; سنڌي شخصيتون: حسن منصور، صحافت ، ادب، رکيل مورائي،
Showing posts with label حسن منصور، صحافت ، ادب، رکيل مورائي،. Show all posts
Showing posts with label حسن منصور، صحافت ، ادب، رکيل مورائي،. Show all posts

15 March, 2020

حسن منصور


حسن منصور
صحافت ۽ ادب جو گڏجي هليو وڃڻ
رکيل مورائي
حسن منصور اڄ نه رهيو! ڪالهه تائين هو انگريزي صحافت ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جو اهم نالو هئو. تمام گھٽ پڙهندڙن کي خبر هوندي ته هو سنڌي آهي ۽ هن به اهڙو احساس مڙهڻ نه ٿي چاهيو. اهو احساس هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪهاڻين ۾ پڙهائڻ ضرور چاهيندو هئو، وقت گذري ويو وچ ۾!
ڪراچيءَ ۾ هوندي به جڏهن سفر جا رستا الڳ ٿين ٿا ته ملڻ مشڪل ٿيو پوي، تنهن هوندي به هو ڪڏهن  ڪڏهن پريس ڪلب جي آس پاس مختلف رنگن جي پاتل شرٽن ۽ جينس ۾ هو، پنهنجي نالي وانگر فلسطيني لڳندڙ شاگرد جئين ملي ويندو هئو، ۽ تڪڙا حال احوال ڏئي وٺي روانو ٿيندو هئو.