; سنڌي شخصيتون: قربان جوڻيجو، تعليم، استاد، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label قربان جوڻيجو، تعليم، استاد، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label قربان جوڻيجو، تعليم، استاد، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

19 February, 2020

قربان جوڻيجو - حفيظ چانڊيو


قربان جوڻيجو
تعليم جو روشن ڏياٽيون ٻاريندڙ استاد
حفيظ چانڊيو
جيتوڻيڪ جو هُو عمر جي ان حصي ۾ وڃي پهتو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو مسجدون ۽ مندر وسائيندا آهن، يا وري پيرن تي پڙ وجهندا آهن ۽ مسيتن ۾، نرڙ گسائي سجدن ۾ زندگيءَ جا بچيل ساهه پورا ڪندا آهن، عمر جي انهن آخري ڏينهن ۾ اڪثر ڪري اهڙا ماڻهو پنهنجي زبانن تي ورد ۽ وظيفن ۾ مصروفِ عمل هوندا آهن، پر تعلقي ڏوڪري جو قربان جوڻيجو انهن مثالي استادن مان آهي، جنهن سموري عمر ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاريو آهي، هو سنڌي سماج جو اهو مثالي استاد آهي، جيڪو پنهنجي پيرسنيءَ واري عمر ۾ ڏڪندڙ هٿن سان شاگردن کي پڙهائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو ٿو رهي.