; سنڌي شخصيتون: وجئه ڪمار، علي حسن، فلم اسٽار، منصور گاڏھي، سڪندر گلاب سومرو،
Showing posts with label وجئه ڪمار، علي حسن، فلم اسٽار، منصور گاڏھي، سڪندر گلاب سومرو،. Show all posts
Showing posts with label وجئه ڪمار، علي حسن، فلم اسٽار، منصور گاڏھي، سڪندر گلاب سومرو،. Show all posts

28 January, 2020

وجئه ڪمار - منصور گاڏھي


وجئه ڪمار
ھڪ فلم اسٽار جو ڪربناڪ زوال
منصور گاڏھي/ سڪندر گلاب سومرو
خيرپورناٿن شاهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (پيڄاهو) ۾ جنم وٺندڙ علي حسن، ۱۹۵۰ع ڌاري فلم انڊسٽري جي سدابهار ماحول کان متاثر ٿي، اداڪاري لاءِ ڪراچيءَ ڏانهن رخ ڪيو ۽ نه چاهيندي به ادنى کان ادنى ڪم ڪيا. جڏهن ته سندس اداڪاريءَ واريءَ ڏات کي ڪيترن ئي حوالن سان پرکيو ۽ ساراهيو به ويو. عليءَ جو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ وارو خواب اسان کي ان وقت بابت ٻڌائي ٿو، جڏهن هندستاني فلمن جي پاڪستان ۾ باضابطا طور تي نمائش ٿيندي ھئي.