سيد علي مردان شاهه
سچو ۽ مخلص سياستدان
حاجي گل حسن
آريسر
ملڪي تاريخ ۾ ھر فڪر
جا ڏاها ماڻهو آيا ۽ هن دنيا جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ھليا ويا پر انهن
جي ڪردارن جون يادون اڄ به زندا آهن، اھڙي طرح ڏسبو ته ھر شعبي ۾ ڪو نه ڪو مرد
مجاھد يا نه جھڪڻ وارو ماڻهو پيدا ٿيو ھوندو، شاعري کان وٺي ادب دانشوري کان ويندي
سماجي عوامي خدمتن جي شعبي کان علاوه سياست، جيڪا خصوصي طرح ھن ملڪ ۾ مختلف رُخن
سان ڪئي ويندي آهي، ڪي ماڻهو ان کي پاڻ لاءِ ڪندا آهن ته ڪن جو مقصد پنهنجي ذات به
وساري صرف ۽ صرف عوام جي ڀلائي لاءِ سياست ڪندا آهن، ان ڪري سياست جو شعبو سڀني
کان اتم ۽ ملڪ جي تقدير بدلائڻ وارو شعبو به سڏبو آهي.
