; سنڌي شخصيتون: جعفر ميمڻ، ايم يونس ڏيٿو،
Showing posts with label جعفر ميمڻ، ايم يونس ڏيٿو،. Show all posts
Showing posts with label جعفر ميمڻ، ايم يونس ڏيٿو،. Show all posts

15 March, 2020

جعفر ميمڻ


هاڻي ڪنهن سان ٽهڪ ڏيندس!
ايم يونس ڏيٿو
موت ڪيڏو نه بي رحم آهي جن ماڻهن کي نه وڃڻ کپي انهن ماڻهن کي ئي موت جو خون خوار باز جھٽي ڏور ڏسائن طرف کڻي هليو ويندو آهي جتان ڪوبه ڪڏهن به واپس ناهي وريو. ڪي شخص صرف هڪ فرد جي حيثيت رکندا آهن پر ڪي شخص پنهنجي اندر ادارن جيڏي سڃاڻپ رکندڙ هوندا آهن انهن جي وڇڙڻ سان ڪيئي شهر ۽ ادارا رُلي ويندا آهن ۽ وري جن کان زمانو بيزار هوندو آهي اهي اسان جي گرد پيا گھمندا آهن، ڪي ماڻهو صرف پنهنجي خاندان تائين محدود هوندا آهن پر ڪن جي پيار جا ڪَتبا هر دل جي مٿان لڳي ويندا آهن، سائين سرڪش به ساڳي ڳالهه جو اظهار ڪندي چيو هو ته: