; سنڌي شخصيتون: جنيد جمشيد

10 December, 2016

جنيد جمشيد


جنيد جمشيد

ناليواري نعت خوان جي حياتيءَ تي هڪ نظر


جنيد جمشيد 3 سيپٽمبر تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي لاهور مان فارغ ٿيل شاگر هو. هن پاپ موسيقي گروپ وائٽل سائنز جي نمائندي فنڪار جي حيثيت سان مقبوليت ماڻي. 1987ع ۾ جنيد جمشيد موسيقي جي دنيا ۾ تازي هوا بڻجي آيو. هي اهو دور هئو جڏهن پاڪستان ۾ سينيما انڊسٽري آخري پساهن ۾ هئي ۽ پرائيويٽ چينلن جو خواب به شايد ڪنهن نه ڏٺو هو رڳو پاڪستان ٽي وي گهر گهر ڏٺي ويندي هئي اهو به شام کان اڌ رات تائين.

ان دوران جنيد جمشيد هڪ پاپ گروپ ترتيب ڏنو جنهن جو نالو هو ”وائٽل سائنز“. ان گروپ ٽي وي تي هڪ نغمو ”دل دل پاڪستان“ متعارف ڪرايو جنهن ۾ اولهه موسيقي جا آلا استعمال ڪيا ويا هئا. دل دل پاڪستان هڪ ٻه ڀيرا ٽي وي اسڪرين تي آيو ان کان پوءِ ڏسندي ڏسندي اهو نغمو سڄي پاڪستان جي عوام تي زبان تي اچي ويو. ان وقت شايد ئي ڪو ٽي وي پروگرام، ٽاڪ شو يا ميوزڪ پروگرام اهڙو هجي جنهن ۾ ان نغمي جو ذڪر نه ٿيو هجي. آزادي جي ڏهاڙي، پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ ٻين قومي ڏينهن تي ان نغمي کي لازمي ٻڌو ويندو هو. ان نغمي جي ڪري جنيد جمشير موسيقي جي دنيا تي ائين ڇائنجي ويو جو سڄي ڏهاڪي ۾ ان جو به مٽ پيدا نه ٿي سگهيو.
اوچتو جنيد جو ذوق ڦري ويو ۽ جنيد جمشيد موسيقي جي دنيا کي خير آباد چئي ڇڏيو ۽ هو نعت ۽ حمد و ثنا پڙهندي نظر اچڻ لڳو. ائين ڪرڻ سان نه رڳو هن جو لائف اسٽائيل تبديل ٿي ويو پر هن پنهنجو روزگار به تبديل ڪيو. 2007ع ۾ جنيد جمشيد کي تمغه امتياز سان به نوازيو ويو. جنيد جمشيد جي نعمتن جي ٻڌل پهريون البم ”جلوو جانان“ سال 2005ع ۾ رليز  ٿيو. ان کان پوءِ ”محبوب يزدان“ 2006 ۾ ۽ ”بدرالدجا“ 2008ع ۾ ۽ ”بديع الزمان“ 2009ع ۾ رليز ٿيو. ان دوران جنيد جمشيد پنهنجو بزنس به شروع ڪيو جنهن جون شاخون اڄ ملڪ جي تقريبن ننڍن وڏن شهرن ۾ هڪ سٺي سڃاڻپ رکن ٿيون. هو ٽي وي پروگرامن ۾ رضمان نشريات جي ميزباني ڪندو رهيو. مذهبي اسڪالر جنيد جمشيد فلاحي سرگرمين ۾ به اڳيان اڳيان رهيو جڏهن ته هن ڪراچي مان ڪچرو کڻڻ واري مهم جي به قيادت ڪئي.
هر دلعزيز جنيد جمشيد تبليغ جي لاءِ چترال ويل هو. هن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي آخري ٽوئيٽ ۾ چترال جي زمين کي جنت قرار ڏنو ۽ چيو ته الله تعاليٰ جي راهه ۾ دوستن سان گڏ آهيان جنهن بعد اڄ 2016-12-07 تي هو چترال کان پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين جي اڏام پي ڪي 661 ذريعي اسلام آباد اچي رهيو هو ته سندس جهاز ايبٽ آباد لڳ حادثي جو شڪار ٿي ويو ۽ هو پاڪستان جي عوام کي الوداع چئي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.



No comments:

راءِ ڏيندا