; سنڌي شخصيتون: جاويد احمد چانڊيو، ارشاد ڪاغذي، امام راشدي، اسد ڏاهري، مدد علي سنڌي، پروفيسر ڀائي خان، ارباب نيڪ محمد،
Showing posts with label جاويد احمد چانڊيو، ارشاد ڪاغذي، امام راشدي، اسد ڏاهري، مدد علي سنڌي، پروفيسر ڀائي خان، ارباب نيڪ محمد،. Show all posts
Showing posts with label جاويد احمد چانڊيو، ارشاد ڪاغذي، امام راشدي، اسد ڏاهري، مدد علي سنڌي، پروفيسر ڀائي خان، ارباب نيڪ محمد،. Show all posts

23 March, 2017

شهيد سورهيہ بادشاھ

شهيد سورهيہ بادشاھ

پير صاحب پاڳارو - امام انقلاب، مرد حق.

جاويد احمد چانڊيو



وادي مهراڻ سنڌ کي اصل کان اهو اعزاز رهيو آهي ته هن ڌرتيءَ اهڙن عظيم فرزندن کي جنم ڏنو آهي، جن جو تاريخ ساز ڪردار هجڻ ڪري اهي امر ڪردار ٿي ويا، وطن خاطر وفا عشق جو بي مثال ناتو نڀايو، ۽ وطن جو حقيقي حق ادا ڪيو، اهڙن عظيم ڪردارن تي فخر آهي، جيڪي تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سنڌ جي فخر جو سبب بڻيا، اهڙن عظيم تاريخ ساز جدوجهد جاکوڙي ڪردارن جنهن دنيا جي تاريخ جا رخ موڙي ڇڏيا هئا، تاريخ جي سونهري ورقن ۾ عظيم ڪارناما محفوظ بڻيل آهن، سنڌ جا اهي عظيم امر ڪردار دنيا ۾ وڏو مثال آهن، وادي مهراڻ سنڌ جي به اها وڏي خوشنصيبي آهي جو امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي (شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو) جن جو تعلق به وادي مهراڻ سنڌ سان آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد پير صبغت الله شاهه راشدي شهيد سورهيه بادشاهه پير صاحب پاڳارو حرن جو روحاني رهبر پڻ آهي، امام انقلاب مرد حق شهيد حضرت سيد صبغت الله شاهه راشدي پير صاحب پاڳاري جن جي خاندان جون ديني، علمي، ادبي، سياسي، ملڪي قومي خدمتون هڪ سونهري ۽ روشن باب مثال ۽ قابل احترام آهن.