; سنڌي شخصيتون: سيد علي مردان شاهه

15 March, 2020

سيد علي مردان شاهه


سيد علي مردان شاهه
سچو ۽ مخلص سياستدان
حاجي گل حسن آريسر
ملڪي تاريخ ۾ ھر فڪر جا ڏاها ماڻهو آيا ۽ هن دنيا جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ھليا ويا پر انهن جي ڪردارن جون يادون اڄ به زندا آهن، اھڙي طرح ڏسبو ته ھر شعبي ۾ ڪو نه ڪو مرد مجاھد يا نه جھڪڻ وارو ماڻهو پيدا ٿيو ھوندو، شاعري کان وٺي ادب دانشوري کان ويندي سماجي عوامي خدمتن جي شعبي کان علاوه سياست، جيڪا خصوصي طرح ھن ملڪ ۾ مختلف رُخن سان ڪئي ويندي آهي، ڪي ماڻهو ان کي پاڻ لاءِ ڪندا آهن ته ڪن جو مقصد پنهنجي ذات به وساري صرف ۽ صرف عوام جي ڀلائي لاءِ سياست ڪندا آهن، ان ڪري سياست جو شعبو سڀني کان اتم ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ وارو شعبو به سڏبو آهي.


ملڪي سياست ۾ اھڙا سياستدان به پيدا ٿيا آهن جيڪي عوامي خدمتن جي ڪري پنهنجو نالو ھميشه لاءِ روشن ۽ امر ڪري ويا، ساڳي ريت اھڙا به سياستدان ايندا آهن جن جي ڪردار سبب ھُو ھميشه جي لاءِ عوام جي اڳيان داغدار ٿي ويندا آهن، پر خوددار، بھادر، اصول پرست ۽ ھر ماڻھو جي وڏي سڃاڻپ رکندڙ سياستدان تمام ٿورڙا ھوندا آهن، جن کي خوشي تڏهن نصيب ٿيندي آهي، جڏهن ان جي علائقي جي عوام جو مٿس اعتماد هجي ۽ عوام خوش ھجي، اھڙن سياستدانن ۾ ھن قديم تاريخي ۽ سنڌ جي شھر امراڻي جنهن جو پورو نالو عمرڪوٽ آهي، ان جي ڳوٺ کارڙو سيد ۾ ۱۹۵۷ ڌاري سيد حاجي ميان شاھ جي گھر ۾ جنم وٺندڙ سيد علي مردان شاھ به آهي، سندس ابتدائي تعليم عمرڪوٽ جي ھاءِ اسڪولن ۽ ميٽرڪ کانپوءِ بي اي تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي زمينداري ڌنڌي ۾ محو ٿي ويو، زمينداري کي انتھائي بھتر ۽ فارم بنائڻ کان پوءِ سيد علي مردان شاهه ان وقت سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد مظفر حسين شاھ جي پارٽي مسلم ليگ ۾ ھو ۽ مک ورڪر طور ڪم ڪيو. اتان ئي کيس سياست جو شوق پيدا ٿيو ۽ ۱۹۸۵ع ڌاري پھريون سندس رخ سياست جي طرف ٿي ويو ۽ مظفر شاھ جي پارٽي ڇڏي ۽ کيس ھن حلقي مان سنڌ اسيمبلي جي اليڪشن وڙھڻ جون تياريون شروع ڪيون. ان وقت جي وزيراعليٰ مرحوم ڄام صادق علي جي نادر شاهي حڪمن سان علي مردان شاھ کي ساٿين سميت گرفتار ڪري سنجھوري، شھدادپور، جھول، ميرپورخاص ۽ شاھپورچاڪر جي مختلف ھنڌن تي قيدي بنائي رکيو ويو، مٿس سختيون ڪيون ويون. راقم پاڻ انهن شهرن ڏانهن ويو، جتي علي مردان شاھ کي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي. قيد دوران سيد علي مردان شاھ جو بلند حوصلو ڏسي حيران ٿيس، علي مردان شاھ چوندو هو ته مون کي سياست ۽ پيپلزپارٽي  ۾ شموليت جي سزا ڏني پئي وڃي پر منهنجي ارادي ۽ منهنجي فيصلي ۾ ڪا به لچڪ نه ايندي.
سيد علي مردان شاهه ۱۹۸۸ع کان ۲۰۱۸ع تائين ۶ ڀيرا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ۲ دفعا سنڌ ڪابينا جو ميمبر رھيو، چونڊن ۾ ٻه ڀيرا سنڌ جي اڳوڻن وڏن وزيرن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ سيد مظفر حسين شاھ کي ھارايو، آخري دم تائين پيپلزپارٽي ضلعي عمرڪوٽ جو صدر رھندو آيو، هو پيپلزپارٽي سان سچو ھو ۽ ۴۰ سالن جي سياست ۾ پيپلزپارٽي کان علاوه ٻي ڪنهن جماعت سان وابسته نه رهيو. مرحوم شاھ صاحب اصول پرست ۽ دٻدٻي وارو سياستدان ھو، علي مردان شاھ جو جتي نالو مخالفن جي اڳيان ايندو ھو ته هو به تسليم ڪندي چوندا ھئا ته ھي نه مڙڻ وارو سياستدان آهي، وڏي دٻدٻي سان شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي دليري سان چونڊن ۾ لهندو هو ۽ ان ساڳي دٻدٻي سان سندس رهائشگاهه تي عوام جو ميلو متل هوندو هو، پر اڄ امراڻو ۽ موراڻو سندس لاڏاڻي تي سوڳوار آهن. عمرڪوٽ ۽ ضلعي جي سمورن شھرن ۾ سندس وڇوڙي تي سوڳ ڇانيل آهي. سيد علي مردان شاھ نه ڀڄڻ وارو، نه مڙڻ وارو ۽ نه جھڪڻ وارو سياستدان ھو، جنهن کي امراڻو صدين تائين ياد رکندو. سيد علي مردان شاھ جي لاڏاڻي تي جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اھو صدين ۾ ڀرجي نه سگھندو ۽ ھن ضلعي ۾ جيڪو پيپلزپارٽي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، ان جو اندازو ڪرڻ تمام مشڪل آهي، شل پونئيرن کي رب سائين صبر ۽ توفيق ڏي ۽ اها طاقت ڏي ته ھو به مرحوم جي نقش قدم تي پورا لھن.

امراڻي جي ”شاهه“ علي مردان شاهه جو وڇوڙو!
مير نادر علي ابڙو
امراڻي پٽ جو نالي وارو سياستدان سيد علي مردان شاهه دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي بعد امراڻي جي سياست شانت بڻيل نظر پئي اچي. هر پاسي سوڳ ۽ مايوسيءَ وارو ماحول ڏسجڻ ۾ اچي ٿو. سيد علي مردان شاهه جو سياسي ميدان ۾ تمام وڏو نالو رهيو آهي ۽ عمرڪوٽ ضلعي لاءِ سندس تمام وڏيون خدمتون آهن، جن کي هتان جا ماڻهو انتهائي اهميت ڀري نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ سندن شخصيت جا متوالا آهن. انهن جي عشق جو اندازو اسان انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا ته جڏهن سندن لاڏاڻي جي خبر عمرڪوٽ ۾ هلي ته سموري ضلعي جا شهر سوڳ ۾ ٻن ڏينهن تائين بند رهيا ۽ ماڻهو پنهنجي رهنما جي لاڏاڻي تي تمام گهڻا ڏکويل نظر آيا.
سيد علي مردان شاهه جي لاڏاڻي واري خبر مونکي حيدرآباد ۾ پئي ته آئون به ڪجهه پلن لاءِ پريشان ٿي ويس. ساڻس منهنجي نيازمندي ۽ واسطو اُن وقت جو آهي جڏهن آئون سن ۲۰۰۱ع ۾ عمرڪوٽ جو سرڪل آفيسر هيس ته انهيءَ وقت اڪثر منهنجو سائينءَ جي ڳوٺ کاروڙو سيد اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جتي سندس ڀاءُ سيد نور علي شاهه ۽ صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان اڪثر منهنجون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ مونکي ياد آهي ته سائين علي مردان شاهه منهنجي دعوت پڻ ڪئي هئي ۽ مونکي چيو هو ته نادر توهان خانداني ماڻهو ۽ سنڌ جي نالي واري اديب سماج سڌارڪ، جج ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا فرزند آهيو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جون سنڌ لاءِ تمام وڏيون قربانيون هيون. سائين علي مردان شاهه جون اڄ اهي ڳالهيون مونکي ياد پون ٿيون، جيڪي هاڻ ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪيون آهن.
سندن سياسي قد ڪاٺ عمرڪوٽ جي سياسي مانڊاڻ ۾ جيڪر جانچجي ته تمام گهڻو مٿڀرو نظر ايندو. جتي سندس بيشمار خدمتون رهيون آهن، اتي پاڻ زنده دليءَ جو پڻ هڪ مثال بڻيل رهيو. اڪثر جڏهن هو ڪنهن جلسي ۾ تاڙين جي گونج ۾ تقرير ڪرڻ لاءِ ايندو هو ته گهڻي ڀاڱي شروعاتي لفظ اهي هوندا هئا ته عزت ۽ ذلت خدا جي هٿ ۾ آهي، زندگي ۽ موت خدا جي هٿ ۾ آهي. اهي لفظ ڪالهه وانگي مونکي اڄ به ياد آهن، جيڪي اڪثر سياسي تقريرن ۾ سائين چوندو رهندو هو. سياسي ڪردار جي ڪري چڱا ڀلا ماڻهو به سندس متوالا هئا. دلي پاور ۽ جنهن دٻ دٻي سان ڳالهائيندو هو، جيڪي لفظ سندس زبان مان نڪرندا هئا، سي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ سامهون بيٺل ماڻهوءَ جي زبان تي تالو لڳي ويندو هو. سيد علي مردان شاهه توڻي جو اڄ ناهي رهيو پر سندس يادون ۽ خيال اسان وٽ باقي آهن. پاڻ عمرڪوٽ مان شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سياست جي شروعات ڪئي، جڏهن عمرڪوٽ مٺي ضلعو نه هئا، بلڪه انهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو، جنهن کي ٿرپارڪر چيو ويندو هو ۽ هيڊ ڪوارٽر هو ۽ اُن وقت ٿرپارڪر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو، جنهن جي ضلعي ڪائونسل ميمبري کان سيد علي مردان شاهه پنهنجي سياست جي شروعات ڪئي هُئي. ڇهه ڀيرا عمرڪوٽ جو ايم پي اي رهڻ سان گڏ ٽي ڀيرا صوبائي وزير پڻ رهيو ۽ جڏهن به پاڻ حڪومت ۾ آيو ته اڻ ڳڻيا عمرڪوٽ ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ ڪيترن ئي پڙهيل لکيل بيروزگارن کي نوڪريون ڏياريون، جنهن جا چوٻول اڄ سوڌو ٻڌجڻ ۾ اچن ٿا. پاڻ زندگي سادگيءَ سان گذاريائون. زراعت سان تمام وڏو لڳاءُ هئن، چوپائي مال جو به کين شوقين رهيو. اعليٰ نسل جو مال ڌاريندو هو ۽ ان سان گڏ پاڻ سماجي کيتر ۾ به اڳڀرو نظر آيو. هر سال پنهنجي ڳوٺ آهوري ۾ اکين جي مفت ڪئمپ لڳرائيندو هو، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر گهرائي اُتان جي غريب ماڻهن کي اکين جي حوالي سان سهولتون فراهم ڪندو هو. اسپورٽس جي حوالي سان به سندن وڏو ڪم هو. اڪثر راندين جي واڌ ويجهه واري ڪم ۾ عمل پيرا رهيو. مطلب ته هر لحاظ کان سندس ڪردار مٿڀرو نظر آيو. سندن سياسي قد ڪاٺ جو اندازو اسان ان ڳالهه مان لڳائي سگهون ٿا ته پاڻ سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن کي اليڪشن ۾ شڪست ڏني ۽ ان سان گڏ پاڻ سياسي ميدان جي افق تي چمڪندو رهيو. توڻي جو وقت به وقت هن جي آڏو مشڪلاتون به آيون پر هي ڪنهن موڙ تي به مايوس نه ٿيو. پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريون مٽائڻ لاءِ هن تي دٻاءَ وڌو ويو پر پاڻ آخري ساهه تائين پيپلز پارٽيءَ سان رهيو ۽ هن وفا واري رسم دوران جيل به ڀوڳيا پر تنهن باوجود هن پارٽيءَ سان وفا ڪئي. اڄ جڏهن پاڻ ناهن ته عمرڪوٽ جي سياست اداس بڻيل آهي ۽ ماڻهن جا لڙڪ بيهڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. ڇو جو اڄ راڄ جو راڻو انهن کان موڪلاڻي اهڙي پار هليو ويو آهي، جتان ڪير واپس ناهي ايندو. خدا کان دعا آهي ته الله پاڪ کين جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر ڏي.


علي مردان شاھ
کاروڙي جو ٻرندڙ ڏيئو
جمن دربدر
جڏهن ڪنهن به بادل ولهاريون وسايون
الائي ڇو اهان جون اکيون ياد آيون!
سياست ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪڙي اقتداري ۽ ٻي نظرياتي سياست. ٻنهي جا طور طريقا الڳ الڳ ٿيندا آهن. اقتداري سياست اڀريل مسئلن جي حل لاءِ ڪئي ويندي آهي ۽ نظرياتي سياست سماج کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي. آئون اڄ هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو ذڪر ڪريان ٿو جنهن اقتداري سياست وسيلي نه رُڳو پنهنجو پاڻ مڃرايو پر کاروڙي ڳوٺ جي سادات خاندان جو عمرڪوٽ توڻي ٿر ۽ ميرپورخاص تائين ڌاڪو ڄمايو. اهو سائين علي مردان شاهه هو. جيڪو ڪجهه ورثي ۾ مليل سبق ۽ ڪجهه پنهنجن مشاهداتي تجربن تي عمل ڪندي پوري علائقي تي ڇانئجي ويو. کيس راڄوڻي سياست جي وڏي ڄاڻ هئي. مقامي سياست جا سڀئي گُر هن جي ذهن ۾ محفوظ هئا. هو هميشه سياست راند کيڏندي ٽي پتا پاڻ وٽ رکندو هو. جو آخري ٽن راتين ۾ اهي پتا استعمال ڪري نه رُڳو وڏين پيراڻين گادين سان مقابلو ڪيائين پر مقامي سياست جي نون کيڏارين کي اهڙيون ته پوائنٽون ڏنائين جو هو دنگ رهجي ويندا هئا. ته ايئن ڪيئن ٿيو؟ حالانڪه ۲۰۱۳ع جي اليڪشن ۾ سڄي تر جا وڏا ماڻهو ۽ پير سڀ هڪ پاسي هئا پر هن اهڙو تماشو ڪري ڏيکاريو جو سڀني جا ترا نڪري ويا. حالانڪه سياست جا ڄاڻو چون ٿا ته اها آصف زرداريءَ جي ڊيل هئي پر اسانجي اکين اهو ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ عمرڪوٽ جي سياست ۾ هن ماڻهو اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي ڪري ڏيکاريو. توڻي جو هي کاروڙي جو گُل ڪومائجي ويو آهي. پر سندس خوشبوءِ عمرڪوٽ جي تر ۽ ٿر منجهه هميشه کٿوري جيئن مهڪندي رهندي.
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر مرندا جيئندا آهن
پر ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هن.
منهنجي ساڻس ملاقات سياسي طرح ۱۹۷۴ع ۾ ٿي جڏهن اسان ڪميونسٽ پارٽي جا سبق ياد ڪري وڏيري ۽ جاگيردار جي خلاف هوندا هئاسين ۽ انڊرگرائونڊ ڪم ڪندا هئاسين. ان وقت مونکي رستي تي پيادل ويندو ڏسي گاڏي روڪي مون کي ويهاريائين ۽ ڪراچي وٺي ويو. ان وقت سندس ڇور جي فوجي آفيسرن سان شڪار جي ڪري سٺا لاڳاپا هئا. ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن رهڻ دوران مونکي چيائين ته ايجنسيون تنهنجي پويان آهن، انڪري ٿورو احتياط سان هل. مون چيو ته اسان انهن ڳالهين کي سمجهي پوءِ ته ان ڪم ۾ هٿ وڌو آهي. تڏهن کلي چيائين هروڀرو نانگ جي ٻَر ۾ هٿ وجهڻ ڪا دانائي ڪونهي. ايئن کل ڀوڳ ۽ ڳائڻ جي ڪري پٿوري مان بدلي ڪرائي آهوري فارم تي رکيائين. پيپلزپارٽي ۾ جيئن ئي شموليت ڪيائين تيئن هميشه هن وٽ عوامي سياست جو لاڙو ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ ۽ وت آهر ترت حل ڪرڻ جو سبق مليو. پهرين چونڊجڻ وقت حاجي سراج جي گيراج ۾ هڪڙو ڪمرو ٺهرايائين جتي مهيني جا ٻه ڏينهن ماڻهن سان ملندو ۽ تعلقي آفيسرن کي گهرائي مسئلا حل ڪندو هو. انڪري ڪافي ماڻهو سندس قرب ۽ محبت جي ڪري هن ڏانهن ڇڪجي آيا. اڳتي هلي هن پنهنجي بنگلي ۾ کلي ڪچهري جو رواج وڌو. هي سنڌ جو واحد MPA آهي جو مهيني جا ۲۵ ڏينهن باقائدگي سان ماڻهن سان ملندو هو. وس آهر انهن جا مسئلا حل ڪندو ۽ راڄوڻي فيصلا به ڪندو هو. ذهن جو ايڏو ته تيز هو جو هڪ دفعو ماڻهو سان ملڻ کان پوءِ ان ماڻهو کي سال کانپوءِ ملاقات وقت سڏ ڪري ذات ڳوٺ سميت نالو وٺي سڏيندو هو.
وڏي وٿ هئا ٻاروچا ڀنڀور ۾
ڪچهري ۾ هو پهرين غريبن جا مسئلا ٻڌندو هو، ان کانپوءِ سفيد پوش ماڻهن جا مسئلا ٻڌندو هو. مقامي طور غمي خوشيءَ ۾ سڀني کان اڳ ڄاڃي ۽ ڪلهي ڪانڌي ٿيندو هو. اها خاصيت تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي.حالانڪه مخالف جام ٽوڪون به ڪندا هئا پر هن جي بنديءَ تي اڄ يا سڀاڻي شادين ۽ غمي تي وڃڻ جو شيڊول درج ٿيل هوندو هو. ترت عمل ڪرڻ هن جي اولين ترجيح ۾ شامل هو. ساڻس سندس فرزند سيد امير علي شاهه ۽ سندس ڀاءُ سيد نور علي شاهه ٻانهن ٻيلي رهيا. پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ چيلهه ۽ پير جي تڪليف ٿورو لانجهه ڪري وڌو هو. پر پوءِ به هر حال ۾ شام جو ٻني تي چڪر ۽ فصل ۽ مال جي نگهباني ڪرڻ سندس عادت هئي. توڙي پٽڙيءَ تي گاڏيءَ ۾ گهمندو هو پر ايڪڙ ايڪڙ تي سندس نگاهه هوندي هئي. فورن ڪمي ڪوتاهي جي ڪمدار کي سڌي شڪايت ڪندو هو. جواني ۾ گهوڙن ۽ شڪار جو وڏو شوقين هو. شل نه ڪٿي تلور ۽ هرڻ جو ٻڌي، ٻئي ڏينهن شڪار تي ويندو هو ۽ شڪار ڪري وري واپس ٿيندو هو. شڪار دوران بک ۽ اڃ جو ڏاڍو هو. ڪستورو، واڌو ۽ اسماعيل وساڻ شڪار ۾ هميشه گڏ هوندا هئا. اسماعيل دم جو مريض هئڻ ڪري گهٽ ويندو هو. آئون به ڪڏهن ڪڏهن گڏ ويندو هئس. فورڊ گاڏي ۾ ڪچن رستن تي هلي هلي پويان ويٺلن جا مٿا ڦاٽي پوندا هئا پر گاڏيءَ کي ڇڪي رکندو هو. ماڻهو چون ٿا ته انتقامي هو. ڪلرڪن ۽ استادن جو دشمن هو. پر اسان هڪڙي مسئلي جي ڪري ۲۰ سال وٽس نه وياسين ۽ مخالف ٽيم ۾ هئاسين پر هن ڪڏهن به منهنجي پٽن، ڀائٽن ۽ ڀاڻيجن کي نوڪري ۾ هوندي به ڪڏهن انتقام جو نشانو ڪونه بڻايو. پر ويتر ڪنهن ڀت پوت ۾ ملندو هو ته پڇندو هو، “حد جا آفيسر ڪهڙا حال اٿئي؟” هر ڪنهن ماڻهوءَ ۾ گڻ ۽ خاميون هونديون آهن پر هن ماڻهو منجهه تمام گهڻو خوبيون هيون. دوستي به چٽي ۽ دشمني به چٽي. جنهن سان ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪندو هو اهو هر حال ۾ نڀائيندو هو. ان جو مثال به اوهان اڳيان موجود آهي. حر فقيرن سان اسان جو پلاٽن تي جهيڙو هليو، توڻي اسين ان وقت مخالف ڪئمپ ۾ هئاسين پر سائين واعدو ڪيو ته آئون هر حال ۾ اوهان سان گڏ آهيان. اهو وقت ثابت ڪيو ته پير صاحب پاڳاري ۽ ٻين ماڻهن جا وڏا بار پيا پر هن شخص انهن سڀني کي موٽائي اسان فقيرن جو مان رکيو. خاص ڪري مون سان هن جو ورتاءُ نهايت پنهنجائپ وارو هو. مونکي پنهنجي ڇوڪري جي پڙهائي ۾ مدد ڪيائين، آئون جڏهن بيمار ٿي پيس ته هڪ نه ٻئي ڏينهن مون وٽ عيادت لاءِ ايندو هو ۽ جي نه پهچي سگهندو هو ته فون ڪري به حال احوال وٺندو هو. هميشه مونکي فقير ڪري سڏ ڪندو هو.
سڄڻ يادون تنهنجون، آگم ڪيو اچن،
رويو ٿيون روئن، اکيون اوهيرا ڪري.
علي مردان شاهه جي وڇوڙي جو گهاءُ وقت ڀري ڇڏيندو پر انيڪ يادون هميشه پيڇو ڪنديون رهنديون. آئون پونئيرن لاءِ دعاگو آهيان ته الله پاڪ کين صبر ڏي. حاجي نور شاهه ۽ سيد امير علي شاهه کي الله همت ڏئي جو هن جي ڇڏيل پورهئي کي ميڙي مٺ ڪن ۽ کاروڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئو هميشه پنهنجي روشني سان غريبن ۽ مسڪينن جي گهرن ۽ اڱڻ کي روشن ڪندو رهي، پرگهور لهندو اچي.

آھ! سيد علي مردان شاھ
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
هن سال سياري جا سيءَ باقاعده سيءَ محسوس ٿيا، اڃان سياري جي ٿڌ اندر ۾ سيڪارا ڏيئي رهي هئي ته مڪڙن اچي منهن ڪڍيو. ٿڌ کي منهن ڏيندڙ ناري پٽ جي ماڻهن مڪڙن جي مصيبت ڏٺي ته سندن منهن ئي لهي ويا. ڏول، ڏٻا کڻي شام ويلي مڪڙن کي انهيءَ اميد سان ڀڄائڻ لڳا ته رات جو سندن ڪڻڪون، توريا، برسيم ۽ سايون ڀاڄيون بچيا رهن. هنن کي اها خبر ئي نه هئي ته اڃان ڪا ٽئين آفت به اچڻي آهي جيڪا سندن دلين جا باغ اجاڙي کين روئاري ويندي. اها آفت “موت” هو جيڪو آچر جي شام ۱۹ جنوري تي کائن هڪ بهادر سياستدان، راڄن جو رکوالو، بااصول ۽ ڀلوڙ شخص کسي ويو. اهڙو ڪير هوندو جيڪو عمرڪوٽ جي تر کان سنڌ اسيمبلي جي فلور تائين عقل ۽ وڄا جي حوالي سان مشهور “کاروڙي” جي ڳوٺ جي هن معزز ماڻهوءَ لاءِ غمزده نه هوندو. پيپلزپارٽي کي عمرڪوٽ ۾ نشاط ثانيه ڏيندڙ سيد حاجي علي مردان شاهه جون سياسي ڳالهيون ته سياستدان لکندا پر علائقي جي هڪ سگهاري، عزتدار ۽ خانداني روايتن جي امين شخص سان گهاريل ڪجهه گهڙيون سڄڻن سان اوريون ٿا.
سيد علي مردان شاهه بهادر شخص هو. سندس فيصلا دليراڻه هئا. انهن جي ڏور رس نتيجن جو ادارڪ کيس هو. ضلعي ڪائونسل جي ميمبر کان سنڌ اسيمبلي ڏانهن قدم رکيائين. ۱۹۸۸ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ کٽيائين. هن اليڪشن بعد خانصاحب عبدالڪريم پلي صاحب سان سياسي ٺاهه ٿيو. ان ٺاهه ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار حاجي فتح محمد راڄڙ مرحوم جو هو. هيءَ ٺاهه کاروڙي ۾ ٿيو ۽ جيڪي ۵ شخص هن ٺاهه وقت موجود هئا، انهن مان فقط آئون حياتي جا باقي ڏينهن پيو ساريان. ان ڏينهن مون شاهه صاحب کي تمام گهڻو خوش ڏٺو. سائين علي مردان شاهه سان مون کي ويجهو به حاجي فتح محمد مرحوم ڪيو ۽ ڪيترن ئي مهل موقعن تي آئون حاجي صاحب سان گڏ شاهه صاحب وٽ حاضر رهيس. سندس انهي رفاقت واري دور جون ڳالهيون اڄ به مون کي اڪيلائي ۾ روئاڙيو وجهن.
سي اچيو ياد ستائين ٿا
نت جهوري نئين سر لائين ٿا
جي گذريا ڏينهن قرارن ۾ (ڪريم پلي)
آئون ٻه ڀيرا سندن مخالف سياسي ڪئمپ ۾ به رهيس. ٻئي ڀيرا سندن مدمقابل مرحوم خانصاحب اعجاز علي پلي هو. شاهه صاحب مون کي ڪابه ميار ته نه ڏني بلڪه همٿايائين ته اوهان جو فيصلو صحيح آهي. هنن ڏينهن ۾ مون سندن ڪردار ۽ روين جو خوب مشاهدو ڪيو. وٽس وڏي گنڀيرتا، صبر، تحمل، بردباري، عقل، فهم ۽ برداشت جا گڻ هئا. ڪهڙي به موڙ تي منهن نه گهنجايائين. رنجيده نه ٿيو ۽ بي صبري ۽ اٻهرائي جو عذر نه ڪيائين. وٽس درگذر ۽ سهپ جو وڏو مادو هو. مون کي هڪ ڀيري چيائين ته جيئن اوهين ڊاڪٽر ڪوشش ڪندا آهيو ته هر مريض ٺيڪ ٿئي تيئن اسين ميمبر به ڪوشش ڪندا آهيون ته هر ڪنهن ماڻهو کي خوش ۽ مطمئن ڪري سگهون پر نه اها ڳالهه ڊاڪٽرن جي وس ۾ آهي نه اسين هن وس وارا آهيون. وقت گذرڻ سان سندن تيزي واري مزاج ۾ ٺهراءُ ۽ سمنڊ جهڙي سانت ايندي وئي. بزرگي ۽ بردباري سندن گفتگو تي غالب ايندي وئي. ضبط ۽ سندن گفتگو جا هٿيار بڻجي ويا. سندن محفل ۾ عالمن ۽ اديبن جو تعداد وڌندو ويو. کيس غريب کان امير تائين هندو خواهه مسلمان فردن جي سڃاڻپ هئي. هو پنهنجي حلقي جي ماڻهو کي خالي خواهه ذاتي حيثيت سان سڃاڻندو هو. سندن ڪرت ۽ ڪمائي کان آگاهه هو. مشڪل سان ڪو اهڙو ڪاڄ يا روڄ هوندو جتي وقت سر نه پهتو هجي. ڏڪار، سڪار، ٻوڏن، سوڪن ۾ اڀرن کي آٿت ڏيڻ ۽ سڀرن سان ڀرجهلو ٿي بيهڻ سندس وصفن ۾ شامل هو. ڪوڙو واعدو نه ڪندو ۽ پنهنجي ڪيل ڳالهه پاڙي سگهندو هو. عزت ڏيڻ ۽ وٺڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ هو. ماڻهو جي سڃاڻپ کيس باقاعده هئي. کيس خبر هئي ڪير سندس ووٽر آهي ۽ ڪير نه پر ڪڏهن به اخلاق کي هٿان نه ڇڏيائين. سياسي خواهه سماجي ميڙاڪن ۾ ڪڏهن به اوچي زبان استعمال نه ڪيائين. اليڪشنون کٽيندي، وزارتون ماڻيندي هو تر جي عوام جون دليون به کٽيندو رهيو. هميشه مجموعن جي وچ ۾ دلير ٿي بيٺو، چاهي احتجاج هجن، چاهي جيت جا جشن هجن. پنهنجي سياسي رفيقن کي ڪڏهن به نه وساريائين انهن جي ڏک سور جو هميشه ساٿي رهيو. ڄام صادق علي جي دور ۾ گرفتار ٿيو. ماڻهوءَ جا حوصلا پست ڪندڙ ميرپورخاص جي هڪ ٿاڻي جو ڪمرو، جنهن ۾ ٻه ڇنل منجا، مٽيءَ جا مڻ ۽ ڪوريئڙن جو راڄ هو. مون سائين دادا شاهه ۽ حاجي فتح محمد راڄڙ مرحوم هن بهادر شخص جو هماليه جهڙو حوصلو ڏٺو. نه سندس رخ تي مايوسي جا آثار هئا نه وري سندس ارادو ڪمزور هو. بعد ۾ هن ڪيس ۾ خانصاحب عبدالڪريم پلي سندس ڀرپور مدد ڪئي ۽ پاڻ هميشه پلي صاحب جي هن وڙ جو معترف رهيو. سندس سخاوت ۽ دسترخوان جي ڪشادگي ته جڳ اڳيان پڌري هئي پر کل مک، خوش مزاجي ۽ خوش بياني به مظهر هو. سنڌ جي ثقافت جو به دلداده هو. ميلن ملاکڙن کي همٿائيندڙ، شڪار جو شوقين ۽ مقامي راندين جو مچائيندڙ رهيو. محترم علي قاضي طرفان ملهائيندڙ سالياني “ايڪتا” ڏهاڙي جي قومي ڪاڄ ۾ به هميشه ٽوپي اجرڪ سان عمرڪوٽ جي عوام جي وچ ۾ موجود رهيو. زراعت ۽ چوپايو مال ته سندس ابتدا کان شوق رهيو. فيصلن جو منصف به رهيو ته فيصلن تي عمل درآمد به ڪرائي سگهندو هو. تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوشان ۽ پڙهندڙ ٻارن جي هميشه همت افزائي ڪندو هو. هونئن ڪو به انسان بشري اوڻاڻين کان خالي ڪونهي پر اهي انسان بيشڪ ڪامياب آهن جيڪي پنهنجي اوڻاڻين تي ضابطو آڻي سٺاين جو مظاهرو ڪن ٿا. هن تر جي سياسي خواهه سماجي حلقن ۽ هيءَ بهادر سلڇڻو ۽ سپوٽ شخص وڏو خال پيدا ڪري ويو آهي. جنهن جو ڀرجڻ وڏي عرصي تائين مشڪل ٿو نظر اچي. سندن ڳالهين ۽ ڪچهرين جا لاتعداد واقعا منهنجي ذهن ۾ موجود آهن جيڪي پنن تي آڻڻ جو قرض ڪنهن مناسب وقت تي ضرور لاهبو. هن وقت شاهه صاحب لاءِ مغفرت ۽ سندن پونيئرن لاءِ صبر جي توفيق جي دعا گهرون ٿا.


سيد علي مردان شاھ

هڪ بيباڪ سياستدان!

حاجي گل حسن آريسر

عمرڪوٽ ضلعي جو نامور سينيئر سياستدان ۽ پيپلز پارٽي سان شروع کان آخر تائين نڀائيندڙ سيد علي مردان شاھ جنھن جي تازو ۱۹ جنوري تي عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ وڏي پئماني تي ٻيءَ ورسي وڏي ملهائي وئي، علائقي واسين کانسواءِ ھن ورسي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پڻ شرڪت ڪئي ۽ مرحوم سيد علي مردان شاھ کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، ھُن جيڪو خطاب ڪيو، ان مان ائين لڳو تہ سيد مراد علي شاھ سنڌ جي وزرات اعليٰ تي فائز آھي پر ان جي رھنمائي مرحوم سيد علي مردان شاھ ڪندو رھيو آھي، ھن پنھنجي خطاب ۾ علي مردان شاھ کي اصول پرست پارٽي سان سچو بھادر بيباڪ سياستدان قرار ڏنو ۽ سندس فرزند امير علي شاھ کي ڄڻ ته تاڪيد ڪئي ته هو پنهنجي والد جي خوبين ۽ حڪمت عملين جي نقش قدم تي ھلي. تقريب ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ کانسواءِ ٻين سياستدانن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، اديبن، صحافين، تجزيه نگارن ۽ عوامي ليڊرن کان علاوہ لاتعداد عوام جي مجموعي شرڪت ڪري علي مردان شاھ کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

آئون سيد علي مردان شاھ کي تمام ويجھو رھيو آھيان، ان ڪري ھن جي بھادري ۽ عوامي محبت جي چند ڪردارن جون جھلڪين جو اکين ڏٺو شاهد آهيان، سي تحريري صورت ۾ پيش ڪريان ٿو، سيد علي مردان شاھ ھڪ بهترين ۽ بيباڪ سياستدان ھو، ھن جي بھادري ھن جي طرفان عوامي سڃاڻپ ۽ عوام کي پنھنجو ڪرڻ جي نسخن کان علاوه ٻين انتھائي اھم ڪردارن ذريعي عوام کي پاڻ ڏانھن متوجه ڪرڻ لاءِ وٽس وڏو فن موجود ھو، پاڻ شروع ۾ خانداني طور مسلم ليگ سان وابسته ھو، بلديات ۾ ضلعي ڪائونسل پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جو جڏھن وائس چيئرمين ٿيو، تڏھن به ھو وابسته مسلم ليگ سان ھو پر آزاد حيثيت سان وائيس چيئرمين چونڊجي آيو. سن ۱۹۷۰ واري ڏهاڪي ۾ پاڪ ڀارت جنگ کان علاوه ذوالفقار علي ڀٽو جي شروعاتي دور حڪومت جي عوامي ڪمن کي ڏسندي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي حڪومت جي اھم عوامي خدمتن کان متاثر ٿيندي پاڻ ھڪ وڏي زميندار جي حيثيت سان عام چونڊون وڙھڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ جو خواهشمند ٿيو ۽ وڏي ڪوشش کانپوءِ پيپلز پارٽي طرفان کيس ۱۹۸۸ واري اليڪشن ۾ پ پ ٽڪيٽ ملي ۽ پوءِ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊون کٽيندو آيو ۽ آخري دم تائين پ پ ۾ رھيو، ھينئر سندس فرزند جيڪو علي مردان شاھ جي جاءِ نشين تي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم پي اي چونڊيل آھي، اهو ئي ثبوت آهي ته ھو پارٽي سان ڪيڏو سچو رھيو، هُو بھادر سياستدان ان ڪري ڳڻيو وڃي ٿو ته علي مردان شاھ جو ڪردار ٻين سياستدانن کان منفرد رھيو آھي، گھٽ تعليم ۽ گريجوئيٽ نه ھئڻ جي باوجود به سندس ڪم پارٽي جي لاءِ گريجوئيٽس کان به وڌيڪ رھيا.

سال ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿر جي علائقي ۾ بدامني جي انتھا ھئي ۽ سمورو علائقو بدامني جي ور چڙهيل ھو، پر علي مردان شاھ جي نئين سياسي ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي، ان کان پهرين عمرڪوٽ ۽ ٿر جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جا لامارا ھئا، ان عرصي دوران ڌاڙيلن عمرڪوٽ جي ٿر علائقي ۾ ڪجھ مسافر کيکڙا/ بسون به ڦُريون ھيون ۽ عمرڪوٽ جي ماڻھن کي ڌاڙيلن جون ڌمڪيون به مليل ھيون، جڏھن علي مردان شاھ وٽ اھي متاثرن جون دانهون پهتيون ته علي مردان شاھ بنا دير جي تياري ڪري پنھنجي ساٿين سان ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو، اڇڙي ٿر واري علائقي ڏانھن کين ڌاڙيلن جي ڪنھن ٽولي سان مقابلو ٿيو، آخرڪار ڌاڙيلن جي ھڪ اڳواڻ علي مردان شاھ کي پيغام ڏنو ته “خدا جي واسطي توهان وچ ۾ نه اچو، اسان توهان سان مقابلو ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان تنھنجي علائقي ۾ نه ڌاڙو ھڻنداسين، نه ڦر مار ڪنداسين.” انهيءَ پيغام تي خوش ٿي علي مردان شاھ ان علائقي کان واپس اچي رھيو ھو، جڏھن منھنجي ڳوٺ جي ڀرسان رستي تي پھتو ته آئون به اتي سواري جي تلاش ۾ ھئس، مونکي ڏسي سفيد پوٽار گاڏي ۾ علي مردان شاھ ھو، خود گارڊ ڀرسان ويٺل ھو، ھٿيار به ھئا، پاڻ ڊرائيونگ ڪري رھيو، ھن مون کي ڏسي گاڏي روڪي، گاڏي ۾ مون کي سوار ڪيائين ۽ اسان عمرڪوٽ ڏانھن راھي ٿياسين. سفر دوران سموري حقيقت مون کي ٻڌايائين ته گاڏي جڏھن رستي ۾ آئي پئي ته رستو وچ ۾ ٽٽل ڀڳل ھو ۽ گاڏي ۾ سفر ڪندڙن جي حالت خراب ٿي وئي، ان دور ۾ علي مردان شاھ ضلعي ڪائونسل ۾ ذميواريون ادا ڪري رھيو، ھن مون کان پڇيو ته “اھڙا ڀڳل ٽٽل روڊ! ھي اوھان جو علائقو آھي، اوھان تي واجب ٿئي ٿو ته انهن کي ٺهرايو.” بعد ۾ مون سان شاھ صاحب واعدو ڪيو ته “انشاءَ الله جلدي اھي روڊ تعمير ٿيندا ۽ آئون ڪوشش ڪندس.”  ٿيو به ائين جو ڪجھ عرصي بعد روڊ تعمير ٿي ويا، سفري سهولتون ملي ويون، اھو ھو علي مردان شاھ جو واعدو. علي مردان شاھ جي شروعاتي سياسي دور ۾ مون کي پنھنجو ترجمان طور تصور ڪندو ھو. ڇاڪاڻ جو ھن جون خبرون اليڪشني ورڪ جا ڪردار سياسي حڪمت عملين وغيره ۾ منھنجو اھم ڪردار ھوندو هو، مون کي تمام گهڻي عزت ڏيندو ھو، ايستائين جو مون کي سياسي جلسن ۾ پروٽوڪول ڏيندو ھو، صحافي جي حيثيت سان نه بلڪه ھڪ ساٿي جي حيثيت سان. سيد علي مردان شاھ جي دليريءَ کي جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته منھنجي خيال ۾ سڄي سنڌ جي سياستدانن ۾ اھڙو ڪو سياستدان مشڪل ملندو، ھو خوفناڪ ۽ ڏکوئيندڙ معاملن ۾ سوچڻ کانسواءِ ھڪدم کڙو ٿي ويندو ھو ۽ غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد لاءِ وڏي کان وڏي آمر سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ دير نه ڪندو ھو. سيد علي مردان شاھ ۾ ٻي ھڪ خوبي ھئي ته کيس مخالف کي به پنھنجو ڪرڻ جو فن ڄاڻيندو هو، شڪار جو انتھائي شوقين ھو، شڪار جا شوقين سياستدان ۽ وڏا ڪامورا جيڪي شڪار جا شوقين ھوندا آھن، اھي اڪثر ڪري سيد علي مردان شاھ جي ويجھو رھيا آھن. سيد علي مردان شاھ انھن سياستدانن کي ۽ انھن ڪامورن کي پاڻ وٽ گھرائي مختلف قسم جا شڪار ڪرائيندو ھو ۽ اھي ماڻھو خوش ٿي سيد علي مردان شاھ جا گيت ڳائيندا واپس پنھنجي منزل ڏانھن روانا ٿيندا ھئا، جھڙوڪ گھوٽڪي جا مھر سردار لنڊ سردار لغاري سردار ۽ ٻيا وڏا سردار وڏا آفيسر وغيره وغيره. ان دور ۾ عجيب ھڪ اتفاق ٻيو ٿيو جو ڪنھن وڏي وي آءِ پي کي علي مردان شاھ ٿر ۾ ڪو شڪار ڪرائي رھيو ھو، شڪار دوران اچانڪ گولي ھڪ گڏ ھلندڙ ساٿي کي لڳي وئي، حالانڪ ھو منھنجي برادريءَ جو ھو، ان جو لاش ان وقت جي عمرڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ آندو ويو ۽ اسپتال جي چئني پاسي سيڪيورٽي ۽ پوليس جو پھرو ھجي، کين معلوم ڪرڻ تي سموري حقيقت جي خبر پئجي وئي ته اھڙي نموني شڪار دوران ھڪ نوجوان کي گولي لڳي، علي مردان شاھ هن جي وارثن وٽ پھچي ويو، انصاف جي مڪمل يقين دهاني ڪرايائين، تنهن وقت آئون عمرڪوٽ پريس ڪلب جو صدر ھئس ۽ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويل نوجوان منھنجي برادريءَ جو ھو ان ڪري هن مونسان رابطو ڪيو ۽ کين سچي حقيقت کان آگاھ ڪيائين.

علي مردان شاھ سان منھنجا واسطا انتھائي ويجھا رھيا، علي مردان شاھ جي ڏنل صلاحن مان مون کي ڪافي فائدو ٿيو، هن کي جيڪڏھن ڪنھن ڪم جو چيو ويندو ھو ته ھو سچو واعدو ڪندو ھو، ڪم ٿيڻ وارو هوندو هو ته چوندو هو ٿي ويندو پر نہ ٿيڻ جھڙو ھوندو هو ته انڪار ڪندو ھو. مطلب ته ڳالھ ھڪڙي ڪندو ھو، ته اهو پاڙيندو هو. علي مردان شاھ ۾ اها خوبي به ھئي ته سندس عوامي رابطا اميرن کان وڌيڪ غريب طبقي جي ماڻھن سان ھوندا ھئا، ھنن جي ھر شادي غمي ۾ شرڪت ڪندو هو. هو غريب عوام کي تمام ويجھو ھو، علي مردان شاھ جي اوچتي لاڏاڻي جتي پيپلز پارٽي کي ڌڪيو، اتي عوام کي وڏو صدمو رسايو.    

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


سيد علي مردان شاهه

هڪ بهادر ۽ بيباڪ اڳواڻ!

نندلال مالھي

سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڄام صادق علي جو دور سياسي پارٽين ۽ سياسي ڪارڪنن جي لاءِ هڪ ڪارو دور هو، جنهن ۾ سنڌ جون سموريون جهموريت پسند ۽ قومپرست پارٽيون سياسي عتاب جو نشانو بڻيل هيون، خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سياسي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن لاءِ ڌرتي ٽامو بڻائي وئي هئي، ان وقت پ پ پ جا ڪيترائي اڳواڻ ڀڄي ۽ لڪي ويا پر هن کاروڙي جي نوجوان سياستدان علي مردان شاهه ڄام صادق علي جي سموري بربريت، ڏاڍ ۽ ظلم جو وڏي بهادري ۽ دليري سان مقابلو ڪيو، گرفتاريون، جيل ۽ اذيتون برداشت ڪيائين پر ڄام صادق علي جي آڏو نه جهڪيو ۽ نه ئي پاڪستان پيپلز پارٽي سان پنهنجي وفاداري تبديل ڪئي.

سيد علي مردان شاهه پنهنجي سياسي بصيرت، ڏاهپ، سمجهداري، بهادري، قرباني ۽ پارٽي سان ڪميٽمينٽ جي ڪري نه رڳو پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي ماڻهن ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت وٽ عزت ڀرئي جڳهه حاصل ڪيائين، ان ڪري پ پ پ جي قيادت وٽ ميرپورخاص ڊويزن جي حوالي سان ٿيندڙ سياسي ۽ تنظيمي فيصلن بابت سيد علي مردان شاهه جي راءِ کي وڏي اهميت هوندي هئي. سائين جي پارٽي سان سچائي ۽ وفاداري کي نظر ۾ رکندي پارٽي جي مرڪزي قيادت نئين سر تنظيم سازي جي مرحلي ۾ ميرپورخاص ڊويزن جي صدارت ڏيڻ جي آڇ ڪئي، سائين اها آڇ انڪري قبول نه ڪئي جو عمرڪوٽ ضلعي ۾ پ پ پ کي منظم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ سائين تمام گهڻي محنت ڪئي هئي ۽ قرباني ڏني هئي. سائين جو خيال هو ته منهنجي عمرڪوٽ ضلعي مان هٿ ڪڍڻ جي ڪري پارٽي عمرڪوٽ ضلعي مان ڪمزور ٿي ويندي، انڪري آئون في الحال عمرڪوٽ ضلعو ئي سنڀاليندس، پارٽي قيادت مونکي عمرڪوٽ ضلعي ۾ ئي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي. پارٽي قيادت سائين جي اهڙي راءِ کي اهميت ڏيندي ٻيهر عمرڪوٽ ضلعي جي صدارت سونپي ڇڏي.سيد علي مردان شاهه ۱۹۵۷ع ۾ سيد عبدالنبي شاهه عرف حاجي ميان شاهه جي گهر عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ پيدا ٿيو.

سنڌ سان عشق ڪندڙ کاروڙي جي سادات خاندان ۾ جنم وٺندڙ سيد علي مردان شاهه جي سياسي سکيا ۽ تربيت سندس مامي سائين شاهه مراد شاهه ڪئي جيڪو ان وقت نه رڳو ناري جي پٽ ۽ ٿر جي مشهور روحاني، سياسي ۽ سماجي شخصيت هو پر سندس نالو سڄي هنڌ ۽ سنڌ ۾ مشهور هو. سيد علي مردان شاهه باقائدي عملي سياست جي شروعات ۱۹۷۹ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان ڪئي، جنهن ۾ هو عمرڪوٽ جي ڪپلور تپي مان بنا مقابلي اڳوڻي ضلعي ٿرپارڪر جي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. ان کانپوءِ ۱۹۸۳ع ۾ ٻيهر بلدياتي چونڊن ۾ بنا مقابلي نه رڳو ميمبر ٿيو پر ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين پڻ چونڊيو ويو ۽ ۱۹۸۷ع جي بلدياتي چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو پڻ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو. بعد ۾ سيد علي مردان شاهه شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ڪري پ پ پ ۾ باقائدي شموليت اختيار ڪئي ۽ ۱۹۸۸ع جي چونڊن ۾ کيس عمرڪوٽ جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ تي ٽڪيٽ ملي، جنهن ۾ علي مردان شاهه وڏي اڪثريت سان کٽي آيو ۽ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻيو. هن کانپوءِ صرف ۱۹۹۰ع ۾ هڪڙي اليڪشن هارائڻ بعد ملسلسل ڇهه ڀيرا ۱۹۹۳ع، ۱۹۹۷ع، ۲۰۰۲ع، ۲۰۰۸ع، ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۸ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بڻجي نه رڳو هڪ شاندار ۽ پارلياماني رڪارڊ قائم ڪيو پر عمرڪوٽ ضلعي سميت سموري ميرپورخاص ڊويزن تي پنهنجو زبردست سياسي اثر رسوخ قائم ڪيائين.

سيد علي مردان شاهه جي سياست نه رڳو سندس تڪ تائين محدود هئي پر ان سموري ميرپورخاص ڊويزن جي ٽنهي ضلعن عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر تائين پنهنجو سياسي اثر قائم ڪيو. ننگرپارڪر کان وٺي اڇڙي ٿر تائين خوشين ۽ غمين ۾ عوام سان گڏ هوندو هو. سيد علي مردان شاهه جي مسلسل ڪاميابي جو سبب سندس سياسي خوبيون هيون، سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته مذهب، رنگ، نسل، ذات پات کان بالاتر ٿي پنهنجي تڪ ۽ علائقي جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ سان گڏ هر ڏکي مهل مالڪي ڪندو هو. سيد علي مردان شاهه جي ٻئي وڏي خوبي ماڻهن جي سڃاڻپ هوندي هئي، هو پنهنجي تڪ توڙي علائقي جي ماڻهن کي انهن جي خاندانن جي پسمنظر تائين چڱي ريت سڃاڻندو هو. جيڪو به ساڻس هڪ دفعو ملاقات ڪندو هو، ان کي هميشه سندس نالي ۽ شڪل سان سڃاڻندو هو، ان ڪري سندس تڪ توڙي سموري علائقي جا ماڻهو سيد علي مردان شاهه سان محبت ۽ احترام ڪندا هئا.

ميرپورخاص ڊويزن ۽ خاص طور تي عمرڪوٽ ضلعي جي سياست ۾ مسلم ليگ ۽ فنڪشنل ليگ سگهارا فيڪٽر رهيا آهن، انهن کي شڪست ڏئي پاڪستان پيپلز پارٽي کي منظم، مضبوط ۽ ڪامياب ڪرڻ ۾ سائين علي مردان شاهه جو اهم ڪردار رهيو آهي. آئون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان اها ڳالهه دعوا سان چوان ٿو ته اسان وٽ سائين علي مردان شاهه جهڙو مضبوط ۽ سگهارو ڪردار نه هجي ها ته پ پ پ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ جماعتين، اربابن، پيراڻين گادين ۽ پ پ مخالف قوتن جو مقابلو ايڏو آساني سان نه ڪري سگهي ها. سائين علي مردان شاهه جي شخصيت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪارڪنن ۽ جيالن لاءِ هڪ ڏڍ ۽ سهارو هئي. اڳواڻ ۽ ڪارڪن تنظيمي ۽ سياسي معاملن ۾ سائين علي مردان شاهه جي رهنمائي حاصل ڪندا هئا.

سيد علي مردان شاهه سمورن اڳواڻڻ، ڪارڪنن ۽ عوام سان مذهب، ذات پات، اوچ نيچ جي فرق کانسواءِ سڀني سان هڪجهڙو پيش ايندا هئا. پنهنجي راءِ ۽ فيصلا هميشه ميرٽ جي بنياد تي ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو سيد علي مردان شاهه جي وفات کانپوءِ سندس خالي ٿيل سيٽ تي سندس پٽ سيد امير علي شاهه کي تڪ جي ماڻهن اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جي مقابلي ۾ وڏي اڪثريت سان کٽرائي سنڌ اسيمبلي موڪليو. اميد آهي ته سيد امير علي شاهه به سندس والد جيان پنهنجي تڪ سميت علائقي جي ماڻهن جي ڀرپور خدمت ڪندو ۽ عوام جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو. سيد علي مردان شاهه پ پ پ ۽ عوام لاءِ ڪيل شاندار تاريخي خدمتن، جهدوجهدن ۽ ادا ڪيل پنهنجي بهادري ۽ بيباڪي واري ڪردار سبب هميشه عوام جي دلين ۾ زنده رهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 



سيد علي مردان شاھ

کاروڙي جي سيد جون يادون اڄ به زنده آھن!‎‎

حاجي گل حسن آريسر

سنڌ جي سرزمين ۾ جتي اولياءَ، صوفي، قلندر، اديب، شاعر ۽ دانشور انسان پيدا ٿيا آهن، اتي مدبر ۽ ذھين سياستدان به پيدا ٿيا آهن، اھڙن ئي اصولي ۽ کرن سياستدانن ۾ سنڌ جي تاريخي شھر عمرڪوٽ جي وڏي ڳوٺ کاروڙي سيد ۾ جنم وٺندڙ سيد علي مردان شاھ به ھڪ ھاڪارو انسان ھو، وڏي زميندار ھئڻ باوجود سندس وڏو شوق سياست سان هو، انهيءَ شوق کيس سياست ۾ آندو، پنهنجي سياسي دؤر جي شروعات هن مڪاني ادارن جي اليڪشن کان ڪئي، پھرين ضلعي ڪائونسلن جو ميمبر منتخب ٿيو، بعد ۾ ٿرپارڪر گڏيل ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ٿي ويو، بعد ۾ ۱۹۸۸ع کان ئي پپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي عمرڪوٽ صوبائي حلقي مان اليڪشن لڙندو رھيو ۶ دفعا ايم پي اي ۽ ۳ دفعا سنڌ ڪابينه ۾ وزير رھيو، سندس زندگيءَ جا ۴۰ سال سياست جي اقتداري دؤر ۾ گذريا.

وڏو ماڻهو هوندي به سندس ڪي خوبيون وسارڻ جوڳيون نه آھن، سندس وزارت واري اقتداري دؤر ۾ ھزارين بي روزگار نوجوانن کي مختلف کاتن ۾ هن نوڪريون ڏئي بي روزگاري دور ڪئي، جنھن ۾ خصوصي طور تي هن پنھنجي ضلعي جي تعليم يافته نوجوانن کي اھميت ڏني، جنھن جي شاھدي خود پاپوليشن پلاننگ کاتو آھي، جنھن ۾ لاتعداد عمرڪوٽ ضلع جي نوجوان مردن ۽ عورتن کي ڀرتي ڪيو ويو، اھڙي طرح هن ۾ اھا به خوبي ھئي ته سندس ضلعي ۾ سرڪاري کاتن جا اعلي آفيسر ٻئي ضلعي جا نه مڙھيا ويندا هئا، ساڳئي ضلعي جي تعليم يافته مستحق نوجوانن کي اهم عھدن تي سرڪاري کاتن ۾ مقرر ڪرائيندو ھو، هو پارٽيءَ ۾ توڙي سياسي ميدان ۾ به مخالف سياستدان ۽ مخالف سياسي پارٽي جي عهديدارن کي به پنھنجو بڻائي پنهنجي پارٽيءَ ۾ شامل ڪرائي ڇڏيندو ھو، جنھن جو زنده مثال سابقه ايم اين اي ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو ۽ متحده جو اڳوڻو ايم پي اي پونجو مل ڀيل ۽ ٻيا آھن، جيڪي سندس مدبرانه صلاحيتن سبب سندس مداح بڻيل رھيا، سندس صلاحيتن ۽ اصولن موجب سندس پارٽي پيپلز پارٽي جنھن ۾ ھو تاحيات رھيو، سندس ڪوششن سان پوري پارٽيءَ کي ڊويزن ۾ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ اھم ڪردار رھيو ھو، جنھن سبب هو هر ورڪر کي پنھنجو سمجھندو ھو، هڪ مخلص پارٽي ورڪر کي زبردست رعايتون ڏيئي زمين کان آسمان تي پھچائي ڇڏيندو ھو، جنھن جو زندھ مثال برھان الدين ڪنڀر ۽ الحاج الھبچايو اسير آھن، وڏي پرک سان ماڻھن جي اصليت ۽ نفسيات ۽ ان جي اسرندڙ خيالات کي سڃاڻڻ جي به اھليت رکندو ھو، سچي ۽ مخلص شخصيت سان نينھن نڀائڻ وارو ۽ واعدي جو پختو سياستدان ھو، شڪار جو به شوقين ھو، وڏا وڏا ڪامورا وڏا وڏا سياستدان ۽ وي آئي پي ماڻهو به شڪار لاءِ ڪھي وٽس پھچندا ھئا، ھن ناچيز سان صحافتي لحاظ ۾ تمام بھترين تعلقات ھوندا ھئا پاڻ جڏھن به گونا گون زمينداريءَ مسئلن ۽ سياسي ڪمن کان فارغ ٿيندا ھئا ته رات جو ۱۲ بجي ملڪي واءُ سواءُ وٺڻ ۽ حال احوال لاءِ ھن ناچيز سان ضرور فون تي رابطو ڪندا ھئا، عمرڪوٽ ضلعو اڳوڻي صدر مشرف جي دؤر ۾ ختم ڪيو ويو، ان لاءِ اسان دوباره ضلع جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ان ۾ سماجي ڪارڪن، صحافين، ۽ پورھيت طبقي جي ڪارڪنن ڀرپور جدوجھد ڪئي، ڌرڻا ۽ بک ھڙتالون ڪيون ته ضلعي کي بحالي ڪيو ۽ آخر ڪامياب به وياسين، عمرڪوٽ ضلعو دوباره بحال ٿي ويو، سچ ته علي مردان شاھ سڄاڻ انسان ۽ بهادر ماڻهو هو، جنھن کي کاروڙي جو شير سڏيو وڃي ٿو، ۽ يقينن اھڙا ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندا آھن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۹ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا