; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر اديب رضوي - سعيد علي پٺاڻ

14 December, 2016

ڊاڪٽر اديب رضوي - سعيد علي پٺاڻ


ڊاڪٽر اديب رضوي

انسان ذات جو مسيحا

سعيد علي پٺاڻ

سنڌ ۾ اصل ۽ پر خلوص تبديلي جو پايو وجهندڙن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر عشرت حسين، ميڊم انيتا غلام علي، عبدالرحمان ڇيپا، سيلاني ويلفيئر ايسوسيشن ۽ اسرا اسلامڪ فائونڊيشن نمايان آهن. هي بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ”خدمت خلق، عين عبادت“ تحت انسانذات جي خدمت ۾ مصروف آهن. هنن جي ڪم کي معاشرو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ انهن جي پرخلوص ڪوشش کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ٿو.

انجنيئر حسين موسوي جي بقول ته ”اسلام آباد منافقن جو شهر آهي ۽ ڪراچي مومنن جو شهر آهي. سيد علي مرتضيٰ زيدي چوندو آهي ته ”اوهان خلوص سان ڪم ڪيو خدا ان ۾ واڌارو آڻيندو، ڪنهن جي به لائين يا دڳ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪيو پر پنهنجي ڪم کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو جيڪو به ڀلو ڪم ڪري ان جو ساٿ ڏيو ڀلي اوهان جو دشمن ڇو نه هجي“. اوهان پنهنجي ڪمن جي ترتيب ٺاهيو جيڪو ڪري سگھو ٿا اهو ڪيو باقي ٻين جي ڪم ۾ انهن جو ساٿ ڏيو.جيڪو ڄاڻو ٿا ان تي عمل ڪيو باقي جيڪو نٿا ڄاڻو خدا سنڀاليندو.


اسان جي معاشري جي بدنصيبي اها آهي ته ”قرآن مجيد جي اصل ۽ روح پرور تعليم کان محروم آهيون“. اسان جي معاشري ۾ قرآن مجيد کي ترجمي سان پڙهڻ جو رواج تمام گھٽ آهي. اسان جو پڙهيو لکيو طبقو به ان نيڪي کان محروم آهي. خدا جي ڪلام کان دوري ڪري معاشري جي حالت زار آهي. جيڪڏهن قرآن کي ترجمي سان نه پڙهنداسين ته ان کي سمجهي نه سگھنداسين ۽ عظيم علم کان محروم رهجي وينداسين. ترجمي سان پڙهنداسين ته سمجهه ۾ ايندو سمجهه ۾ ايندو ته روح مطابق ان تي عمل جي ڪوشش ڪنداسين. ڪوشش ڪنداسين ته خدا ڪاميابي ڏيندو. چوڻي آهي ته ”ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي“

روزانو فقط ۱۰ آيتون پڙهون ته سال ۾ ٻه ڀيرا قرآن مجيد پورو پڙهي سگھون ٿا.

قرآن مجيد ۾ آهي ته ”هر هڪ نيڪي جو بدلويارنهن نيڪيون آهن“. اهو ڪم فائدي وارو آهي پر اسان وٽ عمل ڪرڻ وارن جي کوٽ آهي. ڊاڪٽر اديب رضوي جو نالوئي ڪافي آهي. هي الاهي انسان سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هي حضرت علي عليه السلام جو ٻانهو ان دڳ تي هلي رهيو آهي جنهن جي مولا کيس وصيت ڪئي. ”خدا جاٻانها مان اوهانکي تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي وصيت ڪيان ٿو“.

سنڌ لفظ سان  هن جي محبت جو اظهار ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته اداري جو نالو ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلاٽيشن“ يعني ”سيوٽ“ آهي. اها به حقيقت آهي ته ”روزاني جنگ اخبار“ اردو ڳالهائيندڙن ۾ نفرت وجهڻ لاءِ هميشه ”ڪراچي ۽ سنڌ“ الڳ الڳ وارو تاثر ڏنو آهي. هن وقت به اوهان اخبار کوليندو ته ڪراچي ڪي خبرين، حيدرآباد ڪي خبرين ۽ سندهه ڪي خبرين لکيل آهي. ڇا ”اندرون سندهه ڪي خبرين“ لکڻ سان کين تڪليف ٿيندي. اردو سادات گهراڻي ۾ پيدا ٿيل اديب الحسن رضوي” وطن جي حب“ کي ايمان جو حصو ڄاڻي ٿو.

ڊاڪٽر اديب رضوي  انجمن وظيفه سادات و مومنين جي سئو سالا سالگرهه تي ڪراچي ۾ ٿيل پروگرام کي خطاب ڪندي چيو هو ته مان انجمن جو احسانمند آهيان جنهن مونکي پڙهائي دوران مالي معاونت ڪئي ۽ وظيفو ڏنو. اڄ اديب جيڪو ڪجهه آهي اهو انجمن جي بدولت آهي. اهو آهي ان پرخلوص انسان جي ڪاميابي جو راز. هي ادارو اهو ئي ادارو آهي جنهن مون حقير کي ”قرض حسنه“ ڏنو. اهڙو قرض جيڪو روزگار ملڻ کانپوءِ واپس ڪيو ويندو آهي. غريب ماڻهو لاءِ اعلي تعليم جو حصول به ”هڪ خواب“ هوندو آهي.

ڊاڪٽر کي ڪي ئي ڀيرا ”فرقيواريت“ جي بنياد تي ”قتل“ جون ڌمڪيون مليون پر سندس چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي. اهو ئي جملو مون ڊاڪٽر خيرمحمد جوڻي جي زبان مان سائين ديدار علي شاهه لاءِ ٻڌو آهي.

حضرت علي عليه السلام جو هڪ واقعو لکان پيو ”حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي وفات کان  حضرت علي عليه السلام جي ظاهري خلافت جو وقت ۱۱ سالن تي مشتمل آهي. مولا ان دور ۾ ڪيترائي پاڻي جا کوهه کوٽيا ۽ وڻ پوکيا ته جيئن انسانذات جي زندگي ۾ ”آسائش“ آڻي سگھجي.

سيوٽ ۾ ڪا به سفارش ۽ رشوت نه آهي. هي ادارو ملڪ جو مثالي ادارو آهي جيڪو انسانذات جي خدمت ۾ مصروف آهي.  عوام جي دعائن ۽ خدا جي ٻانهن جي مدد سان ترقي ڪري رهيو آهي. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ان اداري کي ”مفت بجلي“ فراهم ڪري ٿي. هڪ ڀيري اڳوڻي فوجي، ايم اين اي ۽ روزاني ڊان جي ڪالم نويس اياز امير ڪُکِ ۾ سور پوڻ کان پوءِ اداري جي ايمرجنسي وارڊ مان دوا ورتي هئي ساڻس اردشير ڪائوسجي جي ڌيءَ به  گڏ هئي. هن اداري جي باري م ڊان ۾ ڪالم به لکيو هو.  سائين ابراهيم جويو به  اڪاڊمي آف ليٽرس پاران مليل ”ڪمال فن ايوارڊ“ جي رقم ۵ لک رپيا سيوٽ سکر کي ڏيڻ جو اعلان ڪري اداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙو اظهار ڪامريڊ ”سوڀو گيانچنداڻي“ به ڪري چڪو آهي.

سنڌ کي هر شعبي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جهڙا مثالي انسان گھربل آهن. عبدالستار ايڌي کان پڇيو ويو ته اوهان جون ايمبولنس فرقيواريت ۾ ماريل ۽ انتهاپسندي جو کاڄ بڻيل شيعه، سني، وهابي ۽ اهلحديث کي کڻن ٿيون ته هن وراڻيو هو ته ”ايمبولنس مسلمان آهن“.


No comments:

راءِ ڏيندا