; سنڌي شخصيتون: شيرين فيروز نانا

14 March, 2020

شيرين فيروز نانا


شيرين فيروز نانا
ياد ۾ مھڪندڙ ھڪ گلاب ھستي
نصير مرزا
گفتار ۾ هوءَ ڇا ته بُلبل هزار داستان پر شرط ته جنهن سان ڳالهائڻ پسند ڪري ۽ ڇا ته پُرڪشش خاتون، سڀاءُ چانڊوڪي رات مثل، ٿڌو ۽ شفاف. هلڪي ڦُلڪي، وار ڪجهه اڇا، ڪجهه برائون. ڪنن ۾ چانديءَ جا پنڙا، ڀرت ڀريل پهراڻ ۽ هيٺان سوسيءَ جو غرارو. جي ها! آئون پنهنجي سئوٽ ۽ ’سنڌي ڀرت‘ ڪتاب جي مايا ناز مصنفه ۽ دلفريب شخصيت مسز شيرين فيروز نانا جو ذڪر پيو ڪريان. ڪيڏو نه شدت سان اڄ ياد اچڻ شروع ٿي وئي اٿم. قلم پُڇي پيو، ڪٿي آهي اها شيرين فيروز نانا!؟ شايد ڪٿي به نه، زمين اندر سنگ لحد تي لکيل سُڪي ويل پنکڙيءَ جي خوشبوءِ ۾ منتقل ۽ فقط مٽي، جيڪا هاڻي صرف منهنجي تصور ۾ تر و تازه ۽ خيالن ۾ ئي مهڪندڙ. هي آئون پنهنجي مرزا خاندان جو ڪيڏو نه خوش نصيب پر ناچيز قلمڪار، جنهن جون سينيئر، جونيئر ۽ همعصر لاتعداد سئوٽيون ۽ اهي به هڪ کان هڪ. افسوس انهن مان جنهن کي گهڻو مون چاهيو، نه ملي. اهڙين ۾ مسز شيرين فيروز نانا به ۽ اها ته منهنجي فيورٽ ترين بزرگ ڪزن ۽ جيڪا ساري مرزا خاندان جي لاءِ ”ادي بيبي“ ۽ منهنجي لاءِ پڻ. منهنجا چاچا به ته لاتعداد ۽ جيڪي بابا ناصر علي مرزا جا فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪزن پيا سڏبا هئا. هتي بس اختصار سان عرض ته مسز فيروز نانا، يعني ادي بيبيءَ جي والد صاحب جو نالو هو پرنس، چارمنگ بار ايٽ لا، بئريسٽر ۽ جديد سنڌي افساني جو باني، نادر بيگ مرزا. هاڻي هتي لکڻ ۾ هي به ڇا حرج ته، نادر بيگ منهنجي بابا جي سڳي مامي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو سڀ کان وڏو فرزند هو ۽ نادر بيگ جي وڏي مامي جو وري نالو هو شيخ محمد يعقوب، وزيراعظم خيرپور اسٽيٽ. مزاجن ماڊرن ۽ انگريز ئي ته لڳندو هو هي نادر بيگ. ان ڪري هو به مون ئي وانگر پنهنجي هڪڙي سڳيءَ ڪزن مس گريس سان آرپار عشق ۾ مبتلا ٿي ويو هو. خاندان سندس عشق جي گهڻي مخالفت ڪئي ته همٿ ڪري ڪزن گريس کي آڌيءَ رات جو ڪار تي لڪ چوريءَ ۾ سوار ڪرائي، ڪراچي پهچي ڪورٽ مئرج ڪري، پنهنجي پيار کي پائي ورتائين. ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان جي اها پهرئين لو ميرج يعني ڪورٽ ميرج هئي. پوءِ نادر بيگ خيرپور اسٽيٽ جو مئجسٽريٽ هو، جو ۱۰هين سيپٽمبر ۱۹۱۵ع تي ادي بيبي دنيا ۾ آئي. گلاب گُل جي پنکڙيءَ مثل ننڍڙي ڌيءَ کي نادر بيگ پنهنجي عظيم بابا جي هنج ۾ ڏنو ته پاڻ بانگ ڏيئي سندس نالو تجويز ڪيو ”شيرين“، جنهن جي ولادت کان ٿورو اڳ ڪراچيءَ ۾ قليچ بيگ کي جيڪو ڏوهٽو ڄاڻو هو، پاڻ ان تي فرهاد نالو رکيو هو. نادر بيگ جي ڌيءَ تي اهو شيرين نالو رکندي قليچ صاحب ڇا سوچيو هوندو ته وڏي ٿيڻ بعد شيرين ۽ فرهاد کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏبو. افسوس مالڪ کي شايد اهو منظور نه ٿيو ۽ ”شيرين“ بلا آخر مسز جسٽس فيروز نانا بڻجي وئي. ڇا اها به ڪا لَوِ ميرج؟ ۽ اهو قصو به دلچسپ ۽ اڳيان ايندو پر آگاهه رهجي ته مسز شيرين ۽ فيروز نانا جي هنج ۾ جيڪا پهرئين نياڻي آئي، اها به سنڌ جي ڇا ته ڄاتل سُڃاتل دلير نياڻي ۽ تعليمدان، جيڪا ريڊيو پاڪستان جي پهرئين انگريزي نيوز ڪاسٽر ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جو بنياد وجهندڙ ميڊم انيتا غلام علي طور ڄاتي سڃاتي وئي. ادي بيبي پٽيل ڪورٽ ڪراچي، نزد ڪلفٽن پنهنجي شاندار ڪاٽيج ۾ رهندي هئي ۽ جنهن جي دروازي تي لکيل هوندو هو ”جسٽس فيروز نانا لاج“. پنهنجي زماني جو هو ڇا ته باذوق ۽ آرٽسٽڪ سڀاءُ انسان سڏبو هو، جنهن جي پسند هو وڪٽورين اسٽائل جو اولڊي گولڊي فرنيچر، ديوار تي پنڊوليم وارو وڏو شاهي گهڙيال ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم چترڪارن عبدالرحمان چغتائي، صادقين ۽ بنگالي مصور زين العابدين جون اوريجنل پئنٽنگس. هاڻي اهڙي گهر ”راڪي چيئر“ تي ڪنهن مها راڻيءَ وانگر لُڏندڙ ۽ نٽنگ ۾ مشغول منهنجي هيءَ دنيا جي اٺين عجوبي مثل سئوٽ مسز فيروز نانا، جيڪا هر وقت پرفيومڊ رهندي هئي. سنڌي ڀرت جي ۽ آر جي ڪم جي ڇا ته ماهر، جنهن جي ڪريڊٽ تي بين الاقوامي شهرت يافته ڪتاب ”سنڌي ايمبرائيڊري“ آمريڪن ايمبيسڊر جي زال کي سنڌ جي ثقافت ۽ حاويلين ۾ رهندڙ پرده دار خاندانن جي احوالن بابت لکيل خطن جو شاندار ڪتاب ”ليٽرز ٽو دي ايملي“.... علاوه ازين قليچ بيگ صاحب جي پهرئين سياحت نامي ”ڏاڙهياري جبل جو سير“ ڪتاب کي به ته مسز فيروز نانا انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. پنهنجي ڏيک ويک ۾ وڻندڙ ساروپن ۽ روشن اکين سان هوءَ ڪا يورپين خاتون ئي پئي ڏيکائي ڏيندي هئي. جواني ۾ فيروز نانا سان کيس هڪ تصوير ۾ ڏٺم ته يڪدم ئي مونکي ”بلئڪ اينڊ وائٽ“ وارو محاور ذهن ۾ آيو. حيرت جو اظهار ڪيم ته ادي بيبي، بي اختيار ٽهڪ ڏيئي ڄڻ جلترنگ ئي نه، ذهن ۾ ڪئين شڪ شبها به ڇيڙي ڇڏيا. ٻُڌائڻ لڳي، ”فيروز ۽ ان جو ڏاڏو غلام علي نانا دراصل شڪارپور جي ’شيدڪي کوهيءَ‘ جا رهواسي هئا. علائقي جي ان نالي مان توهان هنن جي اصل نسل جو پاڻ اندازو لڳايو. فيروز برلئنٽ نوجوان هو. بابا نادر بيگ جي وڪالت واري جيڪا ڪمپني هئي، هو ان جو ذهين ترين لاير هو. مونکي وڻيو، جنهن سبب هن سان منهنجي انڊر اسٽينڊنگ ٿي. بابا نادر روشن خيال هو پر پوءِ ڏاڏا قليچ ۽ مرزا خاندان سان صلاح ڪيائين. سڀني يڪ راءِ ۽ مخالفت ڪئي. چيائون، اسين اڇا ۽ اعليٰ نسل پر نانا خاندان اهڙو ۽ اهڙو، مطلب ته رشتو نامنظور.“ پڇيم، پوءِ ڇا ٿيو؟ وراڻيائين، ”اهو ئي، جيڪو مون چاهيو. شادي ڪراچيءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ نه قليچ بيگ شرڪت ڪئي ۽ نه ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان.“


قليچ صاحب جي وفات وقت نادر بيگ نوشهرو فيروز جو مئجسٽريٽ هو، تڏهن ان سرڪاري عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ترت صدر حيدرآباد ۾، هاڻي جتي ڪاڇيلو ۽ ڀرڳڙي هائوسز آهن، اتي هن وڪالت شروع ڪئي.  ٻئي پاسي شڪارپور مان نڪرندڙ رسالي ”سنڌو“ ۾ نادر بيگ مرزا جا جديد سنڌي افسانا ”موهني“، ”موهني جي دل جو داغ“، ”موهني جي ڊائري“، ”موهنيءَ جي ڀُل“، ”مس ماڊلين“، ”سچي محبت“. پر هيءَ موهني ڪير!؟ هڪ ڀيري ادي بيبيءَ ٻڌايو ته هن ان موهنيءَ کي اکين سان ڏٺو. نازڪ نفيس، شاندار ساڙهيءَ سان، اها ناليواري هندو نائڪا هيرآباد حيدرآباد جي عامل ڪالونيءَ جي ڪنيا هئي ۽ نادر بيگ مرزا جي ”پريمڪا“. افسوس نادر بيگ اڃا پُورن پنجاهه ورهين جو به نه ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ اوچتو پنهنجي گارڊن ايسٽ واري بنگلي اندر مختصر علالت سبب انتقال ڪري ويو. پوءِ وصيت مطابق کيس اباڻي ”بلند شاهه واري“ قبرستان ۾ عين مرزا قليچ بيگ جي پيرانديءَ کان سپرد خاڪ ڪيو ويو.
ڪنهن وقت ادي بيبي، جيڪا نه فقط پنهنجي اپيئرنس ۾ پر خيالن ۾ به هڪڙي انگريز خاتون. پڇيو هومانس، ”توهان ڀلا ڇا!؟ شيعه، سني، پارسي، عيسائي....“ ته کلي چيائين، ”آئون لاهوت لامڪان“. ۽ ادي بيبي جيڪا ان وقت اسي ورهين جي لڳ ڀڳ هئي، پڇيو هومانس، ”وصال بعد توهين انهن هستين سان وڃي گڏجڻ چاهيو ٿا؟“ چوڻ لڳي، ”هو ته ويا ماضيءَ ۾. ڏاڏا قليچ بيگ، بابا نادر بيگ، امان گريس فاطمه، جسٽس فيروز ۽ سڀني جا روح ويا الائي ته ڪيڏانهن؟ شايد عالم ارواح ۾...“ پوءِ ڪجهه سوچي چوڻ لڳي، ”تون پڇين ٿو ته مرڻ کانپوءِ ڇا آئون به انهن سان وڃي گڏجڻ چاهيان ٿي؟ ۽ ان جي جواب ۾ چوان ٿي ته ڪهڙو ٿو فرق پوي هنن کي ته آئون هنن سان وڃي گڏبيس!“ پوءِ پنهنجي انهيءَ عجائب گهر نما ڪمري جي ڇت ڏانهن نهاري چوڻ لڳي، ”خدا ڄاڻي هنن عظيم انسانن جا نيڪ روح ڪٿي آهن به يا.... الائي....“
ياد اٿم ادي بيبي جي وصال کان ٿورا ئي ڏينهن اڳ علالت وقت ادي انيتا غلام علي جي گهر عيادت لاءِ وٽس ويو هوس ته ٻه مزيدار ڳالهيون ڪيائين، ”مرڻ بعد قبر ۾ منڪر نڪير پُڇاڻي لاءِ آيا ته انهن سان آئون ته بغير ڏاڏا قليچ بيگ واري تز حيدرآبادي سنڌي ئي ڳالهائينديس. پوءِ هو سمجهن يا نه سمجهن، جواب کين سنڌيءَ ۾ ئي پئي ڏينديس...“ ۽ پوءِ چوڻ لڳي، ”بابا وانگر مونکي به اباڻي قبرستان ”بلند شاهه“ ۾ دفن ڪجو ۽ ڏس نصير، توکي وصيت ٿي ڪريان ته قبر ۾ لاهڻ وقت ٻيو ڪجهه به نه، شاهه لطيف جا بيت ضرور پڙهجان.“ الاس! اها ۳ جنوري هئي ۽ سال ۱۹۹۶ع. ادي بيبي منهنجي هن عظيم سئوٽ مسز شيرين جسٽس فيروز نانا کي تربت ۾ لاهي سندس بي پناهه خوبصورت چهري تي پوئين نگاهه وجهي آلين اکين ۽ ڏڪندڙ چپن سان چيم پئي،
پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻهي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.



شيرين فيروز نانا
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري اديب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پوٽي ۽ نادر بيگ مرزا جي ڌيءَ شيرين فيروز جو جنم، ۱۰ سيپٽمبر ۱۹۱۵ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ سندس ٻانگ جو نالو ‘شيرين بيگم’ تجويز ڪيو. جڏهن ته پيار مان کيس ‘بيبي’ ۽ پوءِ ‘ادي بيبي’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن، جنهن ماحول ۾ پرورش پاتي، ان ۾ کيس، هڪ پاسي وڪٽوريئن دور، ٻئي پاسي مالي آسودگي، گهر ۾ سنڌي انگريزي ۽ فارسي ٻولين سان واهپو ۽ جديد طرزِ زندگي حاصل رهي. هن درسي تعليم ڪنهن اسڪول يا مڪتب مان حاصل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پيءُ نادر بيگ مرزا ۽ پنهنجي مڙس فيروز نانا کان ورتي. تعليم کان علاوه اعليٰ قسم جي هٿ جي هنر جي سکيا کيس ماءُ، پڦين ۽ ماسين کان ورثي ۾ ملي. کيس روايتي زيورن ۽ ڪتابن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي ۽ ٻين ٻولين سکڻ جو پڻ شوق هوس، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين سان کيس اڳواٽ واقفيت هئي، پر فرينچ، اطالوي، جرمن ۽ ترڪي ٻوليون هن پنهنجي شوق سان سکيون. ان کان سواءِ پنهنجي جارجين ڏاڏن پڙڏاڏن جي روسي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي به نهايت دلچسپيءَ سان مشق ڪيائين.هن کي جتي سهڻو ۽ سيبتو انگريزي نثر لکڻ تي دسترس حاصل هئي، اتي هن جي ٺاهيل هٿ جي هنر ۽ ڀرت جو به ڪو جواب نه هو. ان جو ثبوت سندس لکيل ڪتاب ‘سنڌي ايمبرائڊري’ آهي، جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرايل آهي.
سندس شادي ۱۹۳۳ع ڌاري سنڌ جي مشهور شخصيت ۽ تعليمدان غلام علي نانا جي فرزند جسٽس فيروز نانا سان ٿي، جنهن بعد مڙس جي نسبت سان شيرين فيروز نانا سڏائڻ لڳي. سندس مڙس واندڪائي واري وقت ۾ سنڌ جي مشاهيرن، تهذيب ۽ آرڪائيوز جو مطالعو ڪندو هو ته پاڻ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ رهندڙ سگهڙ عورتن سان روايتي انداز واريون محفلون سجائڻ ۾ مشغول رهندي هئي. سندس مڙس سول جج جي عهدي تان ترقي ڪندي سيشن جج، جسٽس ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه جي حيثيت ۾ اهم عهدا ماڻيا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏنائين. جنهن سبب شيرين فيروز نانا ڳوٺاڻي زندگي ۽ عورتن سان وڌ ۾ وڌ منسلڪ ٿيندي وئي.
سندس ٻيو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ‘ليٽرس ٽو ايملي’ پڻ شايع ٿيل آهي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن ليکڪا جي وفات ۳ جنوري ۱۹۹۶ع تي، ۸۰ سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي، کيس، سندس آخري وصيت موجب بلند شاهه قبرستان، ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس نياڻي پروفيسر انيتا غلام علي گهڻو وقت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سربراهه رهي، تازو وفات ڪري وئي آهي.

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا