جنيد جمشيد
ناليواري نعت خوان جي حياتيءَ تي هڪ نظر
جنيد
جمشيد 3 سيپٽمبر تي ڪراچي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ
ٽيڪنالاجي لاهور مان فارغ ٿيل شاگر هو. هن پاپ موسيقي گروپ وائٽل سائنز جي نمائندي
فنڪار جي حيثيت سان مقبوليت ماڻي. 1987ع ۾ جنيد جمشيد موسيقي جي دنيا ۾ تازي هوا
بڻجي آيو. هي اهو دور هئو جڏهن پاڪستان ۾ سينيما انڊسٽري آخري پساهن ۾ هئي ۽
پرائيويٽ چينلن جو خواب به شايد ڪنهن نه ڏٺو هو رڳو پاڪستان ٽي وي گهر گهر ڏٺي
ويندي هئي اهو به شام کان اڌ رات تائين.
