; سنڌي شخصيتون: اسلم آزاد

14 March, 2020

اسلم آزاد


اسلم آزاد
ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سندس نعرو گونجندو رهندو
زلف پيرزادو
پاڪستان ۾ ۱۹۸۰ع وارو ڏهاڪو اهڙو هو جڏهن اڃا سيٽلائيٽ چئنلن جي ڀرمار نه ٿي هئي ان ڪري پي ٽي وي عام ماڻهن جو تفريح جي اڪيلو ۽ اهم ذريعو هئي، جڏهن ته ان عرصي کان اڳ سنڌي اخبارن جو به ساڳيو حال هو صرف ٻه يا ٽي سنڌي اخبارون هيون جن ۾ سڀ کان گهڻي پڙهي ويندڙ سنڌي اخبار هلال پاڪستان هئي، هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ صاحب هو ۽ نيوز انچارج اسلم آزاد هو. هلال پاڪستان جا ان دور جا شمارا ڪير پڙهندو ته اندازو ٿيندو ته ڪيتري نج سنڌي لکي ويندي هئي ۽ پروف يا ٻوليءَ جي غلطيءَ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي . جڏهن ته اهڙي عوام دوست اخبار هئي جو ٻين اخبارن سان گڏ سينسر شپ جو به شڪار رهي جڏهن ته هلال پاڪستان صحافين جي نرسري وارو ڪم به ڪيو . نتيجي طور انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمٰن نقاش، سيف ٻنوي، سردار قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي هلال پاڪستان مان سکيا وٺي نڪتا ۽ پوءِ مختلف اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندا رهيا.


جڏهن ته ان دوران پنهنجي خوبصورت چهري، بهتر آواز ۽ سڀاءُ هجڻ ڪري اسلم آزاد پي ٽي وي تي ”پرک“ پروگرام جو ڪمپيئر به ٿيو ۽ پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڪاميابين جي بلندين تائين پهچايو ان کانپوءِ پي ٽي وي وارن کانئس ٻين پروگرام امن جي به ميزباني ڪرائي جيڪي پڻ اسلم آزاد جي ميزبانيءَ ۾ ڪاميابين جي بلندين تائين پهتا. پروگرام شروع ڪرڻ کان اڳ اسلم آزاد تمام پاٻوهه ۽ نرم آواز سان جڏهن ” ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين“ پروگرام ڏسندڙن جي آجيان ڪندو هو يا کين سلام ڪندو هو ته پروگرام ڏسندڙ جا اهو نعرو ٻڌي ڪن به ٺري پوندا هئا ، جيڪڏهن ان ۾ وڌاءُ نه هجي ته آءُ اهو چوان ته اسلم آزاد جو هڪ سرڪاري ٽي وي تان اهڙو نعرو ئي جديد سنڌي صحافت جو بنياد بڻيو .
اسلم آزاد سان منهنجي سڃاڻ منهنجي ذهني ۽ صحافتي اوسر ڪندڙ ۽ استاد انور پيرزادي جي ڪري ٿي ڇو ته انور پيرزادو منهنجو ذهني ۽ صحافتي پرورش ڪرڻ سان گڏ منهنجي والد عبدالرحيم پيرزادي جو گھاٽو ۽ هجتي يار به هو. انور پيرزادري جو وڏو فرزند زبير احمد پيرزادو ۽ آنءُ اين جي وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس کان مئٽرڪ تائين گڏ پڙهياسين. انور پيرزادي ۽ سندس وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جا گھر طارق روڊ لڳ ۾ هڪٻئي جي ويجهو هوندا هئا، جڏهن ته منهنجي رهائش شاهه فيصل ڪالوني ۾ هوندي هئي ان ڪري ٿيندو ائين هو ته اسڪول کان واپسيءَ تي اڪثر ڪري زبير سان گڏ سندس گھر ايندو هئس، گڏ ماني کائيندا هئاسين ۽ پوءِ اسڪول جو هوم ورڪ گڏ ڪري واندا ٿيندا هئاسين ته پنهنجي گھر شاهه فيصل ڪالوني هليو ويندو هئس پر اڪثر ڪري زبير مون کي گھر وڃڻ نه ڏيندو هو، ان ڪري رات جو به گڏ سمهي پوندا هئاسين، صبح جو اسڪول وري گڏ ويندا هئاسين، ان زماني ۾ انور پيرزادي جي ۱۱۶-L واري گھر جو هڪ ڪمرو اوطاق بڻيل هوندو هو جتي شام ٿيندي انور پيرزادي جا دوست هڪ هڪ ٿي اچڻ شروع ٿيندا هئا، جن ۾ اسلم آزاد، محمد خان جتوئي، جاويد عرف جادو، تاج بلوچ، هدايت منگي، سيف ٻنوي، لطف پيرزادو، بابو (عبدالرحيم) ۽ ٻيا به شامل هوندا هئا، بابو، هدايت منگي ۽ اسلم آزاد، انور پيرزادي سان ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ هجائتا هوندا هئا.
جڏهن سڀ گڏ ٿيندا هئا تڏهن بس علم، ادب، سياست تي بحث ۽ شاعريءَ جو دور شروع ٿي ويندو هو. جڏهن سياست تي گرما گرم بحث پڄاڻيءَ تي پهچندو هو ته پوءِ شاعريءَ جو دور شروع ٿيندو هو. آخر ۾ سيف ٻنوي ۽ لطف پيرزادو، ڀٽائيءَ جا چونڊ بيت پڙهندا هئا پوءِ انهن جي تشريع ٿيندي هئي ۽خاص لفظن جي معنيٰ ٻڌائي ويندي هئي ۽ هڪ ٻئي کي درست ڪيو ويندو هو.
اهڙي محفل ۾ ته پوءِ پي ٽي وي جو پروڊيوسر فيض ٻگهيو ۽ بدر ابڙو به اچڻ شروع ٿيا ۽ اهي روز واريون ڪچهريون رات دير سان ئي پڄاڻيءَ تي پهچنديون هيون. لطف پيرزادي، منهنجو ۽ زبير جو ڪم ڪچهري ۾ موجود هجڻ، گھران پاڻي ۽ چانهه کڻي اچڻ يا دڪان تان سگريٽ وٺي اچڻ هوندو هو. ڏسندي ڏسندي محفل ۾ هڪ وڏي ڏاڙهي وارو ٽڻيءَ تي شلوار پاتل ۽ اچي ٽوپي پاتل مولوي به اچڻ شروع ٿيو، پوءِ ته سياسي بحث ويتر گرم ٿي ويا. زبير ۽ مان حيران هوندا هئاسين ته هن مولويءَ جو هن محفل ۾ ڪهڙو ڪم ۽ سياسي بحث سان سندس ڪهڙو تعلق آهي جڏهن ته صرف سادو سگريٽ پئي ٿو .
خير اڳتي هلي خبر پئي ته هو کاٻي ڌر جو مشهور اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي هو، جنهن کانپوءِ وري قائداعظم جي ٽوپيءَ جهڙي ٽوپي پاتل چاپئين ڪاري ڏاڙهيءَ سان هڪ ڊگهو همراهه به محفل ۾ اچڻ شروع ٿيو ، صفاصوفي نه سگريٽ پئي نه ڪيو ٻيو ڪو نشو ڪري، صرف سياسي بحث تي زور گهڻو پر اڳتي هلي خبر پئي ته اهو همراهه جنهن کي ”شاهه صاحب“ سڏيندا هئا، سو شهيد نذير عباسي هو.
وري ان کانپوءِ ٻه همراهه ٻيا به اچڻ شروع ٿيا هڪ کي پاجامون ۽ پهرياڻ پاتل مٿي تي گول پشتو ٽوپي پاتل ساڻس گڏ ٻيو همراهه صرف پاجامون ۽ پهرياڻ پاتل ۽ جسم ۾ سنهڙو سياسي بحث ۾ صفا گرما گرم، اڳتي هلي خبر پئي ته اهي ويسپا موٽر سائيڪل تي ڪڏهن ڪڏهن گڏ ايندڙ همراهه هڪ پروفيسر جمال نقوي ۽ ٻيو امام علي نازش هو. سو اهڙي سياسي بحث ۾ اسلم آزاد بحث ڪرڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن کلي سوال ڪندو هو ۽ بحث غور سان ٻڌندو رهندو هو.
مونکي اهو اعتراف ڪندي خوشي ٿئي ٿي ته منهنجي ۽ زبير پيرزادي جي ذهني ۽ سياسي اوسر ۾ انهن ڪچهرين جو وڏو عمل دخل آهي . اڄ زبير پيرزادو ته جسماني طور موجود نه آهي ۽ نه ئي ڀائو لطف آهي پر ٻئي ڄڻا منهنجي جسم جو اڄ به حصو آهن .
ان ڪري اهو به چوڻ ۾ وڌاءُ نه آهي ته جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙن ۾ اسلم آزاد، انور پيرزادي، سيف ٻنوي، فقير محمد لاشاري ۽ عبدالرحمٰن نصاش جا نالا سرفهرست آهن. اسلم آزاد سيف ٻنوي، محمد خان جتوئي ۽ ٻين سان وري انور پيرزادي جي شفقت ۽ محبت سبب سپر هاءِ وي تي انور بلوچ جي اوتاري تي به تمام گھڻيون ڊگهيون ڪچهريون ٿيون، جيڪو مدو وري يادن جو الڳ داستان آهي جيڪو به وقت اچڻ تي ضرور لکبو ، انور بلوچ صاحب هاڻي عوامي آواز ميڊيا گروپ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به آهي. هو بنيادي طور ٺيڪيدارهو پر شايد ان تي به انور پيرزادي، اسلم آزاد ۽ سيف ٻنوي جي ڪچهرين جو ئي اثر آهي جو اڄڪلهه ميڊيا جي ميدان ۾ آهي.

اسلم آزاد جو وڇوڙو
زرار پيرزادو
¨ ناميارو صحافي، ڪمپيئر، شاعر ۽ ڊراما نگار ۽ آخر ۾ ”صوفي“ سڏائيندڙ اسلم آزاد ڪالهه استاد بخاري جي وڇوڙي واري تاريخ ۹ آڪٽوبر تي ڊگهي بيماري کانپوءِ هن دنيا ۾ گذر ڪري ويو آهي.
¨ اسلم آزاد  پنهنجي فڪري حلقي جو ”شهزادو دوست“ ليکيو ويندو هو. سڀ دوست سندس هجتون، ڀوڳ ۽ ارڏايون خوشي مان برداشت ڪندا هيا. انور بلوچ ته ڄڻ بقول محمد علي پٺاڻ جي اسلم آزاد کي پاليو هو.
¨ ڊگهي بيروزگاري ۽ گهريلو مسئلن، هن پنهنجي مزاج ۽ سوچ واري ماڻهوءَ کي زندگي جي آخري حصي ۾ اڪيلو ۽ مفلوج ڪري ڇڏيو هو.
¨  اسلم آزاد جيئن ته اسانجي جديد صحافت جو هڪ وڏو نالو هو تنهن ڪري جيئن ئي سندس بيماري جي خبر ميڊيا تي آئي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ ثقافت کاتي نوٽيس وٺندي سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. اهڙو تحرڪ جيڪڏهن هڪ سال اڳ ورتو وڃي ها ته گهڻو بهتر هجي ها.
¨ اسلم آزاد جيئن ته غير معمولي ذهن ۽ سوچ جو مالڪ هو تنهنڪري هن جيڪو به ڪم ڪيو سو ڀلي مختصر ئي هجي پر سندس ذهن ۽ سوچ جا عڪاس هيا.
¨  انور پيرزادي صاحب هڪ هنڌ لکيو هو ته جن ماڻهن تمام ٿورو پر تمام سٺو لکيو انهن مان اسلم آزاد به هڪ آهي.
¨  اسلم آزاد ڪهڙي ذهن ۽ سوچ جو مالڪ هو تنهن کي سمجهڻ لاءِ سندس شاعري جو مجموعو ”آزاد خيالي“ پڙهڻ گهرجي.
¨ هُو آزاد خيالي وارو نظريي سان سلهاڙيل هو. انور پيرزادي جي صحبت ۾ هو ڪميونسٽ پارٽي جو انڊر گرائونڊ ميمبر  هو ۽ سرخ پرچم ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جو حصو هو.
¨  اسانجن ادبي ادارن ۾ افعال ناهن نه ته ان شعري مجموعي جي مهورت به ڪرائڻ گهرجي ها ۽ ان تي ورڪشاپ به ڪرائڻ گهرجي ها.
¨  انور پيرزادي صاحب جي حياتي ۾ جيڪڏهن اسلم آزاد جي شاعري جو اهو مجموعو ڇپجي اچي ها ته پڪ سان هو نه رڳو ان تي خوشيءَ جو ڀرپور اظهار ڪري ها پر ان تي لازمي طور مهاڳ به لکي ها.
¨  پر اسلم آزاد جيئن ته پنهنجي پذيرائي ۽ مهم جوئي جو قائل نه هو تنهن ڪري هن پنهنجا ڪم چپ چپات ۾ ڪيا.
¨ ايئن اسلم آزاد جا ڪالم به لکيل آهن ۽ ريڊيو ڊرامن جي اسڪرپٽ به. انهيءَ مواد کي به سهيڙي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي.
¨ ٻيو ته ڇڏيو اسلم آزاد جي صحافتي ڪم تي پڻ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. هو ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان جو نيوز ايڊيٽر هو. ان پنهنجي نيوز ايڊيٽرشپ ۾ جيڪي تجربا ڪيا، جيڪي نوان لاڙا ڏنا تن جو به ذڪر ٿيڻ گهرجي.
¨ هڪڀيري جي اين مغل صاحب ٻڌايو ته اسلم آزاد پنهنجي رپورٽر کي چيو ته غلام مصطفيٰ جتوئي کان هن خبر تي موقف وٺي اچ. رپورٽر آفيس اچي اسلم آزاد کي ٻڌايو ته سائين مان جتوئي صاحب جي آفيس ويس پر هر ڀيري مونکي ٻڌايو پئي ويو ته ”صاحب واش روم ۾ آهي“ پوءِ اسلم آزاد ان سرخي سان اها خبر ڏني ته : ”جتوئي صاحب واش روم ۾ آهي،“ ” جتوئي صاحب واش روم ۾ آهي،“ ”جتوئي صاحب واش روم ۾ آهي.“
¨ اسلم آزاد هڪ دلچسپ قصو پاڻ لکيو آهي ته ” هڪ ڀيري نيوز ڊيسڪ تي ويٺل انور پيرزادي کان مون پڇيو ته ”انور“ شب برات واري عيد کي سنڌيءَ ۾ ڇا لکون ته : انور وراڻيو ته  اسان سنڌي ته انکي ”ڦٽاڪن واري عيد“ چوندا آهيون. سو مان به اخبار ۾ شب برات جي عيد کي ”ڦٽاڪن واري عيد“ لکي ڇڏيو،  جنهن تي وفاقي مذهبي وزير مولانا ڪوثر نيازيءَ پوءِ پڇاڻو ڪيو!!“
¨ اسلم آزاد جو پي ٽي تي ڪمپيئرنگ وارو دور به يادگار رهيو. چٽاڀيٽي جي پروگرام پرک ۾ هن جو اِهو شروعاتي جملو ئي ڏاڍو تخليقي هو ته ”ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين اسلم آزاد جو اوهان کي سلام پهچي.“
¨ جڏهن اسلم آزاد حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ زندگي کان موڪلائڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته قاضي منظر حيات سندس عيادت ڪندي سندس ئي ان مشهور جملي سان سڏڪو ڀريندي کانئس موڪلايو ته ”ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سڄي سنڌ اوهانجي صحتيابي لاءِ دعاگو آهي“.
¨ ۽ اڄ ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سنڌ اسلم آزاد جي وڇوڙي تي صدمي ۾ چُور آهي.
¨ اسلم آزاد جي صحافتي دور جي اکين ڏٺن شاهدن کي اسلم آزاد بابت پنهنجون ساروڻيون ان احساس وچان لکڻ گهرجن ته اهو دور اسانجي جديد سنڌي صحافت جي تاريخ جو نئون دور آهي. جيڪو قلمبند ٿيڻ گهرجي.
¨  سو نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسلم آزاد پنهنجي ذات ۾ سنڌ جي تاريخ جو هڪ دور هو جيڪو پڻ تحقيق طلب آهي. ان دور ۾ سنڌين جو اُهو شعور سهيڙيل آهي جيڪو نئين سنڌ جي شعوري تعمير جو بڻ بڻياد ٿي سگهي ٿو.

اسلم آزاد
سندس وڇوڙو ڪهڙا ۽ ڪيترا سوال ڇڏي ويو آهي!
نسيم بُخاري
ناليوارو ڪمپيئر ۽ ليکڪ اسلم آزاد هاڻي زندگي ۽ جسم جي قيد کان آزاد ٿي ويو آهي. سندس عبدالله بليسنگ واري رهائشگاھ وٽ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اسلم آزاد جي مڙھ کي ٽنڊوجهانيان واري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ آرٽسٽن، اديبن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. هڪ هفتو حيدرآباد ۾ علاج هيٺ رهڻ بعد طبيعت ۾ بهتري نه اچڻ سبب آچر ڏينهن حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو، کيس مقامي اسپتال جي انتهائي نگھداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو هو. جتي ڊاڪٽرن اسلم آزاد جي پٽ مهراڻ کي ٻڌايو ته اسلم آزاد کي منتقل ڪرڻ دوران دل جو دورو پيو آهي ۽ هو ڪوما ۾ هليو ويو هو. چار ڏينهن اڳ ڪوما ۾ رهڻ دوران هڪ ڀيرو کيس ٻيهر دل جو دورو پوڻ سبب دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.
مرحوم پونيئرن ۾ هڪ پٽ ٻه ڌيئر سنڌو، سارا ۽ بيواھ نيلوفر ڀٽو سوڳوار ڇڏيا آهن. مرحوم پي ٽي وي جي مشهور ذهني آزمائش واري پروگرام ''پرک'' جي وڏي عرصي تائين ڪمپيئرنگ ڪري زبردست مشهوري ماڻي.
اسلم آزاد ۲۸ آگسٽ ۱۹۵۰ع تي حيدرآباد ۾ محمد سليمان ڪورائيءَ جي گهر ۾ اک کولي هئي. هو هڪ ئي وقت ٽي وي ڪمپيئر، صحافي، شاعر ۽ ليکڪ پڻ هو. هن شاھ لطيف جي شاعريءَ تي ''تصور کان سياسي ڪردار'' ڪتاب لکيو. ان کان سواءِ اسلم آزاد جو لکيل شعري ڪتاب ’آزاد خيالي‘ به مارڪيٽ ۾ متعارف ٿي چڪو آهي. اسلم آزاد حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ مئگزين جو ۱۹۶۷ع ۾ ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن بعد مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو. سندس پي ٽي ويءَ تي پهريون پروگرام ۱۹۸۰ع ۾ وينجهار هو، جيڪو سندس فني سفر جي ابتدا هو. ان کان سواءِ هن لطيفي لات، گهڙيال، اسٽوڊنٽس افيئرس، کٽڻهار ۽ ٻيا پروگرام ڪري ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻيا. اسلم آزاد ۱۹۸۶ع ۾ شادي ڪئي. اسلم آزاد جو پي ٽي ويءَ تان آخري پروگرام کٽڻهار ۲۰۰۵ع ۾ نشر ٿيو. جڏهن ته کيس پي ٽي ويءَ پاران ۱۹۸۷ع ۾ ايوارڊ ملي چڪو آهي. ۱۹۸۹ع ۾ گولڊن جوبلي ميڊل به ماڻي چڪو آهي.
اسلم پنهنجو تخلص آزاد رکيو هو. هن جو جهڙو تخلص هو، هو طبيعت ۾ به ائين ئي رهيو. هن ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍي. هن ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيو. ان حد تائين جو کيس پي ٽي ويءَ جي ڪمپيئرنگ دوران مختلف ڪمپنين پاران وڏيون آڇون ٿيون. کيس چيو ويو ته پنهنجي پروگرام ۾ ٽيڪنيڪل انداز سان ڪمپنيءَ جو ذڪر ڪري ۽ وڏا فائدا ماڻي پر هن ائين نه ڪيو.
مون کي ياد ٿو اچي ته ڪنهن مشهور ڪمپيئر هڪ انٽرويوءَ ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ته ڪيئن هن هڪ ٽيلر ماسٽر جو ذڪر ڪري ان جي ڪاروبار کي چار چنڊ لڳايا هئا پر اسلم آزاد دماغ جي گهٽ ۽ دل جي گهڻي ٻڌندو هو، کيس جيئن دل چوندي هئي، هو تيئن ڪندو هو. هن ڪڏهن به پنهنجي ضمير جي آواز کي هيڻو ٿيڻ ڏنو ۽ بيباڪ صحافت ڪري صحافين لاءِ اهو سنيهو ڇڏيو ته فضيلت ڀري صحافت ائين ڪبي آهي.
اسلم آزاد پنهنجي پويان ڪا مال مڏي نه ڇڏي ويو آهي، پر جيڪو ڪجھ ڇڏي ويو آهي، افسوس اهو آهي ته ان ورثي جي وارثي به سماج ۾ ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي.
اسلم آزاد سماجي تبديليءَ لاءِ صرف سوچيو ۽ لوچيو ئي نه پر پنهنجي عملي ڪردار ذريعي معاشري کي اهو به ڏيکاري ۽ سمجهائي ويو ته ماڻهپي سان مانائتي ۽ شانائتي حياتي ڪيئن گهاربي آهي. اسلم آزاد ڄاتو پئي ته سنڌ ۾ ڪردار سازيءَ وارو ڪم ڪيڏي اهميت وارو آهي ۽ عظمتي ڪردار جي ڪيڏي اڻاٺ ۽ ڏڪار آهي. ان ڪري هن سڄو ڌيان ثابت قدمي ۽ سنجيدگيءَ سان زندگيءَ کي درست دڳ تي هلائڻ تي ڏنو. هن جو شعور جيترو پڪو ۽ پختو هو، هن پنهنجي نئين ٽهيءَ کي اوترو ئي بلند پئي ڏسڻ چاهيو، پر افسوس ته اسلم آزاد جا آدرش اسان جو سماج پوري ايمانداريءَ سان نه ته قبولي سگهيو آهي نه ئي نڀائي سگهيو آهي. حقيقت اها آهي ته اڄ جي دور ۾ اهو خيال ذهن ۾ اچي ئي نه ٿو ته پنهنجي پڄاڻان ڪهڙي تاريخ رقم ڪري وڃڻي آهي.
اسلم آزاد چاهي ها ته زماني سازيءَ جي مروج ماپن ميارن کي پنهنجو ڪري نه رڳو پاڻ ٺٺ ۽ ٺانگر واري حياتي گهاري ها پر پنهنجي پونيئرن لاءِ به شاندار بنگلا، وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ تمام گهڻا ڏوڪڙ ڇڏي وڃي ها، پر هن ائين نه ڪيو. ڇو ته هو زماني جو ماڻهو نه هو. هن جو فڪر ايڏو مضبوط هو جو معاشي مفلسي، بدحالي ۽ تنگدستي ان جي ڀيٽ ۾ تمام معمولي ننڍڙي ۽ خسيس هئي. هن پنهنجي پونيئرن کي ساکائتي ۽ ثابت قدم ڪردار جي سوکڙي عطا ڪئي آهي. اها ڪيتري قدر قبوليت جو درجو ٿي حاصل ڪري، ان بابت ڪجھ به چوڻ ۽ لکڻ جي ضرورت نه آهي.
اسلم آزاد جا حوصلا بلند هوندا هئا. هن جون همٿون پهاڙن جي اوچائيءَ کان به وڏيون هيون. اهو ئي سبب آهي ته زندگيءَ جي ڪنهن به پل ۾ نه ته هو مايوس ٿيو ۽ نه ئي وري ڪنهن سان ڪائي شڪايت ڪيائين.
گذريل محرم کان هن ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. هو اٿي به نه پئي سگهيو. گهمڻ به هن جي وس کان ٻاهر هو، ويهي به نه پئي سگهيو. ٻيو ته ڇڏيو پر پاسو به نه پئي بدلائي سگهيائين. هن جي هڪ اک جي نظر صفا هلي وئي هئي، ٻئي اک جي ديد به ڏاڍي جهڪي ٿي وئي هئي. کيس پهريان حادثي آزمائش ۾ وڌو، وري فالج جي حملي هيڻو ڪيو ۽ آخر ۾ بستري تائين محدود ٿي ويو. هن اڪيلائيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ڪٽيون. هن جي دل ۽ ذهن ۾ پڪ سان خيالن جا ڀنڊار گڏ ٿيندا هوندا پر اهي خزانا هاڻ وقت جي واءُ ۾ ڪک پن ٿي ويا آهن. ڇو ته اسلم آزاد جو فاني جسم هاڻي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويو آهي.
انسان جو پنهنجي ڌڻيءَ سان ڪيترو گهرو تعلق هوندو آهي ۽ اهو ڪيتريون ۽ ڪهڙيون عبادتون ڪندو آهي، سو معاملو انسان ۽ خدا جي وچ وارو آهي، پر پاڻ ايترو ضرور چونداسين ته اسلم آزاد جيڪڏهن ريڊيو جا ۱۵ ڊراما لکيا يا اخبارن لاءِ ڪيترائي ڪالم؛ هن جي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حوالي سان ڪتاب جي ڳالھ ڪجي يا صوفي شاھ عنايت بابت اسٽيج ناٽڪ جو ذڪر، هن جا ورتل انٽرويوز هجن يا ٽي وي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ، هن جي شاعري هجي يا تقريرون، اهو سمورو ذهني پورهيو، ڪنهن به حوالي سان عبادت کان گهٽ درجو نه ٿو رکي. ڇو ته جنهن ڪرت ۾ ماڻهوءَ جو شوق شامل هوندو ۽ اهو دلچسپيءَ سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏيندو آهي ته اهو فرض جي ادائگيءَ وارو معاملو دنيا جي نظرن ۾ کڻي ڪهڙو به تعارف رکندو هجي پر حقيقت ۾ اهو عبادت هوندو آهي.
اسلم آزاد زندگيءَ جي هر پل ۾ پاڻ سان لاڳاپيل جن جن حوالن سان به ڪم ڪيو آهي، ان سان عشق ڪيو آهي. هن جي عاشقي ڏاڍي منفرد هئي، جيڪا ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو ڏانءُ ئي نه سيکاريندي آهي پر اهو به ٻڌائيندي آهي ته زندگيءَ جي گهڙ گهاٽ ۾ ڪهڙي ڌيان ۽ ڪيتري احتياط سان هلڻو پوندو آهي. جڏهن خانگي ٽي وي چينلن ۽ انٽرنيٽ جو پري پري تائين ڪو واءُ سواءُ نه هوندو هو، تڏهن پي ٽي وي ئي خلق لاءِ وڏي تفريح هوندي هئي، جنهن تي ڪمپيئرنگ سنڌ جي نوجوانن ۾ اسلم آزاد کي وڏي شهرت بخشي. هو جيئن جيئن شهرت جون بلنديون پار ڪندو ويو، تيئن تيئن پنهنجي قوم ۾ سجاڳي ۽ ساڃاھ جا نت نوان سج اڀاريندو ويو. هن ماڻهن ۾ اهو ويساھ پختو ڪيو ته جذبو وڏي ڳالھ آهي همٿ سان گهڻو ڪجھ تبديل ڪري سگهجي ٿو. اسلم آزاد سراپا اعتماد هو، ان ڪري نوجوانن، پڪن پوڙهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ جي حوالي سان پاڻ پتوڙيائين.
اسلم آزاد جي زندگيءَ جا ورق اٿلائيندي جيڪي جيڪي رخ به عيان ٿي رهيا آهن، اهي اسان کان پڇي رهيا آهن ته ان سڄي پس منظر ۾ رياست ڪٿي بيٺل آهي؟ سماج ڪهڙو ساکائتو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پڙهي لکي طبقي پنهنجي محسن کي مهانتا ڏيڻ جي حوالي سان ڪهڙو ۽ ڪيترو ٻوٽو ٻاريو آهي؟
حقيقت اها آهي ته اسان اسلم آزاد سان ادبي ۽ صحافتي پورهئي جيترو نه رڳو انصاف نه ڪري سگهيا آهيون پر ان سلسلي ۾ ڪائي وک به نه وڌائي سگهيا آهيون. اسان جي اها بيرخي ۽ بي حسي رڳو هڪ مخلص انسان سان ئي ناانصافي نه آهي پر اها خود اسان جي پنهنجي مستقبل سان به وڏي ويساهه گهاتي آهي.
هڪ پل لاءِ پنهنجو پاڻ کي اسان جيڪڏهن اسلم آزاد جي جاءِ تي رکي ڏسون، ان جي دل جي دانهن کي محسوس ڪري ڏسون، ان جي احساسن کي پنهنجين سمورين ڪيفيتن سان محسوس ڪيون ته دماغ ڌڏي سگهي ٿو، دل ۾ زلزلو اچي سگهي ٿو ۽ خود پنهنجي ئي اندر جي انسان آڏو ڪنڌ هيٺ ٿي سگهي ٿو، پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان وٽ اهڙي سنجيده ۽ وقتائتي اڳڀرائيءَ جو خيال به موجود آهي؟
هڪ هڪ ڪندا لازوال ۽ لافاني ڪردار اسان کي ڇڏيندا پيا وڃن ۽ پنهنجي پويان ڪيترائي سوال رکيو پيا وڃن. اڄ ته انهن تي ان ڪري به قلم کڄي ٿو جو انهن جو پورهيو گهڻن جي ذهنن ۽ دلين ۾ گهر ڪيو ويٺو آهي، پر جهڙيءَ ريت ڪتابي مطالعو ۽ انساني عظمت وارو تصور ۽ بي لوث خدمتن وارو جذبو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي معاشري جي محسنن سان حق ادا ڪرڻ وارو خيال ئي غائب ٿيڻ وارو آهي ته اهڙي ماحول ۾ انهن خوابن ۽ تصورن جو ڇا ٿيندو، جن کي اسلم آزاد ۽ ان جي هم عصر دوستن هٿي وٺرائي آهي.
اسان جي سماج جو الميو رڳو اهو نه آهي ته ايماندار اصول پرست ۽ پرخلوص ماڻهن کي اياڻو سمجهبو آيو آهي، پر الميو اهو آهي ته انهن کي غلط ۽ گهٽ به ڄاتو ويندو رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته اسلم آزاد جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن واري حياتيءَ تي به مٿين ڳالھ جو عمل دخل هجي، جيڪڏهن اهو ائين آهي ته ڪهڙي راءِ کي غلط قرار ڏجي، اها راءِ جيڪا روح ۾ روشني ٿي پکيڙي يا اها راءِ جيڪا روح کي رهڙي ٿي ڇڏي؟ اها راءِ جيڪا اندر جي انسان کي جيئندان ٿي بخشي يا اها راءِ جيڪا ضمير کي ماري ٿي ڇڏي؟ اها راءِ جيڪا ڪنڌ مٿي کڻي فخر سان هلڻ ٿي سيکاري يا اها راءِ جنهن ۾ ڪنڌ هيٺ ته هوندو آهي پر ماڻهو پنهنجو پاڻ سان به اکيون ملائي نه سگهندو آهي. ڪهڙي ڳالھ ٺيڪ آهي ۽ ڪهڙي غلط؟ ڪهڙو دڳ درست آهي ۽ ڪهڙي واٽ سڌي ناهي، پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن.

No comments:

راءِ ڏيندا