; سنڌي شخصيتون: سيد عابد عباس ڪاظمي

24 January, 2020

سيد عابد عباس ڪاظمي


سيد عابد عباس ڪاظمي
رياضت ٻرڙو
عابد ڪاظمي سينئر براڊڪاسٽر، ڪالم نويس ۽ شاعر آهي. هن اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا پڻ ٻنهي ٻولين ۾ لکيا آهن.
سندس پورو نالو سيد عابد عباس ڪاظمي آهي. سندس والد، مرحوم سيد جعفر شاهه خوراڪ کاتي سنڌ ۾ بجيٽ اينڊ اڪائونٽس آفيسر هو. سندس پڙڏاڏو سيد فضل علي شاهه ۽ سندس نانو سيد مظفر علي شاهه صوفي شاعر ٿي گذريا آهن.


عابد ڪاظمي ۲۷ جنوري ۱۹۷۰ع تي، مديجي شهر، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليمي مديجي ۾ ئي پِرائي، جنهن بعد بِي.ايس سِي (آنرز) ۽ ايم.ايس سِي ڪيمسٽري جي مضمون ۾ ۱۹۹۴ع ۾ پاس ڪئي، ايم.اي پرائيويٽ اردوءَ ۾ ۱۹۹۸ع ۾ ڪئي ۽ ايل.ايل.بِي لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان سن ۲۰۰۰ع ۾ ڪئي.
عابد ڪاظميءَ ۱۹۹۷ع کان هڪ اين جِي او ۾ ڪم ڪيو، ۲۰۰۲ع کان ڪراچيءَ ۾ قانون (Law) جي پرئڪٽس ڪئي، جنهن کان پوءِ ۱۵ سيپٽمبر ۲۰۰۳ع تي، هُو پروگرام پروڊيوسر طور اسلام آباد اڪيڊمي ۾ ٻن مهينن جي سکيا وٺي لاڙڪاڻي ۾ ريڊيو پاڪستان تي مقرر ٿيو. هن ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاهه تي پڻ ڪجھ وقت ڪم ڪيو ۽ ٿورو وقت لاڙڪاڻي ريڊيو اسٽيشن تي اسٽيشن ڊائريڪٽر به رهيو. هينئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو سينئر پروڊيوسر آهي.
عابد ڪاظميءَ لکڻ جي شروعات ۱۹۸۹ع ۾ ڪئي. لکڻ لاءِ کيس ڪامريڊ غلام رسول سهتي ۽ استاد خادم تنئي آماده ڪيو. تنهن وقت هُو روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچيءَ جو مديجي لاءِ نمائندو ٿيو. هن ”عوامي آواز“ ۾ مستقل ڪالم ”ڪڇان ته ڪافر ٿيان“ عنوان هيٺ لکيا. هُو روزاني ”سنڌ“ حيدرآباد جو ايڪسڪليوزِو رپورٽر پڻ رهيو. هن ۳ ڪهاڻيون پڻ لکيون. هن گھڻي ڀاڱي اردو ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل سندس ڪالمن ۽ ريڊيو فيچرن جو مجموعو ”وساورني“ ۲۰۱۰ع ۾ ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپيو ۽ اردو شاعريءَ جو ڪتاب ”خواب هوائون پي لکون“ ڇپائيءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ۲۰۱۲ع ۾ لاهور جي هڪ پبلشنگ اداري پاران ڇپجي پڌرو ٿيندو.
سياسي طور عابد ڪاظميءَ جو تعلق شاگرد سياست دوران ”ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ سان رهيو جنهن جو هو ۱۹۸۸-۸۹ع ۾ سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان مديجي ۽ خيرپور جو ميمبر به رهيو. ان کان سواءِ ايمنسٽي انٽرنيشنل مديجي جو باني ۽ صدر، سِگا مديجي جو باني ۽ صدر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ مديجي جو باني ۽ آرگنائيزر پڻ رهيو آهي.
عابد ڪاظميءَ جي مستقل رهائش ڪاظمي حويلي، سيد حيات علي شاهه محلي، مديجي ۾ آهي.
***
(لکيل: ۲۱ آگسٽ ۲۰۱۲ع)



سيد عابد عباس ڪاظمي
نثري نظم ۾ جدت آڻيندڙ شاعر
حفيظ چانڊيو   
نثري نظم ادب جي اها صنف آهي، جنهن جي قدامت بابت ڪيترا ئي رايا موجود آهن، هڪ اندازي موجب اها ڳالهه ضرور ڪري سگهجي ٿي ته نثري نظم جي ارتقا هن ڌرتيءَ تي آدم جي اچڻ سان ئي ٿي آهي، جنهن مختلف مرحلن ۽ زمانن مان گذرندي موجوده نثري نظم واري شڪل اختيار ڪئي آهي. اسان وٽ الميو اهو آهي ته اسان وٽ صرف رد ڪرڻ کي يا عيب ڪڍڻ کي تنقيد سمجهيو ويو آهي جڏهن ته تنقيد هڪ مڪمل فن آهي ۽ هڪ نقاد جي ذميواري تخليقڪار کان به گهڻي آهي. تنقيد ڪنهن به تخليق جي فڪري ۽ فني پهلوئن کي مڪمل طرح سان جانچي، ان جي سماجي اثرن ۽ ادبي مقام جي حد مقرر ڪرڻي هوندي آهي. جڏھن ته هڪ نقاد لاءِ لازمي آهي ته هو تخليق جي انهن سمورن مرحلن جو ادراڪ رکي جن مان هڪ تخليقڪار گذري ڪجهه سرجي ٿو. اسان وٽ اڪثر اديب، ليکڪ ۽ نقاد انهن شين کي پڙهندا ئي نه آهن ۽ عجيب کل جوڳا بحث ڪري ادبي سندرتا ۽ فڪري پهچ کي مونجهارن جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. نثري نظم انساني امنگن، احساسن جي اپٽار جو خوبصورت ذريعو آهي، جنهن تي شاعر پنهنجا احساس چٽيندو آهي،سنڌي ادب ۾ نثري نظم هڪ فڪرانگيز شاعراڻي صنف جي حيثيت ماڻي ورتي آهي. نثري نظمن جي وسيلي شاعر کي موضوعاتي حوالي سان هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ٿيل هوندو آهي، جنهن ۾ هر شاعر پنهنجي خيالن سان آسمان جي وسعتن تائين جون ڳالهيون پيو ڪندو آهي. نثري نظم لکڻ ۾ شاعرن کي جيتوڻيڪ تمام گهڻيون دشواريون پيش هونديون آهن، پر ان باوجود اهي پنهنجي نثري نظمن کي لکندي ڪٿي ٿڪجندي نظر ناهن ايندا. نثري نظم به سنڌي ادب جو هاڻي هڪ مضبوط حصو بڻجي ويو آهي، جنهن وسيلي هو ادب جي آبياري ڪندي قومي خدمت واري جذبي سان سرشار نظر ايندا آهن.
ماڻهن جا هيڊا ٿي ويل چهرا پڙهي ڪائنات جي ڳجهن کان عشق جي منتهيٰ کان ٿيندو، عدم کان قدم تائين جا راز پروڙيندڙ مديجي شهر جو عابد عباس ڪاظمي به هڪ اهڙُو حساس نوجوان شاعر آهي، جنهن جي شخصيت جا گهڻا رخ آهن. سندس شخصيت هڪ ترقي پسند اديب، بهترين براد ڪاسٽر واري آهي، يونيورسٽيءَ جي پڙهائي دوران سندس اردو اديبن سان گهرا تعلق جڙيا، جن جي سنگ سياپي کيس انجمن ترقي پسند منصفين ۾ شموليت اختيار ڪرائي. ان کان علاوه هو بهترين مقرر ۽ بهترين ليکڪ پڻ  آهي، هن پنهنجي قلم کي علم بڻائي جهالت کي ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، سماج اندر ڦهليل هر پاسي انارڪيءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ جي هن تخليقڪار ڪيڏا نه خواب ڏٺا آهن، جن جي ساڀيائن لئي هو ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين هو اڀن ڪاون واري واٽ تي رت جا ريڳاڙا ڳاڙي رنڊا روڙيندو رهيو آهي. قوم جي وحدت تي لڳندڙ ڪاپاري ڌڪن آڏو ڍال بڻجندڙ هن ڪوي هميشه اجتماعيت کي ئي اوليت ڏني آهي، هن قوم ۾ ڦهليل مايوسين کي اميدن ۾ تبديل ڪرڻ گهريو آهي، سندس آسپاس ٿيندڙ انياءُ تي قلم جنبش ۾ اچي، ڪڙو سچ لکندو رهيو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان ابن الوقت جا جوڙيل هڙئي هٿڪنڊا لُڏڻ لڳندا آهن.
اڀ جي ساگر ۾ چنڊ
ڄڻ ڪوئي ڪُن آهي،
جنهن ۾ خواب
غرق ٿي ويا آهن،
۽ خاموش رات
وڃايل خوابن جي
تعبير جي ڳولها ۾،
هڪ ويران دل جي،
آڳر ۾ ليئا ٿي پائي،
ڪجهه نا مُراد لمحا
ترسي پيا آهن،
اکين ۾ آکيرا ٺاهي!
حساس دل ماڻهوءَ جو خيال جڏهن شعوري طور واڌ ويجهه ڪندو آهي ته ان وقت سندس سوچون شاعري يا نثر جو روپ وٺنديون آهن، هڪ شاعر جي سموري شاعري سندس زندگي ۾ پيش ايندڙ قومي المين، هاڃن، تجربن، مشاهدن کان وٺي، ڪيفيتن تي آڌاريل هوندي آهي، جيڪا شعوري منتهيٰ تي  خانه بدوشي کان پوءِ ڪٿي نه ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ چاهيندي آهي. شاعر سموري پيڙائن مان ائين گذرندو آهي جيئن حق ۽ سچ جي ڪري شهيد ٿيل مخدوم بلاول پاڻ کي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ وقت پيڙا مان گذريو هو. هر شاعر جي شاعري دراصل سندس ان پيڙا جي مرحلي مان ڦٽي نڪتل  هڪ عجيب آنڌ مانڌ هوندي آهي جا ڪڏهن به شاعر کي ماٺ سان نه ويهڻ ڏيندي آهي نه ئي ڪو سمهڻ ڏيندي آهي. سموري صورتحال ماڻهوءَ جي اندر موجود ان فطري شاعر کي جاڳائي وجهندي آهي. سندس اردوشاعريءَ جي پهرين ڪتاب “خواب هوائون پي لکهون” اردو ادب ۾ نثر جي حوالي سان منفرد آهي، جنهن مان سندس مشهور غزل“ سوکهه کر اِک گلاب بکهرا هي” سندس ڪمال جي تخليق آهي.
ســـــوکهه ڪر اِک گلاب بکهرا هي،
جاني ڪس ڪا يه خواب بکهرا هي؟
ڪاظمي صاحب غزل جي هن مطلع ۾ پنهنجي خيالن جو جنهن نموني اظهار ڪيو آهي، سو سندس فڪر جي ڦرهيءَ ۽ سندس شعور جو گڏيل اظهار آهي، جنهن ۾ هن هڪ گلاب جي گل جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مرجهائجي ۽ ڪومائجي وڃي ٿو،  سندس ان ڪوماڻيل گلاب جي گل تي احساسن جو اوتڻ دراصل سندس اندر جي پيڙا آهي، ڇو جو ان گلاب جي گل جي پيڙهجڻ سبب سندس آشائون ۽ ارمان سڙهايل ڀاسجن ٿا. عابد عباس ڪاظمي ڄائي ڄم کان وٺي هڪ آرٽسٽ آهي، جنهن جي رنگن جي چونڊ نت نئين ۽ بنهه پنهنجي ئي آهي.
يادون
ڪڏهن دستڪ
ڪڏهن سرگوشيءَ سان
تنهائيءَ جي،
درو ديوار تي
ڦٽي پونديون آهن،
۽ مان ڀرجي ويندو آهيان
تنهنجي بدن جي خوشبو سان..!!!
شاعري به اهڙن حساس ماڻهن جي ذهنن تي دستڪ ڏيندي آهي،  سندن تنهاين کي ميلن ۾ تبديل ڪري خوشيون ورهائيندي آهي، شاعري اهڙن ماڻهن جي مهمان بڻبي آهي، جن وٽ ماڻهن جي لاءِ  ڪو احساس هجي، يا انهن لاءِ ڪي نيڪ تمنائون ۽ سنئين واٽ پسائڻ جا نت نوان خيال موجود هجن، هر شاعر جا لفظ قوم جي اها صدا بڻجي ويندا آهن، جيڪا  سامراجي پريشر سبب دٻيل رهندي آهي. قوم جي وکريل نصيب کي ميڙڻ جي لاءِ شاعر تخليقي پرواز سان سندن اضطرب ۽ ڪيفيتن جو اظهار ڪندو آهي، جيڪو سندس قوم ڪرڻ چاهيندي به ناهي ڪري سگهندي.
سيد عابد عباس ڪاظمي، فطرت جو هڪ حسين شاعر آهي، جنهن سبب سندس هر هڪ شعر ۾ مارن سان بي پناهه محبت سمايل آهي. اها سندس فڪر جو حسن ۽ پختگي آهي جو سندس شاعري کي اڄوڪا نوجوان شوق سان ياد ڪندا رهن ٿا. سيد عابد عباس ڪاظميءَ جي شاعري ۾ عشق عيان نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هو محبت پائي من ۾ واري سٽ تي عمل پيرا ٿي عشق جو ڪلمو پڙهي ٿو اڳتي هلي هو سينواريل سماج ۾ شاهه سائينءَ جي آفاقي پيغام “هر ڪو پسي پرينءَ کي” جو ورد ڪندو نظر اچي ٿو.
مان مڪمل آزادي چاهيان ٿو،
آزادي جيڪا پيار کان به اتم آهي،
هن گهوري نهاريو،
ڇا هر تعلق  کان آزادي ممڪن آهي،
تون پنهنجي هر تمنا ۽ خواهش
کان آزاد ٿي سگهين ٿو،
منهنجي من ۾ اڻ تڻ وڌي وئي،
ڄاڻين ٿو مڇي پاڻيءَ جي اهميت؟
هو ان جو قيد به آهي ته حياتي به...
ان کان آزادي سندس موت آهي،
جسم ۽ روح جو ڇا تعلق آهي؟
مڪمل آزاديءَ لاءِ هر رشتو ٽوڙڻو پوندو،
آزادي سڀ کي پياري آهي،
موت هر شيءَ کي بي معنيٰ ڪري ٿو،
پر جن لمحن ۾ اسين جيئون ٿا،
اهي موت کي شڪست ڏئي سگهن ٿا.
مٿين نثري نظم ۾ سيد عابد ڪاظمي چوڻ گهريو آهي ته آزادي ئي سڀني بيمارين جو واحد علاج آهي، شاعر عابد ڪاظمي غلاميءَ کي گار سمجهندي قوم کي آزاديءَ جا سنيها ڏيندي نظر اچي ٿو، هن جي مٿين نثري نظم موجب آزادي پنڻ سان ناهي ملندي، نه ئي سولي نموني سان ملندي آهي، پر آزادي ته قربانين جي گهرجائو هوندي آهي، جنهن جي اچڻ سان غلام قومن جا اڱڻ مهڪڻ لڳندا آهن، عابد ڪاظميءَ مطابق ته آزادي ئي عزتن، محبتن ۽ قومن جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي هوندي. ان ڪري ڪاظمي صاحب آزاديءَ جي طلب ڪري ٿو، جنهن ۾ سڪون، پيار ۽ هر پاسي امن ۽ خوشحالي ئي خوشحالي هجي. آزادي جنهن ۾ ڪي دقيانوس ريتون ۽ رسمون نه هجن، جتي پيار تي پهرا نه هجن، هر ماڻهوءَ جو جيون مذهبي متڀيد، ناانصافين ۽ انصاف جي اڻ هوند کان آجو ۽ مڪمل آزاد هجي، بيمار سماج نه هجي، پر هر ڏسا “هر ڪو پسي پرينءَ کي” واري سٽ جيان ماڻهو هوبهو بڻجي پون. سيد عابد ڪاظمي پنهنجي شاعريءَ ۾ حقِ خوداداريت کان ويندي سماجي غير يقيني واري صورتحال تائين عوام کي سهپ ۽ روادريءَ جي تلقين ڪندي ملي ٿو، سندس اهڙي فڪر انگيز فهم ناانصافيءَ واري نانگ جي زهر کي بي اثر ڪري قوم کي جيارڻ چاهيو آهي. هن وٽ تخليق جو نج پڻو ۽ پنهنجي انفراديت آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ جنهن رستي جي چونڊ ڪئي آهي، ان ۾ وٽس هر ڏسا  قوم جي خوشحاليءَ جا اڻ ميا خواب ئي خواب آهن. سندس شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان ڀرپور آهي. سندس شاعري بغير ڪنهن ٽيڪن جي تخليقي سفر طئي ڪندي ٿي رهي، هو نثري نظم جي حوالي سان ادبي حلقن ۾ هڪ برجستي شاعر جي حيثيت ۾ مڃيل شاعر آهي جنهن ۾ سندس بيباڪي بيان ٿيل هوندي آهي. سندس تخليق سنڌ جي تاريخي شعور مان ڦٽي نڪتل آهي.سندس شاعريءَ ۾ سندس آسپاس جو ماحول جو بيان ملي ٿو. سيد عابد عباس ڪاظمي پنهنجي دور جو رومانوي شاعر آهي، سندس شعري جون سرجيل سٽون محبت واري چيڪي مٽيءَ مان ڳوهيل آهن، جنهن جي سُڳنڌ نفرت جي نانگڻ جي زهر کي کي بي اثر بڻائڻ جي لاءِ اڪثير ۽ اتانهين ثابت ٿيڻي آهي.
عابد ڪاظميءَ اردوءَ جي نامور شاعره ساره شگفته جي المناڪ وڇوڙي تي کيس ڀيٽا ڏني اهي، جنهن ۾ هن ساره شگفته جي خودڪشيءَ کي جنهن انداز ۾ پيش ڪيو آهي، اهو سندس فن جو ڪمال آهي، ڇو جو دنيا لاءِ ڀلي ساره شگفته خودڪشي ڪري انت آندو هجي، پر عابد ڪاظميءَ جي خيالن ۾ هوءَ اڄ به پنهنجي نظمن ۾ مستقل زنده و جاويد آهي.
ساره شگفته!،
ساره شگفته!،
ماڻهو سمجهن ٿا،
تو خودڪشي ڪري ڇڏي آهي،
کين ڪهڙي سڌ ته،
تون هن دنيا کي ڇڏي
پنهنجي نظمن ۾
مستقل رهائش اختيار ڪئي آهي.
عابد عباس ڪاظميءَ جو پهريون ڪتاب ۲۰۰۹ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڪالمن ۽ فيچرس تي ٻڌل هو. سندس ٻيو ڪتاب “وساورني” جي نالي سان ڇپيو. سندس ٽيون ڪتاب اردو شاعريءَ “خواب هوائون پر لکهون” ۲۰۱۲ ڌاري لاهور مان ڇپيو. هينئر سنڌي ۾ نثري نظمن جو ڪتاب “نظمن جون ڳليون” ڇپائيءَ هيٺ آهي. سندس اڻ ڇپيل مواد ۾ تصوف جو نظريو يا رويو، ريڊيو ڊراما ۽ ڪجهه غير ملڪي شاعرن جا ترجمه موجود آهن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپيا. تصوف تي سندس تحقيقي ڪم به ساراهه جوڳو آهي. ان کان علاوه هو اڄ ڪلهه اردو ۾ ايم فل جي ريسرچ (جون ايليا کي شاعري مين جدت اور جماليات) تي ڪم ڪري رهيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا