; سنڌي شخصيتون: ڄيٺمل پرسرام - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

ڄيٺمل پرسرام - شوڪت حسين شورو


ڄيٺمل پرسرام
هڪ صوفي سوشلسٽ
شوڪت حسين شورو
ڄيٺمل پرسرام هڪ اهڙي گهڻ پاسائين شخصيت وارو ليکڪ هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ علم سان گڏ عمل کي به اهميت ڏني. هو هڪ بهترين نثرنگار ته هو ئي، پر ديس ۽ سماج جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ الڳ الڳ ميدانن ۾ ڪم ڪندڙن جي صف ۾ به اڳرو رهيو. سنڌ ۾ ان وقت ڪا به اهڙي سياسي، سماجي ۽ ادبي هلچل ڪا نه هئي، جنهن ۾ هن حصو نه ورتو هجي. ڄيٺمل آڪٽوبر 1885ع ۾ حيدرآباد جي عامل ڪٽنب ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جي مالي حالت آڻڻ ۽ چاڙهڻ واري هئي. ان جو اثر ڄيٺمل جي پڙهائي تي به ٿيو، جو هو اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو، پر هن جي ذهانت ۽ علميت ڪنهن به ڊگريءَ کان مٿانهين هئي. هن ابتدائي تعليم بعد ثانوي تعليم ساڌو نولراءِ ۽ هيرانند اڪيڊمي مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ جو امتحان بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪيو. هن اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ روزگار جي لاءِ حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان کوليو، اهو نه هليو ته پنهنجي اسڪول اڪيڊمي ۾ ماستر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ڪراچي هليو ويو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ کيس ماستري ملي. لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي پڻ ان سال سنڌ مدرسي ۾ ماستر ٿيو. ٻئي ڄڻا اڪيڊمي ۾ گڏ پڙهيا هئا. هم خيال هئڻ ڪري هنن جي پاڻ ۾ دوستي آخري دم تائين قائم رهي. ڄيٺمل پرسرام پنهنجن شاگردن کي مذهبي ڪٽرپڻو تياڳي، سڀني مذهبن کي هڪ جهڙي عزت ڏيڻ، سچ جي واٽ وٺڻ ۽ انساني ڀائيچاري جا سبق ڏيندو هو. هو پاڻ به خوددار ۽ آزاد ويچارن جو انسان هو. هن ڪڏهن به پئسن ڪمائڻ ۽ دولت ٺاهڻ جي ڳالهه نه سوچي. سدائين مالي مشڪلات ۾ گهيريل رهيو، پر هن لاءِ غريبي گلزار هئي. سچو ماڻهو هو، جيڪا ڳالهه کيس صحيح ۽ سچي لڳندي هئي، انهيءَ تان پٺتي نه هٽندو هو. پوءِ ڀلي ان لاءِ کيس ڪهڙي به قرباني ڏيڻي پئي. سرڪاري اسڪول جو هيڊ ماستر هو، تڏهن انگريز سرڪار جي پاليسين جي مخالفت ڪرڻ سبب نوڪري ڇڏي ڏنائين. سنڌي ٻولي ۽ ادب، صحافت ۽ سياست، قومي هلچل ۽ سنڌ سڌار سندس زندگيءَ جا مرڪز بڻجي ويا.

 ڄيٺمل پرسرام اعليٰ درجي جو اديب ۽ نثرنگار هو، هن جو ادب ۾ تخلص ”گلراج“ هو، جيڪو پنهنجي آڪهه گلراجاڻي مان ڪڍيو هئائين. هن کي سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ تي به عبور هو. انگريزي مان ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپايا هئائين. هن سنڌي ساهتيه سوسائٽي برپا ڪئي، جنهن جي پاران سنڌيءَ ۾ ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هن پاڻ به اٽڪل 27 ڪتاب لکي ڇپرايا هئا، جن ۾ شاهه جون آکاڻيون، صوفي سڳورا، سچل سرمست، ميران ٻائي، سناتن ڌرم، انگريزي ۾ لکيل “Sindh and its sofies” مشهور ڪتاب آهن. ڄيٺمل پرسرام جو تخليقي ادب سندس زماني جو آئينو آهي. هن جي اصلوڪين ڪهاڻين جو مجموعو ”چمڙا پوش جون ڪهاڻيون“ سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوج جي شروعات آهي. ڄيٺمل پرسرام نقاد پڻ هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاهه جي رسالي مان جيڪي ڌاريا بيت ڪڍي ڇڏيا هئا‏، ان تي ڄيٺمل پرسرام سخت تنقيد ڪئي. سنڌي صورتخطي ۾ اعرابن جي مسئلي تي به هن پنهنجو اختلاف ظاهر ڪيو هو. هن 1921ع ۾ ”روح رهاڻ“ نالي سان ماهوار ادبي رسالو ڪڍيو، جيڪو 23 سال باقاعدي جاري رهيو. ڄيٺمل اخبار نويسيءَ کي به ادب جي اوچائي تي رسايو. هن 1917ع ۾ حيدرآباد مان ”هند واسي“ نالي سان روزاني اخبار ڪڍڻ شروع ڪئي هئي، جنهن لاءِ مالي مدد کيس رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ۽ ڪجهه ٻيا دوست ڏيندا هئا. ان اخبار جو مکيه مقصد هو، سنڌي عوام ۾ قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ”هوم رول“ جي آواز کي ڦهلائڻ. ڄيٺمل پرسرام ٿياسافسٽ هو. اسڪولي زماني کان وٺي هو ائني بيسنت جي ٿياسافيڪل اصولن کان متاثر ٿيل هو. ائني بيسنت ”هوم رول ليگ“ طرفان هلچل شروع ڪئي ته پرسرام ان ۾ شامل ٿي ويو. 1919ع ۾ برطانيا سرڪار رولٽ ائڪٽ پاس ڪيو، جنهن مطابق ڪنهن به ماڻهوءَ کي سرڪار خلاف ڪم ڪرڻ تي گرفتار ڪري نظربند رکي سگهيا ٿي، پريس تي به پابنديون مڙهيون ويون. 13 اپريل 1919ع ۾ امرتسر جي جليانوالا باغ ۾ سکن جو قتل عام ڪيو ويو. ڄيٺمل پرسرام رولٽ ائڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي انگريز سرڪار جي ارهه زوراين خلاف اخبار ۾ زوردار تنقيد لکي. شاهه لطيف جي بيت مان هڪ سٽ کي پنهنجي ايڊيٽوريل جو سرو بڻايائين: ”ڪلالڪي هٽَ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي“. انهيءَ تي ممڻ مچي ويو ۽ ڄيٺمل کي گرفتار ڪيو ويو. ايڇ ٽي سورلي جي ڪورٽ ۾ هن تي ڪيس هليو. پوليس جيڪي شاهد پيش ڪيا، تن بيت جي معنيٰ سمجهائيندي چيو ته ان سان عوام کي بغاوت ڪرڻ ۽ قتل عام ڪرڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي. سورلي تڏهن اڃا سنڌي ٻولي ايتري ڪو نه ڄاڻندو هو، تنهن ڄيٺمل کي چئن سالن جي سزا ڏني. ان ڪيس سبب سورلي کي شاهه لطيف سان دلچسپي پيدا ٿي وئي ۽ هن بعد ۾ شاهه لطيف تي انگريزي ۾ هڪ شاندار ڪتاب لکيو. ڄيٺمل پرسرام جي گرفتار ٿي وڃڻ بعد ”هندواسي“ اخبار هلائڻ جون واڳون جئرامداس دولترام، پروفيسر گهنشام شوداساڻي ۽ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي سنڀاليون. کين ڊپ هو ته متان سرڪار اخبار ضبط ڪري، ان ڪري هنن اخبار جو نالو بدلائي ”ڀارتواسي“ رکيو. ان وچ ۾ ڄيٺمل پرسرام جي سزا گهٽائي وئي. ڊسمبر 1920ع ۾ ڄيٺمل سميت سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو ويو. ڄيٺمل آزاد ٿي حيدرآباد پهتو ته کيس جيڪا شاندار آجيان ملي، اها سنڌ ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ کي ان زماني ۾ نه ملي هئي. قلعي کان وٺي سري گهاٽ تائين سڄي شاهي بازار ۽ اسٽيشن روڊ کي سينگاريو ويو. اسٽيشن پهچڻ سان ڄيٺمل کي هارن سان جهنجي وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ويهاريو ويو. گاڏيءَ جا گهوڙا ڇوڙي، ماڻهو وڪٽوريا پاڻ ڪاهڻ لڳا. سرگس سان گڏ بئنڊون، دهل ۽ شرنايون وڄنديون هليون. ڄيٺمل تان پئسا، پتاشا ۽ گل گهوريا پئي ويا. سرگس کي اسٽيشن کان سري گهاٽ تائين پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳي ويا. شام جو هومسٽيڊ هال ۾ شهرين طرفان کيس شانائتو آجياڻو ڏنو ويو. ڄيٺمل پرسرام پنهنجي جيل جي آزمودن تي ”ترنگ جو تيرٿ“ لکيو، جيڪو پهرين اخبار ۾ قسطن ۾ شايع ڪندو رهيو، جنهن کي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيائين.

 ڄيٺمل پرسرام ”ڀارت واسي“ اخبار کي پاڻ اچي سنڀاليو ۽ اها ٻه سال روزانه نڪرندي رهي، جنهن کانپوءِ ڄيٺمل ان کي هفتيوار اخبار بڻايو. سال کان پوءِ اها بند ٿي وئي. ڪجهه سالن کانپوءِ هن ڪراچي وڃي پريس کولڻ جو فيصلو ڪيو. 1929ع ۾ ڄيٺمل ڪراچيءَ مان ”سنڌ هيرالڊ“ نالي سان انگريزي ۾ روزانه اخبار جاري ڪئي. ساڳئي سال هن ڪراچيءَ مان نڪرندڙ اخبار ”پرڪاش“ کي به لالچند امر ڏنو مل سان گڏجي سنڀاليو. بعد ۾ ڄيٺمل ”سنڌ هيرالڊ“ جو سنڌي ايڊيشن روزاني اخبار جي صورت ۾ ڪڍڻ شروع ڪيو، ان جو ايڊيٽر هو پاڻ هو. 1933ع ۾ ڄيٺمل پرسرام سنڌ نئشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ فقط مئٽرڪ پاس  هو، پر سندس علمي قابليت پي ايڇ ڊي وارن کان وڌيڪ هئي. هن ست اٺ سال انهيءَ ڪاليج ۾ پڙهايو، انهيءَ وچ ۾ هو بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي الڳ ڪرڻ جي سوال تي لڳاتار پنهنجين لکڻين ۽ تقريرن وسيلي پٺڀرائي ڪندو رهيو، جڏهن ته ٻيا گهڻا هندو اڳواڻ انهيءَ جي خلاف هئا. اهڙي ريت هن خلافت تحريڪ بابت مهاتما گانڌيءَ جي خيالن جي پڻ مخالفت ڪئي، جنهن تي ڪانگريس جا اڳواڻ ناراض ٿي پيا هئا. ڄيٺمل پرسرام هميشه پنهنجي راءِ تي اڏول بيٺو رهيو.

 ڄيٺمل سوشلزم جو حامي هو. هن سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو سوشلزم تي ”ساهيواد“ نالي ڪتاب لکيو هو. هن سوشلزم کي سنڌ جي صوفي روايتن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. هو پاڻ به بنيادي طور صوفي هو. ڄيٺمل سنڌ ۾ پهريون ماڻهو هو، جنهن زمينداري ظلمن جي خلاف هاري ”حقدار“ جو نعرو بلند ڪيو ۽ غريب هارين ۽ پورهيتن جي حقن جي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي. هو سنڌ هاري جماعت جي اوائلي بانين مان هو ۽ ورهين جا ورهيه ان جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. هندو مسلم ايڪتا جو ان حد تائين حامي هو، جو جڏهن به سنڌ ۾ ڪٿي به هندو-مسلم نفاق منهن ڪڍندو هو، تڏهن هو پير غلام مجدد سرهندي، سنتداس منگها رام ۽ ڊاڪٽر چمنداس سان گڏ اتي پهچي نفاق کي ختم ڪرائيندو هو.

 جي ايم سيد ڄيٺمل پرسرام کي پنهنجو سياسي مددگار ۽ صلاحڪار، تصوف ۾ استاد، دوست ۽ ڀاءُ ڪري سڏيو آهي. سندس لکڻ موجب جيڪڏهن ڪنهن به هڪ انسان سندس زندگيءَ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ڪيو، ته اهو ڀاءُ ڄيٺمل هو. جي ايم سيد 1940ع ۾ پنهنجي وزارت دوران ”سنڌ يونيورسٽي“ برپا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان لاءِ هن جيڪا ڪاميٽي ٺاهي، تنهن ۾ ڄيٺمل پرسرام کي به ميمبر طور کنيو هئائين. وري جڏهن 1941ع ۾ سرڪار طرفان سنڌي ادب لاءِ صلاحڪاري بورڊ ٺاهيو ويو (جنهن کي پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جو نالو ڏنو ويو)، ان ۾ به ڄيٺمل پرسرام ميمبر ٿي رهيو.

 پاڪستان قائم ٿيو ته هر طرف هندو-مسلم فساد ٿيڻ لڳا، سنڌ مان به هندو لڏڻ لڳا. پر ڄيٺمل پرسرام اٽل ٿي هتي ويهي رهيو ته وطن کي ڪيئن ڇڏبو. هو جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين سان گڏجي سنڌ جي دوري تي نڪري هندن کي سمجهائڻ لڳو ته وطن نه ڇڏيو، پر حالتون اهڙيون بڻيون جو ڪنهن به سندس ڳالهه نه ٻڌي. سندس اڪيلو پٽ رام پنهنجن ٻارن سان گڏ بمبئي هليو ويو. پويان ڄيٺمل سخت بيمار ٿي پيو، کيس سندس ڪجهه دوست علاج جي بهاني بمبئي وٺي آيا ته طبيعت سڌرندي ئي سنڌ موٽي وڃجانءِ. پر هو هڪ هفتي اندر بمبئي جي هڪ اسپتال ۾ 6 جولاءِ 1948ع ۾ گذاري ويو. پير علي محمد راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، ”ڄيٺمل جون ڪهڙيون ڪهاڻيون ڪجن؟ زبانداني سان گڏ بي انتها محبتي ماڻهو هو. سنڌ جي صوفيانه ڪلچر جو چرندڙ پرندڙ نمونو هو. انسان-دوست، ڀيد-ڀاوَ کان ڀڳل هوندو هو. سنڌ گل، ته هي پروانو، سنڌ باغ، ته هي بلبل...هڪ ڏينهن اکين ۾ سرمو پائي آيو، مون ٽوڪيس: ”ڪاڪا! اڄ عشق کي عملي جامو پهرائڻ نڪتا آهيو!“ چيائين: ”بابا، سنڌڙي جي مٽي اکين ۾ وڌي اٿسي، روهڙي مان ڪنهن سڄڻ موڪلي آهي، چي اتاهون جي ٽڪرن مان ڪڍيل آهي“.

No comments:

راءِ ڏيندا