; سنڌي شخصيتون: عمر ملاح - مٺل جسڪاڻي

18 December, 2016

عمر ملاح - مٺل جسڪاڻي


عمر ملاح

سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟

مٺل جسڪاڻي

مون جنهن شخص جي ڳالهه ڪرڻ گهري آهي، اھو شخص آهي، جنھن کي سڃاڻڻ وارا، ڏيھه توڙي پرڏيھه ۾، تمام گھڻا آھن. سندس ڳوٺائي، سندس ھم عمر، سندس ننڍپڻ جا ساٿي، جن سان جواني جي جوڀن تائين روح رچنديون رچايائين، انهن سان، سندس پھرين جيڪا سڃاڻپ ڪرايائين، ان نسبت سان، بدين شھر جي شاھنواز چوڪ مان نڪرندڙ سيراڻي کان به اڳتي ويندڙ روڊ سان قائم ھڪ قديمي ڳوٺ ۾ اک کوليندڙ شخص آهي عمر ملاح، جنھن جي ڳوٺ کان سڏ پنڌ تي دودي سومري جي مزار آھي.


عمر ملاح جي ٻاراڻي عمر، اسان جي عام ڏورانھين ٻھراڙي جي عام ٻار وانگر ئي گذري. ڏکين سکين حالتن ۾، جڏھن ڏھون درجو پاس ڪري، محنت مزدوري ڪرڻ لڳو، ته کيس موقعو مليو، سنڌ جي اڳوڻي واحد زرعي ڪاليج ۾ پڙھڻ جو، جتان پوءِ ڦري سري اتي ئي استاد مقرر ٿيو. زرعي ڪاليج ترقي ڪري سنڌ جي واحد زرعي يونيورسٽي جي سڃاڻپ ماڻي ۽ عمر ملاح آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪري اچڻ کان پوءِ ڊاڪٽر محمد عمر ملاح ٿي پيو. استاد طور ذميوارين سان نڀائيندي پروفيسر به ٿيو، پنهنجي شعبي جو چيئرمين به ٿيو، يونيورسٽيءَ ۾ مختلف واڌو ذميواريون نڀائيندي، ڊائريڪٽر ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ به مقرر ٿيو ۽ نيٺ سٺ سال عمر پوري ڪري رٽائر به ٿي ويو.

عمر ملاح کي گھڻا عمر ملاح طور ئي سڃاڻن، پر ڏيھين ۽ پرڏيھين جي اڪثريت کيس پروفيسر ڊاڪٽر محمد عمر ملاح طور سڃاڻي، جن مان گھڻن کي اھا خبر نه آھي، ته عمر ملاح سنڌ جو روايتي ڳوٺاڻو، ڪچھري جو ڪوڏيو، لکيو پڙھيو، علم ادب، سماج تي ڪيترا ئي ڪتاب پڙھيل، پنھنجي دور جو ترقي پسند شاعر ۽ اديب به آھي!

عمر ملاح جواني تائين سنڌ جو سيلاني رھيو، لاڙ پٽ ۾ گھڻو گھميو، بدين، سجاول ۽ ٺٽي، انب گوپانگ کان رسول بخش درس تائين جي وچ واري علائقي واسي شاعرن ۽ اديبن سان سندس تمام سٺي شناسائي رھي. عمر ملاح جي شاعري، جنھن جنھن به ٻڌي يا پڙھي آھي، اھو وري وري، سندس شاعري ٻڌڻ ۽ پڙھڻ لاءِ ماندو آھي.

عمر ملاح جيستائين رٽائر نه ٿيو ھو، تيستائين گسين پنڌين پئي ملاقات ٿيندي ھئي، پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ، ھاڻ مون کي به ساڻس ملڻ جي سڪ ائين ٿيندي آھي، جيئن سائين رسول بخش درس ۽ سندس ٻين دوستن احبابن کي ٿيندي آھي.

عمر ملاح جتي به ھجي، خوش ھجي، منھنجي جي منٿ مڃي، ته مھرباني ڪري، پنهنجون ساروڻيون لکي، شاعري گڏ ڪري شايع ڪرائي، اھي پڙھندڙن جون امانتون آھن، پڙھندڙن تائين پھچائي. خاص طور عمر ملاح مان پروفيسر ڊاڪٽر محمد عمر ملاح ٿيڻ تائين ڪيل سفر جو سفرنامو لکي ڪنھن به صورت ۾، ايندڙ نسل جي آبياري لاءِ مھيا ڪري.

هتي آئون، هڪ اهڙي چوسٽي جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن لاءِ اڪثريت جي ذهن ۾ سوال موجود آهي، ته اهو چؤسٽو شيخ اياز، راشد مورائي يا عمر ملاح، ٽنهي مان ڪنھن جو آھي؟

ھيٺ ڏنل اهو چؤسٽو، ڪڏھن نجين ڪچھرين ۾، ڪڏھن ڪنھن جي تقرير ۾ ته ڪڏھن ڪنھن جي تحرير ۾، ڪڏھن ڪنھن گلوڪار، شيخ اياز ته ڪنھن راشد مورائيءَ جو پئي ڄاڻايو آھي!

شيخ اياز يا راشد مورائي، ھجن ھا حال حيات، ته اھو مونجھارو سلجھائڻ سفا سولو ٿي پوي ھا، پر اڃا به ڪو وڏو عرصو نه گذريو آھي، حقيقتن جي بنياد تي طئه ڪري سگھجي ٿو، ته اصل شاعر ڪير ٿو ٿي سگھي؟ ڇاڪاڻ ته شيخ اياز ۽ راشد مورائي جي ججھي شاعري، سندن حياتيءَ ۾ ئي شايع ٿي چڪي آھي. اصولي طور پاڻ کي شيخ اياز ۽ راشد مورائي جي شاعري جا مجموعا ڏسي، انھن مجموعن ۾ شعر ھجڻ نه ھجڻ جي پڪ ڪرڻ گھرجي، ته ھي شعر اصل ۾ ڪنھن جو آھي؟

اھو مڃجي به کڻي، ته عمر ملاح مشھور ۽ مقبول شاعر نه رھيو آھي، پر ڇا اھو ممڪن نه آھي، ته عمر ملاح به اھڙو شعر لکي سگھي ٿو؟

آئون ھن معاملي ۾ ڪو ڊگھو بحث ڪرڻ نه ٿو چاھيان. صرف ايترو عرض ڪرڻ پسند ڪندس ته ۱۹۷۴-۷۵ع ۾ ماھوار "تحريڪ" رسالو شايع ٿيندو ھو، جيڪو مون کي پڪ آھي ته شيخ اياز ۽ راشد مورائيءَ جي مطالعي ۾ به رھيو ھوندو.

دراصل ٿيو ائين آهي ته ٿوري عرصي ۾ وڏو نالو ڪمائڻ جي خواهشمند ڪچن ڪامريڊن ۽ نون ڳائڻن توڙي موسيقي وسيلي ڪاروبار ڪندڙن، تقريرن ۽ ڪيسيٽ رڪارڊ جي اهميت وڌائڻ لاءِ، پُرڪشش شاعري، وڏن شاعرن جي نالي سان ڳڻائي پنهنجو نالو مشهور ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ منافعو حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي آهي، جنهن ڪري، هڪڙن جي شاعري ٻين جي نالن سان لکندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ ڳائيندڙ رڪارڊ ٽوڙ ڪم ڪندا رهيا آهن. جنهن جنهن کي به ڪو شڪ يا گمان آهي، ته ماھوار "تحريڪ" رسالي جو سال ٻيون، شمارو نمبر ستون، مارچ ۱۹۷۵ع وارو پرچو ھٿ ڪريو، ان جي ص: ۱۷ تي وڃو، ھي چؤسٽو عمر ملاح جي نالي سان ڇپيل آھي. جيڪڏھن اھو چؤسٽو عمر ملاح جو نه ھجي ھا، ته شيخ اياز ۽ راشد مورائي جي حياتي ۾ ئي، اھي پاڻ يا انھن جا پڙھندڙ به، ڪٿي نه ڪٿي، ان جي تصحيح، ترديد، مذمت ضرور ڪن ھا، پر ائين نه ٿيو، ان ڪري، منھنجي خيال ۾ اھو بحث ئي اجايو آھي، ته ھي چؤسٽو شيخ اياز، راشد مورائي يا عمر ملاح جو آھي:

تون ڳالھه ڪرين ٿو زلفن جي، مان اڻڀن اڻڀن وارن جي،

تون ڪُوڪ سُڻين ٿو ڪوئل جي، مان پيٽ بکايل ٻارن جي،

غير ته آخر غير ئي رھندو، غير تي ناھي ڪائي ميار،

جا ماري ٿي سا ڳالھه ٿي ماري، پنھنجي ديس جي 'يارن' جي.

(عمر ملاح)

No comments:

راءِ ڏيندا