; سنڌي شخصيتون: سيٺ هرچند راءِ وشنداس - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

سيٺ هرچند راءِ وشنداس - شوڪت حسين شورو


سيٺ هرچند راءِ وشنداس
سنڌ ۾ جديد سياست جو باني
شوڪت حسين شورو
سنڌ ۾ جديد سياست جو بنياد رکندڙ سيٺ هرچند راءِ وشنداس نامياري سخي مرد سيٺ وشنداس نهالچند جو وڏو پٽ هو. ڀارواڻي ڪٽنب جي ڪلام، ڪٽنب جي تاريخ ۽ ڀاتين جي جيون چرتر بابت موتيرام رامواڻي جي لکيل ڪتاب ”رتن جوت“ موجب هرچند راءِ جو جنم مئي 1862ع ۾ مانجهو ڳوٺ ۾ ٿيو. هن اوائلي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. پوءِ مڊل اسڪول ڪورس ڪوٽڙيءَ ۾ ڪرسچن مشنريءَ پاران برپا ڪيل ائنگلو ورنيڪيولر مشن اسڪول مان ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ لاءِ هو اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري هن بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ بي اي جو امتحان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ايل ايل بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. هرچند راءِ سنڌ ۾ موٽي اچي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ شڪارپور جي ڪورٽ ۾ سرشتيدار بڻيو. سيٺ وشنداس کي اها ڳالهه نه وڻي ته سندس پٽ سرڪاري نوڪري ڪري. سو ڪهي شڪارپور ويو ۽ هرچند راءِ تي نوڪري ڇڏڻ لاءِ زور رکيائين. هرچند راءِ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڪراچيءَ ۾ اچي وڪالت شروع ڪئي. هن 1880ع ۾ ڊينسو هال ويجهو، بندر روڊ تي وڪالت جي آفيس کولي. هرچند راءِ قابل، تيز فهم ۽ آزاد خيال نوجوان هو. ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ جو ڍنگ ۽ فهم سٺو هئس، ان ڪري ٿوري عرصي ۾ ڪراچيءَ جي مکيه ۽ برک وڪيلن ۾ ليکجڻ لڳو. 1890ع ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن برپا ٿي ۽ سيٺ هرچند راءِ ان جو پهريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن اهو عهدو 38 سال ۽ زندگيءَ جي آخري دم تائين ماڻيو.


 سيٺ هرچند راءِ 26 ورهين جي ڄمار ۾ 1888ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1911ع ۾ سيٺ هرچند راءِ ڪراچي ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. هن پنهنجي زندگيءَ جو شاندار عرصو سڄا سارا 33 سال ڪراچي شهر جي سيوا ۽ خدمت ۾ گذاريا. ڏهن سالن جي پريزيذنٽ واري عرصي ۾ شهر جي بهبود، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ سندس ورتل ڪوششن سبب ڪراچي هڪ ڳوٺ جي صورت مان بدلجي هڪ ماڊرن ۽ سهڻو شهر بڻجي سگهيو. سندس ايامڪاري ۾ اولڊ ٽائون، مڇي مياڻي ۽ رنڇوڙ لائين جي سوڙهين، ڳتيل ۽ ور وڪڙ وارين گهٽين کي ويڪرو، ڪشادو ۽ سڌو ڪرڻ لاءِ جاين جي مالڪن کان گهربل زمينن جا ٽڪرا ميونسپالٽي پاران خريد ڪيا ويا. ٽنهي هنڌ ويڪريون ۽ ڪشاديون گهٽيون ٺهي ويون. شهر جي حدن کي وڌائڻ لاءِ گارڊن ڪوارٽر کي شهر سان ملايو ويو ۽ لياري نديءَ کي گارڊن جي ويجهو، ڌوٻي گهاٽ وٽ بند ڏئي پاڻيءَ جي وهڪري کي ڦيرايو ويو. شهر جي وچ وارو نديءَ جو اڳيون پيٽ ڀريو ويو. انهيءَ سان هڪ نئون ڪوارٽر وجود ۾ آيو. انهيءَ ڪوارٽر کي سيٺ هرچند راءِ جي نالي سان ڪوٺڻ جي رٿا کي سيٺ صاحب پاڻ رد ڪيو ته ”هي ڪوارٽر چيف انجنيئر مسٽر لي جي رٿا ۽ محنت جو نتيجو آهي، تنهن ڪري هن جي نالي سان سڏيو وڃي“. پوءِ اهو لي ڪوارٽر سڏيو ويو. سيٺ هرچند راءِ جي ڪوششن سان هند سرڪار طرفان ملٽري کي شهر مان هٽائي، ٻئي هنڌ ڊرگ روڊ تي آندو ويو ۽ اهڙي ريت بندر روڊ ايڪسٽينشن واري زمين ۽ آرٽلري ميدان وارا پلاٽ ميونسپالٽي جي هٿن ۾ آيا. جمشيد ڪوارٽر جو بنياد سيٺ هرچند راءِ جي محنتن سان پيو. رام باغ، رتن تلاءُ ۽ رنڇوڙ لائين وارا ميدان اوائل ۾ ڪچا ۽ سڪل تلاءَ هوندا هئا. انهن جي ڀرتي ڪئي وئي ۽ کين شاندار وندرگاهه ۽ پبلڪ پارڪن جي صورت ۾ آندو ويو. هيل تائين ڪراچي جا رستا ڪچا هوندا هئا ۽ ڌوڙ جو وڏو آزار هوندو هو. رستن تي ڪڪري ۽ ڏامر ڪتب آڻڻ جو سرشتو سيٺ هرچند راءِ عمل ۾ آندو. رستا پڪا ٿيا ۽ مکيه رستن بندر روڊ، مئڪلوڊ روڊ ۽ ٻين ڪن رستن تي فوٽ پاٿن ٺهرائڻ جو رواج سيٺ هرچند راءِ شروع ڪرايو. پڪن روڊن ۽ فوٽ پاٿن ٺهڻ سان شهر جي رونق ئي ڦري وئي. ايلفنسٽن اسٽريٽ يا ايلفي جي حالت اها هئي، جو فوٽ پاٿ جو نالو ته ڪو نه هو، پر ٻنهي پاسي کڏون کوٻا لڳا پيا هئا. انهيءَ گهٽيءَ کي شاندار حالت ۾ سيٺ هرچند راءِ آندو. ڪلفٽن روڊ، لارينس روڊ ۽ ٻيا ڪيترائي رستا ڪشادا ڪيا ويا. منگهو پير روڊ نئون ٺهرايو ويو. سيٺ هرچند راءِ جي ايامڪاريءَ ۾ ڪراچي ميونسپالٽيءَ پاران شهر جون مکيه مارڪيٽون، شاندار پبلڪ جايون، ڌرمشالائون، مسافر خانا، رڪريئشن گرائونڊ، نوان رستا، پلون، ڪلفٽن واري پريڊ وغيره ٺهيا. ميونسپالٽي جي بندر روڊ واري نئين آفيس ٺهرائڻ جي شروعات پڻ سيٺ هرچند راءِ ڪئي. سندس ڏينهن ۾ بلڊنگ اڏائڻ جو ڪم شروع ٿيو. پلنٿ تائين ڪم هليو، پر مهاڀاري لڙائي لڳڻ سبب ڪم رڪجي ويو. 7 جنوري 1932ع ۾ ميونسپل آفيس کولڻ جو مهورت ٿيو. ان وقت ميونسپل جي پريزيڊنٽ جمشيد نسروانجي مهتا مهورت ڪندي چيو ته ”ميونسپالٽي لاءِ پنهنجي بلڊنگ جوڙائڻ جو خيال اسان جي اعليٰ دماغ ۽ محب وطن سيٺ هرچند راءِ کي آيو ۽ هن پلئن ٺهرائي اڏاوت جو ڪم شروع ڪرايو....“

 سنڌ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي 1910ع کان چار عيوضي چونڊجي وڃڻ لڳا. سيٺ هرچند راءِ، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيد الهندو شاهه ۽ مانٽيگو ويب سنڌ مان چونڊجي ويا. رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سيٺ هرچند راءِ ويجها دوست ۽ ساٿي هئا. ٻئي ڄڻا سنڌ جي مسئلن تي گڏجي ۽ يڪمشتيءَ سان منهن ڏيندا هئا. سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري جدوجهد ٻنهي ڄڻن گڏجي شروع ڪئي. رسائي، لاپي، ڇيڙ ۽ بيگر جي خلاف هنن بمبئي ڪائونسل ۾ آواز اٿاريو. سيٺ هرچند راءِ بمبئي ڪائونسل تي 10 سالن تائين ميمبر ٿي رهيو. مالي بجيٽ جي بحثن ۾ خاص طور حصو وٺندو هو ۽ زوردار تقريرون ڪندو هو. کيس ڪائونسل جي مالي ڪميٽي تي چونڊيو ويو هو. سيٺ هرچند راءِ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندو هو ته سنڌ جي بجيٽ جا انگ اکر ڌار ڏيکاريا وڃن، جيئن خبر پئي ته سنڌ جي صحيح حالت ڪهڙي آهي. بمبئي علائقي جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي حالت گهڻو پوئتي پيل هئي. سيٺ هرچند راءِ، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ سندن ساٿين سنڌ جي حقن خاطر آواز اٿارڻ شروع ڪيو هو، جنهن سبب سنڌ ۾ ڪيترا سڌارا عمل ۾ اچڻ لڳا. سيٺ هرچند راءِ  بمبئي ڪائونسل ۾ جنهن به مسئلي ۽ سوال تي ڳالهائيندو هو ته پهرين ان جو ڀرپور اڀياس ڪري تقرير ڪندو هو. سنڌ جي واهن واري سرشتي يا رستن جي حالت ۾ سڌاري ۽ واڌاري جي لاءِ هن وڏيون ڪوششون ورتيون. هن سنڌ ۽ سنڌين جي اهنجن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي حل ڪرائڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي. هندستان جي مرڪزي اسيمبلي (انڊين ليجسليٽو اسيمبلي) تي 1920ع ۾ سنڌ مان پهريون دفعو چار عيوضي ۽ ڪائونسل آف اسٽيٽ تي هڪ عيوضي چونڊجي وڃڻ لڳا. ان ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس، علي بخش محمد حسين، ولي محمد حسن علي ۽ صاحب سنگهه شهاڻي ۽ ڪائونسل آف اسٽيٽ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي چونڊجي ويا. اسيمبلي جي ڪاروبار سبب سيٺ هرچند راءِ کي گهڻو وقت دهلي ۾ رهڻو ٿي پيو. انهيءَ ڪري هن ڪراچي ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ جي عهدي تان پاڻمرادو رٽائر ڪيو. هو هند اسيمبلي تي زندگي جي آخري دم تائين يعني اٺ سال ميمبر ٿي رهيو. جيتوڻيڪ سندس تعلق آل انڊيا ڪانگريس پارٽي سان هو. سندس ئي ساٿ سان ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو ساليانو جلسو به ٿيو هو. پر چونڊن ۾ سيٺ هرچند راءِ هميشه آزاد اميدوار جي حيثيت سان بيهندو هو. سندس عقيدو هو ته سنڌ ملڪ هندستان جي انهن حصن مان هو، جيڪي پوئتي پيل هئا، تنهن ڪري سنڌ واسين جي مسئلن کي آزاد ۽ خود مختيار ڍنگ ۾ ئي حل ڪري سگهبو. سيٺ هرچند راءِ پنهنجي خود مختياري ۽ آزادگي قائم رکڻ لاءِ چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽي پاران نه بيهندو هو. سڀني چونڊن ۾ سندس مخالفت ۾ ڪانگريس پارٽي جا اميدوار بيهندا هئا. سيٺ هرچند راءِ انهن اميدوارن کان وڏي گهڻائي سان هر چونڊ کٽي ويندو هو. هند اسيمبلي جي 1920ع وارين چونڊن ۾ ڪانگريس طرفان ڪوشش ڪئي وئي ته سيٺ هرچند راءِ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي. ان لاءِ قسم نامو تيار ڪري هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي ته اها کيس مڃائي. حيدرآباد ۾ سنتداس وڪيل جي آفيس ۾ ڪاميٽيءَ ساڻس ملاقات ڪئي. سيٺ هرچند راءِ کين صبر سان ٻڌو ۽ قسم نامو پڙهي پورو ڪري چيو: ”هاڻ مان پنهنجو جواب ڏيان؟ منهنجي صاف لفظن ۾ ”نه“ آهي. اهو قسم نامو صحيح ڪرڻ سان مان پاڻ کي ٻڌڻ ۽ جڪڙڻ نٿو چاهيان. ائين ڪرڻ سان مون کي پنهنجو ضمير وڪڻڻو پوندو. ڪانگريس جي چوڻ موجب مون کي اندر اچڻو ۽ ٻاهر وڃڻو پوندو. پتليءَ وانگر ڏوريءَ جي ٻاهرئين ڇڪ تي نچڻو پوندو. اهڙي ريت هلڻ هڪ چونڊيل ميمبر جي شان ۽ مان وٽان نه آهي. اهو اٿوَ منهنجو جواب، هاڻي اوهان کي جيئن وڻي قدم کڻو.“ ڪانگريس سندس مخالفت ۾ ٽيڪمداس واڌو مل کي اميدوار بيهاريو. وڏي چڪري لڳي. جيڪب آباد کان وٺي حيدرآباد تائين ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي، سيٺ هرچند راءِ وڏي گهڻائي سان کٽيو. اصولن خاطر هن وقت، محنت ۽ پئسي جي قرباني جو ويچار نه ڪري، پنهنجو شان اوچو رکيو. هو هند اسيمبلي جو جهوني ۾ جهونو ميمبر هو. آزاد ميمبر هوندي به سڀني پارٽين جي رضامنديءَ سان کيس ايوان جي پهرئين قطار ۾ جاءِ مليل هئي. اسيمبلي ۾ هو هر سوال ۽ هر مسئلي تي پنهنجي آزاد ۽ خود مختيار حيثيت سان حصو وٺندو هو ۽ حڪومت جي اڻ سهائيندڙ قدمن ۽ پاليسين جي مخالفت زوردار نموني ڪندو هو. سندس ووٽ ديس ۽ قوم جي فائدي جي ڏس ۾ ويندو هو. سکر بئراج واري تجويز کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ جيڪي اوائلي ڪوششون ورتيون ويون، تن ۾ سيٺ هرچند راءِ جو وڏو هٿ هو. سيٺ هرچند راءِ هندو مسلم ايڪتا جو حامي هو. سندس چوڻ هو ته، ”آزادي جلد ۾ جلد حاصل ٿئي، تنهن لاءِ مکيه ضرورت هيءَ آهي ته ديس جي ٻن مکيه جاتين، هندن ۽ مسلمانن ۾ ايڪو ۽ ڀائپي قائم رهي. هندو مسلم اتحاد کان سواءِ مليل آزادي بي معنيٰ آهي.“

 سيٺ هرچند راءِ هند اسيمبلي جي 15 آگسٽ 1927ع واري اجلاس ۾ شملا ويل هو، جتي سخت بيمار ٿي پيو. کيس پيٽ جي سخت تڪليف ٿي، دست ۽ رت جون الٽيون اچڻ لڳس. سول سرجن جي صلاح سان شملا ڇڏي ڪراچي موٽي آيو. انگريز سرڪار پاران ٺاهيل ”سائمن ڪميشن“ جي هندستان ۾ وڏي مخالفت ٿي رهي هئي. هند اسيمبلي جو دهلي وارو اجلاس 16 فيبروري 1928ع ۾ ٿيڻو هو، جنهن ۾ لالا لجپت راءِ طرفان ”سائمن ڪميشن“ خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ تي ووٽنگ ٿيڻي هئي. سيٺ هرچند راءِ جي پنهنجي ووٽ کانسواءِ ڪجهه ٻين ووٽن جو مدار مٿس هو. لالا لجپت راءِ کيس دهلي ۾ اچڻ لاءِ چيو. دهليءَ جي زبردست ٿڌ، بيماريءَ سبب نستو، ڊاڪٽرن پاران آرام ڪرڻ جي صلاح ۽ مٽن مائٽن جي روڪڻ جي باوجود سيٺ هرچند راءِ قومي سڏ سبب دهلي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. لاهور ميل ۾ ڪراچيءَ مان روانو ٿيو. دهلي پهچڻ تائين سندس حالت ايتري خراب ٿي وئي جو گاڏيءَ مان ڪرسيءَ تي کڻائي موٽر ۾ آندو ويو ۽ اسپتال نيو ويو. هن طبيعت جي خراب هوندي به اسيمبلي ۾ پهچي پنهنجي ووٽ ڏيڻ تي زور ڀريو ۽ پاڻ کي ايمبولينس ۾ کڻائي اسيمبلي ڏانهن ويو. موت کيس مهلت نه ڏني ۽ واٽ تي گذاري ويو. ان دکدائڪ واقعي سبب اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. سنڌ سميت سڄي هندستان ۾ سيٺ هرچند راءِ کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ويو. سيٺ هرچند راءِ جي ڇهين ورسي جي موقعي تي 16 فيبروري 1934ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي جي ڪمپائونڊ ۾ سندس مجسمي جو مهورت جمشيد مهتا ڪيو ۽ تقرير ۾ کيس شانائتي ڀيٽا ڏني. پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال پوءِ هرچند راءِ وشنداس جي مجسمي جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڪٿي اڇلائي وئي ۽ ڌڙ واري مجسمي کي به اتان هٽائي ڦٽو ڪيو ويو، جيڪو هاڻي مهوٽا پئلس ۾ آڻي رکيو ويو آهي، پر اڃا تائين سسي نئين سر ٺهرائي مجسمي کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت نه سمجهي وئي آهي!

No comments:

راءِ ڏيندا