اقبال خان سولنگي
هڪ مانجهي مرد جو وڇوڙو..
اظهر
سولنگي
سنڌ
پنهنجي ڌرتي تي ڪيئي اهڙا جوڌا جوان ۽ مانجهي مڙس پيدا ڪيا آهن جن هميشه پنهنجي
قوم، ديس ۽ عوام لاءِ پاڻ ارپيو آهي. انهن مانجهي مڙسن مان اقبال خان سولنگي به هڪ
هو. هن نه صرف پنهنجي ذات سولنگي لاءِ ڪم ڪيو
پر هڪ سنڌ واسي هجڻ جي ناتي هر ماڻهو کي پنهنجو سمجهي ان جي ڪم آيو. اقبال خان اهو ماڻهو هو جيڪو بغير تعصب جي سمورن
قومن ۽ ذاتين ۾ پنهنجي سڃاڻپ رکندڙ هو. سندس ڪردار ۽ قومي خدمتون ساراهه جوڳيون
آهن. اسان جي معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته جنهن ماڻهو کي ٿوري به اڳتي وڌڻ جي وٿي ملندي
آهي ته هو ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ماڻهن جي حقن جي لتاڙي
ڪري اڳيان نڪري ويندو آهي پر اقبال احمد انهن منجهان نه هيو. جيڪڏهن هو چاهي ها ته
ائين به ڪري ٿي سگهيو جيئن عام چوڻي ۾ بااثر چيا ۽ ڳڻيا وڃن ٿا. اقبال احمد تي
سرداري جي پڳ هوندي به هن هر طبقي جو تمام گهڻو خيال ڪيو، انهن کي پنهنجو سمجهيو.
جيئن هڪ اڳواڻ تي پڳ جي ذميواري هوندي آهي ته هو پنهنجي قبيلي، پاڙي، ۽ قوم سان اڳواڻ واري حيثيت ۾ پيش ايندو رهي ۽ هو انهن جي سار سنڀال جو ذميوار پڻ
هوندو آهي. هن پڳدار به پنهنجي پڳ ۽ چڱ مڙسي کي بلڪل ائين سڀني جو ڀرجهلو ٿي
نڀايو. هن جي خوبصورت خوبي اها هوندي هئي جو قبيلي جي هر ماڻهو کي بغير ڌرمي فرق
جي گڏ کڻي هليو. خاص ڪري ٿر ۾ موجود پنهنجي قبيلي جي هندو ڌرم جي ماڻهن کي هميشه
اهو چوندو هو ته اوهان به اسان جا اوترائي ويجها آهيو جيترا سنڌ جا مسلم سولنگي
قبيلا..اوهان کي جيڪا به ضرورت پوي آئون اوهان لاءِ حاضر هوندس.