ڊاڪٽر اديب رضوي
انسان ذات جو مسيحا
سعيد علي پٺاڻ
سنڌ ۾ اصل
۽ پر خلوص تبديلي جو پايو وجهندڙن ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي، عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر عشرت حسين،
ميڊم انيتا غلام علي، عبدالرحمان ڇيپا، سيلاني ويلفيئر ايسوسيشن ۽ اسرا اسلامڪ فائونڊيشن
نمايان آهن. هي بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ”خدمت خلق، عين عبادت“ تحت انسانذات جي
خدمت ۾ مصروف آهن. هنن جي ڪم کي معاشرو عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ انهن
جي پرخلوص ڪوشش کي ڪاميابي ۾ تبديل ڪري ٿو.
انجنيئر
حسين موسوي جي بقول ته ”اسلام آباد منافقن جو شهر آهي ۽ ڪراچي مومنن جو شهر آهي.
سيد علي مرتضيٰ زيدي چوندو آهي ته ”اوهان خلوص سان ڪم ڪيو خدا ان ۾ واڌارو آڻيندو،
ڪنهن جي به لائين يا دڳ کي ڪٽڻ جي ڪوشش نه ڪيو پر پنهنجي ڪم کي درست ڪرڻ جي ڪوشش
ڪيو جيڪو به ڀلو ڪم ڪري ان جو ساٿ ڏيو ڀلي اوهان جو دشمن ڇو نه هجي“. اوهان پنهنجي
ڪمن جي ترتيب ٺاهيو جيڪو ڪري سگھو ٿا اهو ڪيو باقي ٻين جي ڪم ۾ انهن جو ساٿ
ڏيو.جيڪو ڄاڻو ٿا ان تي عمل ڪيو باقي جيڪو نٿا ڄاڻو خدا سنڀاليندو.