; سنڌي شخصيتون: اسلم آزاد، زلف پيرزادو، زرار پيرزادو، نسيم بُخاري،
Showing posts with label اسلم آزاد، زلف پيرزادو، زرار پيرزادو، نسيم بُخاري،. Show all posts
Showing posts with label اسلم آزاد، زلف پيرزادو، زرار پيرزادو، نسيم بُخاري،. Show all posts

14 March, 2020

اسلم آزاد


اسلم آزاد
ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين سندس نعرو گونجندو رهندو
زلف پيرزادو
پاڪستان ۾ ۱۹۸۰ع وارو ڏهاڪو اهڙو هو جڏهن اڃا سيٽلائيٽ چئنلن جي ڀرمار نه ٿي هئي ان ڪري پي ٽي وي عام ماڻهن جو تفريح جي اڪيلو ۽ اهم ذريعو هئي، جڏهن ته ان عرصي کان اڳ سنڌي اخبارن جو به ساڳيو حال هو صرف ٻه يا ٽي سنڌي اخبارون هيون جن ۾ سڀ کان گهڻي پڙهي ويندڙ سنڌي اخبار هلال پاڪستان هئي، هلال پاڪستان جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ صاحب هو ۽ نيوز انچارج اسلم آزاد هو. هلال پاڪستان جا ان دور جا شمارا ڪير پڙهندو ته اندازو ٿيندو ته ڪيتري نج سنڌي لکي ويندي هئي ۽ پروف يا ٻوليءَ جي غلطيءَ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي . جڏهن ته اهڙي عوام دوست اخبار هئي جو ٻين اخبارن سان گڏ سينسر شپ جو به شڪار رهي جڏهن ته هلال پاڪستان صحافين جي نرسري وارو ڪم به ڪيو . نتيجي طور انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمٰن نقاش، سيف ٻنوي، سردار قريشي ۽ ٻيا ڪيترائي صحافي هلال پاڪستان مان سکيا وٺي نڪتا ۽ پوءِ مختلف اخبارن ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندا رهيا.