; سنڌي شخصيتون: وجئه ڪمار - منصور گاڏھي

28 January, 2020

وجئه ڪمار - منصور گاڏھي


وجئه ڪمار
ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ زوال
منصور گاڏھي/ سڪندر گلاب سومرو
خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا. جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو. عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي.


علي پنهنجي قسمت باليوڊ ۾ آزمائڻ چاهي پيو. هن جو انڊيا ڏانهن ايئن سرحد پار ڪري هليو وڃڻ سندس وس کان ٻاهر هو. علي جي پٽ شاهزيب ٻڌايو ته سندس پيءُ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لاهور هليو ويو. جتي داتا درٻار تي هن اداڪار علاوالدين سان ملاقات ڪئي ۽ پنجابي فلمن ۾ هڪ ايڪسٽرا طور تي ڪجهه ڪردار به نڀايا. پر لاهوري فلم انڊسٽري جو ماحول کيس راس نه آيو ۽ مايوس ٿي واپس گهر موٽي آيو. جتي هن پنهنجي خواهشن جي ابتڙ هڪ عام رواجي ڳوٺاڻي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏي.
رضا شاهه پهلوي جي دور ۾ پاڙيسري ملڪ ايران، جيڪو پڻ ان وقت هڪ نصف-يورپ طور مشهور هو، هن ايران وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اهو ۱۹۵۹ جو زمانو هو، جڏهن عليءَ جي عمر لڳ ڀڳ ۳۰ سال کن ٿيندي. هو بلوچستان جي رستي غيرقانوني طور ايران ۾ داخل ٿيو پر ٿوري ئي وقت اندر شهريت حاصل ڪري ورتي. علي ڏينهن جو ريديو جي دڪان تي ڪم ڪندو هو ۽ رات جو وري فلم اسٽوڊيو جا چڪر لڳائيندو هو. ايئن ڪيترائي سال ڪوششن بعد هو آخر فلم پروڊيوسرن کي متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ايراني فلمن ۾ مک ڪردارن کي حاصل ڪرڻ ۾ سوڀ ماڻي ورتي.
پشاور ڄائي، باليوڊ جي مشهور اداڪار يوسف خان، المعروف دليپ ڪمار جيان هن پنهنجو فلمي نالو “وجئه ڪمار” رکيو، علي حسن پنهنجي ورتاءَ ۽ اداڪاري کي دليپ ڪمار وانگر ادا ڪيو. هن جي تصوير کي ڏسڻ سان دليپ ڪمار جي چهري جهڙي پراسراريت جو احساس ٿئي ٿو.
علي ٽي وي جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ وڏين بجيٽن وارين فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا. ايستائين جو هن پهلوي جي دوست نينسي ريگن، هڪ ٻئي فلم اسٽار ۽ اڳوڻي امريڪي صدر رونالڊ ريگن جي گهرواري سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به ماڻي ورتو. پر افسوس ته هو پنهنجي ڏيهه ۽ ڳوٺ ۾ به اڄ نه صرف غيرمشهور آهي پر کيس ايران ۾ به ڪير سڃاڻي ڪونه ٿو، جتي هن نالو ڪمايو.
پنهنجي اپنايل ان نئين ملڪ ۾ هن چار شاديون ڪيون. پهريون ٻه گهرواريون عام ايراني ڇوڪريون هيون، جڏهن ته پوين ٻن جو تعلق فلم انڊسٽري سان هو. مزي جي ڳالهه ته هن پنهنجي سنڌي گهرواري کي ايران به گهرايو پر هوءَ ڪجهه سال گذارڻ کانپوءِ ڳوٺ موٽي آئي ڇو ته پهلوي جي مغرب زده ايران ۾ هن کي سڪون ڪونه پئي آيو.
پنهنجي زندگي جي شاندار ۱۵سالن کي پٺي ڏيندي، گهريلو زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪاميابي جي اميد رکڻ وارو وجئه ڪمار ۱۹۷۴ع ۾ پاڪستان موٽي ته آيو پنهنجي ايراني گهرواري عقي کي به گڏ واپس وٺي آيو. هن ڇوڪري جي چوڌاري ميڙ متو پيو هوندو هو، هوءَ بنا پردي جي ڦرندي هئي. ملڪ کان ٻاهر رهندي کيس پنهنجي گهر جي ياد ستائيندي رهندي هئي. آخرڪار عقي تڪڙي ايران واپس موٽي وئي. ان علي کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ زور ڀريو پر ذوالفقار ڀٽي جي سحر ۽ مقبوليت کان متاثر ٿيندڙ علي سياست ۾ پير پائڻ جا منصوبا جوڙي رهيو هو. ڀٽو جي ساهرن واري ملڪ جو مشهور اداڪار هجڻ جي ناتي، علي مسز ڀٽو سان رابطا قائم ڪري ورتا، ڇو ته ان وقت هن لاءِ شاهه پهلوي جو حوالو ئي ڪافي هو. اڄ ڪير به مسٽر ۽ مسز ذوالفقار ڀٽو ۽ شاهه پهلوي جي تصويرن کي خيرپورناٿن شاهه واري هن جي ننڍڙي گهر ۾ تلاش ڪري سگهي ٿو.
افسوس، جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس ڦاسي تي چاڙهيو ويو، علي بمشڪل سان سياسي ميدان تي پير پاتو. ايراني فلم اسٽار گهرواري جي سرحد پار ڪرڻ واري پيشڪش تي جڏهن علي ايران وڃڻ جو منصوبو جوڙي رهيو هو ته ته آيت الله خميني جو “انقلاب” اچي چڪو هو. بلڊوزرن جتي ايراني سئنيما گهرن کي مسمار پئي ڪيو، اتي فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ اداڪارن کي به نشانو پئي بڻايو. ۽ اهڙي ريت علي حسن تي ايران جا دروزا هميشه هميشه لاءِ بند ٿي ويا، ايستائين جو سندس گهرواري کي به جرمني ۾ پناهه وٺڻي پئجي وئي.
ڀٽي جي ڦاهي کانپوءِ ڪيترن ئي سالن تائين علي پنهنجي گهر جي مٿان ڪارو جهنڊو هڻي ڇڏيو هو. ضياءُ پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري کي چيڀاٽي ڇڏيو، سينيما گهر ۽ پروڊڪشن هائوسز بند ٿي ويا، اداڪارن ۽ فنڪارن جو هڪ وڏو انگ ملڪ مان فرار ٿي ويو. علي جي ڏهاڪن جي اداڪاري مري وئي ۽ ان ٻيهر ڪڏهن به ساهه نه کنيو.
سال ۱۹۸۳ع ڌاري، جڏهن ايم آر ڊي عروج تي هئي، ان وقت عليءَ کي هي خبر ملي ته ايراني گهرواري شائستا مان ٿيندڙ هن جو پٽ، ايران-عراق جنگ ۾، مارجي ويو آهي. ان وقت دادوءَ جي ايم آر ڊي جي ڪرتا ڌرتائن عليءَ کي صفا ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو هو. هن احتجاج ڪرڻ جا نوان طريقا اختيار ڪيا، هن ٻارن ۽ اسڪولي شاگردن جا ميڙ ڪٺا ڪرڻ شروع ڪيا، جن سان گڏجي ريليون ڪڍندو رهيو.
احتجاج جي هن منفرد شڪل علي ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ۽ صرف ان وقت جي سياسي حالتن سبب وجئه ڪمار کي سرڪاري ڪارندن جي بي رحم رويي کي منهن ڏيڻو پيو. ان وقت تائين عوام کيس صرف “ايراني” جي نالي سان سڃاڻيندو هئو. پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ سرعام ڪوڙا لڳا. جڏهن هو اڃان جيل ۾ ئي هو ته چور گهر کي ٻهارو ڏئي ويا. ٻن سالن کانپوءِ جڏهن هو گهر پهتو ته وٽس اداڪاري جي ڏهاڙن وارين تصويرن ۽ فارسي زبان جي فلمن جي ريلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. سال ۱۹۸۶ع ۾، سندس ڳوٺاڻي گهرواري گذاري وئي. هن جي اڪيلي ڌيءَ جي شادي ٿي وئي. جڏھن ته پٽ شاهزيب، ايران ۾ پنهنجي ماٽيجي ماءُ ڏانهن هليو ويو، جتي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو.
عليءَ جيڪا ڪمائي، وجئه ڪمار جي حيثيت سان ڪئي، اها ڪاروبار هلائڻ جي جنجهٽن ۾ خرچ ڪري ڇڏي. زندهه رهڻ لاءِ هن وٽ جڏهن ڪجهه به نه رهيو. آخر ۾ هن هوميوپيٿڪ دوائن جو دڪان کوليو، جنهن لاءِ هڪ ڪورس به ڪيو ھيائين. ريڊيو جي مرمت ڪرڻ جو دڪان کوليائين پر ناڪام ويو. وجئه ڪمار، جيڪو ڪڏهن ايران جي شاهي اشرافيه جي صحبت ۾ رهندو هو، هڪ يگانو بڻجي، پنهنجي سدابهار ۽ پرجوش زندگيءَ کان ڪٽجي ويو.
آخري ڏينهن ۾ هو مٿي تي تاج جي شڪل ۾ ٽوپلو ۽ ڳچيءَ ۾ مڻين جا هار پائي، چپڙي وڄائيندي خيرپورناٿن شاهه جي گهٽين ۾ ڪستو کڻي چڪر ڪاٽيندو هو. رات جي وقت پنهنجي فلمن جون ڪيسٽون کڻي، سينيما گهر وارن کي درخواست ڪندو هو ته اهي سندس ايراني فلمون هلائين. هڪ ڏينهن ليڙون لٽا پهريل، هي شخص انگريزي ۽ فارسي ۾ وڦليو ۽ اتي ئي فوٽ پاٿ تي آرامي ٿي ويو.
سال ۱۹۹۲ع جي اونهاري جي سخت مند ۾، رستي تي بيهوش ٿيل انسان کي ماڻهن گڏهه گاڏي تي کڻي اسپتال پهچايو. ڊاڪٽرن زهر پيئڻ جي تصديق ڪئي (ڪن ماڻهن وري ڌاتوري جو ٻڌايو). ڪي اين شاهه جي هوميوپيٿڪ اسٽور ۾ نينسي ريگن سان گڏ نڪتل يادگار تصوير سان گڏ هن جو شاندار ماضي اڄ به گذريل ڏينهن جو بچيل سچيل خزانو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا