عمر ملاح
سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟
مٺل جسڪاڻي
مون
جنهن شخص جي ڳالهه ڪرڻ گهري آهي، اھو شخص آهي، جنھن کي سڃاڻڻ وارا، ڏيھه توڙي
پرڏيھه ۾، تمام گھڻا آھن. سندس ڳوٺائي، سندس ھم عمر، سندس ننڍپڻ جا ساٿي، جن سان
جواني جي جوڀن تائين روح رچنديون رچايائين، انهن سان، سندس پھرين جيڪا سڃاڻپ
ڪرايائين، ان نسبت سان، بدين شھر جي شاھنواز چوڪ مان نڪرندڙ سيراڻي کان به اڳتي
ويندڙ روڊ سان قائم ھڪ قديمي ڳوٺ ۾ اک کوليندڙ شخص آهي عمر ملاح، جنھن جي ڳوٺ کان
سڏ پنڌ تي دودي سومري جي مزار آھي.