; سنڌي شخصيتون: حسن منصور

15 March, 2020

حسن منصور


حسن منصور
صحافت ۽ ادب جو گڏجي هليو وڃڻ
رکيل مورائي
حسن منصور اڄ نه رهيو! ڪالهه تائين هو انگريزي صحافت ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهم نالو هئو. تمام گھٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته هو سنڌي آهي ۽ هن به اهڙو احساس مڙهڻ نه ٿي چاهيو. اهو احساس هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ پڙهائڻ ضرور چاهيندو هئو، وقت گذري ويو وچ ۾!
ڪراچيءَ ۾ هوندي به جڏهن سفر جا رستا الڳ ٿين ٿا ته ملڻ مشڪل ٿيو پوي، تنهن هوندي به هو ڪڏهن  ڪڏهن پريس ڪلب جي آس پاس مختلف رنگن جي پاتل شرٽن ۽ جينس ۾ هو، پنهنجي نالي وانگر فلسطيني لڳندڙ شاگرد جئين ملي ويندو هئو، ۽ تڪڙا حال احوال ڏئي وٺي روانو ٿيندو هئو.


سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ ۾ جڏهن وٿي پئي ته اسان دوستن لياريءَ ۾ سنگت جي شاخ کولي، جنهن ۾ باقاعدگي سان حسن منصور ايندو هئو ۽ پنهنجي تازي لکيل ڪهاڻي يا ڪوتا پڙهندو هئو، پر هو ڪهاڻيڪار کان وڌيڪ صحافت ڏانهن مائل هئو ۽ آخر صحافت جوئي ٿي ويو. ڇو ته سندس وڏو ڀاءُ شڪور نظاماڻي صحافت ۾ هئو ۽ سڀ کان وڏو ڀاءُ رئوف نظاماڻي اسٽيٽ بينڪ ۾ ملازمت ڪندو هئو، سنگت اسان جو گھر هوندي هئي. ان وقت حسن منصور پنهنجي ڪٽنب سميت لياريءَ ۾ رهندو هو ۽ هاڻ  هو اتي رهندو جتي رهڻ لاءِ هو ڪڏهن به راضي نه هئو، پر فطرت جون پنهنجون تقاضائون آهن.
حسن منصور انگريزي صحافت ۾ پنهنجو چڱو نالو ڪڍيو، اهو نالو جيڪو کيس هڪ ڪهاڻيڪار طور ڪڍڻ کپندو هئو ڇو ته هو پنهنجي مزاج ۾ هڪ آرٽسٽ لڳندو هئو، ڪنهن به قسم جي نماءُ کان پري، طبيعت ۾ ماٺيڻو، اسان ڪڏهن به کيس ڪاوڙ ۾ ڪونه ڏٺو البت ٻئي کي ڪاوڙ ڏياري ان مان لطف اندوز ضرور ٿيندو هئو.
ايئن به هئو ته هن شايد ڪنهن عيد براد جي موقعي تي قميص شلوار پاتي هجي نه ته اڪثر جينس ۾ هوندو هئو. ڪڏهن وڌي ويل ڏاڙهي ۽ مڇن مان لطف اندوز ٿيڻ وارو ڪلين شيو رهندڙ حسن منصور، اڄ اسان وٽ اخباري دنيا ۾ اهڙي خبر بڻجي ويو آهي جيڪا اعتبار جوڳي نه آهي. جيڪڏهن اها خبر اخبار ۾ شايع ٿئي ته قبولڻ ڏکي ٿئي پر هاڻ سوشل ميڊيا ايتري تيز ٿي وئي آهي جو سيڪنڊن ۽ منٽن ۾ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي وٺجي ٿو.
ميڊيا تي سندس دوستن جون جيترو تيزيءَ سان سندس وڇڙي وڃڻ بابت پوسٽون اچي رهيون آهن ايتروئي تيزيءَ سان سندس دلربايون ذهن جي اسڪرين تي هلڻ لڳن ٿيون پوءِ به ذهن اهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته ايتري ننڍي وهيءَ ۾ هو سڀ ڪجهه ڇڏي هليو ويو.
حسن منصور ٽيهن سالن جو صحافت جو تجربو رکندڙ هئو. ڪراچيءَ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪندڙ هيءُ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ڪوتار اڳتي هلي هو هڪ ناول نگار ٿيڻو هئو، ڇاڪاڻ جو هنن ڏينهن هو پنهنجي جنم هنڌ لياريءَ جي پس منظر ۾ ڪو ناول لکي رهيو هئو! جيڪو هاڻ ڪڏهن به لکجي نه سگهندو.
ڪالهه حسن منصور پنهنجي ڪوتائن، ڪهاڻين ۽ لکجندڙ ناول سان گڏ ڊان سميت سڀ ڪجهه ڇڏي هليو ويو، ڇرڪائيندڙ موت ايئن ٿيندا آهن جو اهڙو سچ قبول نه ڪري سگهبو آهي جيئن ڀاءُ رئوف نظاماڻي ۽ ڀاءُ شڪور نظاماڻي لاءِ اهو قبولڻ ڏکيو آهي، ايئن اهي سڀ دوست جيڪي ساڻس تعلق ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي رهيا، اهي سندس موت کي قبول ڪري نه سگهندا ۽ کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندا! جڏهن به سندس نالو زبان  تي ايندو هڪ ٿڌو شوڪارو ان سان گڏ هوندو، زبان فقط اهو اچارڻ جي سگهه ۾ هوندي ته ”حسن منصور هن جهان ۾ نه رهيو!“

حسن منصور جو لاڏاڻو
(ڏيھاڙي عوامي آواز تان کنيل)
سينيئر صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر حسن منصور جي لاڏاڻي تي اسين سڀ سوڳوار آهيون. سندس اوچتو لاڏاڻو  هڪ ئي وقت سندس خاندان، وڏي ڀاءُ رئوف نظاماڻي ۽ شڪور نظاماڻي توڙي صحافت ۽ ادب جو ڪنهن حادثي جهڙو سانحو آهي.
جيئن هر ماڻهو پنهنجي اندر هڪ ڪائنات سمايو ويٺو هوندو آهي تيئن حسن منصور جي به پنهنجي هڪ ڪائنات هئي. جيڪا ترقي پسند، روشن خيال ۽ مهذب بنيادن تي ٺهيل هئي. ايئن به ناهي ته حسن منصور جي اها صرف ۽ صرف شخصي ڪائنات هئي پر هن ظاهري دنيا کي به پنهنجي شخصي ڪائنات  جا اهي آدرش عطا ڪيا. جيڪي هن اديب ۽ صحافي طور پنهنجن لکڻين ۽ ويچارن ذريعي ڏنا.
هن  جو لاڏاڻو ننڍي عمر ۾ ٿيو آهي. هو پنهنجن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو هو پر پنهنجين تخليقن ۽ ڪم ۾ هو انتهائي ڀرپور حصو ڏئي ويو آهي. هن ڪهاڻيون به لکيون، شاعري به ڪئي ۽ انهن صنفن ۾ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏئي ويو جيڪا غير معمولي ڳالهه آهي. ادب جي حوالي سان اها اسان  جي بدقسمتي آهي ته هو ڪراچي تي جيڪو ناول لکي رهيو هو سو اڌ ۾ رهجي ويو آهي. ان ناول ۾ چون ٿا ته هو لياري کي فوڪس ڪري رهيو هو. اسان اڃا اهو اڻپورو ناول پڙهيو ته ناهي پر اهو اندازو ضرور ڪري سگهون ٿا ته اهو ڪيڏو اهم موضوع وارو ناول هجي ها.
ايئن سنڌي صحافي طور حسن منصور انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ سنڌ  جو جيڪو ڪيس وڙهيو سو به ياد رکيو ويندو . هو انهن ٿورن صحافين مان هڪ هو جنهن سنڌ جا مسئلا ۽ سنڌي جي ادبي سرگرمين، سيمينارن ۽ پروگرامن کي انگريزي اخبارن ۾ ڪوريج ڏئي ان کي عالمي موضوع بڻايو. ڪاش حسن منصور کي حياتي اهو  موقعو ڏئي ها ته هو اڃا وڏو عرصو اهڙو اهم ۽ وقتائتو ڪم ڪندو رهي ها. اسان عام طور تي پنهنجا مسئلا ۽ پنهنجا معاملا پاڻ ۾ ئي بحث هيٺ آڻيندا آهيون پر ان جو ڪئنواس گھٽ ئي اٿاري متعارف ڪرائي سگهيا آهيون. اهو ڪم جيڪي انتهائي ٿورا ماڻهو ڪندا رهيا آهن انهن مان حسن منصور به هڪ هو.
ايڏي اهم تخليقڪار ۽ ايڏي وڏي ذهن جو خاص ڪري اهڙي سماج مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ. ان ڪري به قبولڻ ڏکيو آهي جو اسان کي اهڙن روشن خيال ذهن جي ماڻهن جن جي دم سان هن سماج اندر روشن خيالي ۽ ترقي پسندي جون روايتون پيدا ٿيون آهن تن جي زنده هجڻ جي ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ ضرورت آهي. اڄ بظاهر اسان جي دنيا ٽيڪنالاجي طور تي وڌيڪ ترقي ڪئي پر نظرياتي طور تي اسان زوال پذير ٿي رهيا آهيون. اهڙي ماحول ۾ اسان کي حسن منصور جهڙن ماڻهن جي ڪردار جي وڌيڪ ضرورت آهي.
اسان حسن منصور جي لاڏاڻي جي تعزيت  جتي صحافت ۽ ادب سان ڪئي آهي اتي سندس ڀائرن خاص ڪري ترقي پسند ڌر سان لاڳاپيل ليکڪ ۽ دانشور رئوف نظاماڻي ۽ شڪور نظاماڻي سان به ڪرڻ چاهينداسين پر اسان سمجهون ٿا ته رئوف نظاماڻي ۽ شڪور نظاماڻي صاحب اها ڳالهه چڱي ريت پاڻ به سمجهن ٿا ته حسن منصور جهڙن ماڻهن جون تعزيتون ناهن ڪبيون پر انهن جون زندگيون ملهائبيون آهن سندن ڪم کي اڳتي وڌائبو آهي. ان کان وڏو ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ ڪو خراج نٿو ٿي سگهي.


ڈان اخبار کے سینئر صحافی حسن منصور کراچی میں انتقال کرگئے۔
54 سالہ حسن منصور تین دہائیوں سے صحافت سے وابستہ تھے اور انہوں نے متعدد نامور خبر رساں اداروں میں فرائض انجام دیے۔
حسن منصور کا انتقال ان کی اپنی رہائش گاہ پر دوران نیند ہوا۔
خاندانی ذرائع کے مطابق صحافی کو دل کا دورہ پڑا اور مرحوم کی نماز جنازہ (کل) جمعہ کو ادا کی جائے گی۔
مرحوم صحافی اپنے سوگواروں میں ایک بیٹا، ایک بیٹی اور بیوہ کو چھوڑا اور وہ 7 بھائیوں میں سب سے چھوٹے تھے۔
حسن منصور ایک تجربہ کار صحافی ہونے کے علاوہ افسانہ نگار اور شاعر بھی تھے۔
انتقال سے قبل وہ کراچی پر ایک ناول لکھ رہے تھے جس میں خاص طور پر لیاری پر توجہ مرکوز تھی۔
ان کے دوست اور صحافی جان خاصخیلی نے کہا کہ حسن منصور نے صحافت کا آغاز 1988 میں سندھی اخبار عوامی آواز سے کیا۔
علاوہ ازیں وہ اخبار کے لیے ہفتہ وار طنزیہ کالم بھی لکھتے تھے۔
اپنی کچھ مختصر کہانیوں میں وہ کراچی میں ہونے والے انسانی المیے پر توجہ دیتے رہے۔
وہ کہا کرتے تھے کہ اگر ان کی مختصر کہانیاں مرتب کی گئیں تو وہ تین کتابوں میں شائع ہوجائیں گی۔
جامعہ کراچی سے فارغ التحصیل حسن منصور نے 2006 میں 2008 تک روزنامہ ڈان میں ملازمت اختیار کرنے سے قبل 5 سال تک ڈیلی ٹائمز کے اخبار میں اسٹاف رپورٹر کی حیثیت سے کام کیا۔
انہوں نے اسٹار اخبار میں بھی کام کیا اور فرانسیسی خبر رساں ایجنسی کے نمائندے کی حیثیت سے خدمات انجام دیں۔
ڈان اخبار میں دوبارہ ملازمت اختیار کرنے پر انہوں نے سماجی اور سیاسی امور کا احاطہ کیا۔
صحافیوں اور ساتھیوں نے ان کی اچانک موت پر صدمے اور غم کا اظہار کیا۔
ٹوئٹر پر لوگوں نے حسن منصور کو 'ذہین، محنتی اور زندگی سے خوشیاں سے بھرپور' شخص کی حیثیت سے یاد کیا۔
وزیر اعلیٰ سندھ مراد علی شاہ نے حسن منصور کی موت پر غم کا اظہار کیا۔


No comments:

راءِ ڏيندا