شهيد شان ڏهر
منهنجو عظيم دوست جنهن
کي لکندي ڏسي مون لکڻ شروع ڪيو
آصف رضا موريو
شان ڏهرسان منهنجي پهرين ملاقات
روزاني سنڌي اخبار پاڪ جي دفتر واقع چوٿين ماڙ، نامڪو سينٽر، ڪيمپبيل اسٽريٽ، نيو
چالي ڪراچي صدر ۾ ۲۵ مارچ ۱۹۹۹ع ڌاري ٿي هئي. منهنجي ويجهڙي دوست فدا حسين ملاڻو جي خلاف پاڪ اخبار ۾ هڪ
خبر هلائي وئي هئي جتي شان ڏهر ايڊيٽر هيو. فدا ملاڻو ان خبر جي ترديد لاءِ مون کي
چڱو مڙس ڪري وٺي ويو جو مان ان دور ۾ دوستن جي حلقي ۾ داداگير ليکيو ويندو هيم.
اخبار جي دفتر ۾ پهرين ملاقات يوسف جوکيو سان ٿي. جنهن کي داٻا ساٻا ڏنا ته هن شان
صاحب سان ملائڻ ۾ عافيت سمجهي، اسان چرين مان جان ڇڏائي. ڊگهيرڙي قد، سنهڙي جسم، ڀورتري
سانورڙي رنگ، گهاٽن مٿي کنيل وارن، سنهڙي مڇن واري هن جوان يعني شان ڏهر کي سليقي
سان پينٽ شرٽ پهريل هئي. سندس اٿڻ، ويهڻ ۽ گهمڻ ۾ سليقو هيو، ڳالهائڻ ۾ تميزداري،
پين پڪڙڻ مان ئي ڏات ڌڻي پيو لڳي، ڌيان ڏئي ٻڌڻ ۾ ۽ پنهنجو موقف سمجهائڻ جي ڍنگ ۾
برجستو لڳو ۽ هن شايد اسان جهڙا چريا کوڙ ڏٺا هيا ان لاءِ فضيلت سان آفيس ۾ ويهاري
مان ڏنو، چانھ پياري ٿڌو ڪري ڇڏيائين. مان پنهنجي زندگي ۾ اهڙو طرح دار ماڻهو ڪو نه
ڏٺو هيو هو. ھو نه باڊهه جهڙو لڳندو هيو، نه لاڙڪاڻو يا ڪراچي جهڙو. بلڪ هو اڃا ڪنهن
ٻئي جڳ جو جهانگي هيو. خير جنهن ڪم لاءِ وياسين، ان خبر جي ترديد ته هن ٻئي ڏينهن
ئي ڪري ڇڏي. پر ان ڏينهن کان جو هن سان پريم جو پيچ پيو، ان جي ترديد اسان ٻنهي
مان ڪنهن به ڪڏهن ڪو نه ڪئي.
شان ڏهر سان روز ملاقاتون ٿينديون
رهيون. هڪ ٻئي سان ڪيمسٽري ملندي هئي. ان لاءِ جلد ئي گڏجي رابعه سٽي گلستانِ جوهر
۾ هڪ فليٽ ورتو، جتي اسان زندگيءَ جا ۱۰ سال گڏجي
گذاريا. مان ان وقت آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر
هوندو هيم ۽ پنهنجي آفيس واقع لالازار بنگلوز مان روزانو ۵ بجي ڪم ختم ڪري، شان جي دفتر ويندو رهندو هيم. جتان پوءِ آڌي رات گڏجي،
پنهنجي فليٽ تي ايندا هياسين. مون زندگيءَ جا گهڻا تڻا ڏکيا ڏيل، وقت ۽ ويل، شان ڏهر
سان گڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي ۽ سڏڪا ڀريندي گذاريا. اتي اسان سان گڏ شان جو عزيز علي
آزاد به رهندو هيو ۽ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن شان ڏهر کي ڪو شخص وچ ۾ وڌ سمجهندو هيو سو
گهڻي کاڻ گهڻو دل سان پيار ۽ عزت ڪندو هيو ته اهو علي آزاد هيو ۽ آهي. اسان ٽئي گڏجي
هڪ ٻئي جا سماجي ۽ ذاتي ڌڪ سيڪيندا رهندا هياسين. هر ٻئي ڏينهن منور ابڙو، افضل سنڌو،
رمضان اعواڻ، رياض خشڪ، ڊاڪٽر نور گوپانگ، ڊاڪٽر حميد شيخ، سليم سومرو ۽ حزب الله ڪيهر
سان به رهاڻيون رهنديون هيون. نامڪو سينٽر ۾ ئي ساڳئي فلور تي روزاني عوامي اخبار
جو دفتر هوندو هيو، جتي ايڊيٽوريل پيج جو انچارج منهنجو دوست عباس جلباڻي هوندو
هيو. شان ۽ عباس وٽ ويهي ويهي بور ٿيندو هيم. ان لاءِ ٻنهي جي صلاح تي پاڻ به
آهستي آهستي لکڻ جي ابتدا ڪئي. جيسيتائين عباس، عوامي آواز ۾ ۽ شان پاڪ ۾ ڪم ڪندا
رهيا، تيسيتائين سال ڏيڍ تائين، منهنجا ڪالم هر ٻئي ڏينهن ٻنهي اخبارن ۾ باقاعدگيءَ
سان ڇپيندا رهندا هيا. هڪ لحاظ کان منهنجي قلمي زندگيءَ جي ابتدا به شان جيان
عوامي آواز کان ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ، مون ان سينٽر ۾ واقع تڪبير ميگزين، امت
اخبار ۽ غازي ميگزين واري اداري ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جتي مون کي سجاد عباسي ۽ يعقوب
غزنوي جهڙا دوست ۽ رفيق افغان جهڙو شفيق باس مليو، جنهن مون کي منهنجي قلم جي
پهرين اجرت ڏئي، پروفيشنل صحافي بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڊگهي وقت کان وٺي، علمي ۽
نظرياتي ادب جي عملي سرگرمين ۾ اڻٿڪ محنت سبب، ترقي پسند ادبي حلقن ۾ شان ڏهر جو
نالو ڪڏهن به ڪنهن تعارف جو محتاج نه رهيو. هو هڪ ڏاهو دانشور، صاحبِ طرز اديب، ڀلوڙ
شاعر ۽ محنتي صحافي هيو. جنهن سڄي عمر هزارن جي تعداد ۾ تاريخي، سماجي، سياسي،
تهذيبي ۽ واقعاتي مضمون لکيا. جيڪي اڄ تاريخي دستاويزن جي حيثيت رکن ٿا. عملي
زندگيءَ ۾ به شان ڏهر، سدائين نه رڳو صحافت جي اخلاقي محاذن ۽ معيارن جي پرگهور
لاءِ جهيڙيندو رهيو، بلڪ فڪري محاذ تي به ذهني ۽ انقلابي تبديلين لاءِ، هڪ ڪل وقتي
قلمي يوڌي جيان، معاشري جي ڪارين قوتن خلاف برسرِ پيڪار رهيو. پنهنجي نصيب جي هيڪاندن
مسئلن ۽ مشڪلاتن کي شاندار مسڪراهٽن سان شڪست ڏيندي، مون کيس غريبن، لاچارن،
مزدورن، هارين ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي زندهه رهڻ جا حق ڏيارڻ لاءِ وڙهندي، ڪڙهندي،
ڪرڪندي، ڪنجهندي ۽ واويلا ڪندي ڏٺو.
شان ڏهر ۱۵ فيبروري ۱۹۶۷ع ڌاري، لاڙڪاڻو ضلعي جي شهر باڊهه
جي پٺاڻ محلي ۾ جيون ورتو. پنج درجا اردو پرائمري اسڪول باڊهه ۾ پاس ڪئي، ميٽرڪ
گورنمنٽ بوائز اسڪول باڊهه، انٽر گورنمنٽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري، بي اي ڊگري ڪاليج
لاڙڪاڻو، جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سياسيات ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
۱۹۸۱ع ڌاري ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾
سيزنل آبڪلاڻي جي مند ۾ ٽن سالن تائين ٽيليفون آپريٽر رهيو. ۱۹۸۸ع ڌاري سنڌ پوليس ضلع سائوٿ ڪراچي ۾ اي ايس آءِ مقرر ٿيو. پر سندس بيج کي ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي لاهي ڇڏيو. جنھنڪري هي جوان، وري اسان جي
قومي الميي بيروزگار جي ور چڙهي ويو. پر هن شيردل انسان، جيئڻ ۽ جي ڏيکارڻ لاءِ، ڪڏهن
به وسان ڪو نه گهٽايو. ايتري تائين جو آخري ڏينهن تائين به، زندگيءَ سندس ساهه جو
آئينو ته ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پر کيس شڪست ڏئي ھراسان ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.
لکڻ پڙهڻ جو شوق، شان کي ننڍي
هوندي کان ئي هوندو هيو. پر ۱۹۸۳ع کان
هن، گل ڦل، چڻنگ، آفتاب وغيره جهڙن ٻارڙن جي رسالن ۾ باقائدگيءَ سان لکڻ ۽ ڇپجڻ
شروع ڪيو. پوليس جي نوڪريءَ دوران ئي ۱۹۹۰ع ۾،
هن روزاني سنڌي اخبار عوامي آواز ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪري، پنهنجو پاڻ کي سپردِ قلم
ڪيو. جيڪو سندس عملي صحافتي زندگي جو پهريون ڏاڪو هيو. ان کان هُو پوءِ مختلف
اخبارن جهڙوڪ؛ سنڌ سڄاڳ، برسات، جاڳو، پاڪ، انتخاب (اردو) وغيره ۾ ڪم ڪندو رهيو. ۲۰۰۱ع ۾ شان ڏهر، الڪيٽرونڪ ميڊيا جي دنيا ڏانهن قدم وڌايو. هن پاڪستان جي
پهرين پرائيويٽ سيٽ لائيٽ چينل انڊس ويزن ۾ ڪم ڪيو، ۲۰۰۵ع کان ۲۰۰۹ع تائين اردو چيئنل ARY ۾ نيوز ايڊيٽر، آرڪائيوز ۽ مانيٽرنگ ڊپارٽمينٽ جي انچارج طور ڪم ڪيو.
۲۰۰۳ع کان ۲۰۰۴ع تائين ڪي ٽي اين جو دبئي ڊيسڪ جو فائونڊر ۽ انچارج نيوز پروڊيوسر رهيو.
ان کان پوءِ ڌرتي ٽي وي تي ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرس، اينڪر پرسن، مهراڻ ٽي وي تي ٽيڪنيڪل
ڪنسلٽنٽ نيوز ۽ ڪنٽرولر، سنڌ ٽي وي تي ٽرانسميشن آفيسر، انچارج ٽرانسميشن نيوز، ٽيڪنيڪل
ڪنسلٽنت ۽ بي بي سي اردو جو ڪوئٽيه ۾ هڪ سال تائين نمائندو رهيو. شهادت وقت شان ڏهر
لاڙڪاڻو ۾ ابتڪ ٽي وي چينل جي بيوروچيف طور ڪم ڪري رهيو هيو جتي سال ۲۰۱۳ع جي آخري گهڙين ۾ کيس سندس جنم ڀومي ۾گولين جو کاڄ بڻايو ويو پر ترت ئي
سنگت ساٿين طرفان سندس گيان ڀومي لاڙڪاڻو جي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ (ڪييوئلٽي)
ڏانهن کڻايو ويو جتي گولين هڻندڙن کان به غليظ اسپتال انتظاميه جي غفلت سبب پورا ۹
ڪلاڪ لڇندي، تڙپندي ۽ درد سهندي ۲۰۱۴ع جي سجهندي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
پورو ملڪ ۽ سموري سنڌ واسين جون
دليون شان جي نوجوان ۽ اڻ مندائتي شهادت تي اداس هيون، هر اک آلي هئي هر جسم اٻاڻڪو
۽ هر روح ملول هيو. لاڙڪاڻو جي صحافين کي ته مون ائين ڏٺو ڄڻ ته شان ڏهر شهيد نه ٿيو
هيو پر سندن ئي گهر ۾ قضيو ٿيو هيو. بابو اقبال، مهدي شاهه، قادر جاگيراڻي، نويد
لاڙڪ، طارق ميتلو، جاويد شاهه، طارق موريو، ادي ناياب چانڊيو، مرتضيٰ ڪلهوڙو،
امداد عباسي، علي آزاد، نديم سومرو، حنيف سهاڳ وغيره ڪنهن ڪنهن يار جا نالا کڻان،
سڀيئي ملول هئا. سڀيئي اداس رُتُن جا پيامبر پيا لڳن. اها شان جي ذاتي ۽ صحافتي
زندگيءَ واري نيازمندي هئي، جنهن سڀني پنهنجن پراون، الڳ الڳ ڌڙن، سوچن ۽ وهڪرن کي
ڏک، تڪليف، اهنج، اولڙي ۽ روڄ جي هڪ لڙي ۾ پروئي ڇڏيو هيو. صحافتي زندگي ۽ شهادت
جو موت ماڻڻ واري هن شاندار انسان ڪا ته اهڙي ڪمائي ڪئي هوندي جنهن سبب کيس دنيا ڀر
جي ساڃاهه وند قلمي قبيلن کيس ايترو مان، مڃتا ۽ مرياده پئي ڏني.
شان ڏهر وڏو مڙس ماڻهو هيو ۽
اهو شايد ان لاءِ ته راجا ڏاهر جهڙي عظيم يوڌي جي نالي سان سندس ذات جي نسبت ممڪن
هئي ته خانداني نسبت به. مٿان وري مهين جو دڙو جي مٽي مان ڳوهيل جسم، پيغبري پيشو
۽ يوسفي ڏيک ويک کيس ڪمال جو جادوگر انسان بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. توڙي جو
سموري ڄمار پيرن ۾ آوارگي رهيس، وقت جي اوکي ويرُن سان ڪڏهن وڙهندو، ڪڏهن لُڙهندو ٺڪاڻن
جي تلاش ۾ سدائين ڪرائي جي گهرن ۾ لاڏائن جيان رهيو، قرار جي کوج ۾ بي قراريون ميڙيندو
رهيو ۽ روزگار هوندي به بي روزگار ڏٺو ويو ڇوته کيس مليل مراعات سندس ضروريات کان
تمام ٿورڙيون هونديون هيون. ديس ۾ هوندي به سدائين هن يار پرديسي جي زندگي گزاري
باڊهه ۾ رهندي روزگار جي پريشاني، ڪراچي ۾ رهندي باڊهه گهر، امڙين ۽ نياڻين جي
پريشاني جيڪي نه لاڙڪاڻو اچڻ لاءِ تيار ٿينديون هيون نه ڪراچي وڃڻ لاءِ..........
توڙي جو شان ڏهر سدائين بي گهري
جي زندگي گزاري پر سندس رولاڪي ۽ آوارگي ۾ به پاگيزين جا بيشمار روپ لڪل هوندا
هيا. هو هڪ بيدار مغز، روشن خيال ۽ زنده ضمير وارو انسان هيو جنهن کي سنڌ ۽ سنڌين
سان درپيش مسئلن جو نه رڳو ادراڪ هوندو هيو پر انهن جو حل به ڪڍي وٺندو هيو. هو
گفتگو، تبصري ۽ دليلن ڏيڻ ۾ ڪمال رکندو هيو. هو پنهنجي عمر کان به وڏيون وڏيون ڳالهيون
ڪندو هيو شايد ڪتابن جي سنگت سندس علمي ڄمار وڌائي ڇڏي هئي. شان انتهائي طنازي ۽
دلفريبي سان لکندو هيو سندس طرزِ بيان سدائين بي لاڳ، مدلل، سرتاسر ادبيت، ذهانت ۽
برجستگي ۾ ڀريل هوندو هيو جيڪو سندس ڀرپور مطالعي ۽ ادبي ذوق جي غمازي پڻ ڪندو
هيو. سچائي جي قحط جي اهڙي دور ۾ به هن سخن فهم پنهنجا اخلاقي پلو ۽ قلمي تقدس
بچائي رکيو هيو. ڪيترا به برا حالات آيا پر مون کيس ڪڏهن به زندگي ڏانهن بيزاري،
برهمي ۽ ڪدورت جو رويو رکندي ڪونه ڏٺو. توڙي جو سندس کيسو فقير جي ڪشڪول جيان ڪڏهن
خالي به رهيو پر سندس هماليائي حوصلن جا آڳر سنڌو جي وشال سيني جيان ويڪرا ئي ڏٺا.
شان ڏهر جي ابتڪ چينل جو انچارج
ياسين بخشي سندس شهادت جي ٻئي ڏينهن لاڙڪاڻو آيو باڊهه ويندي شان جي يادن جو
ورجاءُ ڪندي مونکي خليل جبران جو هڪ قول ٻڌايائين ته “زندگي جو اهم سبق اهو آهي ته
توهان جو موت ڪيئن ٿو ٿئي”. موت جهڙي شي انسان جي پنهنجي وس ۾ ڪونه هوندي آهي پر
انسانن جي مجموعي ڪارڪردگين جي نتيجن کي سامهون رکندي موت خلقڻهارطئه ڪندو آهي. ان
پسمنظر ۾ شان ڏهر جي شهادت ۽ ان تي پوري ملڪ جي قلمي لڏي جون تحريڪون، دوستن
احبابن جو آهون ۽ اوڇنگارون ڏسي ۽ ٻڌي مون کي زندگي ڀر ته شان کان ساڙ ٿيندو ئي
هيو ته ڪاش مون ۾ به شان جهڙو لکڻ جو دانءُ هجي پر سندس موت تي به ساڙ ڪرڻ تي دل
سرڪي پيو ته ڪاش منهنجو به اهڙو شاندار موت ٿئي. هن دنيا مان ته سڪندر جهڙا حڪمران
به خالي هٿين ويا هيا پر شان ڏهر هتان خالي هٿين ڪو نه ويو. هو نه رڳو هزارين دلين
جون دعائون پاڻ سان گڏ کڻي ويو. پر اسان دوستن احبابن جي خالي جهولن ۾ به خوبصورت
يادن جا اڻ ميا خزانا وجهيون ويو، جيڪي زندگي ڀر اسان جي اٻاڻڪائي جي انڌيرن ۾
روشني جا ڏيئا ٻاريندا رهندا. شان ڏهر جهڙا امر ۽ سورج فطرت ماڻهو مرندا ناهن بلڪه
سماج جي ڪروڌي ڪردارن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ روپ مٽائي ورندا ۽ انڌيرن سان وڙهندا
رهندا آهن. سندس شهادت تي منور ابڙو جي لکيل هي سٽ ڪيتري نه ٺهڪي ٿي ته؛ “هڪ دفعو
مون کي مرڻ ڏيو پوءِ ڏسو؛ ڪيتريون منهنجون ڄمارون ٿيون ٺهن”.
شان ڏهر
شهيد صحافي جي خون سان
انصاف نه ٿيو
دودو ديشي
جيئن سموري سنڌ اندر قلم ڌڻين،
صحافين، قومي ڪارڪنن جو قتل عام جاري آهي، پر صحافي جيڪي عوام جو آواز اعلى ايوانن
تائين پنهنجي قلم ذريعي پهچائن ٿا. انهن مان شهيد شان ڏهر هڪ صحافي سان سماجي ۽
قومي سوچ رکندڙ انسان هو. جنهن سدائين حق سچ ۽ عوام جي مسئلن کي بي باقي سان اعلى
ايوانن تائين پنهنجي آزاد قلم ذريعي پهچايو. پر شهيد جي خون سان ۴ سال گذرڻ باوجود به اڄ هن جي خون انصاف نه ٿيو آهي. وزيرن ۽ پ پ جي ڳواڻن
جا واعدا وفا نه ٿيا مونکي ياد آهي ته شهيد شان ڏهر جي تڏي تي پ پ تعليم جو وزير
نثار احمد کهڙو پهچي ڏک ونڊئيندي اعلان ڪيو ته شهيد شان ڏهر جي ٻن نياڻين کي تعليم
مفت ڏيارينداسين ۽ ڪجهه معاوضو ڏيڻ جو اعلان به ڪيو هيو جيڪو ۴ سال گذرڻ باوجود به پورو نه ٿي سگهيو آهي اعلان رهجي ويا پر شهيد جي ڀيڻ اڄ
ڏينهن تائين شهيد جي نياڻين کي پنهنجي سر تعليم ڏيارڻ سان گڏ پالنا جو فرض ادا ڪري
رهي آهي. هتي به رڳو حڪمرانن جون ڳالهيون پيون هلن. شهيد شان ڏهر جڏهن باڊهه کان
صحافت شروع ڪئي ته هن ڪڏهن به ڪنهن جي پرواهه نه ڪندي ڪنهن وڏيري جي ڪاڻ نه ڪڍندي پنهنجي
صحافتي فرض کي سرانجام ڏيندو آيو آهستي آهستي هو هلي ڪراچي اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين
وڃي ڀاڳي ڌار ٿيو جنهن ڪراچي کان ڪشمور تائين خاص ڪري باڊهه سميت سموري سنڌ جي
مسئلن کي اجاگر ڪيو. ڪڏهن به هن پوئتي هٽڻ جي ڳالهه نه ڪئي منهنجي جڏهن ڪراچي پريس
ڪلب ۾ شهيد سان ملاقات ٿيندي هئي ته هو وڏي چاهه ۽ ادب سان ملي ڪري چونڊو هو ته
دودا ڀاءُ ڪهڙا حال ٿي ڳوٺ سڀ خير لڳو پيو آ. وڏي ڀائو قمر ٺيڪ آهي احوال وٺي جڏهن
هو شام جو پنهنجي آفيس طرف روانو ٿيندو هو ته چوندو هو سڀاڻي منهنجي آفيس ضرور اچ
جو توهان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ۽ مان جڏهن ٻئي ڏينهن سندس جي آفيس ۾ پهتس ته
هن وڏي چاهه سان پنهنجي اداري جي دوستن جو تعارف ڪرايو ۽ هنن سان منهنجو تعارف پڻ ڪرايو،
اڄ هو اسان وٽ موجود نه آهي پر ان جون غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون اسان کان ڪڏهن
به وسري نه سگهنديون. شهيد جڏهن منهنجي ڳالهه ٻولهه پنهنجي چئنل تي هلائي ته دبئي مان
هڪ واقف فون ڪري چيو ته يار توهان ٻنهي ڳوٺ واسين کي ڏسي رهيو آهيان ۽ خوش ٿي رهيو
آهيان ته هڪ صحافي ٻيو قومپرست پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي شهري مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري
رهيا آهيو، شهيد جي خون کي ۴ سال
پورا ٿيڻ وارا آهن پر شهيد جي خون سان ڪنهن قسم جو انصاف نه ٿي سگهيو شهيد جي امڙ
به صدمي ۾ وفات ڪري وئي. جيڪا پنهنجي پٽ جي لاءِ انصاف لاءِ ٻاڪاريندي رهي. پر سندس
شهيد پٽ جي خون جو کيس انصاف نه ملي سگهيو حڪمرانن پاران شهيد جي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ
وارا واعده ۽ معاوضا ۽ شهيد جي قاتلن کي گرفتار ڪرائي سزا ڏيارڻ وارا واعدا اڄ ڏينهن
تائين وفا نه ٿيا.
هن وقت تائين چونڊيل ايم پي اي ،
ايم اين اي شهيد جي تڏي تي اچڻ کان لاچار آهن. مان پ پ حڪمرانن کي ياد ٿو ڏياريان
ته شهيد جي خون سان انصاف ڪري هن جي نياڻين کي تعليم سان گڏ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ
وارا واعدا وفا ڪرڻ شهيد جي خون جو ڪجهه ته ازالو ڪري ڏيکارين. اسين اڄ به شهيد جي
خون سان انصاف ٿيڻ لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهيون شهيد جي خون سان قانون پاران ڪو
به انصاف ۴ سالن دوران نظر نه اچي رهيو آهي
ويتر جاءِ واردات جا معائنا ڪري وڃڻ لاءِ ته ٿڪجي پيا پر قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيارڻ
۾ مڪمل طور ناڪام رهي چڪا آهن. جڏهن ته شهيد صحافي شان ڏهر جي ڀيڻ قانون جو ڪو حال
نه سمجهندي پنهنجا اباڻا ڪک پنهنجو شهر ڇڏي ڪراچي شهيد جي ٻارڙن کي وٺي زندگي
گذاري رهيا آهن. اسين شهيد جي قاتلن کي گرفتاري ڪري سزا ڏيارڻ تائين سراپا احتجاج
جاري رکنداسين. شهيد جي پونئيرن سان هر جدوجهد ۾ ثابت قدم رهي گڏ رهنداسين جڏهن ته
اڄ شهيد شان ڏهر جي ورسي جي موقعي تي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري سندس ڀيٽا پيش ڪنداسين.
جڏهن آئون هي ڪالم رکي رهيو هئوس
ته پنهنجي نوجوان ساٿي امان الله ٿهيم جيڪو روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو ان کي به وساري
نه سگهيس باڊهه شهر جو هڪ نوجوان ۽ سماجي ورڪر هو ۽ هڪ رحم دل انسان هجڻ سان گڏ معصوم
شخصيت جو مالڪ هيو. مان سندس جي خاندان سان وڇوڙي تي دلي طور ڏک ۾ شريڪ آهيان جڏهن
ته باڊهه جي ٻي معزز شخصيت هائير سيڪنڊري اسڪول جو استاد ۽ ساريا برادري جو نيڪ
مرد سائين رستم ساريي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. اسين سندس ڪيل خدمت تعليمي
محنتن ۽ برادرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪيل جدوجهد کي هميشه ساراهيندي ياد رکنداسين.
شهيد صحافي شان ڏهر ۽ نوجوان امان الله ٿهيم ۽ معزز شخصيت سائين رستم ساريي جو وڇوڙو
باڊهه واسين کان وسري نه سگهندو.
No comments:
راءِ ڏيندا