; سنڌي شخصيتون: جعفر ميمڻ

15 March, 2020

جعفر ميمڻ


هاڻي ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس!
ايم يونس ڏيٿو
موت ڪيڏو نه بي رحم آهي جن ماڻهن کي نه وڃڻ کپي انهن ماڻهن کي ئي موت جو خون خوار باز جھٽي ڏور ڏسائن طرف کڻي هليو ويندو آهي جتان ڪوبه ڪڏهن به واپس ناهي وريو. ڪي شخص صرف هڪ فرد جي حيثيت رکندا آهن پر ڪي شخص پنهنجي اندر ادارن جيڏي سڃاڻپ رکندڙ هوندا آهن انهن جي وڇڙڻ سان ڪيئي شهر ۽ ادارا رُلي ويندا آهن ۽ وري جن کان زمانو بيزار هوندو آهي اهي اسان جي گرد پيا گھمندا آهن، ڪي ماڻهو صرف پنهنجي خاندان تائين محدود هوندا آهن پر ڪن جي پيار جا ڪَتبا هر دل جي مٿان لڳي ويندا آهن، سائين سرڪش به ساڳي ڳالهه جو اظهار ڪندي چيو هو ته:


ڪي جو ويندا ته پَتو ڪنهن کي نه پوندو آهي،
ڪي جو وِيندا ته ڪيئي شهر رُلِي ويندا آهن.
ڪِن کان بيزار زمانو به ته ويٺا هوندا،
ڪن جي هُوندي آ ضرورت به اُٿِي ويندا آهن.
ڪن جي قبرن تي رڳو وارث هڻندا آهن ڪتبو،
ڪِن جا هر دل جي مٿان ڪَتبا لڳي ويندا آهن.
مونکي اڄ به اهي ڏينهن ۽ ميرانجھڙيون شامون ياد آهن جڏهن مان مايوسين جي ڪُن طرف ڇڪبو ويندو هوس ۽ ان ئي ڪيفيت ۾ منهنجي ملاقات ان شخص سان ٿيندي هئي جيڪو مون لاءِ ڇپر ڇانون بڻجي پوندو هو، هو مونکي مايوسين واري ان ڪُن مان هٿ کان پڪڙي ٻاهر ڪڍي ايندو هو اتساهه ڏيندو هو ۽ مونکي زندگيءَ طرف ويندڙ نين راهن جا ڏس ڏيندو هو.
هو جيڪو دوستن جي دلين ۾ جايون جوڙي وٺندو هو، سندس ٽهڪ هاڻي ڪٿان ٻڌبا، سندس اهي گفتا جڏهن ياد ٿا پون ته هن جو آواز ڪنن ۾ گونجندي محسوس ٿي رهيو آهي پر هو ته هاڻي مڻ مٽيءَ جي هيٺان دفن ٿي ويو آهي... ڇا واقعي به هو دفن ٿي ويو؟؟ هرگز نه!! اهو ته سندس جسم هو جيڪو مٽيءَ ماءُ جي حوالي ٿي ويو پر سندس ڪردار سندس روَيو ۽ سندس محبتون ڪڏهن به دفن ٿي نه ٿيون سگھن، هو ته هميشه لاءِ خاموش ٿي سمهي پيو پر سندس لکيل لفظ هميشه هميشه سندس زبان بڻجي زنده رهندا. هو جيڪو ڀاڪرن ۾ ڀري پيار ۽ پنهنجائپ مان آٿتون ڏيندو هو سو جعفر ميمڻ مان ڪٿان آڻيندس....... ها اهو شخص جعفر ميمڻ هو جيڪو تازو ئي اسان کان رُسي ويو سندس ساهه جو سڳو ٽُٽي پيو، هو اسان کي الوداعي گيت ٻڌائي ان راهه تي روانو ٿي ويو جتان اڄ تائين ڪوبه واپس ناهي وريو..
هاڻي مان ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس؟ تاڙا ملائيندس، منَ اندر جون ڳالهيون ڪندس! مان جڏھن اتر کان لاڙ جي پٽي جو سفر ڪري ڪڏھن خوش ته ڪڏھن مايوسيءَ واري ڪيفيت ۾ هن وٽ اچي پهچندو هيس ته سندس رهبريءَ جو ڀاڪر صدين جا ٿَڪ لاهي ڇڏيندو هو، جھٽ ۾ ئي مايوسين جا اوچا جبل جھڙوڪ ڪپهه بڻجي ويندا ها، مون لاءِ ايڏي آٿت بڻيل ان شخص جو وڇوڙو مون لاءِ ته جيءُ جھوريندڙ خبر آهي. هو ته منهنجا ڏک ڏور ڪندو هو ائين ئي جيئن شاهه سائين چيو ته :
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين ڪٽ اوڏا اڏي پکڙا
جعفر ميمڻ  سان ويهندي ڏکندو ڏور ٿيندو هو، هو صحافت جي دنيا ۾ هڪ غير معمولي ڪردار هو جنهن جي اندر ۾ هڪ تخليڪقار پڻ موجود هو جيڪو سدائين کانئس ڪجهه نئون ڪرائيندو رهندو هو. جعفر ميمڻ جي وڇوڙي جو درد شايد ڪاغذ ۽ قلم ذريعي بيان ٿي نه سگھي پر ساڻس گھاريل پل جڏهن ياد ڪجن ٿا ته ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي ڳڙي پون ٿا. هاڻي سندس وڇوڙي پڄاڻان سندس سارون آهن سڏڪا آهن ... سمورو جهان به ڏسجي ته به اها سڪ ته نه لهندي جيڪا پنهنجي پرينءَ جھڙن ماڻهن کي پسي لهندي آهي :
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا
ڳلن تان ڳوڙھن جون بوندون بس نه ڪن
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي۔


جعفر ميمڻ به وڇڙي ويو
ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!!
(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار، ۹ مارچ ۲۰۲۰ع تان کنيل)
جديد سنڌي صحافت، ادب ۽ ٻولي کي اهم لاڙا ڏيندڙ حق ۽ سچ جو آواز بلندڙ ڪندڙ، وڏيرا شاهي کي پنهنجي قلم جي ذريعي للڪاريندڙ، سنڌي صحافت کي پنهنجي جواني جون بهارون ارپيندڙ جعفر ميمڻ هاڻي اسان وٽ ناهي رهيو پر سندس قلم پورهيو ايترو ته آهي جو مان چئي سگهندس ته جعفر تون امر رهندي!
جعفر ميمڻ سنڌ جي ادب کي اهي تخليقون ارپيون آهن جيڪي پئي پراڻيون نه ٿينديون، جن لاءِ لطيف چيو ته :
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو م ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
سا ڪا هڙ هلاءِ، جا آڳهه هجين ابهين. (شاهه)
جعفر به اهڙن ئي ڪردار مان هو جيڪي ڪردار سدائين پنهنجي ڌرتي ماتا جي بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي فرض نڀائيندا آهن هنن لاءِ قوم جي خدمت ڪرڻ ئي عبادت آهي ۽ ساڻيهه کي سجدو ئي سڀ ڪجهه آهي، اي سنڌ جي ڌرتي شاهد رهجان ، تنهنجي ارڏي پٽ جعفر ميمڻ اذيتن کي منهن ڏنو ، چئليجن جي آڏو مهاڏو اٽڪايو پر هي ڪڏهن به ڪنهن آمر جي آڏو نه جهڪيو.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندڙ جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ سائين داد ميمڻ جي گهر ۳ سيپٽمبر ۱۹۶۶ع ۾ جنم ورتو. هو پرائمري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ ئي پڙهيو ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.
جعفر ميمڻ کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هيو، هن ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ٻارڙن جو سنڌ رنگ ڊائجسٽ به ڪڍيو هو جيڪو ٻارڙن جو مشهور رسالو هيو. ان وقت ۾ ارچڪ مرچڪ، گلڙا، گلستان سوڌو کوڙ رسالا نڪرندا هئا پر جعفر جي ٻاراڻي ادب ڏانهن لاڙو سچ ته وڏن اديبن کي به لکڻ تي مجبور ڪيو هو.جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني اڳواڻ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو ۽ صحافت کي پنهنجي جواني جون بهارون هن ائين ارپيون جئين ڪو عاشق پنهنجي محبوبا کي وقت ڏيندو آهي جعفر به اهڙو ئي محنتي ۽ باڪردار صحافي رهيو سندس لاڏاڻي تي ڏاڏو ڏک پهتو آهي سچ ته اکين جا بند ڀڄي پيا
اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان. (اياز).
صحافت جي سفر ۾ جعفر ميمڻ سنڌ جي روزاني اخبار سنڌ سجاڳ ۾ به سب ايڊيٽر طور ۳ سال ڪم ڪيو، انهيءَ دوران هو روزاني سرواڻ ۾ به ڪم ڪندو رهيو. ڪاوش گروپ طرفان ماهوار سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۽ هالار جي ايڊيٽر طور خدمتون ڏنائين ٻنهي ڊائجسٽن جو هو ۱۹۹۲ع تائين ايڊيٽر رهيو . هي اهي ڊائجسٽ هئا جيڪي جڏهن نڪرندا هئا ته پڙهندڙن کي ايڏو ته انتظار هوندو هو جو هو ان اوسيئڙي ۾ هاڪر کان وڃي پڇندا هئا ته ڇا سنڌ رنگ ڊائجسٽ اڃا ناهي پهتو؟ سچ ته هاڻي اردو ۾ کوڙ اهڙا ڊائجسٽ ڏسون ٿا پر سنڌي ۾ اهي ڊائجسٽ ۽ ٻولي جي خدمت جيڪڏهن ڪنهن ڪئي ته اهو جعفر ميمڻ ئي هو. جعفر صاحب سان منهنجي ڪا به ويجهڙائپ نه رهي پر آئون هن همياليا جهڙي قد رکندڙ شخص جي ليکڻين جو مداح رهيو آهيان. جڏهن ان نوجوانن جو گيت جيڪو سڄو انقلاب تي لکيل آهي ترجمو ڪيو ته سندس چواڻي ته ڪيترائي مهينا هو گهر ۾ بند رهيو ۽ ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جعفر خوشي محسوس ڪئي ته هن پنهنجو هڪ قرض سنڌ جي نوجوانن جو لاٿو آهي.جعفر ميمڻ روزاني خادم وطن ۽ تعمير سنڌ جو نيوز ايڊيٽر به رهيو ۽ ۲۰۰۴ع کان وٺي روزاني سنڌ جو ايڊيٽر طور ذميواريون نڀايون.
هن سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ ايڊيٽر طور جيڪي نمبر ڪڍيا سچ ته انهن وقت جي وڏيرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ته حويلي نمبر، پوليس نمبر، ڌاڙيل نمبر، عورت نمبر جون ڪاپيون هاڪر وٽ ايندي ئي وڪرو ٿي وينديون هيون جو پڙهندڙ ٻيهر فرمائش ڪري ڪاپيون گهرائيندا هئا. هن نوجوان وڏيرن، پيرن، ميرن سان ٽڪر کاڌو هو، جعفر جي دور ۾ تعمير سنڌ اخبار به پنهنجي عروج تي هوندي هئي ته حويلي نمبر، پوليس نمبر، ڌاڙيل نمبر، عورت نمبر ڪيترائي ڀيرا ڇاپيا ويا ان وقت ۾ ڇا سنڌ جي وڏيرن، پيرن، ملن، جاگيردارن هن نوجوان کي ڌمڪيون نه ڏنيون هونديون کوڙ ڀيرا ڌمڪيون ڏنيون ويون سندس گهر تي حملا ڪيا ويا پر اڪثر هو ائين ئي چوندو رهيو ته اي نه مارن ريت جو سيڻ مٽائن سون تي.
جعفر ميمڻ مير مرتضيٰ جو جڏهن نمبر ڪڍيو هو ، هڪڙو هو مرتضيٰ ، ڇا ته ان جي ايڊيٽنگ ڪيائين ، ان ۾ مير مرتضيٰ کان ورتل انٽرويو جڏهن ڇپيو هو ته اهي ڪاپيون نه فقط سنڌ پر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين گهرائي ورتيون ۽ جعفر ميمڻ کي داد ڏنو.
سندس اوچتي وڇوڙي سڀني جو جيءُ جهوري وڌو اسين جعفرميمڻ جي وارثن سان گڏ سنڌ جيجل سان جعفر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا، جنهن محبتي مٽي سان هن جو لڳاءَ هو، هن سنڌ جي ڌرتي لاءِ قلمي پورهيو ڪيو هو ادب، صحافت ۾ ڪيل خدمتون هميشه ئي ياد رهنديون.

No comments:

راءِ ڏيندا