄ هت هڪ يگاني عالم جو خاڪو پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. اهو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي هن روشن ڏيئي علي محمد خان لغاري جي گهر ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع آچر ڏينهن تي، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ اکيون کوليون. هو اڃان ننڍڙو ڇهن مهينن جو مس هو ته سندس والد هن جهان مان موڪلائي ويو جنهن بعد سندس تعليم ۽ تربيت جو سڄو بار چاچي ولي محمد خان لغاري جي ڪلهن تي پئجي ويو جنهن کيس شروع شروع ۾ پنهنجي ڳوٺ جي هندو ڀائي وسومل وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو جنهن وٽ هندڪا اکر سکيو. تنهن بعد ڳوٺ پليو خان لغاري ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪري، وڌيڪ نصابي تعليم لاءِ ۱۹۲۹ع ڌاري نوشهروفيروز مدرسي ۾ داخلاءِ ورتي. سال ۱۹۳۶ع ۾، بمبئي يونيورسٽي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ بهاءَالدين ڪاليج جهوناڳڙهه ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۴۱ ع ڌاري بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري، سڄي يونيورسٽي ۾ پهريون نمبر آيو. ساڳي وقت ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۱۹۴۳ ع منجهان ايم اي تنهن بعد ايل _ايل _بي جي ڊگري به فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، نبي بخش بلوچ محنت ڪرڻ کان هٿ نه کنيو ۽ ۱۶آگسٽ ۱۹۴۶ع تي ولايت ايڊيوڪيشن ۾ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ آمريڪا هليو ويو جتان پي_ ايڇ _ ڊي ڊاڪٽري جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪري ۱۹۴۹ ع ۾ واپس ڏيهه وريو تعليم پوري ٿيڻ تي کيس گڏيل قومن جي اداري ۾ نوڪري جي آڇ ٿي پر هن اها آڇ ٺڪرائي سنڌ جي خدمت جي شوق ۾ ۱۹۴۹ ع کان آگسٽ ۱۹۵۰ع تائين گهر گهر ڳوٺ ڳوٺ وڃي گهميو ۽ علمي ادبي ڪچهريون ڪندو ۽ تاريخي ماڳ ڏسندو رهيو ۽ تاريخي مواد گڏ ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ ادبي اٿل آهن سنڌي ٻولي تي تحقيق جي سلسلي ۾ سندس ڪم قابل قدر حثيت رکي ٿو، سندس سموريون ڪوششون سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ جي ميدان ۾ ئي آهن سنڌي ٻولي جي تاريخ جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جون تحريرون لسانيات جي ڏس ۾ خداداد لياقتن جو مظهر پڻ آهن هن جامع سنڌي لغات جي رٿا تي ساراهه جوڳو ڪم ڪندي هي لغات سال ۱۹۹۸ع ۾ ۷۲۹ صفحن ۽ ۲۷۰۰۰هزار لفظن تي مشتمل ڇپرائي سنڌي ادب ۽ اديبن حوالي ڪري هليو ويو . ملازمت جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پهريان ڪجهه وقت لاءَ حڪومت پاڪستان جي محڪمه اطلاعات ۽ نشريات ۾ هڪ عهدي تي ڪم ڪيو جتان مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس ون ۾ چونڊيو جنهن کان پوءَ کيس پاڪستان سرڪار وچ اوڀر تعلقات عامه جي شعبي ۾ سفارتخاني منجهه مقرر ڪيو ٿورو عرصو ان شعبي ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن تعليم ۽ تدريس ۽ تحقيق جي خدمت کي اوليت ڏيندي اهڙي اعليٰ منسب تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ۱۹۵۱ ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ تدريسي شعبي جو پروفيسر (سنڌي شعبي) جو پهريون استاد ۽ سربراهه بڻيو، ۱۹۷۳ع کان ۱۹۷۶ع تائين هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پڻ رهيو ان بعد هر سال لاءِ پاڪستان سرڪار جي تعليم کاتي ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۱۹۷۷ع کان ۱۹۷۹ع تائين وزارت ثقافت ۽ سياحت ۾ رهيو هو پهرين جولاءِ ۱۹۷۹ تي چيئرمين قومي ڪميشن تحقيق تاريخ ۽ ثقافت به مقرر ٿيو جتان ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع تي کيس اسلامي يونيورسٽي جو پهريون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو هن عهدي تي آگسٽ ۱۹۸۲ع تائين رهيو ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو مشير به رهيو جنهن کان پوءَ سال ۱۹۹۰ ع کان ۶ مارچ ۱۹۹۴ع تائين سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري (سنڌي لبنگويج اٿارٽي) جو پهريون چيئرمين پڻ ٿي رهيو، کيس علامه آءِ آءِ قاضي چيئر جو چيئرمين رهڻ جو به اعزاز مليو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا علمي ڪارنامه سنڌي ادب ۾ هڪ وڌي اٿل آهن تصنيفات ۽ تاليف جي سلسلي ۾ علم ادب لغت، شاعري، تاريخ، ثقافت، موسيقي، لطيفيات ۽ آثار قديمه تي لاجواب ڪتاب مقالا انگريزي، عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ۾ لکيا جن کي علمي ادبي دنيا ۾ اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو، شاهه لطيف کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي ٻين ٻه ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن تي تحقيق ڪري سندن شاعري کي ترتيب ڏنو آهي، سنڌي شاعري ۾ ڪليات جي تاليف کي نوان موڙ ڏيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪليات سانگي، ڪليات حمل، ڪلام نواب ولي محمد لغاري ڪلام ميون شاهه عنايت، ڪنڊڙي وارن فقيرن جو ڪلام پڻ ترتيب ڏنا، ڊاڪٽر بلوچ ڏيهه پرڏيهه ۾ سنڌ جي ثقافت جي پرچار ڪئي اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ سينگارڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءَ جيتري جاکوڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڪئي ايتري هن کان اڳ ڪنهن به نه ڪئي هئي، لوڪ ادب جي سلسلي جي ۲۵۰ صفحن تي مشتمل سندس چاليهن جلدن جي فهرست اعلي مثال آهي هن لڳ ڀڳ ۸۰ ڪتاب لکيا، جڏهن ته ڪيترن ئي اخبارن، رسالن، ميگزينن، ادبي پرچن ۾ سوين موضوعن تي ڇپيل سندس مقالن جو ڪو اندازو ئي ناهي.سندس ادبي لياقتون سمنڊ کان به وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لطيف سرڪار تي پڻ تمام گهڻو تحقيقي ڪم ڪيو گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ (شاهه جو رسالو) به ترتيب ڏنو سندس ۳۳ سالن جي ادبي پورهي جي نگراني ۾ شاهه جي رسالي تي هلندڙ تحقيقي ڪم سال ۲۰۰۰ ع ۾ مڪمل ڪري ورتو ۽ ان تحقيق ڪري شاهه جي رسالي جا ڏهه جلد تيار ڪرايا، ڪجهه شاعري به ڪئي، راڳ جو به شوقين هو سندس ڳوٺ جو الهڏنو فقير ماڇي سندس استاد هو. هن هڪ ڪتاب (سنڌي موسيقي جي تاريخ) پڻ لکي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هڪ وڏي اديب عالم اسڪالر ۽ دانشور جي حيثيت سان آمريڪا، ڪئناڊا، انگلينڊ، ايران، شام، مراڪش، فرانس ،سعودي عرب، لبنان، ترڪي، تيونس، جاپان، فلپائن، عراق، ڪويت، الجزائر ۽ ٻين ملڪن جا دورا پڻ ڪيا، جنهن سبب کيس وڏو محقق، اديب، تاريخدان، دانشور، ماهر لسانيات ۽ مبصر طور عالمي شهرت پڻ حاصل ٿي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سندس علمي ادبي خدمتن عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ وغيره ملي چڪا آهن جن منجهه تمغه پاڪستان، ستاره قائداعظم ۽ ۱۹۷۹ ۾ صدارتي ايوارڊ (تمغه حسن ڪارڪردگي) شامل آهن، سندس علمي مرتبو ۽ ڪم ايوارڊن کان گهڻو مٿي آهي هن دل جي تڪليف سبب ۶ اپريل ۲۰۱۱ اربع ڏينهن تي زندگي جو سفر پوري ڪري ۹۳سال ۳ مهينا ۽۲۱ ڏينهن گذاري اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
شخصيت ۽ شاهه لطيف تي ڪيل ڪم جو مختصر اڀياس
ڊاڪٽر فياض لطيف
ادب ۽ تاريخ جي تاليف، تدوين، تخليق، تحقيق ۽ ترويج جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب تي، خاص طرح سان پنجن عالمن، اديبن ۽ عِلم پَروَرن جا وڏا وَڙَ آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ترقي ۽ ترويج لاءِ، نه رڳو عمر ڀر پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي سگهائي ۽ سندرتا لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي، پر انهن ان جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون، وسيلا، سُرت، سگهه، علم ۽ دانش پڻ صرف ڪيون آهن.
انهن سُماني هستين مان سڀ کان پهريون نالو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي گهڻ رُخي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي، لسانياتي ۽ ترجمي جي پورهئي سان، نه فقط سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڪلچر جي نئين سِر تعمير ڪري، ان جا بنياد مضبوط ڪيا، ان کي نين روايتن، نئين اسلوب ۽ ترقي پسند سوچ سان روشناس ڪيو، پر ان کي گھڻ پاسائين تخليقي وسعت، جدت ۽ فني فڪري حُسناڪي عطا ڪري، سنڌي ادب کي ان پد تي رَسايو، جو اهو ڪنهن حد تائين ادب جي دنيا ۾ پاڻ ڳڻائڻ جي قابل ٿي سگهيو.
هن ادب جي آفتاب، سنڌي ادب کي نه رڳو ٻولي، تاريخ، سماجيات، نفسيات، فلسفي، حڪمت، ڊراما، ڪهاڻي ۽ ناول نگاري کان وٺي ترجمي، تخليق ۽ ٻين انيڪ علمي ۽ ادبي شعبن جي مختلف مواد تي مشتمل ۳۵۰ کان مٿي اَملهه ڪتاب ڏنا آهن، پر حقيقت ۾ هن سنڌي ادب کي نئون جنم ڏنو آهي. سچ ته قليچ جو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اهڙو ئي ڪردار آهي، جهڙو هڪ باغ جي مالهيءَ جو پنهنجي گلستان لاءِ هوندو آهي. هو نه فقط گلن ۽ ٻوٽن جون نيون نيون ورجيسون آڻي، پنهنجي باغ ۾ پوکي، ان جي سونهن ۽ سُندرتا ۾ اضافو ڪندو آهي، پر باغ ۾ موجود ٻوٽن ۾ نئين جنسن جا پيوند لڳائي، نوان ڦَل ۽ ڦول پڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيئن باغ جي سنوار، سُڌار، زيب ۽ زينت ۾ مالهي جسم کان روح تائين رُڌل هوندو آهي، نتيجي ۾ هر گؤنچ ۽ گُل ان جي پورهئي ۽ پگهر مان اُسري ۽ نِسري، هن جي محنت ۽ محبت جي گواهي ڏيندو آهي، ائين ئي سنڌي ادب جي چمن جي هر شاخ، نه صرف پنهنجي ابتدائي علمي مالهي مرزا قليچ جي محنت ۽ محبت جي شانائتي شاهدي پيش ڪري ٿي، پر ان جي پيار ۽ پورهئي جا ڳُڻ ڳائيندي، سموري سنڌ ان جي ٿورائتي ۽ احسانمند هجڻ جو هر دؤر ۾ احساس اوريندي رهي آهي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، مرزا صاحب جي علمي عظمت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو،”هن عالم سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اهڙي اوج تي پهچايو، جو اڄ تائين ٻيو ڪو به اديب ۽ عالم سنڌي ادب کي ايڏي وڏي پيماني تي مالامال نه ڪري سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي عرش ۽ فرش تي سدا روشن سج وانگر پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان چمڪي، سنڌي سماج جي ڪائنات کي روشن ڪري رهيو آهي. منهنجو ويساهه آهي ته، جيسين سنڌي ادب جو وجود قائم ۽ دائم آهي، تيسين سندس نالو ائين چمڪندو رهندو ۽ ان مان ٻيا ڪيترائي روشنيءَ جا ڪِرڻا ڦُٽي هن جڳ کي منور ڪندا رهندا“ (۱). 
ٻي هستي، جنهن سنڌي ادب کي ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، هو ڏوٿي هو ڏينهن، مهراڻ جون موجون، ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ جهڙا قيمتي ڪتاب ڏيڻ سان گڏوگڏ خاص طرح سان سنڌ جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌ کي نئين ۽ حقيقي تاريخ ميسر ڪئي، اهو حسام الدين راشدي آهي. راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ سان ٿيل ويڌنن ۽ ويساهه گهاتين کي نه رڳو وائکو ڪيو، پر ان جي پنهنجي علم ۽ استدلال آڌار تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌ جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ عطا ڪيو. هن تاريخ جي ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ ڇپيل مواد، جيڪو گھڻو ڪري فارسي زبان ۾ لکيل هو، ان جي وڏي عرق ريزي سان کناکيڙ ڪري، سنڌ جي تاريخ بابت اسان کي نه صرف نئون، ناياب ۽ حقيقتن ۽ سچائين تي مبني مواد ڏنو آهي، پر نوَن محققن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ جا جديد ۽ سائنسي طريقا پڻ متعارف ڪرايا آهن، جن کي هنئين سان هنڊائي ۽ انهن تي عمل ڪري سنڌ جي تاريخ کي نئين سري سان مرتب ڪري سگهجي ٿو.
شاهه صاحب روايتي طرح وڏيون سندون رکندڙ ماڻهو نه هو، پر وڏي علميت ۽ آگهي رکندڙ عالم ۽ تاريخدان هو. اها هن جي ڏاهپ ۽ علمي فضيليت ئي هئي، جو جرمن خاتون ايني ميري شمل جهڙي عالم به سندس علم ۽ دانش کان تمام گهڻي مرغوب ۽ متاثر هئي. پير صاحب تاريخ جي تاليف ۽ تدوين جو ڪم نهايت ئي نرالي ۽ معياري انداز سان ڪيو آهي. خاص ڪري، ’تاريخ مظهر شاجهاني، مڪلي نامو، حديقته الاولياءَ، تذڪره مشائخ سيوستان، تڪمله مقالات الشعرا، مرزا عيسى ترخان‘ وغيره سندس اهم تصنيفون ۽ تاليفون آهن، جيڪي ’سنڌ شناسيءَ‘ جي سلسلي ۾ وڏي رهبري ۽ رهنمائي ڪن ٿيون. 
جهڙيءَ ريت هڪ سونارو سُون کي پنهنجي ڪسوٽيءَ سان ڪچ ۽ ڪوڙ کان ڌار ڪندو آهي، ائين ئي راشدي صاحب سنڌ جي ملاوٽ زده ۽ ميري تاريخ کي پنهنجي پرک ۽ تجزئي جي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي، اَڇو اُجرو ڪري، الڳ ڪيو آهي. انهيءَ عمل لاءِ سنڌ ۽ سنڌ واسي سندس آڀاري آهن. جويو صاحب سندس ’سنڌ شناسي‘ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪم ۽ ڪردار جي تعريف ڪندي پنهنجي هڪ ليک ۾ رقم طراز آهي، ”پير صاحب ’سنڌ شناسيءَ‘ جي سلسلي ۾ جيڪو وسيع ۽ اعلى ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي تاريخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾، سو واقعي بي مثال آهي....هن پنهنجي مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ ان جي محرڪ جذبي جو جيڪو ڏسُ، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي آڏو واضح ڪيو آهي، اهو انهن لاءِ اهم هئڻ گهرجي ۽ اهو دراصل آهي ئي ’سنڌ شناسيءَ‘ جو ڏس، جيڪو هنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي خود آگهيءَ جو ڏسُ آهي ۽ اهو ئي کين پنهنجي هر تحقيقي ۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪ زندگيءَ جي هر عمل جو محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي“ (۲).
ٽين شخصيت، جنهن سنڌ جي علمي، ادبي، تعليمي، تاديبي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي تعمير ۽ اوسر ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، اهو محمد ابراهيم جويو آهي. جويو صاحب پنهنجي ذات ۾ انجمن آهي. جيترو پاڻ پنهنجي وجود ۾ علم جو ڀنڊار آهن، ايترو ئي پنهنجي شخصيت ۾ نهايت حليم، ٻاجهارا ۽ نرمل آهن. هو علم ۽ دانش جو اهو سايه دار وڻ آهي، جنهن جي علمي ڇانو ۽ ڇپر هيٺ رهي، هُن جي گيانن مان انيڪ پرُشن نه رڳو محبت، امن، انسان دوستي، ادب شناسي، حب الوطني ۽ روشن خياليءَ جا درس پِرايا ۽ پُرجهيا آهن، پر هن جي شخصي ڪردار ۽ ڪم مان اُتساهه وٺي ڪيترن ئي پنهنجي زندگيءَ جو سفر سجايو ڪيو آهي.
جامي چانڊيو پنهنجي هڪ مضمون ۾ جويي صاحب لاءِ لکي ٿو؛ ”سائين محمد ابراهيم سدائين سنڌ جو خاموش خادم رهيو آهي. مون ساڻس زندگيءَ جو پاءُ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گڏ سندس فڪري، ذاتي ۽ ادبي صحبت ۾ گذاريو آهي. مون کيس ڪڏهن به خودنمائي ڪندي، پنهنجا ڪم ۽ ڪارناما ڳڻائيندي، سنڌ يا عوام کي ڏوراپا ڏيندي يا ٺَلهيون شڪايتون ڪندي نه ڏٺو. هن هميشه هر ڪم اهو سمجهي ڪيو، ته اِهو سندس ڪم آهي، جيڪو هن پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام لاءِ ٻولي کنيو. ان حوالي سان جديد سنڌ جو هي ڏاهو، لطيف جو کاهوڙي نظر ايندو، جنهن وٽ رَيا، محبت جي موٽ، مهڻو، ميار ۽ خود قياسي عجيب هو. اهو وَڙُ مون سنڌ ۾ پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گھٽ ماڻهن ۾ ڏٺو آهي“ (۳).
محمد ابراهيم جويو ادارا سازي سان گڏوگڏ شخصيت سازيءَ جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو. اڄوڪي اَقربا پروري، سياسي نااهليت، علم ۽ عمل جي قحط واري دؤر ۾، جيڪو نوجوان نسل سنڌ جي چڱي لاءِ مختلف شعبن ۾ فرض شناسي، دل جمئي، جفاڪشي، جذبي جي سچائي ۽ آدرشي احساس سان ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو سچ ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هن انسان دوست ۽ سُڄاڻ سنڌ پرست مفڪر جي فڪري ۽ شخصي تربيت جي اثر جو نتيجو ئي آهي. هن سؤ ورهين جي سُچيت، بهادر، سنڌ سان بي لوث محبت ڪندڙ، روشن خيال ۽ جوان جذبن جي مالڪ آدرشي بزرگ، سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي ادب جي سيوا ڪئي آهي. هن علمي پورهيت، سنڌي ادب کي نه رڳو دنيا جي ڪلاسڪ ادب، فڪر ۽ فلسفي جا ناياب ڪتاب جهڙوڪ: ’فڪر جي آزادي، وحشي جيوت جا نشان، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، ايملي عرف تعليم، فرينچ انقلاب، محرڪيءَ جا مضمون، ۽ علم تدريس مظلومن لاءِ‘ سنڌي ترجمي جي صورت ۾ ارپيا آهن، پر پنهنجي تخليقي پورهئي، جنهن ۾، ’شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، ادب ٻولي تعليم، سنڌ جا مون سپني ۾ سوچي، سنڌ منهنجي خوابن جي‘ ۽ ٻيا ڪيئي شاهڪار شامل آهن، سان پڻ سنڌي ادب جي جهولي ڀري، ان جي سينڌ ۾ سُرت ۽ سجاڳيءَ جا ستارا جرڪايا آهن. سنڌ پنهنجي هن فرض شناس استاد، آدرشي انسان، اعلى مفڪر، ادب، ٻولي ۽ سماج جي سچي سيوڪ جي پيار سان ڪيل پورهئي ۽ پورهئي سان ڪيل پيار کي ڪڏهن به وِساري نه ٿي سگهي.
چوٿين هستي، جنهن سنڌي ٻولي، ادب ۽ خاص طرح سان جديد سنڌي شاعريءَ جي تخليقي ڪِرت ۾ هڪ مها ڏاتار وارو ڪردار ادا ڪيو، اهو شيخ اياز آهي. اياز نه فقط پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سنڀاليو ۽ ان جي گيڙوءَ رتي رنگن سان پنهنجي شاعريءَ جو ڪئنواس سجايو، پر هن هڪ نيرولي جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ جديد، نئين ۽ نرمل رنگن جو روح بيدار ڪري، پنهنجي ڏات جي سُڳنڌ ۽ ڦلڙيون ڦلڙيون فڪر سان ساري سنڌ کي واسي ڇڏيو.
شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جي زمين جي چَپي چَپي کي کيڙي، ان ۾ گلابن ۽ سورج مُکين جو حسين مانڊاڻ منڊيو ۽ ڀانت ڀانت جا ڦلدائڪ فڪري فصل پوکيا آهن، جنهن مان سنڌ صدين تائين کائڻ، اوباهڻ ۽ انهن مان احساساتي سڳنڌون ماڻڻ کان پوءِ به، ان جي تازگي ۽ تاثير جي سرور ۾ مسرور آهي. لطيف سنڌي شاعريءَ جي، نه صرف زمين کيڙي آهي، پر ان جي جَر ۾ جاٽون هڻي، سنڌ کي فڪر ۽ جماليات جا هيرا موتي آڇيا آهن. شيخ اياز جو ڪمال اهو آهي، ته هن سنڌ ۾ لطيف جهڙي باڪمال شاعر جي موجودگيءَ ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ منفرد ۽ الڳ جاءِ جوڙي آهي. اياز، جديد سنڌي شاعريءَ جي کيتيءَ کي هڪ کيت مزدور وانگر ميڙيو، کيڙيو، تخليقيو ۽ ان جي پنهنجي خون سان آبياري ڪئي آهي.
نئين سنڌ جي علمي، عملي ۽ فڪري تعمير ۾ اياز جي شاعريءَ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو ته روشن سج وانگر عيان آهي، پر هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي جياپي ۽ بقا جي جيڪا جنگ وڙهي، مختلف استحصالي ۽ جابر قوتن سان مُهاڏو اَٽڪايو آهي، اهو پڻ مثالي ۽ اُتساهيندڙ آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي تلوار بڻائي ڌرتي ۽ انسان دشمن قوتن تي وار به ڪيا آهن، ته ان کي امن پسند، وطن پرست ۽ انسان دوست ماڻهن جي ڍال بڻائي، انهن جي خودداري، آزادي، خودمختيار جياپي ۽ آزاد اظهار جي حق جي طرفداري به ڪئي آهي.
ڊاڪٽر اسحاق سميجو، اياز جي علمي ۽ تخليقي ڪردار بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو؛ ”گذريل اڌ صديءَ جو سنڌي ادب ۽ خاص طور ان جي شاعري، اياز جي نالي ۽ حوالي کان سواءِ هر لحاظ کان اڌورا ۽ اڻ پورا آهن. جيتوڻيڪ اڌ صديءَ جي ان ڊگهي پنڌ ۾ دنيا جهان جي انسانن، سندن آزادين ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جي ويڙهه ۾ سندن سهڪاري ٿي بيهڻ، پنهنجي تحفظ ۽ تشخص کي برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ جابر قوتن سان ٽَڪر کائڻ ۽ پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن ۽ سندن ٻوليءَ سان محبت جي ان عبادت جهڙي رستي تي، اياز سان ساٿ ۾ هڪ پورو قافلو هيو، پر ان قافلي جي واڳ، نمائندگي ۽ سرواڻي اياز وٽ ئي رهي ۽ هو ئي صحيح معنى ۾ ان جي اهل به هيو. هو پنهنجي اڀياس، شعور، احساس ۽ فنڪارانه نگاهه وسيلي، ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل ۾ جهاتي پائي سگهڻ جي غيرمعمولي سگهه جو مالڪ هو. ڏات ۽ ڏاهپ هن جي ذات ۾ ائين رلي ملي ويون هيون، جيئن پاڻي مٽيءَ سان يا محبت دل جي ڌڙڪنن سان رلي ملي ويندي آهي، ۽ اهو سمجهي نه سگهبو آهي، ته ڪير ڪنهن جي زندگي آهي. هن جي شاعري هڪ مڪمل ديس جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي. توهان هن جي شاعري پڙهي، هڪ مڪمل سنڌ سان ملي سگهو ٿا“(۴). 
اهڙيءَ طرح پنجين شخصيت، جنهن پنهنجي سموري زندگي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ ڪلچر کي ارپي، ان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪيو، اهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. علم التعليم، لغت، لسانيات، لطيفيات، آثار شناسي، تاريخ نويسي، لوڪ ادب، ثقافت، موسيقي، ادبي تنقيد ۽ ادبي تاريخ جي وڏي پارکو پُرش، نبي بخش خان بلوچ جو شمار ويهين صديءَ جي سنڌ جي انهن چند وڏن عالمن، اديبن ۽ مشاهيرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي علمي ۽ تحقيقي پورهئي سان، سنڌ ۽ سنڌي ادب جو اڱڻ اُجاري، ان جي آڪاش ۾ ڪهڪشائون پکيڙيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، سرائيڪي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي دسترس رکندڙ اسڪالر هو. سندس لکيل، مرتب ۽ ايڊيٽ ڪيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو سوَن ۾ آهي، جن ۾ خاص طرح سان لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: لوڪ شاعري، لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ لوڪ ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب، ۱۲ ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي شاعرن، ’قاضي قاضن، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، خليفو نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، صوفي صادق فقير، غلام محمد خانزئي، حمل فقير، نواب ولي محمد لغاري، مير عبدالحسين سانگي، لطف علي ۽ خليفي غلام نبي‘ جا مرتب ڪيل ڪليات، جن مان هر هڪ شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي بلوچ صاحب اهڙا ڀرپور مقدما ۽ جامع مهاڳ لکيا آهن، جو همصر دؤر ۾ ان جهڙو مثال ڪو ورلي ملندو.   
پنج جلدي جامع سنڌي لغات، شاهه جي رسالي جي لغت، اردو سنڌي لغت، شاهه لطيف جي رسالي جي ۱۰ جلدن ۾ ترتيب، تدوين ۽ تحقيق، فارسي متن ۾ ’تاريخ طاهري، لب تاريخ سنڌ، تاريخ معصومي، تحفته الڪرام، بيگلارنامو، چچ نامو، تاريخ بلوچي‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، حاشيه نگاري ۽ مفصل مقدمه نگاريءَ جو اهم ڪم ڪرڻ کان علاوه بلوچ صاحب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘ جهڙا بيش بها ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا آهن.
ان کان علاوه ڪيترن ئي عربي ٻوليءَ جي ڪتابن کي ايڊيٽ ڪرڻ ۽ انهن تي مفصل مقدما لکڻ جو ڪم پڻ پاڻ سهڻي سليقي سان ڪيو اٿائون. پنهنجي انگريزي ۾ لکيل ڊاڪٽريٽ جي مقالي، National System of Education and Education of Teachers کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه ٻيا اهم ڪتاب ۽ مقالا جهڙوڪ:Arts and Crafts of the Lower Indus Valley, The Education policy, The Musical Instruments of Sindh, Education in Sindh before the British Conquest and the Educational policies of the British government, Development of Music in Sindh, The Historical Sindh Era, Curriculum and Teachers Education, Folk Literature of Pakistan وغيره آهن، جن جي پنهنجي علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تعليمي اهميت ۽ افاديت آهي.
ڊاڪٽر صاحب نه فقط علمي ۽ ادبي کيتر جا مور ۽ ملوڪ ماڻهو هئا، پر پاڻ وڏن انتظامي عهدن تي پڻ فائز رهيا. جڏهن سندن جيون. خاڪي تي نگاهه وجهجي ٿي، تڏهن معلوم ٿئي ٿو، ته ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ضلعي سانگهڙ تعلقي سنجهوري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ نبي بخش بلوچ پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان هر اها منزل ۽ مرتبو ماڻيو آهي، جيڪو عام حالتن ۾هڪ غريب ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻار لاءِ مشڪل ۽ جهڙوڪر ناممڪن هوندو آهي.
بلوچ صاحب ابتدائي تعليم ڀرواري ڳوٺ پليو خان لغاريءَ مان پِرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي، تنهن کان پوءِ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جهوناڳڙهه مان ڪري، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم اي ۽ ايل ايل بيءَ جون سندون حاصل ڪيائين. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ ۽ ڊي ايڊ جون ڊگريون ماڻڻ کان پوءِ ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي تعليم واري شعبي ۾ استاد ٿيو، سندس محنتن ۽ ڪوششن سان جڏهن اهو ڊپارٽمنٽ مان انسٽيٽوٽ بڻيو، تڏهن پاڻ ان ۾ پهريان پروفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائون. ۱۹۷۳ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ٿيو. ۱۹۷۶ع ۾ کيس وفاقي وزارت تعليم ۾ سيڪريٽري ۽ ۱۹۷۷ع ۾ وزارت ثقافت، آثار قديمه ۽ سياحت جو قلمدان سونپيو ويو. سال ۱۹۸۰ع ۾ کيس اسلاميه يونيورسٽي اسلام آباد جو باني وائس چانسلر بڻايو ويو. پاڻ ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۴ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرمين رهيا. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي عهدن ۽ انتظامي منصبن تي رهڻ سان گڏوگڏ، ’تمغه پاڪستان، ستاره قائد اعظم، تمغه حسن ڪارڪردگي، تمغه امتياز‘ وغيره جهڙا اعلى اعزاز ۽ ايوارڊ به ماڻيائين، پر منجهس ڪڏهن به ڪو غرور، اڊنبر ۽ تڪبر نه رهيو. هو فقط سنڌي علم ۽ ادب جا درياءَ نه هئا، پر پنهنجي شخصيت ۾ پڻ نرمل، نهٺا، سٻاجها ۽ نماڻا هئا، اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ پنهنجن ماڻهن لاءِ سدائين بڙ جي گهاٽي وڻ وانگر ڇپر ۽ ڇانورو ٿي رهيا.
استاد لغاري، هِن مدبر، پارکو ۽ وڙائتي شخص بابت پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو، ”ايڏين وڏين ڊگرين رکڻ باوجود، ڪُڙمي، ڪوري، لوهار، درزي، موچي، واڍي، رازي، پورهيت، شاعر، سگهڙ توڙي فقير سان فقير ٿي پَٽَ ويهي رهندا هئا. انهن سان رهاڻيون رچائي، ڪچهريون ڪري، معلومات جا موتي ميڙي، علم ۽ ادب جون خرزينون ڀريندا هئا. هن وٽان نهٺائي، نوڙت ۽ اخلاقي سُهڻائي ڪير سِکي! هو گهاٽي بڙ جي ٿڌي ڇانو وانگر نيڻن ٺار ۽ ميويدار وڻ وانگر جهڪيل هئا“(۵).    
ڊاڪٽر بلوچ انهن مهان ۽ اعلى دماغ ماڻهن مان هو، جيڪي قسمت ۽ خوشنصيبيءَ سان ڪن قومن ۽ ملڪن ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ نه فقط ملڪ ۽ قومون منتظر هونديون آهن، پر انهن لاءِ وقت بذات خود انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ هوندو آهي. اهي جڏهن پيدا ٿيندا آهن، ته پنهنجي ڪردار، علم ۽ عمل سان ملڪن ۽ قومن جون نه صرف تقديرون تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، پر تاريخ ۾ خود به امر ٿي ويندا آهن. بلوچ صاحب پنهنجي شخصيت ۾ جيترو وضعدار، ويچارڪ ۽ وڙائتو ماڻهو هو، ايترو ئي علمي ۽ عملي طرح پارکو، سُڄاڻ، مدبر ۽ عالم ماڻهو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علمي ۽ فڪري حوالي سان معروف عالم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو پوئوار ۽ پيروڪار هو، پر عملي پورهئي ۽ تحقيقي پتوڙ ۾ نهايت ئي يگانو ۽ پنهنجن رَندن ۽ پنڌن جو راهي هو. سچ ته سنڌ ۾۲۰ صديءَ جي موجود عالمن مان، هي ودوان شخص پنهنجي اندر ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب جي زندهه انسائڪلوپيڊيا هو.
هن زندگيءَ جي هر ساعت ڪم ۾ مشغول ۽ مگن رهي، سجائي ۽ سڦل گذاري. ايتري تائين جو زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ به هن کي پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم کي پورو ڪرڻ جو اونو ۽ فڪر دامن گير رهيو. سندس نياڻي حميده بلوچ ان حوالي سان لکي ٿي، ”بابا پنهنجو لکڻ جو ڪم باقاعدي ڪندا رهيا ۽ آخري شام جو به پنهنجو ڪم ڪيائون. مون بابا سائين لاءِ ڪپڙا ڪڍي رکيا ۽ بدلائڻ لاءِ چيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ آيس ته اهي ڪپڙا اتي ئي رکيل هئا. مون چيو ته بابا سائين توهان ڪپڙا ڪو نه مَٽايا آهن، ته چيائون ته امان توکي ته خبر آهي، ته مون کي ڪپڙن مَٽائڻ ۾ به ٽائم لڳندو آهي. سوچيم ته جيڪو ڪم هٿ ۾ آهي، اهو پورو ڪري وٺان ۽ اهو وقت به انهيءَ ڪم کي ڏيان“(۶).
هو رواجي ۽ روايتي ماڻهن وانگر وقت وڃائڻ وارو ماڻهو نه، پر وقت جي هر گهڙيءَ کي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان استعمال ڪري، ان مان پِرائڻ ۽ پُرجهڻ سان گڏوگڏ ٻين کي علم ۽ آگهيءَ جا جهول ڀري ڏيڻ وارو انسان هو. هن سدائين سنڌ ۽ سنڌ واسين سان اَٿاهه محبت ڪئي. هن جيڪو به علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيو آهي، لوڪ ادب کان وٺي سنڌي لغت ۽ شاهه لطيف جي رسالي تائين، ان جي سٽ سٽ ۾ ’سنڌ ۽ سنڌيت‘ سج وانگر جرڪي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي ترقي ۽ فلاح لاءِ نه رڳو مقامي سطح تي پاڻ پتوڙيو آهي، پر ان کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۽ روشناس ڪرائڻ لاءِ هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين سوڀارو پڻ ٿيو آهي.
عنايت بلوچ ان سلسلي ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”۱۹۸۶ع ۾ آءٌ آمريڪا جي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم سمٿسونين ميوزم گهمڻ ويس. هيءُ ميوزم اَٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي. هڪڙي جڳهه تي لکيل هو ’A Sindh Home‘ عبارت پڙهي بجليءَ جهڙو ڪرنٽ محسوس ڪيم، سمجهه ۾ نه ٿي آيم ته اهو هتي ڪنهن ٺاهيو آهي...... سنڌي گهر ۾ اندر وڃي ڏسان ته سوسيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪ ٿري عورت ڏُڌُ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇڄ ۾ اَنُ ويٺي ڇنڊي ۽ ٽين مائي سنهي سُئي سان ٽُڪَ جي رلهي ويٺي سِبي. جذبات ۽ خوشيءَ ۾ سرشار ٿيندي ميوزم جي رکوالي کان پڇا ڪيم، ته هن هڪ دم رجسٽر کولي مون کي ٻڌايو ته هڪ صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندن نالو اين اي بلوچ هو. پاڻ ڪيترا ڏينهن هتي ترسيو ۽ هي سنڌ هوم به انهن ئي هتي قائم ڪرايو آهي. پاڪستان واپس ورڻ تي جڏهن ڊاڪٽر صاحب کان اها ڳالهه معلوم ڪيم، ته پاڻ ٻُڌايائون ته پاڪستان حڪومت مون کي حڪم ڪيو، ته سمٿسونين ميوزم ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي، ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهنڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr. Knez) جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، تنهن کي ’سنڌ هوم‘ ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن بنا دير قبول ڪيو...  مون هي واقعو انهيءَ ڪري لکيو آهي، ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل به سنڌ جيئارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي“(۷).      
بلوچ صاحب، سنڌي علم ۽ ادب جو اهو سچو سيوڪ ۽ حقيقي پورهيت هو، جنهن سڄي ڄمار ڪشالا ڪري، سنڌ جي جهر جهنگ، وستين ۽ واهڻن جا پنڌ ڏوري، نه رڳو سنڌي لوڪ ادب جو ٽڙيل پکڙيل ۽ ماڻهن جي سينن ۾ موجود سرمايو هٿ ڪيو، پر ان کي سوڌي سنواري، تحريري صورت ۾ آڻي، ۴۰ کان مٿي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري، ان کي منظرِ عام تي پڻ آندو آهي. ”سنڌي لوڪ ادب هڪ اٿاهه سمنڊ مثل آهي. اهو سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل هو ۽ اهو گهڻي ڀاڱي زباني روايتن تي ٻَڌل هو. قلمي مواد ۽ زباني روايتون گڏ ڪرڻ، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري معياري متن تيار ڪرڻ، هر صنف تي جامع مقدمو لکڻ ۽ مختلف شاعرن جي سوانح ۽ انهن جي شاعريءَ جو تجزيو ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، پر ڊاڪٽر صاحب جي حوصلي ۽ همت کي سلام آهي، جنهن ايڏو وڏو ڪم سرانجام ڏنو“(۸).
لوڪ ادب ڪنهن به سماج جي تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جي حقيقي تاريخ جو اهو دستاويز هوندو آهي، جنهن مان ان معاشري جي مجموعي جيوت، خوابن، خوبصورتين، جفاڪشين، جنگين، جولانن، پيار ۽ محبت جي سچن پچن جذبن ۽ احساسن جو اصلي عڪس ۽ اولڙو پَسي سگهبو آهي. ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب جي ان سرمايي کي سهيڙي، اهو ايڏو وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ صدين تائين پئي ڳائيندي. ”جيئن ’ڌوڙ ڌويو‘ ڌوڙ مان سون ڪڍي ٿو، تئين ڊاڪٽر بلوچ هڪ ڌوڙ ڌويي وانگر سنڌي جاتيءَ جي ٻوليءَ، ادب ۽ سڀيتا جي سون سريکين ڳالهين، ريتن، روايتن، ڳيچن، ڳاهن، هنرن، فنڪارن، شاعرن ۽ ٻين تاريخ ساز هستين بابت علم جو اهو اڻ مئيو خزانو مڻين مِٽيءَ منجهان ڇاڻي، ذرو ذرو ڪري ميڙيو آهي“(۹). سندس اها ميڙي چونڊي ايڏي وڏي مُلهائتي ۽ مانائتي آهي، جو انهيءَ لاءِ سنڌ کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو شاهه جي رسالي جي مستند متن تيار ڪرڻ، بيتن ۽ وائين جي معياري پڙهڻي ۽ انهن جي اصلي هجڻ لاءِ معيار ۽ ڪجهه ڪسوٽيون مقرر ڪرڻ، معنائن، تشريح، صورتخطي ۽ اُچارن جي ڇنڊڇاڻ وارو ڪم پڻ تمام گهڻو اهم ۽ اُتم آهي. شاهه لطيف سنڌ جو ڀاڳ، سُڀاڳ، مانُ ۽ سُمان آهي. اهي قومون خوشنصيب هونديون آهن، جن کي لطيف جهڙا مفڪر ۽ مدبر شاعر ملندا آهن. سنڌ جي کاتي مان شاهه لطيف ۽ موهين جي دڙي کي ڪڍي ڇڏجي ته، سنڌي ادب ڀٽائيءَ بنا ۽ سنڌ جي تهذيبي تاريخ مهين جي دڙي کان سواءِ باقي ڇا رهندي، اهو هر عالم ۽ اديب ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو. شاهه جي شاعري، سنڌوءَ جي انهيءَ آب وانگر آهي، جنهن جي فڪري ۽ جمالياتي جَلَ مان سنڌ جي لڳ ڀڳ ساڍن ٽن نسلن، نه رڳو پنهنجا سينا سيراب ڪيا آهن، پر هن جي ڪلام جي پارس کي ڇُهي، ڪيئي سراپا سُون بڻيا آهن. لطيف جو ڪلام ڪيترن ئي عالمن سهيڙي مختلف صورتن ۾ پيش ڪيو آهي. شاهه جي رسالي جي هر مرتب، ارنيسٽ ٽرمپ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ٻين ڪيترن ئي لطيف شناسن تائين هر ڪنهن پنهنجي طرح سان سندس شاعريءَ جي ترتيب، بيتن جي پڙهڻي، سُرن جو سِٽاءُ ۽ لفظن جون معنائون مقرر ڪيون آهن. ايترو ئي نه، پر هر رسالي ۾ سُرن، بيتن ۽ وائين جي گھٽ وڌائي سان گڏوگڏ اهڙا ڪيترائي معنوي مونجهارا ۽ تشريحن جا تضاد پڻ ملن ٿا، جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ کي ته يقينن اُلجهائي ۽ مُنجهائي وجهن ٿا، پر پڙهيلن ۽ شاعريءَ جي سوجهه ٻوجهه رکندڙ چڱن ڀلن کي اهي معاملا مختلف خيالن ۽ راين جي راهن ۾ رُلائي ڇڏن ٿا.
شاهه جي ايترن رسالن جي موجودگيءَ باوجود ڪو هڪ رسالو به اهڙو نه آهي، جنهن کي متفقه طور مستند سمجهي اَپنائجي. شاهه جي شاعريءَ جي سوڌ ۽ سنوار جي انهيءَ سلسلي ۾ پهريون اهم قدم گربخشاڻي صاحب کنيو هو، جنهن کان پوءِ ٻين ڪجهه عالمن ۽ لطيف شناسن پنهنجي حال آهر پڻ پاڻ پتوڙيو، پر اهو ڪم ڪنهن تڪميل ۽ تسلي بخش نتيجي تي نه پهچي سگهيو، انهيءَ ڪميءَ کي محسوس ڪندي بلوچ صاحب اهو بار پنهنجن ڪُلهن تي کڻڻ جي حامي ڀري. حقيقت ۾ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان پهريون عالم آهي، جنهن سنڌ کي اهي شيون ڏنيون آهن، جن جي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي ضرورت هئي. مثال طور. ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب جي سهيڙ، جامع سنڌي لغات، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۽ خاص طرح شاهه جي رسالي جو مستند متن‘ وغيره“(۱۰).
ڊاڪٽر صاحب نه رڳو شاهه لطيف جي سوانح، جيڪا گھڻو ڪري حڪايتن، روايتن ۽ عقيدت جي مودا تي محيط هئي، تنهن کي عملي ۽ تجزياتي تحقيق جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ڇنڊي ۽ ڇاڻي، ڪافي حقيقتون پڌريون ڪيون آهن، پر شاهه جي ڪلام جا ۱۶ ڇپيل ۽ ۵۰ کان مٿي قلمي نسخا هٿ ڪري، ۳۲ سالن جي مسلسل محنت، مشقت ۽ تحقيقي عرق ريزيءَ کان پوءِ ۱۰ جلدن تي مشتمل شاهه جي رسالي جو ڪنهن حد تائين هڪ مستند متن تيار ڪيو، جيڪو سندن وڏو ڪارنامو آهي. بلوچ صاحب جي انهيءَ ڪم تي سرسري نظر وجهنداسين ته، سُڌ پوندي ته هن علم جي پورهيت ۽ لطيف جي عاشق ڪيتري نه لگن ۽ دل جي حضور سان محبت جي مزدوري ڪئي آهي.

پهريون جُلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
شاهه جي رسالي جي مستند متن جو هي پهريون جلد، جيڪو ۶۲۹ صفحن تي محيط آهي ۽ ان ۾ ڊاڪٽر صاحب خاص طرح سان ’سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ‘ جي بيتن ۽ وائين جي سٽ وار سمجهاڻين، مختلف ڪاتبن جي قديم ۽ جديد صورتخطين ۽ مختلف ڇاپن ۾ موجود شاهه جي ڪلام جي مواد جي ڇنڊڇاڻ تي پنهنجو نور نچويو آهي. هي جلد ڇهن بابن، ٻن مهاڳن ۽ هڪ جامع مقدمي تي مشتمل آهي. پهريون باب، جنهن ۾ بلوچ صاحب شاهه سائينءَ جي سوانح بابت موجود روايتن ۽ حڪايتن جي اوک ڊوک ڪري، نه فقط لطيف تي حقيقتن تي مبني مواد سامهون آندو آهي، پر ڀٽائي کي هم گير، گهڻ رخو ۽ سدا حيات شاعر ثابت ڪيو آهي. ٻي باب ۾ شاهه جي رسالي جي اصليت، حقيقت، قلمي نسخن ۽ ڇپيل ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان تي پنهنجا قيمتي رايا ۽ ويچار پيش ڪيا آهن. ٽين باب ۾ شاهه جي رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، چوٿين ۾ رسالي جي ترتيب، پنجين ۾ شاهه جي ڪلام جي پرک جي معيارن جو تعين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇهين باب ۾، جامع مستند متن لاءَ صورتخطي جي تقرري جي معاملن تي خيالن جي اظهار سان گڏوگڏ ’سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ‘ جي فڪر ۽ فلسفي تي، نه صرف عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي وئي آهي، پر هر بيت توڙي وائيءَ جو مختلف ڇپيل ۽ قلمي مواد سان موازنو ڪري، انهن جي اُچار، لکت، درست پڙهڻي، لفظن جي اصليت ۽ صحيح معنى تي پڻ جوڳو ڌيان ڏنو ويو آهي.           
ٻيو جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
شاهه سائين جي ڪلام جو هي جلد، جيڪو ۵۲۱ ورقن، هڪ ۳۴ صفحن جي مقدمي ۽ پنجن مهاڳن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ چئن سُرن يعني ’سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي‘ جي فڪري، جمالياتي، فلسفياڻي ۽ لوڪ پسمنظرن کي پيش ڪرڻ سان گڏ داستان وار بيتن ۽ وائين جي شاهه جي ٻين قلمي ۽ ڇپيل رسالن سان ڀيٽ ڪري، انهن جي معياري پڙهڻي مقرر ڪرڻ ۽ لفظن جي درست معنى ڏيڻ سان کان علاوه هر بيت جي مناسب ۽ سونهندڙ تشريح پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن سان شاهه جي ڪلام کي نه فقط سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، پر علمي ۽ تحقيقي حوالي سان نوان گوشا نروار ٿي سامهون اچن ٿا. هن جلد ۾ شاهه جي ڪلام کي مستند ۽ معياري بنائڻ خاطر مٿين چئني سُرن جي مِڙني بيتن ۽ وائين کي هيٺين ڇهن اهم علمي ۽ تحقيقي ڪسوٽين تي پرکيو ويو آهي.
۱.   ماخذن طور رسالن جي تعداد جو معيار
۲.   رسالن جي قدامت جو معيار
۳.   رسالن جي ڀيٽ جو معيار
۴.   سنڌي ٻوليءَ ۽ بيان جي سُهڻائيءَ جو معيار
۵.   اعلى شاعريءَ جو معيار
۶.   اعلى فڪر ۽ فهم جو معيار
ٽيون جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
هي جُلد ۶۱۰ صفحن، هڪ مقدمي ۽ اَٺن مهاڳن تي متشمل آهي. هن ۾ شاهه جي ستن سُرن، ’سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُي ڪارايل ۽ سُر ڏهر‘ جي مختلف فني ۽ فڪري پهلوئن تي پنهنجن عالماڻي ۽ مدبرانه ويچارن جو وستار ڪندي، ڊاڪٽر صاحب هر سُر جو تفصيلي تعارف پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ۽ انهن سُرن جي علامتي معنائن، فڪري صداقتن، فلسفياڻي نڪتن، ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ سماجي ڪارج جي حوالي سان پڻ هنئين سان هنڊائڻ جهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي هڪ طرف نيون ۽ نراليون آهن، ته ٻي طرف اهي ڪيترن ئي بحث جي نقطن کي اُڀارين ۽ علمي سوالن کي جنم ڏين ٿيون، جن تي ٻين عالمن ۽ لطيف شناسن کي ضرورغور ڪرڻ انهن نقطن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ گهرجي.
چوٿون جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
شاهه جي ڪلام جي هن مستند ۽ معياري متن جي جُلد ۾ سسئي جا پنج سُر، ’سُر آبري، سُر معذري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حُسيني‘ شامل آهن. اڳين جلدن وانگر ڊاڪٽر صاحب هن جلد ۾ پڻ متن ۽ معيار کي اوليت ڏيندي، شاهه جي ڪلام جي علمي ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. خاص طرح سان مقدمي ۾ بلوچ صاحب سسئي جي حوالي سان جن ڇهن نڪتن، جيڪي هي آهن. (۱. سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعلى فهم ۽ فڪر جا اهڃاڻ. ۲. سسئيءَ جو جامع ۽ مثالي ڪردار. ۳. شاهه، انسان جي نفسياتي ڪيفيتن جو شارح. ۴. زندگيءَ ۾ اعلى مقصد ۽ ان لاءِ جدوجهد ۵. سسئي پنهون جو قصو. ۶.سرن ۾ شامل ڪلام جي صحت ۽ شاهه سان ان جي نسبت.) جي عالماڻي انداز سان تشريح ۽ وضاحت ڪئي آهي، اها سسئي جي سُرن جي تفهيم ۾ وڏي سهڪاري ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن جلد ۾ ڊاڪٽر صاحب، سسئي جي پنهونءَ جي تلاش ۾، جهنگ جهر ۽ ڏونگر ڏورڻ واري سعيي ۽ سرفروشيءَ واري پهلوءَ تي جيڪو سير حاصل بحث ڪيو ۽ ان مان زندگيءَ جي جدوجهد ۽ جستجو جا نت نرالا ۽ نوان نقطا نروار ڪيا آهن، اهي هڪ آدرشي ماڻهو کان علاوه هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ پڻ وڏي اُتساهه ۽ آجپي جو سبب ٿي سگهن ٿا.
پنجون جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
 هن ۾ چئن سُرن، ’سُر مومل راڻو، سُر ليلا چنيسر، سُر ڪاموڏ ۽ سُر سورٺ‘ جو مستند متن ڏنل آهي. هن جُلد جي هڪ خوبي ۽ خوبصورتي اها به آهي ته، ان ۾ نه رڳو مذڪوره مستند متن جي اصولن ۽ معيارن کي مدِ نظر رکيو ويو آهي، پر هن ۾ جيڪي چار سُر ڏنا ويا آهن، انهن ۾ هڪ موضوعي يڪسوئي ۽ ڪرداري ربط قائم ڪيو ويو آهي. مومل، ليلا، نوري ۽ سورٺ، چارئي اهڙا ڪردار آهن، جن مان ٽي ڪردار ’مومل، ليلا ۽ سورٺ‘، سُکن مان ڏکن جو ڏهاڳ پِرائن ٿيون، جڏهن ته چوٿون ’نوريءَ‘ جو ڪردار آهي، جيڪو هُنن ٽنهي جي برعڪس ڏکن ۽ سورن مان سِرجي ’سُکُ ۽ سهنج‘ پائي ٿو. هر ڪردار جي پنهنجي ڪٿا، ڪرب ۽ قرار جا احساس به پنهنجا آهن، پر ان جي باوجود ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن چئني ڪردارن جي داخلي ڪيفيتن، احساساتي ڀاونائن ۽ ذاتي ڀوڳنائن جي جيڪا ڪمال عڪاسي ڪئي آهي، اها موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
ڇهون جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
هن جلد ۾ پڻ چار سُر، ’سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا‘ ڏنا ويا آهن، جيڪي فڪري لحاظ سان نه فقط ڳوڙها، گهرا علامتي ۽ احساساتي آهن، پر انهن ۾ ’درد ۽ غم جو فلسفو‘ ۽ ’خود شناسي‘ جي احساس جا رنگ جهجها ملن ٿا. هي چارئي سُر، انهن جو موضوعي مانڊاڻ، فني تاڃي پيٽو، معنوي پهلو ۽ جمالياتي جهان ايترو ته حسين، همگير ۽ اثرائتو آهي، جو ان کي ساڃاهڻ لاءِ وڏي سُرت درڪار آهي. سچ پچ ته هي چارئي سُرَ لطيف جي اعلى فڪر، احساس ۽ ادراڪ جي آرسي آهن. فڪري گهرائي ۽ علامتي اونهائيءَ ڪارڻ هي سُرَ گھڻو ڪري نه صرف عام جي فهم ۽ اراڪ کان اُتهان ۽ اوڏا رهيا آهن، پر ڪيترا ئي ’اَڪابر‘ پڻ انهن جي پرياڻ کي پرکي ڪين سگهيا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي فڪري، فلسفياڻي ۽ علامتي پهلوئن تي اڄ تائين تُز نمونيءَ سان گھٽ روشني وڌي وئي آهي. بلوچ صاحب پنهنجي طور تي انهن سُرن جي مختلف پهلوئن تي گهڻ پاسائين تحقيق ڪري، انهن کي نئين انداز سان اُجاگر ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا لاڀائتي آهي.
ستون جلد. (شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام):
شاهه جي ٽن سُرن، ’سُر مارئي، سُر سُهڻي ۽ سُر سارنگ‘ تي مبني آهي، جيڪو ۶۴۸ صفحن ۽ هڪ مفصل مقدمي تي محيط آهي. هن جلد ۾ پڻ بلوچ صاحب شاهه جي شاعري جي مختلف رخن تي جامع روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طور تي ’سُر سارنگ‘ ۾ لطيف سائين جي فطرت نگاري ۽ جمالياتي نُدرتن جي ڪمال پيشڪش ۽ فنڪاراڻي اظهار جي آرٽ تي هُن عالماڻا ويچار ونڊيا ۽ لطيف جي بيتن جي جمالياتي تشريح ڪئي آهي. جڏهن ته ’سُر مارئي ۽ سُر سهڻيءَ‘ بابت سندن راءِ روايتي ۽ ساڳي رواجي آهي. پاڻ لکن ٿا، ”جيتوڻيڪ ظاهري معنى ۾ ’عمر مارئي‘ ۽ ’سهڻي ميهار‘ جي ڪٿا زماني ڳالهين سان تعلق رکي ٿي، مگر اعلى عرفان جي آئيني ۾ اهي تخليقِ ڪائنات جي ازلي حقيقت جا مظهر آهن، جنهن مطابق هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽڻ لاءِ مشتاق آهي. انهيءَ ازلي حقيقت مطابق مارئي ٿر ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ سهڻي درياءَ جي هن پار واري رسمي زندگيءَ بدران هن پار جي دائمي بقا ۽ خوشيءَ واري زندگيءَ لاءِ دنيا جي دهشت وارو درياءُ تري ٿي. تصوف جي اعلى عرفاني فڪر ۾، سالڪ لاءِ فنا ۽ وصال واريون اهي آخري منزلون آهن، انهيءَ لحاظ سان انهن ٻن سُرن کي سڀني سُرن جي آخر ۾ آندو ويو آهي“(۱۱).        
توڙي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نقطه نظر ڪٿي ڪٿي محدود، ڌريائتو ۽ ذاتي نوع جو محسوس ٿئي ٿو، پر ان جي باوجود سندن محنت، جذبي ۽ هن هيڏي وڏي مشڪل ۽ صبر آزما ڪم کي يڪسوئي سان سرانجام ڏيڻ ۽ ان کي ڪنهن تڪميل تي پهچائڻ لاءِ کيس جس ڏيڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
اَٺون ۽ نائون جلد. (شاهه جو ڪلام):
مٿين ستن جلدن، جيڪي شاهه جي ڪلام جي گھڻ پهلوئي تحقيق، تنقيد ۽ تجزئي تي آڌارڪ ۽ هزارين صفحن تي ڦهليل آهن، انهن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جيڪو شاهه جو ڪلام بچيو، ان کي ترتيب ڏئي هنن ٻن جلدن ۾ سموئيو ويو آهي، جنهن کي علمي نتيجن جي آڌار تي ’شاهه جو مستند رسالو‘ قرار ڏنو ويو آهي. بلوچ صاحب، سُر ڪيڏاري کي خارج ڪري، شاهه جي هن ۾ مستند رسالي ۾ ۲۹ سُر ’سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سريراڳ، سُر سامونڊي، سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڏهر، سُر آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري، سُر حسيني، سُر راڻو، سُر ليلا، سُر ڪاموڏ، سُر سورٺ، سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي، سُر آسا، سُر مارئي، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ‘ ڏنا آهن. هن جلد ۾،”۲۹ سُر، ۱۵۹ داستان، ۳۱۱۲ بيت، ۽ ۲۰۸ وائيون شامل آهن. ڪل اسمن جو تعداد ۳۳۲۰ آهي. ۵۶۴ صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي ’سُر سارنگ‘ جي متن ۽ معنى تي ٿئي ٿي“(۱۲).
ڏهون جلد. (شاهه جو رسالو. رسالي جو ڪلام):
لطيف سائين جي مستند ڪلام جي هن جلد ۾، جيڪو۸۵۵ صفحن ۽ هڪ تفصيلي مقدمي تي محيط آهي، مختلف رسالن مان خارج ڪيل ڪلام شامل آهي. شاهه لطيف جي ڪلام جي اڳين مرتبن ۽ محققن، ڌارئي هجڻ جا مختلف سبب ۽ عذر ڄاڻائي، ڪيترو ئي ڪلام شاهه جي رسالي مان خارج ڪري ڇڏيو، پر ڪڏهن به ان کي الڳ محفوظ نه ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سالن جي تحقيق ۽ معقول دليلن جي بنياد تي جيڪو مواد ڌاريو ۽ ٻين جو ڄاڻائي شاهه جي رسالي مان خارج ڪيو آهي، ان سموري ڪلام کي هن ڏهين جلد ۾ سهيڙيو آهي، جنهن کي ’رسالي جو ڪلام‘ جو سِرو ڏنائون اَٿائين، جنهن ۾ تقريبن ۷۰ کن اڳ جي عارف، عشاق ۽ سالڪ شاعرن جو ڪلام موجود آهي، جڏهن ته ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي ’شاهه جو ڪلام‘ جو نالو ڏنو اَٿائين.
ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ، محنت، تحقيق ۽ علمي تجزئي کان پوءِ نه رڳو ’شاهه جي ڪلام‘ کي ڇنڊي ڇاڻي مستند بڻايو آهي، پر شاهه جي ڪلام ۾ شامل ٻين شاعرن جي مواد کي پڻ الڳ ڪيو آهي، جيڪو سندن وڏو قابلِ تعريف علمي ڪارنامو آهي. بلوچ صاحب علمي ۽ تحقيقي نزاڪتن، باريڪين ۽ ان جي تبديل ٿيندڙ سائنسي سچائين کان چڱيءَ ريت باخبر آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪم کي حتمي ۽ حرف آخر سمجهڻ بدران هڪ سنگ ميل سمجهندي، ان سلسلي ۾ رقم طراز آهي، ”موجوده ڄاڻ ۽ مسلسل تحقيق مطابق شاهه جي رسالي جي مستند متن جون اهي ٻه جدا، پر مڪمل ۽ صاف صحيح صورتون آهن. يعني ’شاهه جو ڪلام‘ ۽ ’رسالي جو ڪلام‘. جيڪڏهن آئنده ڪي ٻيا وڌيڪ معتبر قلمي رسالا دستياب ٿيا، ته انهن جي روشنيءَ ۾، انهن ٻنهي صورتن کي اڃا به وڌيڪ پرکي ضروري ترميم ڪئي ويندي“ (۱۳).
ان کان علاوه ”جامع سنڌي لغات ترتيب ڏيڻ، تاريخي ماخذن جي سنڌي ترجمي، تحقيق توڙي اشاعت، سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ ۽ شايع ڪرائڻ جهڙين اهم رٿائن جوڙڻ ۽ منظور ڪرائڻ سان گڏوگڏ انهن تي اٿاهه علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيشڪ سنڌ کي فخر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي“(۱۴).
نتيجو: ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ صاحب جون سنڌي علم ۽ ادب جي گھڻ پاسائين بهتري، ترويج ۽ ترقيءَ لاءِ ايتريون اهم، نمايان ۽ لاڀائتيون ڪوششون آهن، جن کان ساڻس ڪو اختلاف رکڻ وارو ماڻهو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن پورهيت قلمڪار جنهن محنت، محبت ۽ جفاڪشيءَ سان علمي مزدوري ڪري، سنڌي ادب کي اَملهه هيرن ۽ موتين سان مالامال ڪيو آهي، ان خزاني مان سنڌ جا ڪيئي نسل لاڀ ماڻي سگهن ٿا.   
ڊاڪٽر بلوچ، نه صرف مقدار جي لحاظ سان تمام گھڻو ۽ گهڻ رخو ڪم ڪيو آهي، پر پنهنجي طور تي وڏي تحقيق، ڇنڊڇاڻ ۽ مواد جو مختلف ماخذن سان موازنو ڪري، تحقيقي اصولن ۽ ڪسوٽين کي سامهون رکي، معيار کي قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
هن سُجاڳ ۽ سُچيت اديب ۽ عالم جون سنڌي علم ۽ ادب جي اميري ۽ آسودگي لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن به طور تي فراموش ڪري نه ٿيون سگهجن. هن جي ڪم ۽ تحقيقي نقطه نظر سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جنهن نيڪ نيتي ۽ جذبي جي سچائيءَ سان سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، لغت، لوڪ ادب ۽ خاص طرح سان لطيفيات جي سلسلي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن لاءِ بنا ڪنهن ججهڪ جي کيس صدقِ دل سان سلام ۽ خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي ٿو.
حوالا
۱. ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر، ”شخص ۽ عڪس“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، ۲۰۱۲ع، ص۵۲.
۲. راشدي، حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، (مهاڳ).ـ محمد ابراهيم جويو، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي، ۱۹۸۱ع ص۸.
۳. چانڊيو، جامي، ”سندي جوڳيان ذات“، پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس، ڪراچي، ۲۰۱۶ع، ص۷۱.
۴. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”ڳاءِ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“، روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو، سنڌ، ۲۰۱۵ع، ص۹.
۵. لغاري، استاد، ”لطيفي اسرار“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، ۲۰۱۶ع، ص۷۷.
۶. بلوچ، حميده، (مضمون)، ”منهنجي بابا جون يادگيريون“، ”ٽماهي مهراڻ. بلوچ نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، اپريل. جون ۲۰۱۲ع، ص۱۵۵.
۷. بلوچ، عنايت، (مضمون)، ”آديسي آديس، هتان ڪري هليا“،”ٽماهي مهراڻ. بلوچ نمبر“، ص۱۰۱.
۸. شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، (مقالو)، ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو“،”ٽماهي مهراڻ. بلوچ نمبر“، ص۱۲۶.
۹. سحر، امداد، ڊاڪٽر، ”شعور شاعر شاعري“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ۲۰۰۸ع، ص۱۸۳.
۱۰. شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، (مقالو)، ”ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو“، ”ٽماهي مهراڻ. بلوچ نمبر“، اپريل. جون ۲۰۱۲ع، ص۱۲۶.
۱۱. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام. جلد ۷، شاهه جي رسالي جو جامع ۽ مستند متن“، علامه قاضي رسالو، تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، ۱۹۹۸ع، ص۹.
۱۲. لغاري، استاد، ”لطيفي اسرار“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، ۲۰۱۶ع، ص۱۲۲.
۱۳. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”شاهه جو رسالو. شاهه جو ڪلام، جلد.ـ ۱۰“، ۱۹۹۶ع، ص۷۲.
۱۴. فگار، هَڪڙو، انور، ڊاڪٽر، ”هڪ ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سُرت هئي“، ”ٽماهي مهراڻ. بلوچ نمبر“، اپريل. جون ۲۰۱۲ع، ص۳۰۸.


(ليکڪُ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري، جي سنڌي شعبي ۾، اسسٽنٽ پروفيسر آهي.)




ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ڪيل ڪم

مظهر منظور جي فيسبڪ وال تان

لوڪ ادب

۱.  مداحون ۽ مناجاتون، ۱۹۵۹ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲.  مناقبا، ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳.  معجزا، ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۴.  مولود، ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۵.  ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)، ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۶.  ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو) ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۷.  هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا، ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۸.  جنگناما، ۱۹۸۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۹.  واقعاتي بيت، ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۰. مناظرا، ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۱. سنڌي سينگار شاعري، ۱۹۸۶ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۲. پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ۱۹۶۵ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۳. ڳجهارتون، ۱۹۶۹ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۴. ڏور، ۱۹۷۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۵. ڳيچ (جلد پهريون ۽ ٻيو گڏ) ۱۹۶۳ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۶. لوڪ گيت، ۱۹۶۵ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۷. بيت، ۱۹۷۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۸. نڙ جا بيت (سانوڻ ۽ سندس ساٿياري)، ۱۹۷۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۹. قافيون (جلد پهريون)، ۱۹۸۵ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۰. قافيون (جلد ٻيو)، ۱۹۸۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۱. قافيون (جلد ٽيون)، ۱۹۹۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۲. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۱ (بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون) ۱۹۸۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۳. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۲ (بادشاهن، وزيرن ۽ سوداگرن جون ڳالهيون)، ۱۹۷۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۴. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۳ (پرين، ديون، جادوگرن، ڏائڻين ۽ نجومين جون ڳالهيون)، ۱۹۸۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۵. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۴ (بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن، ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالهيون)، ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۶. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۵ (ٻاراڻيون آکاڻيون)، ۱۹۶۲ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۷. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۶ (جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون)، ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۸. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون-۷ (ڳاهن سان ڳالهيون)، ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲۹. مشهور سنڌي قصا: رزميه داستان -۱ دودو چنيسر (جلد پهريون)، ۱۹۷۶ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۰. مشهور سنڌي قصا: رزميه داستان -۲ دودو چنيسر (جلد ٻيو)، ۱۹۷۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۱. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۱، موکي متارا، مري ۽ مڱ ٿر، اُڍو ڪيهر ۽ هوٿل پري، ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو ڦلاڻي، ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۲. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۲، سهڻي ميهار ۽ نوري ڄام تماچي، ۱۹۷۲ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۳. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۳، ليلان چنيسر، ۱۹۷۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۴. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۴، سسئي پنهون، ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۵. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۵، مومل راڻو، ۱۹۷۵ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۶. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۶، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو، ۱۹۷۶ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۷. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جي حب الوطنيءَ جو داستان، عمر مارئي، ۱۹۷۶ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۸. مشهور سنڌي قصا: سنڌ جا عشقيه داستان-۸، ڍول مارو، ۱۹۶۹ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳۹. سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان- مورڙو ۽ مانگر مڇ، ۱۹۶۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۴۰. مشهور سنڌي قصا: ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان -۷، ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۴۱. رسمون، رواج ۽ سوڻ ساٺ، ۱۹۷۸ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۴۲. سنڌي هنر شاعري، ۱۹۹۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

اهڙيءَ طرح سنڌي ادبي بورڊ پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جا ترتيب ڏنل لوڪ ادب سلسلي جا جملي ۴۲ ڪتاب ٿين ٿا. ان کان سواءِ سندن تاليف ڪيل هيٺيان ٽي ڪتاب پڻ لوڪ ادب سلسلي جي ڪتابن ۾ شمار ٿيڻ گهرجن ۽ ائين اهي جملي ۴۵ ڪتاب ٿين ٿا:

ٻيلاين جا ٻول: ۱۹۵۱ع (پهريون ڇاپو): سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد ۽ ۱۹۷۰ع (ٻيو ڇاپو) زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد

لاکو ڦُلاڻي: ۱۹۵۸ع، سنڌي مجلس، شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد

هرگُنيو: (مؤلف: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي: مقدمو ۽ ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر بلوچ) ۱۹۹۳ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

سنڌي اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري:

۱.  قاضي قاضن جو رسالو، ۱۹۹۹ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۲.  شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ۱۹۶۸، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۳.  ميين شاهه عنات جو ڪلام، ۱۹۶۳ع، سنڌي ادبي بورڊ

۴.  خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو، ۱۹۶۶ع، سنڌي ادبي بورڊ

۵.  شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، ۱۹۷۲ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۶.  راڳنامو: صوفي صادق فقير سومرو، ۱۹۸۱ع، شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز

۷.  رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ۱۹۸۵ع، شاهه عبداللطيف،

۸.  ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز

۸.  ڪليات حمل، ۱۹۵۳ع، سنڌي ادبي بورڊ

۹.  ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ۱۹۶۸ع، سنڌي ادبي بورڊ

۱۰. ڪليات سانگي، ۱۹۶۹ع، سنڌي ادبي بورڊ

۱۱. سيف الملوڪ عرف سيفلنامو: مولوي لطف عليءَ جي سرائيڪي شاعري، ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ

۱۲. خليفي غلام نبي جو رسالو:۲۰۱۱ع - حُر هسٽاريڪل سوسائٽي، سانگهڙ.

تحقيقي مقدما:

ان کان سواءِ هيٺين ڪتابن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا جامع، تاريخي ۽ تحقيقي مقدما لکيل آهن:

اصغر سائينءَ جو ڪلام: پهريون ڇاپو (تحقيق: مولوي عبدالغفور شر سڪندري، مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۸۰ع، چوٿون ڇاپو- تحقيق: پروفيسر محمد فاضل، پيش لفظ ۽ اڳيون مقدمو شامل: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۹۹، جمعيت علماءِ سڪندريه، پيرجو ڳوٺ

ديوان مسڪين: پير حزب الله شاهه راشدي ’مسڪين‘ جو ڪلام (مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، جمعيت علماءِ سڪندريه، پير جو ڳوٺ

لغتون:

۱.  جامع سنڌي لغات (جلد پهريون) ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ

۲.  جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو) ۱۹۸۱ع، سنڌي ادبي بورڊ

۳.  جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون) ۱۹۶۰ع، سنڌي ادبي بورڊ

۴.  جامع سنڌي لغات (جلد چوٿون) ۱۹۸۵ع، سنڌي ادبي بورڊ

۵.  جامع سنڌي لغات (جلد پنجون) ۱۹۸۸ع، سنڌي ادبي بورڊ

۶.  سنڌي اردو لغت: (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏ) ۱۹۵۹ع، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد

۷.  نئين جامع سنڌي لغات (جلد پهريون) ۲۰۰۴ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

۸.  نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٻيو) ۲۰۰۵ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

۹.  نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٽيون) ۲۰۰۷ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو

۱۰. اردو سنڌي لغت: (ايضاً) ۱۹۶۰ع (پهريون ڇاپو)، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، ۱۹۸۹ع، (ٻيو ڇاپو) انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۱۱. هڪ جلدي سنڌي لغت: ۱۹۹۸ع سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

۱۲. جواهر لغات اڪيچار سنڌي: (مؤلف: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي، ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۹۳ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

۱۳. فرهنگ قوام فاروقي (مطالعو)

۱۴. شاهه جي رسالي جي لغت ”روشني“ -  (۲۰۰۲ع) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.

سنڌ جي تاريخ:

۱. تاريخ معصومي (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، تحقيق ۽ وضاحتي نوٽن سان مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۵۳ع، سنڌي ادبي بورڊ

۲. فتحنامو (چچنامو): فارسي متن جو سنڌي ترجمو مخدوم امير احمد- مقدمو ۽ حواشي: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۹۵۴ع، سنڌي ادبي بورڊ

۳. تحفة الڪرام (فارسي متن جو سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، ايڊيٽنگ ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۵۷ع، سنڌي ادبي بورڊ

۴. سومرن جو دور (دودي چينسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾)، سيپٽمبر ۱۹۸۰ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

سنڌي ٻولي، ادب ۽ موسيقيءَ جون تاريخون:

۱.  سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ: (۱۹۶۲ع (پهريون ڇاپو، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“: عنوان سان، سنڌ يونيورسٽي پريس)، ۱۹۸۰ (ٻيو ڇاپو: ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد)، ۱۹۹۰ ۽ ۱۹۹۹ع (ٽيون ۽ چوٿون، وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپو)، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

۲.  سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ: ۱۹۷۸ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۳.  سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي: ۱۹۹۲ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

۴.  سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو: ۱۹۹۳ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

۵.  علم موسيقي: شاعر رمضان واڍو، ۲۰۰۶ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

متفرقه موضوع:

۱.  سڀ رنگ: ۱۹۶۸ع، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد

۲.  سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو)، ۱۹۹۳ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد

۳.  سنڌ جي مڇي (کاري جي مڇيءَ جو مطالعو)، ۱۹۹۵ع، سنڌي ٻوليءَ جوبااختيار ادارو، حيدرآباد

۴.  اسان جو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، ۱۹۹۹ع خليل ڪتاب گهر، خيرپورميرس

۵.  رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پهريون)، ۲۰۰۰ع، خليل ڪتاب گهر، خيرپورميرس

۶.  رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٻيو)، ۲۰۰۱ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد

۷.  رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ٽيون)، ۲۰۰۲ع، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور

۸.  رهاڻ هيرن کاڻ (جلد چوٿون)، ۲۰۰۳ع، نيوفيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد

۹.  رهاڻ هيرن کاڻ (جلد پنجون)، ۲۰۰۳ع، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد

۱۰. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڇهون)، ۲۰۰۵ع، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور

۱۱. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ستون)، ۲۰۰۷ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۱۲. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد اَٺون)، ۲۰۰۸ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۱۳. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد نائون)، ۲۰۰۹ع، ماڻڪ موتي تنظيم، حيدرآباد

۱۴. رهاڻ هيرن کاڻ (جلد ڏهون)، ۲۰۱۰ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، ڄام شورو

۱۵. گڏهه: ۱۹۴۶ع (پهريون ڇاپو، ڪراچي)

لطيفيات:

(الف) شاهه جي رسالي جو تحقيقي ايڊيشن:

۱. شاهه جو رسالو (جلد پهريون) ۱۹۸۹ع

۲. شاهه جو رسالو (جلد ٻيو) ۱۹۹۲ع

۳. شاهه جو رسالو (جلد ٽيون) ۱۹۹۴ع

۴. شاهه جو رسالو (جلد چوٿون) ۱۹۹۷ع

۵. شاهه جو رسالو (جلد پنجون) ۱۹۹۷ع

۶. شاهه جو رسالو (جلد ڇهون) ۱۹۹۵ع

۷. شاهه جو رسالو (جلد ستون) ۱۹۹۸ع

۸. شاهه جو رسالو (شاهه جي ڪلام جو مڪمل متن: جلد اٺون ۽ نائون)، ۱۹۹۹ع، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا اشاعت، حيدرآباد

۹. شاهه جو رسالو (رسالي جو ڪلام: جلد ڏهون)، ۱۹۹۶ع، علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا اشاعت، حيدرآباد

۱۰. شاهه جو رسالو (۱۰ جلد هڪ جلد ۾)، ۲۰۰۹ع، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ

 (ب) شاهه جي رسالي بابت وڌيڪ تحقيق:

۱. شاهه جي رسالي جا سرچشما: (جلد پهريون) ۱۹۷۲ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۲. شاهه جي رسالي جي ترتيب: ۱۹۷۴ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۳. شاهه جو رسالو: (برٽش ميوزيم ۾ محفوظ قلمي نسخي تي آڌاريل) ۱۹۶۹ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۴. شاهه جو رسالو: (سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ٽن قلمي نسخن سان ڀيٽي تيار ڪيل) ۱۹۷۴ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۵. شاهه جو رسالو: (ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل، سُر سسئيءَ سان شروع ٿيندڙ) ۱۹۷۷ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۶. شاهه عبداللطيفرح: (سوانح، رسالي ۽ راڳ بابت تحقيقي مضمون)، ۱۹۹۰ع، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور

۷. لطائف لطيفي: (فارسي متن، مصنف: مير عبدالحسين سانگي، ايڊيٽنگ ۽ ترتيب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۶۷ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۸. پنج گنج: (مصنف قادر بخش بيدل: مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۷۶ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۹. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي: (مصنف مرزا قليچ بيگ، مقدمو ۽ سوڌ سنوارَ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۷۲ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

(ت) باقي لطيفيات:

(هيٺيان ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زيرنگراني ۽ رهنمائيءَ هيٺ مرتب ٿيا)

۱.  شاهه جي رسالي ۾ اسلامي اقدار: (ترتيب) ۱۹۶۷ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۲.  شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ اخلاق ۽ ڪردار جو معيار: (ترتيب) ۱۹۶۸ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۳.  شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي ٻوليءَ جو معمار: (ترتيب) ۱۹۶۹ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۴.  سُر ڪلياڻ جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۵.  سُر جمن جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۱ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۶.  سُر کنڀات جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۲ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۷.  سُر سريراڳ جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۳ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۸.  سُر سامونڊيءَ جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۴ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۹.  سُر سهڻيءَ جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۵ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۰. سُر سسئي آبريءَ جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۶ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۱. سُر معذور جو مطالعو: (ترتيب) ۱۹۷۷ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۲. لطيف سالگرهه مخزن ۱-۲: (ترتيب) ۱۹۶۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۳. لطيف سالگرهه مخزن ۳: (ترتيب) ۱۹۶۱ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۴. لطيف سالگرهه مخزن ۴-۵: (ترتيب) ۱۹۶۴ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۵. لطيف سالگرهه مخزن ۶-۷-۸: (ترتيب) ۱۹۶۷ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۶. لطيف سالگرهه مخزن ۹: (ترتيب) ۱۹۶۸ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۷. لطيف سالگرهه مخزن ۱۰: (ترتيب) ۱۹۶۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۸. لطيف سالگرهه مخزن ۱۱-۱۲: (ترتيب) ۱۹۶۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۱۹. لطيف سالگرهه مخزن ۱۲-۱۳: (ترتيب) ۱۹۶۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

۲۰. لطيف سالگرهه مخزن ۱۴-۱۵: (ترتيب) ۱۹۶۰ع، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه

فارسي ڪتاب:

۱. ديوان غلام: (فارسي) ۱۹۵۹ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲. لب تاريخ سند: (فارسي متن: مصنف: خداداد خان، ايڊيٽنگ ۽ حاشيا: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۵۹ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۳. تاريخ طاهري: (فارسي متن: مصنف طاهر محمد نسياني: حاشيا، وضاحتون ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۶۴ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۴. حاصل النهج: (فارسي متن، مصنف: مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، ايڊيٽنگ ۽ انگريزي مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۶۹ع، سنڌ يونيورسٽي

۵. فتح نامه سند: (اصل فارسي متن، تفصيلي انگريزي مقدمو ۽ ۱۴۰ صفحن جون تحقيقي وضاحتون: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۸۳ع، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ، اسلام آباد

۶. باقيات از ڪلهوره: (فارسي متن: تحقيق، ترتيب ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۶۶ع، ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي، ڪراچي

۷. تاريخ بلوچي: (فارسي متن، مصنف: عبدالمجيد جوکيو، اردو ترجمو: خضرنوشاهي، مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۹۶ع، ڪلهوڙا سيمينار ڪاميٽي، ڪراچي

۸. تڪملة التڪملہ: (سنڌي) ۲۰۰۷ع، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

۹. جامع الڪلام في منافع الانام: (ٻارهين صدي هجريءَ ۾ ٺٽي جي عالمن جي ٿيل عربي فارسي ۾ خط و ڪتابت) تاليف: الشيخ عبدالله بن محمد السندي. تحقيق ۽ تنقيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ۲۰۰۶ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

عربي ڪتاب (ايڊيٽنگ ۽ مقدما):

۱. نُتف من شعر ابي عطا: ۱۹۶۱ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

۲. غرة الزيجات: البيروني (تفصيلي مقدمو ۽ ايڊيٽنگ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۹۷۳ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو

اسلامي تمدن جا هڪ سؤ ڪتاب رٿا:

هن رٿا جو بنيادي خاڪو ڊاڪٽر صاحب تيار ڪيو ۽ پوءِ ان تي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ ڪتابن جا اصل متن ڳولي لهڻ، انهن جو اشاعتي خاڪو تيار ڪرڻ، جدا جدا عالمن کي ڳولي، کين اهي ڪتاب ترجمي لاءِ ڏيڻ، انهن ڪتابن جا مهاڳ لکڻ ۽ ڇپائڻ جا ڪم شامل هئا. ڪن حالتن ۾ ڊاڪٽر صاحب تحقيقي مقدما لکيا، جنهن جو خاص مثال قيمتي هيرن، جواهرن ۽ پٿرن بابت بيرونيءَ جي ڪتاب ”ڪتاب الجماهر في معرفة الجواهر“ جو مقدمو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته ”اهو ڪم مون خاص طرح جناب حڪيم محمد سعيد صاحب جن جي رضا خاطر ڪيو. پاڻ مهرباني ڪري ڪتاب جي انگريزي ترجمي جو مسودو تيار ڪيائون، جنهن کي سندن صلاح مشوري سان مون تفصيل سان ايڊٽ ڪيو ۽ پڻ اُن تي مقدمو لکيو.“

۱. ڪتاب الجبر والمقابلہ: الخوارزمي (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر آيدين سايل، پيش نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ۱۹۸۹ع، نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد

۲. ڪتاب الجماهر في معرفةالجواهر: البيروني (انگريزي ترجمو: حڪيم محمد سعيد، نظرثاني ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۸۸ع، نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد

۳. ڪتاب الحِيَل: بنوموسى (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر ڊونالڊ هِل، پيش نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۸۸ع، نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد

۴. الجامع بين العلم والعمل النافع في صناعة الحِيَلِ: الجزري (انگريزي ترجمو: ڊاڪٽر ڊونالڊ هل، پيش نامو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)، ۱۹۸۹ع، نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد

نوٽ: ڊاڪٽر صاحب پنجن وڌيڪ ڪتابن کي ايڊٽ ڪيو يا اشاعت لاءِ مڪمل ڪيو.

سنڌ جي عالمن جا ڪتاب:

مصلح المفتاح: (يعني دائري وارن جي سنڌي) تصنيف: سيد علي محمد شاهه، تحقيق، تصحيح ۽ مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۰۷۰ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو

خزانة المعرفة: (ملفوظات پير صبغة الله شاهه تجر ڌڻي) تاليف: پير سائين علي گوهر شاهه اصغر رح، مقدمو: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۴۱۱هه، جمعيت علماءِ سڪندريه، درگاهه شريف پيرجو ڳوٺ

ڊاڪٽر بلوچ جا ڪجهه اهم سنڌي مضمون/ مقالا

۱.  هندستان کان آمريڪا تائين سفر: مهراڻ-۱ (آڳاٽو دؤر)، ۱۹۴۶ع

۲.  سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر: مهراڻ-۳(آڳاٽو دؤر)، ۱۹۴۷ع

۳.  ڪبير شاهه ۽ شيخ ابراهيم جي ملاقات ۽ شاعرانه مناظرو: ماهوار نئين زندگي- آگسٽ ۱۹۵۰ع

۴.  سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو(۱): ماهوار نئين زندگي- سيپٽمبر ۱۹۵۱ع

۵.  سنڌي ٻوليءَ جون سرحدون ۽ اُن جو ڪڇي محاورو(۲): ماهوار نئين زندگي- آڪٽوبر ۱۹۵۱ع

۶.  شاهه جي عام مقبوليت جا سبب: ماهوار نئين زندگي- جنوري ۱۹۵۱ع

۷.  محمد بن قاسم جي فتح کان اڳ سنڌ جي حالت: ماهوار نئين زندگي- اپريل ۱۹۵۱ع

۸.  فتوحات محمد بن قاسم: ماهوار نئين زندگي- مئي ۱۹۵۱ع

۹.  لعل شهباز جي روضي جا تاريخي ڪتبا: ماهوار نئين زندگي- جون ۱۹۵۱ع

۱۰. حمل لغاري ۽ سندس همعصر شاعر: ماهوار نئين زندگي- جولاءِ ۱۹۵۱ع

۱۱. مقامات سنڌي: ماهوار نئين زندگي- آگسٽ ۱۹۵۱ع

۱۲. قومي انقلاب جي تعمير ۾ ادب جو حصو: ماهوار نئين زندگي- آڪٽوبر ۱۹۵۱ع

۱۳. سنڌ جو هڪ برگزيدو گهراڻو، پير پاڳاره خاندان: ماهوار نئين زندگي ۱۹۵۲ع

۱۴. شاهه صاحب جو مخدوم محمد معين ڏانهن خط ۽ ان جو جواب: ماهوار نئين زندگي- نومبر ۱۹۵۳ع

۱۵. سنڌ جا سورهيه (۱): ماهوار نئين زندگي- جون ۱۹۵۴ع

۱۶. سنڌ جا سورهيه (۲): ماهوار نئين زندگي- جولاءِ ۱۹۵۴ع

۱۷. سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (۱): ٽماهي مهراڻ-۱، ۱۹۵۵ع

۱۸. سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (۲): ٽماهي مهراڻ-۲، ۱۹۵۵ع

۱۹. سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جو لاڳاپو (۳): ٽماهي مهراڻ-۳، ۱۹۵۵ع

۲۰. ڇتو فقير سانگي: ٽماهي مهراڻ-۴، ۱۹۵۵ع

۲۱. درويش راضي شاهه لڪياري: ٽماهي مهراڻ-۱، ۱۹۵۶ع

۲۲. سنڌي ٻولي، اُن جو ماضي، حال ۽ مستقبل: ٽماهي مهراڻ-۲، ۱۹۵۶ع

۲۳. ٿر ۽ مهراڻي جا لوڪ گيت: ٽماهي مهراڻ-۲، ۱۹۵۶ع

۲۴. پارس کاڻ: ٽماهي مهراڻ-۳، ۱۹۵۶ع

۲۵. پير پاڳارو شهيد صبغت الله شاهه ثاني رح: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۲۶. رئيس المهاجرين مرحوم جان محمد جوڻيجو: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۲۷. مرحوم مولانا دين محمد وفائي: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۲۸. فولاد علي فقير شر: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۲۹. قاضي عبدالرؤف مورائي: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۰. مرحوم علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۱. ميان نورمحمد شيخ ننگرپارڪري: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۲. مولوي بهاءُ الدين بهائي مرحوم: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۳. مولوي محمد صادق راڻيپوري: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۴. پير احسان الله شاهه راشدي مرحوم: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۵. مخدوم امير محمد: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۶. مولوي عبدالله لغاري: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۷. مرحوم لعل بخش خان لغاري: ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر، ۱۹۵۷ع

۳۸. حضرت شاهه صدر: ٽماهي مهراڻ-۱، ۱۹۵۷ع

۳۹. خطبہ استقباليه: ۱۸- ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، حيدرآباد سنڌ، ۳۱ مئي ۱۹۵۸ع، شايع ڪندڙ مجلس عاملہ، حيدرآباد، ۱۹۵۸ع

۴۰. بلوچي ٻولي، سندس ادب ۽ اديب: ماهوار نئين زندگي، آگسٽ ۱۹۵۸ع

۴۱. رازي فقير جا راز: ٽماهي مهراڻ ۲-۳، ۱۹۵۵ع

۴۲. سنڌي راڳ ڪانفرنس: ٽماهي مهراڻ -۱، ۱۹۵۹ع

۴۳. حيدرآباد شهر: ٽماهي مهراڻ -۱، ۱۹۶۲ع

۴۴. مسلم بنگال جي فارسي ادب جي هڪ اهم تصنيف: ڪتاب ”شرف نامہءِ احمد منيري“: ٽماهي مهراڻ-۱، ۱۹۶۷ع

۴۵. عام سنڌي شاعري: ٽماهي مهراڻ ۳-۴، ۱۹۶۹ع

۴۶. تذڪره مشائخ سيوستان: ٽماهي مهراڻ -۱، ۱۹۷۲ع

۴۷. شيخ احمد بن محمد صديق السنڌي عرف قاضي احمد دمائي: تحفه لواري شريف، ۱۹۷۵ع، انتظاميا جماعت لواري، بدين

۴۸. ۱۸۵۷ ۾ سنڌ طرفان آزاديءَ جي جنگ: نئين زندگي، آزادي نمبر، آگسٽ- سيپٽمبر ۱۹۷۹ع

۴۹. سپهه سالار درياخان جو حسب نسب: ٽماهي مهراڻ ۱-۲، ۱۹۸۰ع

۵۰. مولود شريف، سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف: ٽماهي مهراڻ ۳-۴، ۱۹۸۰ع

۵۱. ڀنڀور، ديبل جو اصل ماڳ: ڀنڀور ۽ ديبل، ۱۹۸۳ع

۵۲. استاد ڳجهارت جو فن زندهه رکڻ لاءِ ڪوشش ڪن: روزانه مهراڻ، ۱۰ مارچ ۱۹۸۴ع

۵۳. علامه آءِ آءِ قاضي: سنڌ يونيورسٽيءَ جو محسن ۽ معمار: سووينيئر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو، ۱۹۸۹ع (پڻ ”مهراڻ“ رسالي ۾ آيل)

۵۴. مير باگو ۽ سنڌ راڻي: سنڌ اڪيڊمي، ڪراچي، ۱۹۸۹ع

۵۵. هنگلاج جو سفر: لطيفي لات- مرتب: ممتاز مرزا، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ۱۹۹۲ع  (پڻ ”مهراڻ“ رسالي ۾ آيل)

۵۶. پير روضي ڌڻي جي ملفوظات ’مجمع الفيوضات‘ جامعه راشديه جا پنجاهه سال- جمعيت علماءِ سڪندريه پير جو ڳوٺ، ۲۰۰۳ع

57.A National System of Education and Education of Teachers: Ph.D Thesis 1949, Columbia University, New York, Published by Sind Institute of Policy studies, Larkana (2003).

58. Bilal: An Esteemed Child of Liberty (1949).

59. Arts and Crafts of the Lower Indus Valley: Mehran Arts Council, Hyderabad (1964).

60. The Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region: Mehran Arts Council, Hyderabad, Pakistan (1966).

61. The Musical Instruments of Sindh: Mehran Arts Council, Hyderabad, Pakistan (1967).

62. Spanish Cante Jondo: Its origin in Sindhi Music By Aziz Baloch; English Translation & one chapter addition by Dr. N.A Baloch (1968).

63. Kitab Hasil-al-Nahj’: The earliest work on Education in Sub-continent in Persian, Authored by Makhdoom Jaffar-al Bubakani District Dadu. Discovered and edited with a chapter wise summary in English by Dr. N.A. Baloch, Institute of Education, University of Sindh (1969).

64. Education in Sindh Before the


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ليکڪ، محقق، مترجم - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا

ساجد رند

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجھوري ضلع سانگھڙ ۾ علي محمد خان بلوچ جي گھر ۾ جنم ورتو.

ڊاڪٽر بلوچ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان وٺي، مئٽرڪ ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي (ممبئي) يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ آمريڪا ويو، ڪولمبيا يونيورسٽي مان ايم ايڊ، ايڊ ڊي (Doctor of Education) جون ڊگريون حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب نگران دور ۾ وزير تعليم رھڻ کان علاوه سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو چيئرمين پڻ رھي چڪو آھي.

درحقيقت سنڌي لغت نويسي ڊاڪٽر بلوچ جو وڏو ڪم آهي، پاڻ ھڪ جلدي سنڌي لغت جي رٿا تيار ڪيائين، ھن لغت جي ترتيب ۾ ساڳيا “جامع سنڌي لغات “ وارا بنياد سامھون رکيا ويا. ھي لغات ۱۹۹۸ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي جيڪا ۷۲۹ صفحن ۽ ۲۷۰۰۰ ھزار لفظن تي مشتمل آھي.

ڊاڪٽر صاحب تحقيق تي پڻ وڏو ڪم ڪيو آھي، سنڌي ادب توڙي لوڪ ادب کي گڏ ڪرڻ ۾  ڊاڪٽر صاحب جو وڏو. ھٿ آھي. درحقيقت مرزا قليچ بيگ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ھي ٻي اٿل آھي، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي رٿا کي ۴۰ جلدن ۾ سھيڙي مڪمل ڪيو، سندس مضمون، مقالن ۽ ڪتابن جو ڪو ڪاٿو ئي ناھي، ھن ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلام کي مقدمي ۽ حاشين سان ايڊٽ ڪيو آھي جيئن حمل فقير جو ڪلام، نواب ولي محمد ۽ لطف الله قادري جو ڪلام وغيره.

ڊاڪٽر صاحب شاھ جي رسالي کي ڏھن جلدن ۾ پڻ ترتيب ڏنائين.

سنڌ جو ھي عظيم ناليوارو ليکڪ ۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھونئن ته ۲۰۰ کان مٿي ڪتاب لکيا آھن پر سندس ھيٺ ڪجھه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.

۱.گڏھ (لکيل پهريون ڪتاب)

۲.سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ

۳.سنڌي موسيقي جي تاريخ

۴.ڪليات حمل

۵.ميين شاه جو ڪلام

۶.شاھ لطف الله قادري جو ڪلام

۷.ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري

۸.ڪليات سانگي

۹.شاھ شريف ڀاڏائي جو رسالو

۱۰.راڳ نامون

۱۱.رسالو غلام محمد خانزئي جو

۱۲.خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو

۱۳.سنڌي ٻوليءَ جو منظوم آڳاٽو ذخيرو

۱۴.قاضي قادن جو ڪلام

۱۵.مداحون ۽ مناجاتون

۱۶.ھنر

۱۷.ٻيلاين جا ٻول

۱۸.لاکو ڦلاڻي

۱۹.سڀ رنگ

۲۰.رھاڻ ھيرن کاڻ (پنج ڀاڱا)

۲۱.بيگلار نامو (ليکڪ ادراڪي بيگلار)

۲۲.تاريخ طاھري (ليکڪ طاھر محمد نسياني)

۲۳.لب تاريخ سنڌ (ليکڪ خداداد خان)

۲۴.باقيات از

۲۵.احوال ڪلھوڙه

۲۶.تاريخ بلوچي (ليکڪ عبدالحميد جوکيو)

۲۷.ھڪ جلدي سنڌي لغت

۲۸.جامع سنڌي لغات ( ۵ جلد)

۲۹.روشني (شاھ جي ڪلام جي لغت)

۳۰.ڳجھارتون

۳۱.سنڏي سينگار شاعري

۳۲.رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ

۳۳.دودو چنيسر

۳۴.ڪافيون

۳۵.سنڌي ھنر

۳۶.سومرن جو دور

۳۷.ڏور

۳۸.نڙ جا بيت

۳۹.سنڌي لوڪ ڪھاڻيون

۴۰.سھڻي ميھار

۴۱.پروليون، ڏٺون معمائون ۽ ٻول

۴۲.مورڙو ۽ مانگر مڇ

۴۳.مولود

۴۴.مناجاتون

۴۵.مداحون

۴۶.ڳاھن سان ڳالھيون

۴۷.مناظرا

۴۸.جتڪي ٻولي

۴۹.سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي

۵۰.تنقيد ۽ تحقيق

۵۱.لوڪ گيت

۵۲.منھنجو ڳوٺ جعفر خان لغاري

۵۳.رھاڻ ھيرن کاڻ

۵۴.شاھ عبداللطيف رح

۵۵.رسالو شاھ عنايت رضوي

۵۶.ڪليات سانگي

۵۷.شاھ جو رسالو (ڏھ جلد)

۵۸.سنڌ جي مڇي (کاري مڇيءَ جو مطالعو)

۵۹.سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو)

۶۰.مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيه داستان


 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

نديم احمد مڱريو

سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. ۱۹۲۴ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ ۲۲ جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۲۹ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. ۱۹۳۶ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ ۱۹۴۹ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. ۱۹۵۰ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾O.S.D (آفيسر بڪارخاص) مقرر ٿيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقاتِ عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر ۱۹۷۳ع کان جنوري ۱۹۷۶ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري ۱۹۷۶ع کان ۹ مارچ ۱۹۷۹ع تائين وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي/ سيڪريٽري ٿي رهيو. ان عرصي دوران فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر (۱۹۷۸-۱۹۷۹ع) ۽ ميمبر پي ڪميشن، اسلام آباد رهيو. پهرين جولاءِ کان ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سوِلائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع کان آگسٽ ۱۹۸۳ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۹ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۳ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو باني چيئرمئن ٿي رهيو. ۱۹۹۳ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۲۰۱۱ع تائين علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو، جهڙوڪ: اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمئن وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنديڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائداعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائداعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وغيره. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ رهي چڪا. ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي ڪمن جو ڪجهه وچور هن ريت آهي. ۱. جامع سنڌي لغات: سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهم ڪم ۱۹۵۴ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو. ۲. اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت: علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون ۱۹۶۰-۱۹۵۹ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون. ۳. سنڌي لوڪ ادب واري رٿا: سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا ۱۹۵۶ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر صاحب ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صنفون کيس موڪليون، ان کانسواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا ۴۰ جلد شايع ٿيا، جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر صاحب ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي ۴۰ جلدن مان ڪجهه اهم هي آهن. سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نڙ بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (۸ جلد)، ڪافيون (۳ جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽِيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا، جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (۹ جلد)، رسمون، رواج ۽ سئوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري، سومرا دور (۲ جلد) وغيره. ۴. شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي ۱۰ جلد ڇپايائين، جن ۾ ۹-۸ گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي، تازو ۲۰۰۹ع ۾ بلوچ صاحب جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جا سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ بلوچ صاحب شاهه جي مختلف سُرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. ۵. ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دؤر ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي: قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره. ۶. سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر صاحب جا هنن موضوعن تي ’ٻولي ۽ ادب جي تاريخ'>سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’سومرن جو دور‘ (۲ جلد) ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (۸ جلد)، لاکو ڦلاڻي، گڏهه، پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام وغيره اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي اردو ڪتابن ۾ ”اردو شاعري'>سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم، ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم وغيره اچي وڃن ٿا. اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر صاحب لکي، انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، حاصل النهج، فتح نامه سندهه، باقيات از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي، ديوان عطا ٺٽوي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزة الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: 1. Teachers Education in Pakistan. 2. Sindh: Studies (Cultural) 3. Sindh: Studies (Historical) 4. Advent of Islam in Indonesia 5. Muslim Luminaries 6. Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region 7. Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh 8. World of Work ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترا ئي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن جو وچور تمام ڊگهو آهي. ڊاڪٽر صاحب کي مختلف اَوارڊ جهڙوڪ: تمغئه پاڪستان ۱۹۶۲ ۽ ۱۹۶۸ ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ۱۹۷۹ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال ۱۹۹۱ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز ۲۰۰۱ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن. سنڌي ٻوليءَ جو هي نامور عالم ۶ اپريل ۲۰۱۱ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ آهي.

 

(سنڌي ليکڪ، فيسبڪ پيج تان ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون يادگيريون

ڊاڪٽر يعقوب مغل

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي سونھن ھو. ھُو شرافت جو مجسمو ھو. ھر عام و خاص تي بي حد مھربان ھو. الله تعاليٰ دنياوي طور تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ايترو ته نوازيو ھو جو ڪو پروفيسر خواب ۾ به ايترا وڏا عھدا ماڻي نٿو سگھي. پروفيسر آف ايڊيوڪيشن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن اينڊ ريسرچ سنڌ يونيورسٽي، نيشنل ميرٽ پروفيسر، وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي، وائيس چانسيلر اسلامڪ يونيورسٽي (بين الاقوامي اسلامڪ يونيورسٽي) اسلام آباد، سيڪريٽري (O.S.D) وزارت تعليم ۽ ثقافت حڪومت پاڪستان اسلام آباد، ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ھسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ اسلام آباد، صلاحڪار نيشنل ھجره ڪائونسل اسلام آباد، چيئرمين سنڌي لئنگيج اٿارٽي حڪومت سنڌ، حيدرآباد ۽ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت، حڪومت سنڌ ڪراچي جا عھدا ماڻيندڙ ھن عظيم انسان جي نوڙت ۽ حُسنِ اخلاق ڏسي انساني عقل دنگ رھجي وڃي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھميشه پنھنجي ماضيءَ جو ذڪر ڪري پنھنجي خاندان جي غربت تي فخر محسوس ڪندا ھئا. ھيڏن وڏن عھدن ۽ پوزيشن تي رھڻ جي باوجود منجھن تڪبر ۽ وڏائي نالي ماتر به نه ھئي. ايڏو منڪسر مزاج عالم مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪونه ڏٺو آھي. 

منهنجي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان ملاقات ترڪي ۾ ٿي ۽ ٻي ملاقات وري ۲۰ جولائي ۱۹۶۷ع تي ٿي، جنهن دوران هن مون کي چيو ته تو کي ”عثماني ترڪ خليفن جا ھندستان جي مسلمانن سان اوائلي تعلقات“ جي موضوع تي مقالو پڙھڻو آھي. مون سبب ٻڌائي انڪار ڪيو ته ان تي ڊاڪٽر صاحب زور ڀريو ته ”تو کي واپس حيدرآباد پھچي مقالو پڙھڻو آھي.“ ڊاڪٽر صاحب جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو رستو نه هو، بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب کان اجازت وٺي چار پنج ڏينھن مقالي لکڻ ۾ لڳائي مقالو مڪمل ڪري ورتم. ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ڪنڊياري مان واپسي بعد مھراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ فنڪشن ۾ شامل ٿي پنھنجو مقالو پيش ڪيم. ترڪي مان واپسي بعد پھريون ڀيرو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مھرباني سان ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين اھل علم سان تعارف ٿيو. سڀني کي اھو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي ته آءٌ پھريون سنڌي آھيان جيڪو ترڪي مان تاريخ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪري آيو آھيان.

آءٌ زندگي ڀر ٻن عظيم انسانن جو احسان مند رھيو آھيان، جن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ به مون کي تحقيق ۽ تصنيف ڏانھن مائل ڪيو ۽ اڄ منھنجو گھڻي ۾ گھڻو وقت مطالعي ۽ ريسرچ ۾ گذري ٿو. اھو سلسلو مارچ ۱۹۶۷ع کان شروع ٿيو ۽ اڄ سوڌي جاري آھي. پھريون عظيم انسان پروفيسر ڊاڪٽر خليل انالحق آھن، جيڪو ڊي لٽ ۾ منھنجو سپروائيزر ۽ رھبر ھو، ٻي عظيم ھستي جنھن مون کي تحقيق ۽ تصنيف لاءِ ترغيب ڏني ۽ ھميشه حوصله افزائي ڪئي. اهو هو ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جيئن آءٌ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته ڊاڪٽر صاحب آر سي. ڊي جي سالگره جي موقعي تي ۲۶ جولائي ۱۹۶۷ع تي ريسرچ مقالو پڙھڻ لاءِ مون تي جيڪو زور رکيو انھيءَ جو اھو فائدو ٿيو ته منھنجو تعارف پاڪستان جي علمي حلقن ۾ ٿيو ۽ ۱۹۶۷ع ۾ مون وارو لکيل ريسرچ پيپر ”سنڌ يونيورسٽي آرٽس ريسرچ جرنل“ ۾ شايع ڪري ڊاڪٽر صاحب جيڪو مون تي احسان ڪيو اھو وسارڻ جوڳو نه آھي. دراصل ڊاڪٽر صاحب ھڪ پارس ھو ۽ سندن ٻين کي فيض پھچائڻ مخصوص ماڻھن لاءِ نه ھر ريسرچر لاءِ عام ھو. ڊاڪٽر بلوچ ننڍي کان ننڍي ماڻھو سان به شفقت سان پيش ايندو ھو، شام جو پنجين وڳي کان رات جو اٺين وڳي اولڊ ڪيمپس حيدرآباد ۾ ڪير به اچي کيس ملي سگھندو ھو. هو تمام گھڻين خوبين جو مالڪ ھو، اھڙا ماڻڪ موتي ورلي پيدا ٿيندا آھن.

تايخ ۱۷ ڊسمبر ۱۹۷۳ع تي مولانا جلال الدين رومي رحه جي ۷۰۰ ورسي جي موقعي تي مولانا رومي تي انٽرنيشنل ڪانفرنس قونيه ۾ منعقد ڪئي ويئي ھئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڪستان مان ۽ انيمري شيمل جرمني مان آئي ھئي. ڊاڪٽر شيمل جو پاڪستان ۽ سنڌ سان عشق ھو. پير حسام الدين راشدي مرحوم ڊاڪٽر شيمل جو بي حد مداح ھو. سندس تعلق جي ڪري ڊاڪٽر شيمل وصيت ڪئي ھئي ته مرڻ کان پوءِ کيس مڪلي (ٺٽي) ۾ دفن ڪيو وڃي. ڊاڪٽر شيمل ھڪ ترڪ سان شادي ڪئي ھئي بعد ۾ سندس عليحدگي ٿي ويئي. ڊاڪٽر شيمل سنڌي ٻولي به سکي ورتي ھئي. 

ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۱۹۶۴ع ۾ ترڪي ۾ ڪنھن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ آيل هو. اچڻ کان اڳ ۾ مون کي پنھنجي پروگرام جو اطلاح ڏيئي ڇڏيو ھئائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب تقريبا ھڪ ھفتو ترڪي ۾ رھيو. آءٌ گھڻو وقت سندس خدمت ۾ حاضر رھيس. ڊاڪٽر صاحب ڪانفرنس کان پوءِ گهڻو وقت ترڪي جي ڪتبخاني ۾ سنڌ جي متعلق لکيل مواد تلاش ڪندو رھيو. ٻيو دفعو ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر ۱۹۶۶ع ۾ ترڪي آيو. آءٌ ان وقت پي ايڇ. ڊي جو مقالو تقريبا مڪمل ڪري چڪو ھوس ۽ فائنل ڊارفٽ ٽائيپ ڪرائي رھيو ھوس. واضح ڪرڻ چاھيندس ته ترڪي ۾ ھر مضمون ترڪي ٻولي ۾ پڙھايو ويندو آھي ۽ غير ملڪين کي پھريائين ترڪي ٻولي سيکاريندا آھن. ان بعد ريسرچ اسڪالرس کي پنھنجو ٿيسز (Thesis) ترڪي ٻولي ۾ لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ پيش ڪرڻو پوندو آھي. ھن سلسي ۾ ڪنھن سان ڪنھن رعايت جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

بهرحال، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھن ڪانفرنس ۾ ڊسمبر ۱۹۷۳ع ۾ آيو ھو ته ان وقت پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر هو. مولانا رومي رحه جي ۱۰۰ ساله يوم وفات جي موقعي تي ھي انٽر نيشنل ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي هئي. اهڙين ڪانفرنسز ۾ اسڪالرس کي ملڻ جو موقعو پيو ملندو آهي ۽ مختلف موضوعن تي گفتگو پئي ٿيندي آهي. ھڪ شام ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر انيمري شيمل، ڊاڪٽر سھيل انور ۽ آءٌ ھڪ ٽيبل تي ويھي چانهه پي رھيا ھئاسون. گفتگو جو موضوع ھو مولانا رومي جي مثنوي جو دنيا تي اثر گفتگو ڪنھن مھل ترڪي ۾ ته ڪنھن مھل فارسي ۾ ته وري ڪنھن مھل سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٿي رھي ھئي. مولانا رومي رحه جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه تي جيڪو گھرو اثر ھو، انھيءَ تي به گفتگو ٿي. مولانا رومي رحه جي صوفياڻي فڪر تي به بحث ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاھ ڀٽائي رحه جي حوالي سان ڳالھايو. ڊاڪٽر سھيل انور ۽ ڊاڪٽر شيمل مولانا رومي رحه جي تصوف تي گفتگو ڪئي. ڏاڍو لطف آيو. ھرڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي علم جو درياهه ھو. اھڙي عالمانه گفتگو زندگي ۾ مشڪل سان ٻڌڻ جو موقعو ملندو آھي.

(ليکڪ سابق سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سنڌ آھي)

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

عظيم ڏاهو، محقق، تاريخدان، لغات نويس ۽ عظيم ماهرِ تعليم

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

سنڌ جو عظيم ڏاهو، محقق، تاريخدان، لغات نويس ۽ عظيم ماهرِ تعليم هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ايترا ته علمي، ادبي ۽ تخليقي ڪارناما آهن، جو سڄي سنڌ مٿس فخر ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر بلوچ جهڙا محقق، اسڪالر، ماهر تعليم ۽ تاريخدان ورلي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. سندس شخصيت هڪ مثالي شخصيت هئي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر لغاريءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، پرائمري تعليم ڳوٺ پليو لغاري ۾ حاصل ڪيائين، جيڪو سندس ڳوٺ کان ۳ ميل جي مفاصلي تي هو. اڪثر کيس ۳ ميل پنڌ ڪري اسڪول وڃڻو پوندو هو. پرائمري جا چار درجا پاس ڪري نوشهرو فيروز جي تاريخي مدرسي ۽ هاءِ اسڪول ۾ ۱۹۲۹ع وڃي داخلا ورتائين. جتان ۱۹۳۶ع ۾ بي اي (آنرز) جي امتحان ۾ بهاءُ الدين ڪاليج جوناڳڙهه مان فرسٽ ڪلاس ٽين پوزيشن کڻي پاس ڪيائين. اهو ڪاليج ان وقت بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هو. اتان پاڻ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ وڃي پڙهيو ۽ ايم اي جي ڊگري ۱۹۴۳ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. گڏوگڏ ايل ايل بي پڻ ۱۹۴۳ع فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

سندس شاندار اڪيڊيمڪ رڪارڊ جي ڪري هندستان جي حڪومت برطانيه کين تعليم ۾ اعلى ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ايوارڊ ڪئي. قيامِ پاڪستان کان گهڻو اڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪولمبيا يونيورسٽي آمريڪا روانا ٿي ويا. پهريائين ايم اي ايجوڪيشن ۽ ان بعد ايجوڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ۱۹۴۹ع ۾ حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڃان آمريڪا ۾ ئي هئا ته کين يو اين انٽرنشپ پروگرام لاءِ منتخب ڪيو ويو. هتي اهو واضح ڪندو هلان ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۱۶ آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ آمريڪا ۾ ٻين پاڪستانين سان گڏجي اتي پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو. پاڪستان واپس اچڻ بعد پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ويٺو ۽ امتحان پاس ڪري ورتائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي دمشق ۾ انفرميشن آفيسر بنائي موڪليو پئي ويو. پاڻ علامه آءِ آءِ قاضي کي خدا حافظ چوڻ لاءِ ملڻ ويا. علامه صاحب ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي چيو ته توهان پهريان پاڪستاني سنڌي آهيو، جيڪي تعليم ۾ ڊاڪٽر آف ايجوڪيشن ڪري آيا آهيو، قوم کي اوهانجي هتي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ضرورت آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامه قاضيءَ کي انڪار ڪري نه سگهيو ۽ کين علامه صاحب پروفيسر آف ايجوڪيشن تاحيات مقرر ڪيو. ڊاڪٽر صاحب فارين سروس جي لاءِ حڪومت کي پنهنجي مجبوري ڏيکاري. علامه صاحب سان گڏجي سنڌ جي نوجوانن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجون خدمتون پيش ڪيائين. استاد جي تربيت جي ذميواري کنيائون ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي تدريسي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين. ان بعد سندس علم جا دروازا هر ڪنهن لاءِ هميشه کليل رهيا. هر ايندڙ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علم مان فيض حاصل ڪندو رهيو.

۱۹۷۳ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر مقرر ڪيا ويا ۽ ۱۹۷۶ع تائين وائيس چانسلر رهيا. ۱۹۷۶ کان ۱۹۷۹ع تائين سيڪريٽري (OSD) وزارت تعليم ۽ ثقافت رهيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن اسلامي يونيورسٽيءَ جا باني وائيس چانسلر هئا ۽ ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع کان آگسٽ ۱۹۸۲ع تائين اتي وائيس چانسلر رهيا. انهيءَ کان علاوه ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ، آڪٽوبر ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۲ع تائين رهيا. صلاحڪار نيشنل هجره ڪائونسل، اسلام آباد ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۹ع تائين رهيا. چيئرمين سنڌي لينگويج اٿارٽي حڪومت سنڌ حيدرآباد ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۳ع تائين رهيا. ۱۹۹۳ع ۾ نگران وزيرِ تعليم، زراعت ۽ جھنگلي جيوت حڪومت سنڌ پڻ رهيا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ حڪومتِ پاڪستان کين تمغه پاڪستان، ستاره قائداعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس، صدارتي ايوارڊ، اعزاز ڪمال ۽ صدارتي ايوارڊ ستاره امتياز کان علاوه مارچ ۲۰۱۱ع ۾ به کين صدارتي ايوارڊ هلالِ امتياز ڏنو ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي همه گير شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ڪونهي. سندن تحقيق ۽ تصنيف جو دائرو بي حد وسيع هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هر موضوع تي تحقيق ڪري علم ۽ ادب جا شهپارا تخليق ڪيا اٿن. سنڌي ٻولي لسانيت ۽ ادب جي موضوع تي سندن لکيل ڪتاب “سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ” هڪ شاهڪار تصنيف آهي. سنڌي ٻوليءَ جي موسيقي وري ٻيو شهپارو آهي. سندن هڪ ٻيو عظيم شاهڪار “جامع سنڌي لغات” آهي، جيڪا ڇهن جلدن ۾ ڇپي آهي. جامع سنڌي لغات تي ڊاڪٽر صاحب قومي جذبي ۽ جان فشانيءَ سان سالن جا سال ڪارڪنن جي ٽيم سان گڏجي ڪم ڪيو. دراصل “جامع الغات” سنڌي لغت نويسيءَ جي فن ۽ ادب ۾ هڪ شاندار ڪارنامو آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي عظيم ٻولين جي صف ۾ اچي بيهاريو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ عالم ۽ محقق ته هئا ئي ليڪن هو هڪ عظيم انسان به هئا. منجھن گهمنڊ ۽ وڏائي نالي ماتر به ڪونه هئي. طبيعت ۾ بي حد نرمي هئي ۽ پاڻ ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندا هئا. حاسدن ۽ گلاخورن لاءِ به ڪڌو لفظ استعمال نه ڪندا هئا. ڊاڪٽر صاحب جي علمي ڪمن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. جامع سنڌي لغات جو پهريون جلد ۱۹۶۰ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو جلد ۲۱ سالن بعد ڇپيو. ان جا ڪيترائي سبب هئا. هڪ ته ڊاڪٽر صاحب ان عرصي دوران سرڪاري ملازمت ڪري اسلام آباد ۾ هئا ته سندن غير موجودگيءَ ۾ سياسي کيڏ کيڏي وئي. علمي بد ديانتيءَ جو به مظاهرو ڪيو ويو. پوءِ شايع ٿيندڙ جلدن تي ٻين جا نالا لکيا ويا. ٻئي ٽئي ۽ چوٿين جلدن ۾ ڊاڪٽر صاحب جا لکيل پيش لفظ ۽ مهاڳ شامل نه ڪيا ويا آهن. اهو دراصل ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان رقابت ۽ حسد جو نتيجو هو. اهڙي ماحول ۾ به ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجو علمي ڪم، تحقيق ۽ تصنيف جاري رکي. لوڪ ادب جا چوئيتاليهه جلد ڇپجڻ ڊاڪٽر صاحب جو ايڏو وڏو ڪارنامو آهي جو جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي ٿوري آهي.

۱۹۷۶ع ۾ ترڪيءَ جي وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر محمد اوندر ٽن هفتن جي پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب مونکي پروٽوڪول آفيسر مقرر ڪرايو. ڊاڪٽر محمد اوندر، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ملڻ لاءِ سندس حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس واري رهائش گاهه تي آيو. لوڪ ادب جا چوئيتاليهه جلد ڏسڻ کان پوءِ پڇيائين ته هيءُ پروجيڪٽ ڪهڙي اداري سرانجام ڏنو آهي. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس ٻڌايو ته هي ڪم ڊاڪٽر بلوچ پاڻ مختصر ڪارڪنن سان گڏ ڪيو آهي ته ڊاڪٽر اوندر حيران ٿي ويو ۽ چيائين ته ايڏي وڏي علمي ڪم لاءِ ته کيس (ڊاڪٽر بلوچ صاحب) “نوبل پرائيز “ ملڻ کپي. محمد اوندر جي دوري جو تفصيل ڪنهن ٻي وقت عرض ڪندس.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو سنڌ جي تاريخ تي ڪيل ڪم ايترو اهم آهي جو انهيءَ لاءِ الڳ مضمون لکندس.

شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي زندگي جي واقعن ۽ رسالي تي تحقيق ڪرڻ بعد شاهه جي رسالي تي ڏهن جلدن ۾ اهو علمي خزانو اسان جي سامهون آهي. ڊاڪٽر بلوچ جنهن محنت ۽ جفاڪشيءَ سان اهو ڪم ڪيو آهي، تنهن لاءِ سنڌ ۽ سنڌ واسي هميشه سندن احسانمند رهندا.

انهيءَ کان علاوه آئون جڏهن پاڪستان اسٽڊيز جو ڊائريڪٽر (۱۹۹۶_۱۹۸۱) هئس ته سينٽر طرفان ڊاڪٽر صاحب جا ڪتاب شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهو تفصيل لکڻ به هن وقت ممڪن ڪونهي. ايترو عرض ڪندو هلان ته اسلامي دنيا جي ٻن وڏن عالمن ۽ محققن ڊاڪٽر محمد حميد الله مرحوم ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم پنهنجن لکيل ڪتابن جو ڪڏهن به معاوضو نه ورتو. ڊاڪٽر صاحب کي سينٽر طرفان جيڪي پئسا ملندا هئا، اهي اسڪالرشپ فنڊز ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جمع ڪرائي ڇڏيندا هئا. ان ڪري پاڪستان اسٽڊيز سينٽر سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ غريب ۽ مستحق شاگردن کي اسڪالرشپ ملي ويندي هئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب دراصل علم جا درياهه هئا. سندن علم، ادب، تاريخ ۽ ٻين مختلف موضوعات تي ڪيل تحقيق ۽ هڪ سؤ کان وڌيڪ لکيل ڪتابن تي هن وقت تفصيلي روشني وجھڻ ناممڪن آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب هڪ شخص نه پر هڪ ادارو هئا. اهڙا عظيم انسان ورلي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. عظيم قومون، عظيم اهل علم، محقق ۽ باڪردار استادن جي ڪارنامن تي فخر محسوس ڪنديون آهن. هڪ عالِم جو موت عالم جو موت آهي. ۶ اپريل تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اسان کان وڇڙي ٻي دنيا ڏانهن روانو ٿي چڪو آهن.

سندس وڇوڙي اسانجي دلين کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هي اهڙو خال آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو. دعا آهي ته الله تعالى کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه نصيب ڪري (آمين).

 

(ليکڪ سابق سفارتڪار ۽ سابق ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ سنڌ آھي)

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

سنڌ جو پھريون پي ايڇ ڊي.

سنڌ جو نامور عالم، اديب، لسانيات، لوڪ ادب ۽ لطيفيات جو پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع ۾، ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقيءَ ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. ۱۹۲۴ع ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پليي خان لغاريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ ڳوٺ ۲۲ جمڙائوءَ ۾ پڙهيو. ۱۹۲۹ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. ۱۹۳۶ع ۾ جهونا ڳڙهه ڪاليج، بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڊويزن ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۳ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪري ساڳئي ئي سال مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان وڪالت جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۴۷ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ ۱۹۴۹ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ کي اقوام متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. ۱۹۵۰ع ڌاري انفرميشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن ۾O.S.D (آفيسر بڪارخاص) مقرر ٿيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي دمشق جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ تعلقاتِ عامه شعبي ۾ مقرر ٿيو، پر ڊاڪٽر صاحب تعليم ذريعي سنڌ ۾ سجاڳي آڻڻ لاءِ ان عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ترغيب تي سيپٽمبر ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر ۱۹۷۳ع کان جنوري ۱۹۷۶ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. جنوري ۱۹۷۶ع کان ۹ مارچ ۱۹۷۹ع تائين وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي/ سيڪريٽري ٿي رهيو. ان عرصي دوران فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر (۱۹۷۸-۱۹۷۹ع) ۽ ميمبر پي ڪميشن، اسلام آباد رهيو. پهرين جولاءِ کان ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تائين نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ (جنهن کي بعد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر اينڊ سوِلائيزيشن سڏيو ويو) جو ڊائريڪٽر رهيو. ۲۲ نومبر ۱۹۸۰ع کان آگسٽ ۱۹۸۳ع تائين اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۸۹ع تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۱۹۹۳ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ قائم ڪيل اداري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو باني چيئرمئن ٿي رهيو. ۱۹۹۳ع جي آخر ۾ سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت رهيو. ۱۹۹۱ع کان ۲۰۱۱ع تائين علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعزازي ڊائريڪٽر طور خدمتون انجام ڏيندو رهيو. ان کان سواءِ ملڪ جي ڪيترن ئي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تاريخي ادارن جو ميمبر رهيو، جهڙوڪ: اٿارٽي فار موهن جو دڙو، انٽر يونيورسٽي بورڊ آف پاڪستان، چيئرمئن وائيس چانسلرس ڪميٽي آف يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، ميمبر پاڪستان هسٽاريڪل رڪارڊ اينڊ آرڪائيوز ڪميشن، ميمبر سينٽرل اردو بورڊ لاهور، ميمبر سنڌي ادبي بورڊ، ميمبر اقبال اڪيڊمي لاهور، ميمبر ريسرچ سوسائٽي آف پاڪستان، ميمبر سينيٽ ۽ سنديڪيٽ سنڌ يونيورسٽي، ميمبر اڪيڊمڪ ڪائونسل سنڌ يونيورسٽي، ميمبر سنڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل قائداعظم يونيورسٽي، ميمبر لوڪ ورثه، ميمبر مقتدره قومي زبان، ميمبر قائداعظم اڪيڊمي، ميمبر پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس، ميمبر سر سيد يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وغيره. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ائمريٽس پڻ رهي چڪا.

ڊاڪٽر صاحب جي علمي، ادبي، تحقيقي ڪمن جو ڪجهه وچور هن ريت آهي.

۱. جامع سنڌي لغات: سنڌي ادبي بورڊ طرفان جامع سنڌي لغات جي ترتيب ۽ تاليف جو هيءُ اهم ڪم ۱۹۵۴ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو پوءِ مختلف وقتن تي پنجن ضخيم جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو. هي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ تمام وڏو ڪم هو، جيڪو ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي استادن ۽ عالمن گڏجي ڏينهن رات هڪ ڪري پورو ڪيو.

۲. اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت: علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي هن تاريخي رٿا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ هي ٻئي لغتون ۱۹۶۰-۱۹۵۹ع ڌاري ڇپجي پڌريون ٿيون.

۳. سنڌي لوڪ ادب واري رٿا: سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءَ رٿا ۱۹۵۶ع ۾ منظور ٿي، جنهن جي سموري نگراني ڊاڪٽر صاحب ڪئي. سنڌ جي سمورن ضلعن مان سگهڙن، لوڪ شاعرن ۽ ڳوٺاڻن بزرگن لوڪ ادب جون مختلف صنفون کيس موڪليون، ان کانسواءِ کين پاڻ گهرائي انهن سان ڪچهريون ڪري مواد گڏ ڪيائين. هن رٿا هيٺ لوڪ ادب سلسلي جا ۴۰ جلد شايع ٿيا، جڏهن ته ذاتي طرح ڊاڪٽر صاحب ان ڏس ۾ وڌيڪ ڏهاڪو ڪتاب لکيا آهن، جيڪي مختلف ادارن ڇپايا آهن. لوڪ ادب سلسلي جي ۴۰ جلدن مان ڪجهه اهم هي آهن.

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (ست جلد)، مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي سينگار شاعري، نڙ بيت، مناظرا، سنڌ جا عشقيه داستان (۸ جلد)، ڪافيون (۳ جلد)، مناقبا، معجزا، مولود، ٽِيهه اکريون (ٻه جلد)، هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا، جنگناما، واقعاتي بيت، پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ڳجهارتون، ڳيچ (ٻه جلد)، لوڪ گيت، بيت، مشهور سنڌي قصا (ٻه جلد)، مشهور سنڌي عشقيه ۽ نيم تاريخي قصا (۹ جلد)، رسمون، رواج ۽ سئوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري، سومرا دور (۲ جلد) وغيره.

۴. شاهه جي رسالي واري رٿا: شاهه جي رسالي جو جامع مستند ۽ معياري متن شايع ڪرڻ واري هن رٿا تي موجود ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي

۱۰ جلد ڇپايائين، جن ۾ ۹-۸ گڏيل جلد شاهه جو رسالو ۽ ڏهون جلد شاهه جي رسالي ۾ شامل ڌارئين ڪلام تي مشتمل آهي، تازو ۲۰۰۹ع ۾ بلوچ صاحب جو تيار ڪيل شاهه جي رسالي جو مستند ۽ سڌاريل ايڊيشن، ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ اڳ خارج ڪيل ڪلام پڻ شامل ڪيو اٿس. ان کان سواءِ شاهه جا مختلف قلمي نسخا ترتيب ڏيڻ سان گڏ شاهه جي ڪلام جا سرچشمن، ترتيب متعلق ڪتابن شايع ڪرڻ سان گڏ بلوچ صاحب شاهه جي مختلف سُرن تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ٿيندڙ مذاڪرن ۾ پيش ٿيل مواد کي پڻ ڪيترن ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.

۵. ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام: هن رٿا هيٺ ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي زندگيءَ، دؤر ۽ ڪلام کي مختلف عالمن ۽ استادن جي مدد سان هٿ ڪري، لکرائي سهيڙيو آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي وغيره.

۶. سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقي: ڊاڪٽر صاحب جا هنن موضوعن تي ’ٻولي ۽ ادب جي تاريخ'>سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ’سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ‘، ’سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘، ’جتڪي ٻولي‘، ’ٻيلاين جا ٻول‘، ’سومرن جو دور‘ (۲ جلد) ’چچ نامو‘ (مقدمو، تدوين ۽ حاشيا) ۽ ٻيا ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندن متفرق ڪتابن ۾: سڀ رنگ، مٺي جي مڇي، کاري جي مڇي، منهنجو ڳوٺ: جعفر خان لغاري، رهاڻ هيرن کاڻ (۸ جلد)، لاکو ڦلاڻي، گڏهه، پيارن جا پيغام، سڄڻن جا سلام وغيره اچي وڃن ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي اردو ڪتابن ۾ “اردو شاعري'>سندهه مين اردو شاعري، مولانا آزاد سبحاني، ديوان ماتم، ديوان شوق افزا عرف ديوان صابر، طلبه اور تعليم وغيره اچي وڃن ٿا. اهي فارسي ڪتاب، جن جا حواشيه ۽ مقدمه ڊاڪٽر صاحب لکي، انهن جي علمي ۽ تاريخي حيثيت نروار ڪئي آهي، تن ۾ ديوان غلام، لب تاريخ سنڌ، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، حاصل النهج، فتح نامه سندهه، باقيات از ڪلهوڙا، تاريخ بلوچي، ديوان عطا ٺٽوي اچي وڃن ٿا، سندن ايڊٽ ڪيل عربي ڪتابن ۾ نتف من شعر ابي عطا ۽ غزة الزيجات شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جا انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:

۱. Teachers Education in Pakistan.

۲. Sindh: Studies(Cultural )

۳. Sindh: Studies (Historical )

۴. Advent of Islam in Indonesia

۵. Muslim Luminaries

۶. Traditional Arts and Crafts of Hyderabad Region

۷. Musical Instruments of the Lower Indus valley of Sindh

۸. World of Work

ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تصوف، لطيفات، موسيقي ۽ ثقافت تي ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن، جن جو وچور تمام ڊگهو آهي.

ڊاڪٽر صاحب کي مختلف اَوارڊ جهڙوڪ: تمغئه پاڪستان ۱۹۶۲ ۽ ۱۹۶۸ ۾، ستاره قائد اعظم، صدارتي ايوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس ۱۹۷۹ع، صدارتي ايوارڊ: اعزاز ڪمال ۱۹۹۱ع، صدارتي ايوارڊ: ستاره امتياز ۲۰۰۱ع ۽ مختلف علمي ادارن طرفان ڪيتريون شيلڊون ۽ نقد انعام پڻ مليا آهن.



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

هڪ مثالي عالم

مرتضيٰ سيال

ضلعي سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۷ع تي اکيون کوليندڙ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ننڍي هوندي کان ئي لاتعداد صلاحيتن جو مالڪ هو. سندس تعليم ۽ تربيت وارو رڪارڊ به نهايت شاندار آهي. هن ۱۹۳۶ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. گريجوئيشن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان، ايم اي ۽ ايل ايل بي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان پاس ڪئي. پڙهڻ دوران هن سياست ۾ به عملي ڪردار ادا ڪيو، گهڻي وقت تائين خاڪسار تحريڪ سان لاڳاپيل رهيو ۽ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن اتي مسلم اسٽوڊنٽس ايسوسيئيشن پڻ ٺاهي. ڊاڪٽر بلوچ ايم ايڊ ۽ پي ايڇ ڊي ڪولمبيا يونيورسٽي نيو يارڪ مان ڪئي. ۱۹۵۱ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مشوري تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد طور پنهنجون خدمتون ارپڻ شروع ڪيون. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جو باني ۽ پهريون سربراهه به ڊاڪٽر بلوچ صاحب هو. ٽن سالن لاءِ هو سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به رهيو. سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، تعليم توڙي ثقافتي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو ڪنٽريبيوشن تاريخي ۽ تمام وڏو آهي. خاص طور تي لوڪ ادب کي جنهن نموني بلوچ صاحب سهيڙيو ان جو مثال نه ٿو ملي. هي عظيم انسان آخري گهڙيءَ تائين ادب، ٻولي توڙي ديس لاءِ ڪم ڪندو رهيو. هڪ سچي عالم جيان پنهنجو هڪ پل به ضايع ڪرڻ بجاءِ پنهنجي قوم کي ارپيندو رهيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ کي جيڪو علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثو ڏنو آهي اهو تمام وڏو آهي، اسان کي نه رڳو ان ورثي کي سنڀالڻو آهي پر ان ڪم کي جاري به رکڻو آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي نالي سان هڪ ادارو جڙيل آهي جنهن کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن بلوچ صاحب جي ڪيل ڪم کي سهيڙڻ سان گڏ ان تي وڌيڪ تحقيق پڻ ٿي سگهي. ڊاڪٽر بلوچ کي خراج ڏيڻ جو بهترين طريقو به اهوئي آهي. لوڪ ڏاهپ جو جيڪو خزانو هن اسان لاءِ ڇڏيو آهي ان جي وارثي ڪرڻ جي ذميواري اسان تي آهي. اسان جي سماج جو اهو تمام وڏو الميو آهي جو پنج سيڪڙو ماڻهو به پنهنجن فرضن جو پوراءُ ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان نه ٿا ڪن. پنهنجن ادارن، علم، ادب توڙي ٻوليءَ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جيان ذميواريءَ سان ڪم ڪيو وڃي ته وڏيون ڪاميابيون ماڻي سگهجن ٿيون.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي زندگيءَ جي ۹۴ سالن ۾ ايترو ته ڪم ڪري ويو آهي جو ان جو ڪم ڏسي سچ پچ ته ڏاڍي حيرت ٿئي ٿي، سندس عمر ۽ ڪم جي ڀيٽ ڪبي ته سندس ڪم تمام گهڻو ۽ وڏو محسوس ٿيندو. هو هڪ شخص نه پر مڪمل ادارو هو ۽ سندس ڪم به گهڻ پاسائو ۽ بهترين آهي. آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ هو چاهي ها ته اتي ڪنهن اداري ۾ علمي ۽ تحقيقي ڪم ڪري ڀرپور مڃتا ماڻي ها، کيس اهڙيون آڇون به هيون پر هن پنهنجو سڀ ڪجهه سنڌ کي ارپڻ چاهيو. سنڌ سندس ساهه ۾ سمايل هئي ۽ اهوئي سبب آهي جو هو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

اسين يقينن تمام گهڻا خوش نصيب آهيون جو ڊاڪٽر بلوچ جهڙا اعليٰ پائي جا عالم ۽ محقق سنڌ ۾ پيدا ٿيا. ان سلسلي کي قائم رکڻ ڀلي اسان جي هٿ ۾ نه هجي پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن عالمن جي ڇڏيل علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي جي وارثي ڪري ان ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجون قومي ذميواريون پوريون ڪريون ته به وڏي تبديلي آڻي سگهون ٿا. ڊاڪٽر بلوچ جيترا ڪتاب لکيا آهن اسين ايترا ڪتاب پڙهي به ناهيون سگهيا. ڏيڍ سؤ کان مٿي ڪتاب لکڻ، انهن جي پروف ريڊنگ ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ سهيڙڻ ڪو معمولي ڪم ناهي، نه رڳو اهو پر بلوچ صاحب سنڌ جو چپو چپو گهميو ۽ ادبي خزانو گڏ ڪيو. يقينن اهو عشق ئي هئو جنهن ڊاڪٽر صاحب کان ايترو ڪم ڪرايو.

پنهنجن عالمن ۽ محسنن تي فخر ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ فخر ڪرڻ به گهرجي پر اهم ڳالهه اِها آهي ته سندن اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪيتري دلچسپي ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ٿا ڪريون. واهه واهه ڪرڻ سولي ڳالهه آهي ۽ اهو ڪم هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر عملي ڪم واري تسلسل کي جاري رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان وٽ تمام گهٽ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ذميواريءَ سان پنهنجو ڪم ڪن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو سنڌ جي ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن کي ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي، ايجوڪيشن فيڪلٽي، علامه آءِ آءِ قاضي چيئر ۽ سنڌي ٻولي اٿارٽي جو بنياد وجهڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. نه رڳو اهو پر هو وفاقي وزارت تعليم ۾ ثقافت جو سيڪريٽري، اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس چانسلر ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ جو نگران وزير تعليم به رهيو.

ڊاڪٽر بلوچ رڳو لوڪ ادب تي ئي نه پر لغت، ٻولي، تاريخ، موسيقي، سنڌي صورتخطي، ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ٻولي جي منظوم ذخيري توڙي لطيفيات تي به وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ جو ڪم ڏسي حيرت جا ڪيئي دروازا کلي وڃن ٿا، ائين ٿو لڳي ڄڻ هو ڪو انسان نه پر ديوَ مالائي ڪردار هو جنهن ٿورڙي وقت ۾ وڏو ڪم ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته وقت جي رفتار سان مقابلو ڪري سگهجي ٿو. سندس تحقيق جو انداز به ڏاڍو نرالو آهي، سنڌ جي ريتن رسمن، چوڻين، ڳجهارتن تي به کيس وڏي دسترس حاصل هئي. هو سنڌي ٻولي سان گڏوگڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي جو به ڄاڻو هو. اهو چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن يا مڪمل ادارو هو. سنڌي لوڪ ادب ۽ ٻولي جي حوالي سان کيس جيڪا ڄاڻ ۽ مهارت حاصل هئي ان جي بنياد تي کيس سنڌ جي انسائيڪلوپيڊيا به چئي سگهجي ٿو. سنڌ کي ڊاڪٽر بلوچ تي تمام گهڻو فخر آهي.

آئون پنهنجي ڳالهه کي سميٽيندي وري ان ڳالهه تي زور ڏيندس ته ڊاڪٽر بلوچ کي خراج پيش ڪرڻ جو ان کان بهتر ٻيو ڪوبه طريقو ڪونهي جو سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ ڪم جي مڃتا طور سندس علمي، ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کي وڌيڪ عام ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزارت ۽ ثقافت کاتي کي عملي قدم کڻڻ گهرجن ۽ اهڙي عمل کي يقيني بنائڻ گهرجي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۶ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

ڪي ڪي ماڻھو جلوا جرڪا

سرور سيف

حضرت علي رضہ جو فرمان آھي تہ سنڌ علم ۽ برڪت واري سرزمين آھي جتان علم ۽ عرفان جو سج اڀريو, مشھور مؤرخ ابو معشر چئي ٿو تہ سنڌ جي ماڻھن جي علم ڏانھن رغبت دنيا جي سڀني قومن کان وڏي آھي، سنڌ جي معطر مٽي مان ھميشہ عشق و محبت تصوف ويدانيت علم و عرفان جا جھرڻا پئي جاري ٿيا آھن جن سان نہ صرف سنڌ جي ڌرتي پر پري پري جا علائقا بہ سيراب ٿيا آھن ۽ اھڙا عالم عارف عشاق ۽ شاعر پئي پيدا ٿيا آھن جن جي نالي کڄڻ سان ادب ۽ احترام ۾ اکيون جھڪيون ۽ ڪنڌ فخر کان اوچو ٿي وڃي ٿو جنھن کي ھر پيڙھي ھر نسل ھر عمر ھر جنس جو ماڻھو پنھنجي من اندر ۾مورتي جيان ويھاري پوڄي ٿو اھڙي ئي ھڪ ھستي نو ڏھاڪا اڳ سنجھوري ڀرسان ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي پسندڙ پنھنجي محنت ۽ جاکوڙ سان پريم سان ڏک سک سھي ننڍن وڏن ڏيھي پرڏيھي تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪري وڏو مان مرتبو حاصل ڪري وڏا عھدا ماڻيندڙ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ آھي جنھن جي حياتي جو پل پل سنڌ لاء وقف ٿيل آھي جنھن ووڙي جاکوڙ ڪري سنڌ جي علمي ادبي ثقافتي خزاني کي دفترن ۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو آھي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي علم و ادب جو محافظ سنڌي ٻولي جو ڀنڍار سنڌي لوڪ ورثي جو ابن بطوطہ سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا آھي جنھن تحقيقي تاليف تاريخ شاعري ٻولي لوڪ ادب ۽ لغت تي سوين ڪتاب لکيا ۽ سھيڙيا سموھيا آھن، ڊاڪٽر صاحب مھان ليکڪ بہ آھي ۽ مھان انسان بہ، اھڙو اورچ انسان جنھن کان سنڌ جي ڪابہ وسطي ڪوبہ واھڻ ڪا بہ ڪنڊ ڪڙڇ ڳجھي ناھي اھڙو ڪوبہ ماڳ ناھي جيڪو بلوچ صاحب جي اکين کان اوجھل ھجي مان جڏھن پنھنجي مقالي ”پنوعاقل جون علمي ادبي شخغيتون لاء پنو عاقل جي ڪچي پڪي پڊن پوٺن ڀاڻن مقامن تي ويس جيڪي ھنڌ مون لاء ٿڪائيندڙ ھئا تہ اتي جھونن سپورنجن سالڪن سگھڙن اھا پئي ڳالھ ڪئي تہ ڊاڪٽر بلوچ ھتان ٿي ويو آھي تڏھن مون کي پنھنجي ٿڪ تي ڪاوڙ پئي آئي ۽ من ئي من ۾ ھن کاھوڙي جي پير ڇھڻ جي خواھش پئي اڀري مون پنھنجي ھن مقالي جا بنيادي حوالا ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتابن تان کنيا جن ۾ مائي فاطمہ لال ڪندن سعدي دائود صحبت فقير ميھر شامل آھن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھميشہ مطالعي سان گڏ مشاھدي کي اھميت ڏني ۽ ھر شيء کي مسلسل ڀيٽي پوء پنھنجي مسودن ۾ شامل ڪيو سنڌ جي واھڻ وستي وڃي ڳوٺ شھر ووڙي اتر سرو لاڙ ڪاڇو ٿر ڪوھستان ڪڇ ۽ کس ٻيلو گھمي ڦري عظيم جامع لغات تيار ڪئي تہ ٻئي پاسي مڻيو مڻيو ھٿ ڪري موتين مالھا پوئي لوڪ ادب اسڪيم ۾ چاليھارو ڪتاب ڏنا جن ۾ لوڪ ڪھاڻيون قصا داستان ڏور ھنر ڳڄھارت پرولي سينگار ڳاھون ڳيچ مداحون مولود ڪافيون وغيره شامل آھن تہ ٻئي پاسي لطيف سائين تي سندس سوانح شاعري فڪر ۽ فن تي ۱۰ذخيم جلد وڏي محنت ۽ عرقريزي سان مرتب ڪري وڏا وڙ ڪيا ھوڏانھن بلوچ صاحب سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن ۽ سالڪن جي ڪلام کي نئين سر مرتب ڪري تصديق ڪري شايع ڪرائڻ جو سھرو بہ حاصل ڪيو جنھن ۾ قاضي قاضن، لطف الله قادري، شاھ عنايت رضوي، شاھ شريف ڀاڏائي، خليفو نبي بخش قاسم، صديق فقير، حمل فقير لغاري، غلام محمد خانزئي ۽ نواب ولي محمد لغاري شامل آھن.

ڊاڪٽر صاحب جو ھڪ وڏو ڪارنامو ماھر لسانيات طور سنڌي ٻولي جي تاريخ تي بيش بھا تحقيقي ڪتاب آھي جنھن ۾ ھن سنڌي ٻولي جي بڻ بنياد بابت رائج نظرين کي رد ڪندي نئون نظريو ڏنو ۽ دليلن سان وسصع ڪيو تہ سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل ناھي پر ھي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿري جي جي قديم ٻولي آھي

ڊاڪٽر صاحب جا اسان تي سنڌ تي سنڌين سنڌي زبان تي اڻ ڳڻيا ٿورا آھن جيڪي چڪائڻ جا ئي ناھن سنڌ جو ڪوبہ اھڙو علمي ادبي ادارو نہ آھي جنھن جي بنيادن ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي پورھيي جو پگھر شامل نہ ھجي،سنڌ يونورسٽي سنڌيالاجي،سنڌي ادبي بورڊ،شاھ لطيف يونيورسٽي قائد عوام يونورسٽي وغيرہ ان جون ساکي آھن اھڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ،سماجي ڪارج ۽ سنڌ واسين کي نج ۽ پاڪيزہ سنڌي لفظن کان روشناس ڪرائڻ لاء سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن ۽ محنتن جو ثمر آھي جنھنجو اعلان ۱۹۷۲ع تي ٻولي واري بل ۾ ڪيو ويو ھو جنھنکي عملي روپ ۱۹۹۰ع ۾ ڄام صادق کان ڏياريو ۽ ان جي چئرمين طور سنڌي ٻولي جي جھول ڀري ڪيئي ڪتاب شايع ڪرايا ماھرن جا ميڙاڪا مچايا سنڌي پڙھاييندڙ استادن کي رھنمائي ميسر ڪئي ۽ اٿارٽي پاران سنڌي ٻولي مخزن جاري ڪرائي جيترو بلوچ صاحب ڪم ڪيو باقي سالن ۾ نہ ٿيو.

ٿورا منجھ ٿرن، مون سين مارن جي ڪيا

عمر ان ڳڻن آء ڪيئن لوئي لاھيان

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ۽ پاڪ سنڌ ڪراچيءَ ۾ ۲۸ مارچ ۲۰۰۸ع ۾ ڇپيل)



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

جيئن مون ڏٺو!

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جو اهو عظيم محقق، اسڪالر، تاريخ دان تعليمي ماهر ۽ ڏاهو آهي، جنهن کي سنڌ، پاڪستان ۽ هندستان ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جو شارح، سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جو ماهر، عظيم استاد، اعليٰ درجي جو منتظم ۽ بي شمار ادارن جي بنياد رکندڙ جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي سڄي زندگي تحقيق ۽ تصنيف لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، جن موضوعن تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪم ڪيو آهي، انهن جو وڌ ۾ وڌ تعلق سنڌ جي تهذيب، سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن، سنڌ جي ثقافت ۽ ٻولي، شاهه جو رسالو جنهن جا ڊاڪٽر صاحب ۱۰ جلد ڇپرايا، سنڌ جي ريتن رسمن ۽ روايتن بابت تحقيق ڪري ۴۲ ڪتاب لوڪ ادب جي عنوان سان ڇپرايا.

ڊاڪٽر بلوچ وڏي همت ۽ حوصلي جا مالڪ هئا، وٽن فضول ڪچهري لاءِ بلڪل وقت ڪونه هو، سندن زندگي بي حد منظم هئي، وقت جو قدر ڄاڻندا هئا، ڪڏهين ڪنهن جي گلا ڪون ڪيائون، نه وري ڪنهن جي گلا ٻڌندا هئا، جيڪڏهن ڪو اديب، يا حاسد مٿن ڪا تنقيد ڪندو هئو ته به پاڻ ڪڏهين انهيءَ جو جواب نه ڏيندا هئا پر صبر ۽ تحمل سان اُهي ناجائز ڳالهيون برداشت ڪندا هئا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان جيڪڏهين اهڙي تنقيد جو ذڪر به ڪبو هو ته چوندا هئا ته مون وٽ ايترو فضول وقت ناهي جو اهڙين واهيات ڳالهين جو جواب لکان، ايندڙ مورخ اهو فيصلو ڪندا ته صحيح ڪير هو ۽ غلط ڪير، منهنجو ڊاڪٽر بلوچ سان ۱۹۶۰ع کان تعلق رهيو آهي، ۱۹۶۰ع ۾ جڏهين آئون آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ پهريون نمبر آيو هئس ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان وڃي مليو هئس، پاڻ منهنجي پهرئين نمبر اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيا هئا ۽ مون کي چيو هئائون ته ايم-اي ڪري اعليٰ تعليم لاءِ ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪجائين، ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ جڏهين مونکي ترڪي حڪومت طرفان پي-ايڇ-ڊي ڪرڻ لاءِ ميرٽ اسڪالرشپ ملي ته ان وقت به ڊاڪٽر بلوچ صاحب بي حد خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو، منهنجي ترڪي ۾ قيام جي دوران ڊاڪٽر صاحب پنج دفعا ترڪي تحقيق جي سلسلي ۾ آيا ۽ آئون سندن سفر دوران سڄو وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن سان گڏ هوندو هئس، سندن سفر دوران مان ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم ڪرڻ جي طريقي، وقت جي پابندي ۽ منصوبه بنديءَ کان ايترو ته متاثر ٿيس جو مون به لکڻ پڙهڻ ۽ تحقيق ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو طريقه ڪار استعمال ڪيو. جنهن مان مونکي بي حد فائدو ٿيو ۽ آئون به کوڙ سارا ڪم ڪري سگهيس. ڊاڪٽر صاحب ۾ نوڙت ۽ نهٺائيءَ هئي ۽ سفر دوران گهڻي ۾ گهڻو وقت ترڪيءَ جي مشهور لائبررين ۾ گذاريو، آچر جي ڏينهن سير و تفريح ۽ تاريخي عمارتن ڏسڻ لاءِ وقف هو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب بحري جهازن ۾ تفريح ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃي تاريخي جڳهين جو مشاهدو ڪندا هئا.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو دنيا ۾ پسنديده شهر استانبول هو، جيڪو عثماني ترڪن جو ۱۴۵۳ع کان ۱۹۲۴ع تائين تخت گاهه رهيو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان سندس وفات کان ٻه هفتا اڳ ملاقات ٿي ته چيائون ته پيارا مغل پاڻ وري ڪو جلد ترڪي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيون ته جيئن استانبول جو هلي سير ڪجي، دراصل ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي استانبول جي سليمانيه لائبريريءَ ۾ ريسرچ ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو ۽ سمنڊ جي ڪناري ٻيڙي تي تريل مڇي ترڪي روٽيءَ ۾ کائڻ ۾ لُطف ايندو هو يا وري فرمائش ڪندا هئا ته اڄ عثمان ڪوفتي واري وٽ هلي ڪوفتا کائينداسين، يا وري حضرت ابو ايوب سان جنهن جاءِ جي نسبت ٻڌي ويندي هئي، حضرت ايوب انصاري رضه جي مزار تي روزانه زيارت لاءِ انبوه عقيدت مندن جي اچي دعا گهرندي هئي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب به جڏهين ترڪي ايندا هئا ته استانبول ضرور ايندا هئا ۽ حضرت ابو ايوب انصاري رضه جي مزار تي اچي عقيدت جا گُل نڇاور ڪندا هئا ۽ دعا گهرندا هئا، نماز پڻ اچي ادا ڪندا هئا، مزار تي ڪافي ترڪي ٻليون ويٺيون هونديون هيون، ڊاڪٽر صاحب ضرور کين پيار ڪندو هو، دراصل ڊاڪٽر صاحب کي جانورن ۽ پکين سان بي حد انسيت هئي.

(نوٽ: هي آرٽيڪل ليکڪ پنهنجي حياتيءَ ۾ لکيو هو)

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

هڪ نه وسرندڙ انسان

پروين موسيٰ ميمڻ

زندگي فقط دنيا جون رنگينون ۽ رعنائيون ميڙڻ جو نالو نه آهي. زندگي علم ۽ عبادت آهي، محبت ۽ رياضت آهي ته سچ ۽ سونهن پڻ، جنهن ۾ وڏي اهميت حُسنِ اخلاق جي آهي. روزمره جي حياتيءَ ۾ اسين ڪيترن ئي ماڻهن سان ملون ٿا پر ڪي ڪي ماڻهو موتيءَ داڻن مثل آهن جن سان ڪيل ملاقات دل جي گهراين ۾ پيهي وڃي ٿي. سندن نقش، سالن تائين دلين ۾ رهي ٿو. اهڙي ئي حُسنِ اخلاق جو مجسمو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت هئي، جن سان ملڻ جو مون کي ڏاڍو اشتياق هو. جڏهن منهنجو پهريون ڪتاب ڇپجي مشهور ٿيو ته منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ايندڙ ڪتاب جو مهاڳ ڪنهن وڏي علمي ۽ ادبي شخصيت کان لکرايان ۽ هڪدم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان مهاڳ لکرائڻ جو ارادو ڪيم پر جنهن سان به ڳالهه ڪيم ته اهو ئي مشورو مليو ته ڊاڪٽر صاحب جن تمام مصروف رهندا آهن ۽ هو عام طور گهٽ ملندا جلندا آهن ۽ نئين ليکڪ کي ته مهاڳ لکي ڏيڻ نا ممڪن آهي. پر مون پنهنجو ارادو مظبوط رکيو ۽ ادا محمد علي ڏيپلائي معرفت ڊاڪٽر صاحب کان ملاقات جو وقت ورتو ۽ ساڻن ملڻ ويس. پاڻ تمام قرب ۽ عزت سان مليا. سندن حليم، نهٺي، بردبار شخصيت مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. تقريباً ڪلاڪ ڏيڍ ويهڻ ٿيو، جنهن ۾ خاص طور محمد عثمان ڏيپلائي جو لکيل ادب، ڏيپلائي برادريءَ جو بنياد، ڏيپلائين جو مزاج، عادتون، سنڌي ادب، انگريزن جو دور، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي سائين مفيد ڄاڻ ڏني. مون کي ٽيپ رڪارڊ نه کڻي وڃڻ جو افسوس ٿيو، پر ڪيتريون ڳالهيون گهر اچي نوٽ ڪري ڇڏيم ۽ انهيءَ ملاقات جو احوال مون پنهنجي ڪتاب ”ملهه مهانگا سپرين“ ۾ ڏنو آهي.

بلوچ سائينءَ کي جڏهن مهاڳ جو چيم ته تمام عزت سان چيائين ته، ”بابا مون کي تمام خوشي آهي ته توهان ڏيپلائيءَ جو قلمي سفر جاري رکيو آهي، آئينده به لکندا رهجو. مونکي ناول، افسانا ۽ سفرناما پڙهڻ جو وقت ڪونهي، ان ڪري انهيءَ متعلق توهان جي هن ڪتاب تي آئون تفصيلي نه لکي سگهندس، باقي دعائيه ڪلمات جا ٻه اکر سرسري جائزو وٺي لکي ڏيندس.“ مون مشڪور ٿيندي چيو ته، ”سائين توهان جا دعائيه ڪلمات وارا ٻه اکر منهنجي لاءِ تمام اهميت رکن ٿا.“ سندن گهران اچڻ مهل سائين جن مون کي دروازي تي ڇڏڻ آيا. منهنجي مٿي تي هٿ رکي دعا ڏنائون ۽ وڌيڪ لکڻ پڙهڻ جي تلقين ڪيائون. هفتي کان پوءِ منهنجي حيراني جي حد ئي نه رهي جو سائين جو لکيل ”پيش لفظ“ منهنجي پوسٽل ائڊريس تي پهچي ويو. ايتري ساري مصروفيت ۾ ايڏا Committed ماڻهو تمام ٿورا هوندا آهن. اڄ سندن لکيل اهي سٽون منهنجي لاءِ هميشه Inspiration جو باعث بڻبيون آهن ۽ مون کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ محنت ڏي مائل ڪنديون آهن.


ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ماهرِ لطيفيات

آفتاب ابڙو

شاهه جي رسالي جو پهريون مرتب ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌ ۾ ۱۸۵۴ع جي آخر ۾ آيو، کيس ”چرچ مشنري سوسائٽي-لنڊن“ طرفان موڪليو ويو ته هو مڪاني ٻولين ۾ عيسائيت جي تبليغ ڪري. کيس سنسڪرت، عربي، فارسي ۽ لاطيني زبانن تي مهارت حاصل هئي، هن اچڻ شرط سنڌي سکڻ شروع ڪئي ۽ ۲۵ اپريل ۱۸۵۵ع تي سوسائٽيءَ کي رپورٽ موڪلي ته ”هاڻي مان سنڌي ’ريڊنگ بوڪ‘ تي ڪم ڪري رهيو آهيان. جنهن ۾ گرامر ۽ ٻيون وضاحتون به ڏيئي رهيو آهيان، جيڪڏهن مونکي اجازت ڏني وڃي ته سنڌي ڊڪشنري تي تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪريان، ان لاءِ هڪ منشيءَ جي ضرورت پوندي.“ ڊاڪٽر ٽرمپ سنڌي ٻولي سکڻ واسطي ڪراچي ڇڏي، حيدرآباد ۽ اڏيري لال تائين آيو. جڏهن هو مختلف ماڻهن سان مليو ته کيس احساس ٿيو ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هر پنجون ماڻهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت ۽ وايون ورجائي رهيو هو. ان کان پوءِ سندس ذهن لاڙو کاڌو ته ڇونه اهڙي شخصيت جي باري ۾ جامع معلومات گڏ ڪجي، جنهن کي هتان جا عام ماڻهو گهڻو ياد ڪن ٿا. پوءِ هن پختو ارادو ڪيو ته هو شاهه لطيف جي زندگي، پيغام ۽ ڪلام تي تحقيقي ڪم ڪندو. ان ڏس ۾ هن جرمن ٻوليءَ ۾ ۱۸۶۱ع ڌاري مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيا، جيڪي رائل ايشيائڪ سوسائٽي جي جنرلن ۾ شايع ٿيا. جن تي کيس تمام سٺي موٽ ملي. آخر ۱۸۶۶ع ۾ هن پهريون ڀيرو ”شاهه جو رسالو“ لپسزگ شهر جرمني مان شايع ڪرايو، جنهن جو سڄو خرچ بمبئي حڪومت ڀريو. ان نسخي جو ٽيون ڇاپو سنڌ ثقافت کاتي ۲۰۰۸ع ۾ پڌرو ڪيو آهي.

ساڳي صورتحال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان به پيش آئي. هو جڏهن لوڪ ادب سهيڙڻ جي سلسلي ۾ ڪانڀ ڪڍي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو ته کيس هر هنڌ لطيف جي تنوار ٻڌڻ ۾ آئي.هن محسوس ڪيو ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو لطيف سائين کي نه صرف عقيدت سان پڙهن ٿا، پر سندن پڙهڻي ۽ تشريح نرالي ۽ اثر پذير آهي. ان عرصي ۾ هن پڪو پهه ڪيو ته لطيف سائين تي جديد انداز ۾ ڪم ڪندو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ لطيف جي فڪر مان نئون نسل مستفيد ٿئي. ان ڪم جي ابتدا هن ”سنڌي جامع الغات“ جوڙڻ وقت ڪئي. خاص لفظن جي معنى ڏيئي، سمجهاڻي طور هن ساڳيو لفظ رسالي جي بيت مان پيش ڪيو. مثال طور، اوڀارو= اوڀر-طلوع ]اڄ پڻ اوڀارو چوڏهين ماهه چنڊ جو (شاهه) [هرلي يا نار جي هڪ ڪاٺي ]آيل اوڀارو، ٻائڙ ٻڌو ٻوڙ وهي (شاهه)[، ڪُن يا موڙ سبب پاڻيءَ جو ابتو وهڪرو ]آڻيو اوڀارن ۾، ٻانڊي ٻوڙي ٻيٽ (شاهه) [(ڏسو: جامع سنڌي لغات ڇاپو ٻيو، صفحو ۲۴۱)

شاهه سائين جي پنهنجي سگهاري فڪر ۽ ٻاجهاري ٻوليءَ سبب پڙاڏو سندس دور ۾ به هو. هو جتي جتي به ويو، اتان جا رهواسي سندس معتقد ٿيا ۽ جيسين جيئرا رهيا سندس فڪر ڦهلائيندا رهيا. بعد ۾ انهن ماڳن تي مستقل آستانا بنيا. جن کي هاڻي ”لطيفي تڪين“ طور ياد ڪيو وڃي ٿو. سائين جي رحلت کان پوءِ فقير فقراء جهر جهنگ سندس وايون ورجائيندا رهيا. جڏهن به ڳوٺن ۾ ڪچهريون رچنديون هيون ته شاهه سائين جا بيت ۽ وايون آلاپيون وينديون هيون. اهو سلسلو نج ٻهراڙين ۾ اڄ به رائج آهي.

پڙهيل ڳڙهيل طبقي طرفان شاهه سائين جي فڪر کي عام ڪرڻ لاءِ ۱۹۳۰ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو ”لطيفي رهاڻ“ رچائي ويئي، جنهن ۾ لطيف سائين جي فن، فڪر ۽ حياتيءَ بابت تقريرون ڪيون ويون. ان رهاڻ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي به شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڀٽ شاهه تي ميلي جي موقعي تي ”ادبي ڪانفرنسن“ ڪوٺائڻ جي شروعات سنڌ جي علم دوست شخصيت سيد محمد ميران شاهه ۱۹۳۲ع ڌاري ڪئي. جنهن کان پوءِ عالمن، اديبن ۽ شاعرن هن سرزمين ڏانهن رخ ڪيو. ان کان اڳ لطيف سائين جا فقير ۽ مريد ميلي جي موقعي تي ملاکڙا ۽ راڳ جون محفلون مچائيندا ها. جڏهن ته ’لطيفي راڳ‘ جي شروعات سائين جي حياتيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ به تقريباً روزاني جاري آهي. راڳ جا ڄاڻو چون ٿا ته ننڍي کنڊ ۾ اهو اعزاز لطيف سائين جي درگاهه کي حاصل آهي، جتي تقريباً ٽن صدين کان روزانو راڳ جي محفل جاري ساري آهي. مقرر وار تي چونڊيل ٽولين جا راڳي شاهه جو راڳ سنجهي ٽاڻي شروع ڪندا آهن ۽ اسر ويل ڪي وري فجر ويل ڪلمو ڀري اٿندا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، سيد ميران محمد شاهه سنڌ سرڪار جي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جو وزير ٿيو ته هن ۱۹۵۰ع ڌاري نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين ٻه ميل پڪو روڊ جوڙايو، جنهن سان درگاهه تائين اچ وڃ ۾ سهولت پيدا ٿي. سيد ميران شاهه جي ڪوششن سان حڪومت جي سهاري هيٺ ۱۹۵۰ع ڌاري ”لطيف يادگار ڪاميٽي“ جو بنياد پيو ۽ ايندڙ سال سرڪاري بندوبست سان، لطيف سائين جي پڌر تي ”لطيف ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي ويئي، جنهن جي صدارت سائين جي ايم سيد ڪئي ۽ ڪارروائي نوجوان محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هلائي. ان کان پوءِ يادگار ڪاميٽي طرفان ڀٽائي جي عرسن جي موقعي تي ۱۴-۱۵ صفر تي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون منعقد ٿينديون رهيون، جن جي ڪارروائي ۽ بندوبست ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي هوندو هو.۱۹۵۱ع کان ۱۹۶۷ع تائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب نه رڳو هنن ادبي ڪانفرنسن جو انتظام سنڀاليو ۽ لطيفِ فڪر کي روشناس ڪرائڻ لاءِ نيون رٿائون جوڙيون پر الاهي سارا نوان راڳائي ۽ وڄتا پڻ متعارف ڪرايا، جن اڳ تي هلي راڳ ۽ ساز جي ميدان ۾ سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪيو.

لطيف يادگار ڪاميٽيءَ پاران چوٿين لطيف ادبي ڪانفرنس ۱۹۵۳ع ۾ ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ جي وڏي وزير عبدالستار پيرزاده ڪئي. ان موقعي تي سرڪار پاران ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۵۴ع تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. پيرزادي صاحب ان ڏينهن ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو. اهو مرڪز اڃا تائين قائم آهي ۽ هر سال ميلي جو اهتمام ان مرڪز طرفان ٿيندو آهي. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت پاران ثقافت کاتي وسيلي فنڊ مهيا ڪيا ويندا آهن. ثقافتي مرڪز پاران ڀٽ شاهه تي ريسٽ هائوس، ميوزيم، ميوزڪ اسڪول، لائبريري، فنڪارن جي رهائش لاءِ هاسٽل، ٻاهران آيل مهمانن لاءِ موٽيل ۽ آڊيٽوريم سال بسال جي ترقياتي فنڊن مان جڙي راس ٿيا.

۳۰ آگسٽ ۱۹۵۸ع تي لطيف سائين جي ۲۰۶عرس جو افتتاح محترم ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪوششن سان، تڏهوڪي صدر اسڪندر مرزا ڪيو ۽ مرڪزي حڪومت پاران ترقياتي ڪمن لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي اضافي فنڊ جاري ڪيا ويا. ان سان گڏوگڏ مرڪز جي نئين سر جوڙجڪ پڻ ڪئي ويئي، حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر انجو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ۽ اديب آغا تاج محمد کي انجو اعزازي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ستت ئي سندس وفات کانپوءِ مانواري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان وقت کان وٺي ۱۹۷۴ع تائين ڊاڪٽر بلوچ نهايت سرگرميءَ سان نه رڳو ادبي ڪانفرنسون جاري رکيون پر هن ۳۰ سيپٽمبر تي ۱۹۶۶ع ڌاري ثقافتي مرڪز کان شاهه لطيف جي مستند سوانح، شاهه جي رسالي جي جامع ۽ معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ رٿا منظور ڪرائي. بلوچ صاحب اها رٿ به منظور ڪرائي ته مرڪز پاران هر سال هڪ سُرَ تي سيمينار ڪرائجي ۽ ان ۾ پڙهيل مقالن کي ٻئي سال ميلي جي موقعي تي پڌرو ڪجي. پهرين تجويز جي روشنيءَ ۾ ۱۹۶۶ع کان ۱۹۷۷ع تائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪوششن سان لطيف شناسي بابت هي بنيادي ڪتاب شايع ٿيا. لطائف لطيفي- فارسي (۱۹۶۷) شاهه جو رسالو - برٽش ميوزم وارو نسخو (مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۶۹ع) احوال شاهه لطيف- مرزا قليچ بيگ (۱۹۷۲ع) شاهه جي رسالي جا سرچشما- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۷۲ع) شاهه جي رسالي جي ترتيب- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (۱۹۷۴ع) شاهه جو رسالو- ٽن قلمي نسخن تي آڌاريل- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (۱۹۷۴ع) پنج گنج: قادر بخش بيدل- مرتب ڊاڪٽر بلوچ (۱۹۷۷ع) شاهه جو رسالو- ڏهن قلمي نسخن تي آڌاريل- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (۱۹۷۷ع) ٻي تجويز مطابق هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ڊاڪٽر بلوچ جي ادارت ۾ شايع ٿيا. شاهه جي ڪلام ۾ اسلام اقدار (۱۹۶۷ع) شاهه جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار (۱۹۶۸ع) شاهه: سنڌي ٻوليءَ جو معمار (۱۹۶۹ع) سرڪلياڻ جو مطالعو، سر يمن ڪلياڻ جو مطالعو، سرکنڀات، سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر سهڻي، سرسسئي آبري، سر معذور جو مطالعو، ترتيب وار ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۷ع تائين ڇپجي پڌرا ٿيا.

ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيل رسالي جي پهرين ’سر ڪلياڻ‘ ۾ مرحبائي تقرير طور الهه بخش ايم نظاماڻي چئي ٿو ته ”جناب محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب! آئون، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي جي طرفان اوهانجو تهه دل سان شڪر گذار آهيان جو اوهان هن سال به اسان جو عرض اونائي، حضرت شاهه ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، هن علمي مڪالمي (سيمينار) جي صدارت قبول ڪرڻ فرمائي. حقيقت ۾ اوهان هن مرڪز جا گويا روح روان آهيو. وقت بوقت اسان جي رهبري ڪندا رهيا آهيو. آئون انهن سڀني اديبن ۽ عالمن جو پڻ احسانمند آهيان. جن ڪافي تڪليف وٺي اچي هن سيمينار ۾ شرڪت ڪري، اسان جي وڏي همت افزائي ڪئي آهي.“

ڪتابن جي ترتيب جي اهميت:

جيئن مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيل ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي علمي ذوق، سنجيدگي ۽ ايڊيٽنگ واري فن جو عملي ثبوت آهن. سر وارن ڪتابن جي مهڙ ۾، گذريل ميلي جي ادبي ڪانفرنس جي مڪمل ڪارروائي، انگ اکر، اڳ ڪيل علمي ڪمن جو وچور ڏنل آهي. ان کان پوءِ سر جو متن زيرين زبرن سان ڏنو ويو آهي. انکان پوءِ ترتيب وار سر جي لغت، موسيقي، فهم فڪر ۽ تشريحي مواد ڏنو ويو آهي، هر هڪ سر هڪ مڪمل ڪتاب آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ذاتي ڪوششن سبب وقت جا وڏا عالم ۽ اڪابر ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندا هئا، جن کي اديب، عالم، امير، وزير پوري ڌيان سان ٻڌندا هئا. اهڙي ترتيب سان ڪي ويهارو سر ڊاڪٽر بلوچ صاحب ترتيب ڏنا، جيڪي ثقافت کاتي توڙي لائبريرين ۾ اڄ به موجود آهن.

ان کان پوءِ اها علمي روايت جهڙوڪ ختم ٿي. ۱۹۸۸ع کان وٺي اڄ سوڌو اهي ادبي ڪانفرنسون اسان جي اکين آڏو ٿينديون رهيون آهن. نه کاتي پاران اها سنجيدگي آهي نه وري اديبن پاران علمي معيار! وقت جي وڏن ناليوارن اديبن (پروفيسرن ۽ ڪهاڻيڪارن) کي گڏ ڪيل مقالا وقت سر ڏنا ويندا هئا، جن کي هو پڙهڻ به گوارا نه ڪندا هئا. صرف نالن کي ڏسي ڳاڙهي پين سان ترتيب لاءِ نمبر هڻندا هئا ته ان مطابق مضمونن جي فهرست جوڙيو ٻيو ٿيو  خير. اهو بار اڪثر منهنجي مٿان پوندو رهيو آهي، جنهن کي ڪوشش ڪري نڀاهيو اٿم. باقي اجوري وقت اهي نالي وارا اديب اڳواٽ پهچي ويندا هئا ۽ لفافو وٺي روانا ٿي ويندا هئا.

جهڙي ريت اڳ عرض ڪري آيو آهيان ته رسالي جو مستند ۽ معياري متن ڊاڪٽر بلوچ جي زندگي جو معين مقصد هو. جنهن لاءِ هن ابتدائي ايامن ۾ آغاز ڪري ڇڏيو هو. محترم سائين ڪمتر نقوي ۽ ان پائي جا ٻيا عالم به ڊاڪٽر صاحب سان ان معاملي ۾ يڪراءِ هئا. سر ڪلياڻ بابت هڪ مقالي ۾ نقوي صاحب لکي ٿو ته، ”مختلف ڇپيل رسالن ۾، ڪنهن ساڳئي لفظ جي صورتخطي ۽ املا کي درست ڪرڻ بيحد ضروري آهي. ساڳئي لفظ جي صورتخطي ۽ املا جو اختلاف، لغت تي ڪم ڪندڙن لاءِ هڪ نهايت پيچيده مسئلو آهي. ان سبب ڪري اهو بيحد ضروري آهي ته سڀ کان پهريائين هڪ اهڙو مستند رسالو ڇپائجي، جنهن جي هر هڪ لفظ جي املا مقرر ٿيل هجي. انهيءَ باري ۾ اهڙو اهتمام هئڻ ضروري آهي، جهڙو اهتمام قرآن شريف جي ڇپائي ۽ ڪتابت وقت ڪيو وڃي ٿو.“

مستند متن جي حوالي سان، پهريون جلد ڊاڪٽر صاحب ۱۹۸۸ع ڌاري تيار ڪيو، جيڪو طئي ٿيل رٿا مطابق ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيو، ان جي ڪمپوزنگ وغيره سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿي، جلد ساڍن ڇهه سؤ صفحن ڊبل ڊيمي سائيز تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ۷۰ صفحا مقدمي تي مشتمل آهن. ان کان پوءِ شاهه سائين جي حياتي جو احوال، رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، رسالي جي ترتيب، شاهه جي ڪلام جي پرک جا معيار، جامع مستند متن لاءِ صورتخطي وغيره، بابت ذخيم ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن. مستند متن رٿا جا ٽي جلد تڏهوڪي ثقافت کاتي جي عدم دلچسپيءَ سبب سست رفتار سان ثقافتي مرڪز پاران شايع ٿيندا رهيا، انهن تي ڏهه سال لڳي ويا، جن بابت ڊاڪٽر صاحب کي ڏاڍو فڪر رهندو هو. بالآخر باقي ست جلد ”علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا.“ پاران شايع ٿيا. جن لاءِ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري، ڪمشنر حيدرآباد جي حيثيت فنڊ مهيا ڪيا.

ان وچ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش رهي ته شاهه جي رسالي جي حوالي سان ان سلسلي جا ٻيا ڪتاب به شايع ٿيندا رهن ته جيئن شاهه سائين جي محققن آڏو راهون روشن هجن. ان ڏس ۾ گنج کان ۴ سال اڳ جو هڪ قلمي نسخو ڊاڪٽر صاحب تڏهوڪي سيڪريٽري ثقافت جناب عبدالحميد آخوند صاحب حوالي ڪيو. جنهن کي موجوده صورتخطي ۾ مرحوم ممتاز مرزا آندو، مرزا صاحب ڪيترائي سال ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي نگراني ۾ ڪم ڪندو رهيو. جڏهن هو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ ”ڪاپي رائيٽر“ هو، ته شام جو لغت آفيس ۾ لفظن جي اُتاري جو ڪم ڪندو هو. ان کان علاوه ڀٽ شاهه تي پڻ بلوچ صاحب جي نگراني ۾ فنڪارن کي ترتيب سان گهرائڻ ۽ سندن ٽهل ٽڪور- مرحوم مرزا صاحب جي حوالي هوندي هئي. جيئن مان اڳين قسط ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته ڪن مجبورين سبب مون ڪراچي ڇڏڻ نٿي گهري. انلاءِ ڊاڪٽر صاحب جي حيدرآباد ۾ ڪم ڪرڻ واري آڇ پوري ڪري نه سگهيس ته سائين وري مهرباني فرمائي آخوند صاحب کي سفارش ڪئي ته مونکي ثقافت کاتي ۾ گهرائي. ايئن ئي ٿيو ۽ مان کاتي ۾ وارد ٿيس. مونکي پهريون ڪم ذڪر ڪيل قلمي نسخي جي پروفن جو ڏنو ويو. ڀانئيم ته آخوند صاحب مونکي آزمائڻ ٿو گهري ته مون ۾ ايتري لياقت آهي به يا... سو مون ڏينهن رات هڪ ڪري، مختلف رسالن کي ڀيٽي ان نسخي جا پروف پڙهيا. جن مطابق ڪيترن هنڌن تي محترم مرزا صاحب سان پڙهڻين ۾ اخلاق ٿي پيا. حالانڪه مون اهڙيون نشاندهيون پينسل سان ڪيون ۽ مرزا صاحب کي نماڻو عرض ڪيم ته جن لفظن بابت اوهان کي اعتراض آهي، انهن کي واري ڇڏيو، پر سائين! اسان جي گستاخي معاف ٿيڻ جي نه هئي. مرزا صاحب پروف ڏسڻ سان تپي باهه ٿي ويو. هڪ نه ٻڌائين مٿي ”دلي دوست“ کي رپورٽ ڪيائين، جنهن مطابق مونکي فوري طور سيڪريٽريٽ مان بيدخل ڪري لياقت لائبريري ۾ رکيو ويو، جتي انتظاميا کي هدايتون مليل هيون ته مون کي ڪابه سهولت مهيا نه ڪئي وڃي ۽ هڪ سيڪشن تائين محدود ڪيو وڃي. اهو نسخو اصل سميت ثقافت کاتي پاران شايع ٿيل آهي. لطيف جا پارکو ئي صحيح فيصلو ڪري سگهن ٿا. مان نه لطيف سائين جو پارکو آهيان نه اساسي ادب جو ماهر، منهنجي گذارش ان وقت به اها هئي ته ”لغت ۽ ٻولي“ لفظن جي پرک ٿي ڪئي. جن کي محترم سائين قبول نه ڪيو. حالانڪه ان دوران مون پنهنجي پياري دوست نور احمد ميمڻ کي صلاح ڏني ته ’شاهه جي رسالي‘ جي ترتيب وقت غلام محمد شاهواڻي جيڪي پڙهڻيون مقرر ڪيون آهن، سي ڪافي آڳاٽيون آهن، انهن کي جديد صورت ۾ آڻڻ لاءِ ممتاز مرزا صاحب کي گذارش ڪر. هن ايئن ڪيو. پوءِ ڪن دوستن جي چوڻ تي ساڻس گڏ عبدالرحمان نقاش کي به شامل ڪيو ويو. پرمقصد حاصل نه ٿي سگهيو. مرزا صاحب اسٽيج تي شاهه جي بيت پڙهڻ جو ته اڪابر هو، پر لغت ۽ ٻولي مطابق لفظن جي درست املا وارو پنڌ اڃا پرانهون هو. اهڙي تصديق اڄ جو لطيف شناس مانوارو انب گوپانگ ڪري ٿو. انور پيرزادو صاحب به لطيف سائين جو وڏو پارکو هو، پر ان جو حوالو ان ڪري نٿو آڻيان جو هاڻي هو به مرحوم ٿي ويو آهي.

بهرحال ڊاڪٽر بلوچ مستند متن جي حوالي سان ڏهن جلدن کان پوءِ ’روشني‘ جي نالي سان رسالي جي معياري لغت تيار ڪئي، جيڪا هڪ طرح سان شاهه جي رسالي جي پهرين جامع لغت آهي. ان کان اڳ مرزا قليچ بيگ ’لغات لطيفي‘ ڇاپو ٻيو ۱۹۶۷ع ۽ ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ’لغات غريب‘ ۱۹۰۷ع ۾ شايع ڪئي ۽ ڪمتر نقوي رسالي جي حرف ’الف‘ تي آڌاريل ’ٻاروچي ٻولي‘ (حصو پهريون) لغت ۱۹۸۴ع ۾ ڇپاي پڌري ڪئي. روشنيءَ جي طرز تي ڊاڪٽر بلوچ جي هڪ صحبتي محمد حسين ڪاشف مرحوم ٻن جلدن ۾ ’شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي‘ ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. ڪاشف به اهائي واٽ ورتي آهي، جيڪا ڊاڪٽر بلوچ ورتي آهي، البت ڪن هنڌن تي ڪاشف لفظن جي وضاحت ڪجهه وڌيڪ ڪئي آهي.

ڊاڪٽر صاحب جي دلي خواهش هئي ته عام پڙهندڙن لاءِ هڪ جلد ۾ معنى سميت ’شاهه جو رسالو‘ مستند متن جي حوالي سان تيار ڪجي. اها سعادت به کيس نصيب ٿي ۲۰۰۹ع ۾ شاهه جو رسالو- شاهه جي سوانح ۽ فڪر سميت پنجاهن قلمي ۽ جملي ڇاپي رسالن سان ڀيٽيل متن ۽ معنى وارو زيرن، زبرن سان سڄو صحيح رسالو- ثقافت کاتي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو.


ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

اڄ به سنڌ توکي ساري ٿي - ۹۵ هين سالگرهه

رشيد سومرو

سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا جو قسم، سنڌ توکي ساري ٿي، تون هن ڀلاري سرزمين جو اهو سڳند ۽ سٻاجهڙو ۽ سدابهار انسان آهين جنهن تي سموري سنڌ تنهنجي عظمت جي سلامي آهي. تنهنجو علم سنڌ جو خزانو، تنهنجي تحقيق هن ڀون جي تاريخ ۽ تنهنجي محنت هن ڌرتي جو شان ۽ مال آهي. لوڪ ادب کان ويندي ڪلاسيڪل ادب تائين فنون لطيفه کان ويندي هڪ عظيم استاد تائين تنهنجي ۸۰ ساله جاکوڙ، جستجو، تحقيق ۽ خدمت تي ڀٽ ڌڻيءَ جي درگاهه جو سفيد گنبذ به عظمت جو نه صرف سلامي آهي پر عظمت تي فخر محسوس ڪري ٿو. اي سنڌ جا عظيم سپوت، توکي ۹۵ هين سالگرهه مبارڪ.

بيشڪ تاريخ فردن ۽ ڪردارن کي جنم ڏيندي آهي ۽ اهي ڪردار ان تاريخ ۽ قوم جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آهن پر ڪي ڪي اهڙا به ڪردار هجن ٿا جن تي تاريخ ناز ڪندي آهي بيشڪ سنڌ جي ادب ۽ علم ۾ اوهان جو ڪو به ڪردار اهڙو زنده ڪردار آهي جنهن تي قوم ته قوم پر تاريخ کي به ناز آهي ۽ هميشه رهندو. تون ته تاريخ کي جنم ڏيندڙ اهڙو اتهاس آهين جنهن تي سنڌ جي تاريخ جو ڪنڌ به ادب مان هنيل آهي.

مائيڪل اينجلو جي اسڪلپٽرس آن ڊريم کان ويندي شيڪسپيئر جي دي ٽيمپسٽ جي يادگار ڪردارن جيان اوهان جي ادبي، ثقافتي ۽ استاد واري ڪردار به سنڌ جي تاريخ کي يادگار بڻائي اوهان کي تاريخ جو امر ڪردار بڻائي ڇڏيو آهي. نيري آسمان تي جگمگائيندڙ ڪروڙين ٽمڪندڙ گليڪسي (Glaxy) جي تارن۾ ٽمڪندڙ اهو ستارو آهي جنهن جي روشني اونداهي جي ٻاٽ کي روشني جي لاٽ ۾ تبديل ڪيو.

ٻاٽ ۾ لاٽ نه ٻاري وڃان اي سنڌ امان اي سنڌ امان تون نه پنهنجو ڪجان (زاهد شيخ)

منشي:

نه هونديون هي حويليون، نه هوندا هي ٿاڻا،

مان هوندس نه هوندس، سو ڀاڻان نه ڄاڻان.

رابندر ناٿ ٽئگور کان ويندي لو آئس نيو مين تائين ۽ لطيف سائين کان ويندي شيخ اياز تائين ڪائنات جو هر ذري شعور فرد تنهنجي عظمت جو نه صرف شائق آهي پر عاشق به آهي.

جوليا ڪارني پنهنجي نظم ۾ هي سٽون شايد اوهان جهڙي انسان لاءِ سرجيون آهن:

”مان مرڻ کانپوءِ به انساني وجود ۾ پنهنجي موجودگي جو احساس هوندس. شايد ڪو مون کي وسارڻ به چاهي پر وساري نه سگهندو.“

هن وقت جڏهن سنڌ ثقافتي ڏهاڙي کي ملهائڻ جي ڀرپور تيارين ۾ آهي ته پوءِ سنڌ جي هر فرد  اداري تي اهو فرض لازم آهي ته سنڌ جي هن عظيم ڪردار آدرشي انسان، عظيم استاد، بي مثال محقق ۽ دانشور جي علمي، ادبي، قلمي تاريخي پورهئي کي اڳيان رکي هن جي لازوال ڪردار کي عقيدت، محبت ۽ شفقت جي اها ڀيٽا پيش ڪري ته جيئن موهن جي دڙي کان ويندي مڪلي تي آرامي آدرشي انسانن کي پتو پوي ته سنڌ پنهنجن سورمن ۽ محسنن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي ۽ ابد جي ننڊ ۾ ستل سنڌ جي هن موڀي فرزند کي به پتو پوي ته هو مرڻ جي باوجود مئو نه آهي.

تصور ۾ چلي آئو، تيرا ديدار تو ڪرلون

تم سي ملني ڪي تمنا پوري هو نهين سکتي.

جنهن قوم لاشعوري جي ڌن ۾ پنهنجن محسنن کي دل جي آئيني تان وساري ڇڏيو تن قومن کي تاريخ پنهنجن ورقن مان ائين ڦٽو ڪري ڇڏيو جو سندن نالو تاريخ جي صفحن تان مٽجي ويو آهي.

جيتوڻيڪ مرزا قليچ بيگ، شيخ اياز، عمر بن دائودپوٽي، مولائي شيدائي، ٽي ايڇ سورلي اهڙا فرد آهن جن سنڌ جي تاريخي ورثي تي پنهنجي علم ۽ قلم جو پورهيو ڪري ان کي نوان، نوان رنگ ڍنگ، روپ ۽ رنگ ڏنا پر سنڌ جي هن يگاني عالم اسي ورهيه سنڌ کي ارپي جيڪا تاريخ رقم ڪئي آهي ان تي تاريخ به ناز ڪري پئي ۽ هميشه ڪندي.

اچو ته اڄ پنهنجي هن عظيم محسن ۽ استاد کي ياد ڪري هن جي قومي خدمت تي کيس ڀرپور موٽ ڏيون ته جيئن عالم ارواح مان ڊاڪٽر نبي بخش اها دعا ڪري ته شل منهنجي سنڌ ۽ سڄڻ سلامت هجن. اهو اسان تي فرض نه پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو قرض آهي اچو ته اڄ ان کي ڪجهه چڪائڻ جي ٿورڙي پهل ڪريون.

جيئن:

لفظن جي لاٿري مان نڪرندڙ دونهن

تنهنجي عظمت تي محو رقص آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا