ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي
هارين جي حقن لاءِ جنگ جوٽيندڙ سپاهي
مدد علي سنڌي
سنڌ
جي ماضي قريب واري تاريخ جا واقعا، ڪيترن ئي ڪردارن سان ڀريا پيا آهن، جن سنڌ لاءِ
پاڻ پتوڙيو ۽ هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهي. انهن مثالي ڪردارن جا صحرا نورد ڪارناما، تاريخ
جو حصو ته بڻيا، پر اهي ڪردار ان جنگ ۽ جدوجهد ۾، پنهنجو تن، من، حياتيءَ جو
خوبصورت دور، گذاري پاڻ پڇاڙيءَ تائين تمام خسته حال رهيا. پاڻ سڙي خاڪ ٿي ويا،
ٻين جي لڙائي لڙي. هاڻي ته اکيون ٿيون واجهائين انهن لاءِ. چؤپاسي ماڻهپي ۽ ماڻهن
جي اڻاٺ آهي. تڏهن ٿي مرحوم حافظ احسن چنا، دادوءَ واري جي ڪافيءَ جي هيءَ سٽ ذهن
تي تري اچي:
نام الله جي دلبر، واڳ اڱڻ آءُ واري،
سال لنگهي ويا سِڪ ۾، ساهه توکي ٿو ساري!
هي
اُهي ماڻهو هئا، جن وٽ هڪ مقصد هو. نظريو هو. هڪ ڪمٽمينٽ هئي.... پاڻ سدائين ڏکيا
رهيا، پر ماروئڙن جي سک لاءِ هر وقت ۽ هر در دم تازا توانا رهيا. جهيڙا جوٽيائون،
وقت جي وڏن جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڪامورن سان پر ڪڏهن به لوئي نه لڄايائون. خواجه
غلام فريد جي هن ڪافيءَ جي سٽ وانگر:
لڄ لوئي ڪين اتاريندس
تنهنجا بخمل باهه ۾ ٻاريندس!
ورهاڱي
کان اڳ ۲۰ صدي جي سنڌ ڏاڍي ڏکي هئي، پر قومي ڪم ڪندڙ ڏاڍا ڪي جهونجهار
هئا. سندن لنڱ لوهه هئا. اهو دور سال ۱۹۲۰ع جو آهي،
جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي هارين سان ٿيندڙ ڏاڍ، جبر،
بيگار، رسائيءَ ۽ لاپي جهڙن آزارن بابت آواز اٿاريو. تڏهن سنڌ، بمبئي سان ڳنڍيل
هئي. رئيس ڀرڳڙيءَ جي جدوجهد جي ڪري رسائيءَ ۽ لاپي جا آزار ته ختم ٿيا، پر سنڌ ۾
پوءِ جهڙي هاري حقدار جي دونهين دُکجي ويئي. تان جو ۱۹۳۰ع ۾ ميرپورخاص
۾ هارين جي حقن لاءِ هڪ ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ جمشيد مهتا، پرنسيپال گوڪلي، داد ڄيٺمل
برسرام، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ عبدالقادر ڌامراهه ۽ ٻيا
شريڪ ٿيا. ان ڪانفرنس ۾ “سنڌ هاري ايسوسيئيشن” جو بنياد پيو، جيڪا پوءِ اپريل ۱۹۳۶ع
ڌاري ٽنڊي ڄام ۾ اول سنڌ هاري مزدور پارٽيءَ ۽ ستت پوءِ “سنڌ هاري ڪميٽي” جي نالي
سان سنڌ جي جهر جهنگ ۾ ڪاهي پئي. پوءِ ته کوڙ سارا قومي ڪارڪن ۽ ڪامريڊ سنڌ جي
ٻهراڙين ۾ پکڙجي ويا. اوچتو ئي اوچتو، سنڌ جي صدين کان نظرانداز ٿيل هارين، ڪڙمين
ڪاسبين لاءِ هاري حقدار جو نعرو گونجڻ لڳو. اهي سڀ هاري ڪميٽيءَ جا ڪامريڊ هئا.
انهن کان جڏهن ان دور ۾ عام ماڻهو پڇندا هئا، “ابا توهين ڪير آهيو؟”
ته
جواب ڏيندا هئا، “هاري ڪميٽي جا هاري حقدار ڪامريڊ!!” آئون سمجهان ٿو، سنڌ اندر
اوائلي دور ۾، قومي جاڳرتا پکيڙڻ ۾ ڪانگريسي ورڪرن ۽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو وڏو
ڪردار رهيو. سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هاري ڪميٽيءَ جون شاخون قائم هونديون هيون.... پوءِ
ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به نوڪري ڇڏي اچي انهن قومي ڪارڪنن سان شامل ٿيو. اهڙن
ئي جهونجهار مڙسن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر ڌامراهه، ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي،
ڪامريڊ عبدالقادر انڍر، ڪامريڊ جمال الدين بخاري، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، قاضي فيض
محمد، ڪامريڊ ابن حيات پنهور، ڪامريڊ نبي بخش تنيو، ڪامريڊ غلام محمد لغاري،
ڪامريڊ عبدالغفور سرهندي عمرڪوٽ وارو، ڪامريڊ جمال الدين منگي شڪارپور وارو ۽ ٻيا
ڪيترا ئي هئا. انهن مان ڪجهه اسان اکيئن به ڏٺا، ساڻن ڪچهريون به ڪيون ۽ سندن
تقريرون به ٻڌيون سين.
لاڙڪاڻي
ضلعي جو ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي، ذات جو جتوئي، هو. مولويءَ جو پٽ هوندي به
پڪو ڪامريڊ. بُت تي سدائين کاڌيءَ جي پوشاڪ، ڳچيءَ ۾ کاڌيءَ جو بوڇڻ، پيرن ۾
پٺاڻڪو گهيتلو ۽ اکين ۾ اُلا! ظاهري طور تي اُگري ۽ سخت طبيعت جو مالڪ، جوشيلو پر
گفتار جو غازي. ڇا ته هو مرحوم جو جاهه و جلال! ڪچهريءَ ۾ ويهي گفتگو ڪندو ته ٻيا
سمورا پنڊ پهڻ ٿيو ويٺا کيس ٻڌندا. مجال آهي جو ڪو کڻي کانئس ابتو سبتو سوال ڪري.
پوءِ ته هن کي وٺي اهڙي ڌمال ڪڍندو، جو الله ڏي ٻانهو سهي! پاڻ ۱۹۳۰ع
کان وٺي هارين جي حقن لاءِ جنگ وڙهندو آيو هو. لاڙڪاڻي ۾ ۱۹۳۶ع
۾ جڏهن کان سنڌ هاري ڪميٽي جي شاخ کلي، پاڻ ان ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي، سان گڏجي
ڪم شروع ڪيو هئائين. ان وقت لاڙڪاڻو ضلعو جاگيردارن جو ضلعو هو. ان ۾ هزارين ايڪڙن
جا مالڪ هوندا هئا، اهي زميندار ۽ جاگيردار. سندن آڏو اکيون ۽ ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ به
وڏي ڳالهه هوندي هئي. اهڙي ڏکئي ضلعي ۾ ڪامريڊ علي محمد عباسي، نذير حسين جلالي،
نبي بخش تنيو، اعتبار علي جاگيراڻي ۽ ٻين هاري ورڪرن سان، انهن جاگيردارن ۽ وڏيرن
جيڪي عقوبتون ڪيون، اهو هڪ الڳ ذڪر آهي. مقصد ته انهن جاگيردارن سان لڙندي ۽
وڙهندي، لاڙڪاڻي ضلعي جي هاري ورڪرن جي زبان گهڻي قدر تلخ ۽ ڪڙي هوندي هئي. ڪامريڊ
حيدر بخش جتوئي، جڏهن سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو ۱۹۴۶ع
۽ ٻيو ڀيرو ۱۹۵۱ع واري سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو ته ان وقت ڪامريڊن سان
طرحين طرحين جا ظلم ڪيا ويا. اهو ڏاڍ، ڏسندڙن ۽ سهندڙن ۾ ڪامريڊ نذير جلالي به
شامل هو.
مون
کيس پهريون ڀيرو حيدرآباد جي بيسنت هال ۾ ڏٺو هو. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، سنڌ هاري
ڪميٽيءَ پاران، هڪ ٻن ڏينهن جي هاري ڪانفرنس سڏائي هئي. سال خدا نه ڀلائي ته هوندو
۱۹۶۸ع. رات جو راڳ رهاڻ هئي، ٻئي ڏينهن تقريرن جي بيٺڪ. آئون،
پنهنجي دوست محمد يعقوب ڳل سان گڏ راڳ رهاڻ ۾ پهتس. اسان جي اڳين ڪرسين تي مولوي
نذير حسين جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان گڏ ويٺل هو. ٻئي ڏينهن واري اجلاس
۾ ڪامريڊ غلام محمد لغاري، مولوي نذير جلالي، خود ڪامريد حيدربخش جتوئيءَ ڏاڍيون
سخت تقريررون ڪيون. ايوب خان جو زمانو هو. جلسي کان پوءِ ڪجهه هفتن اندر ايوب خان
جي سرڪار، ڪامريڊ جتوئيءَ کي گرفتار ڪيو. ان جلسي ۾ مولوي صاحب جي شخصيت ۽ ڪامريڊ
غلام محمد لغاريءَ جي انقلابي تقرير مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
ساڻس
ٻي ملاقات ياد اٿم.... سال ۱۹۷۰ع ڌاري. سن ۾، مون کي ٿي کٽي کڻي جو
مولويءَ کان هڪڙو سوال ڪري ويٺس. خبر ناهي مولوي صاحب ڪهڙي موڊ ۾ هو، وٺي کڻي اهڙي
ڇڙٻ ڏنائين، جو منهنجون وايون بتال ٿي ويون. چوڻ لڳو، “ميان توهين ڇوڪرا پڙهو ڪتاب
ڪو نه ٿا. هليا آهيو سنڌ لاءِ جنگ جوٽڻ! پهريون ڳالهائڻ، محفل جا آداب ته سکي وٺو
پوءِ ڀلي وتو ماڻهن کان سوال پڇندا! رڳو سن ۾ سيد جون مفت جون مهمانيون کائيندا
پوءِ وتو ٿا ٺلها نعرا هڻندا. ابا ڇڙو سکڻن نعرن سان ون يونٽ ٽٽندو ڇا؟ وڃو پهريون
وڃي اٺ ڪتابن جا پڙهو. عملي جدوجهد ڪريو. باقي ايئن ويٺي ون يونٽ جو ڪوٽ ڪو نه ٿو
ڪري؟”
اسين
سڀ، سائين جي ايم سيد جي آڏو، سنڌو درياهه جي ڪپر واري امير حيدر شاهه جي بنگلي ۾
ويٺل هجون. پير علي محمد راشدي به ويٺو سامهون آڳنڌ ۾ پائيپ ڇڪي. مولوي صاحب جي
ڇڙٻ ٻڌي، ٻيا ته اتان اٿي هليا ويا. پر مان ويٺو رهيس. ايتري ۾ پير علي محمد
راشديءَ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو؛ “مولوي صاحب، هن سان اڃا به ڪا گفتار ته ڪريو.
ڇڙو وتي ٿو سيد جي جلسن ۾ ابتا سبتا نعرا هڻندو!.... نه اٿس وڏن جي عزت جو ڪو
خيال. اها به ڪا فضيلت چئبي جو، گهر آيل مهمانن کي ڀليڪار چوڻ بدران شعر ٿو پڙهي
ته مُنهن هيڊ ٿيا، وڏيرن ۽ پيرن جا!”
بس
پوءِ ته جيڪر مولوي صاحب کي وجهه ملي ويو. چوڻ لڳو، “پير صاحب، هڪڙي سِٽ انهيءَ
شعر مان کٽي پئي. لڳي ٿو، اوهان کان وسري ويئي، ابا مدد علي! تون کڻي اها سٽ پوري
ڪر!” اڃا سائين جي ايم سيد مون کي جهلي ان کان پهرئين مون امالڪ چئي ڏنو:”
اڄ لال لهوءَ جي سرگم تي، ٿي منهنجي ڌرتي رقص ڪري،
منهن هيڊ ٿيا غدارن جا، بيشرم وڏيرن پيرن جا.
مولوي
صاحب وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. ايتري ۾ سائين جي ايم سيد به کلي چيو، “علي محمد شاهه،
تون به رڳو ککرين ۾ ٿو کڙا هڻين...” مان اهو شعر ٻڌائي ٻاهر نڪتس، ته شاهه محمد
شاهه ۽ اقبال ترين مون کان پڇيو، “تو سوال ڪهڙو ڪيو هو مولوي صاحب کان؟” مون چيو؛ “يار
مون کي کٽيءَ کڻي کنيو جو مولوي صاحب کان سوال ڪيم ته اوهين هاري ڪميٽيءَ جا ليڊر،
اڳي جلسن ۾ گاريون ڇو ڏيندا هئا؟ پوءِ ته مولوي صاحب جي ڳالهه ٻڌؤ!”
شاهه
محمد شاهه چيو، “اصل ۾ تو کي به پِٽ آهي، اجايا بحث ڪرڻ جي. هاڻ ڏي مُنهن!” ايتري
۾ اقبال اترين چيو، “پر اها ته سٺي ڳالهه آهي. بحث مباحثو ٿيڻ گهرجي....!”
مولوي
صاحب ان مهل ته ڇڙٻ ڪڍي، پر رات جو، مون کي سڏي پڇيل سوال جو جواب، پاڻمرادو هن
ريت ڏنو: “بابا، تو مون کان ڏينهن جو سوال ڪيو، ته اسين هاري ڪميٽي وارا گاريون ڇو
ڏيندا هئاسين ته ابا ٻڌ! جنهن وقت ۾ اسان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، اهو وقت
ڏاڍو ڏکيو هو. جاگيردارن ۽ وڏيرن جي هيبت اهڙي ته هوندي هئي، جو عام ماڻهن جا هانو
پيا ڪنبندا هئا. اهڙي ماحول ۾ اسان کي للڪارڻ لاءِ، ڏاڍي سخت ٻولي ڳالهائڻي پوندي
هئي. اسان جي تقريرن ۾ جڏهن عام ڪڙمين، ڪاسبين ڏٺو ته هاري ڪميٽيءَ جا ورڪر انهن
هيبت ناڪ جاگيردارن جي.... هڪ ڪري رهيا آهن، ته مٿن ڇانيل خوف ۽ هراس ڀڄي ڀور ڀور
ٿيڻ لڳو ۽ اهڙيءَ ريت اسان هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏنا....!!”
مولوي
صاحب جي ڳالهه ٻڌي، مون کي احساس ٿيو ته واقعي، اهو دور ڏکيو هو. سياسي ڪم ڪندڙن
کي طرحين طرحين جون مشڪلاتون درپيش هيون. پوءِ سندن ٻولي تلخ ڇو نه هجي؟ مولوي
نذير جي حاضر جوابي ۽ سندس بيباڪ گفتگوءَ تي لکڻ لاءِ هڪ وڏو ڪتاب درڪار آهي. مون
کي ياد آهي ته پاڻ هڪ ڀيرو نه پر ڪيترا ڀيرا حيدرآباد ۾، اسان جي گاڏي کاتي واري
گهر ۾ اچي ترسندو هو. هڪ ڀيرو ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان گڏ اچي مون وٽ ترسيو.
سال ۱۹۷۲ع جو هوندو، سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي
ميٽنگ رکيل هئي. ٻئي ڏينهن اسان کي گڏجي بس ۾ سن روانو ٿيڻو هو. رات جو ماني کائڻ
کان پوءِ پاڻ ۽ ڪامريڊ لغاري گڏجي ويهي ڪجهه ٺهراءَ مون کان لکرايا. اهي سائين جي
ايم سيد جي موڪليل ٺهرائن ۾ شامل ڪيا. سائين جي ايم سيد ڪجهه ٺهراءَ لکي مون ڏي
اماڻيا هئا، ته جيئن اهي سائيڪلو اسٽائيل ڪري سن کڻي اچان، مون ٻنهي کي ٻڌايو ته “سائيڪلو
اسٽائيل مشين، جنهن دوست جي آهي، اهو ڪجهه ڊڄي ويو آهي، ان ڪري سمورا ٺهراءَ هٿ
اکر ڪاپي ۾ کڻي هلنداسين.” مون ڏٺو ته هنن سمورن ٺهرائن کي مون کان ترتيب ڏياريو ۽
هر هڪ ٺهراءُ کي پيش ڪندڙ ۽ ان کي تائيد ڪندڙ جي نالن جون خالي جايون ڇڏي ڏنيون.
ان مان خبر پئي ته سنڌ هاري ڪميٽي ڪيڏي منظم تنظيم هئي. نه ته اسين شاگرد تنظيم ۾
فقط ٺهراءُ لکي، اهي جاري ڪري ڇڏيندا هئاسين.
بهرحال
رات جو هو مون وٽ رهيا. صبح جو ۱۰ وڳي ايس آر
ٽي سي جي بس ۾ ٿياسين روانا سن ڏانهن. صبح جو تڙ تڪڙ ۾ هنن کي نيرن ڪرائي، مون کان
مڄاڻ اهو ٺهرائن جو فائيل آشرم ۾ رهجي ويو. جڏهن بس ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان مڙي، انڊس
هاءِ وي تي رواني ٿي ته امالڪ ڪامريڊ غلام محمد لغاري پڇيو، “ٺهرائن جو فائيل تو
کنيو آهي مدد علي؟” اهو ٻڌي مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، “پر ڪامريڊ اهو فائيل ته
توهان وٽ هو؟” مولوي صاحب اها ڳالهه ٻڌي مون ڏانهن ڏٺو. منهنجي پيرن هيٺان زمين
نڪري وئي. سمجهيم اجهو ٿو مولوي صاحب منهنجي ڇنڇري لاهي. پر مولوي صاحب فوري طور
تي رڙ ڪري ڊرائيور کي بس بيهارڻ جو حڪم ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ رڙ تي ڊرائيور کڻي
بس کي بريڪ هنئي. مولوي صاحب آهستي مون کي چيو، “تون هتي لهه، گهر وڃي ٻي بس ۾ اهي
ٺهراءَ کڻي اچ. باقي سيد کي اسين پاڻهي منهن ڏينداسين جو ميٽنگ ايئن ئي رات جو
آهي!”
مان
يڪدم بس مان لهي ويس. ٻه ٽي فرلانگ پنڌ ڪري ڄامشوري ڦاٽڪ تي پهتس. اتان ايل ايم سي
جي بس ۾ چڙهي حيدراباد آيس. گهران اچي ٺهرائن جو فائيل کنيم ۽ منجهند ڌاري ٻيهر
سيوهڻ ويندڙ بس ۾ سوار ٿي سج لٿي سن پهتس. اتي درياءَ جي ڪپ واري امداد محمد شاهه
جي بنگلي ۾ ميٽنگ رکيل هئي. اندر هال ۾ پهتس ته سائين جي ايم سيد فرشي نشست تي
وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. مون کي ڏسي کلي چوڻ لڳو، “تو سان اڄ چڱي ٿي آهي. پر شڪر
ڪر جو وري به مولوي جلاليءَ جي جلال کان بچي وئين!” مون فائيل سائين جي حوالي ڪري
مولوي صاحب ڏانهن ڏٺو، هُو ان مهل مُرڪي رهيو هو.
افسوس
ته مولوي صاحب جي پڇاريءَ وارا ڏينهن بيماريءَ ۾ گذريا. مون کيس آخري ڀيرو ۱۹۷۳ع
۾ ڏٺو. مير علي احمد خان ٽالپر وٽ. اتان مون سان گڏ شهر ڏي موٽندي، رڪشا ۾ ڏٺم ته
مولوي صاحب جو کل مذاق، تيز ڳالهائڻ جهڙو ڪر بند ٿي ويو هو، ڄڻ بيماريءَ کيس بنهه
هيڻو ۽ لاچار ڪري ڇڏيو هُئو. طبيعت ۾ قدري ڪاوڙ، چڙ، ڪنهن وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙي
ويئي هيس. (ڀلا ڪاوڙ ٿئي به ڇو نه، سڄي زندگي لڙي لڙي آخرڪار انسان ٿڪجي ٿو پوي.)
اها رات پاڻ مون وٽ ترسيو، پر سومهڻيءَ مهل مانيءَ جا ٻه چار گراهه ڀري سمهي پيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سويل، لاڙڪاڻي واري بس ۾ چڙهي ڳوٺ روانو ٿي ويو. لاڙڪاڻي وڃي مون
کي هڪ خط لکيائين، جيڪو مون وٽ اڃا محفوظ آهي. ستت پاڻ ۲۳
مئي ۱۹۷۴ع تي راهه عدم ڏانهن روانو ٿي ويو. پاڻ ۳۰
جولاءِ ۱۹۰۳ع ۾ پيدا ٿيو هو. اهڙي ريت ڄمار جي ۷۱
ورهين مان ۵۰ ورهيه هُن جدوجهد ڪئي. سنڌ هاري ڪميٽي ۽ نيشنل عوامي پارٽي
سان پڇاڙيءَ تائين لاڳاپو رهيس. ۱۹۷۰ع وارين چونڊن
۾ پيپلز پارٽيءَ جي به حمايت ڪيائين. اڄ پاڻ لاڙڪاڻي ۾ آرامي آهي، خبر ناهي ته
لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪنهن روڊ، رستي تي سندس نالو به رکيل آهي الائي نه. پر سنڌ جي
تاريخ جي ڪيترن ئي جڳمڳ جڳمڳ ڪندڙ ستارن جيان سنڌ جي آسمان تي هُو سدائين چمڪندو
رهندو. سندس وفات کي ٽيهارو ورهين کان مٿي جو عرصو لنگهي ويو آهي. پر جهڙو ڪر اڄ
به سندس آواز اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ ٿو گونجندو رهي:
“لعل جهنڊو کڻ هٿن ۾ ۽ وطن کي لعل ڪر،
جو ڏسين غدار پنهنجي قوم جو پئمال ڪر،
ملڪ جي مزدور هاريءَ سان ڀلائي ڀال ڪر،
ملڪ ٿئي مسرور ۽ مِلت کي مالا مال ڪر،
جيڪڏهن چاهين ته هن حالتن ۾ آڻين انقلاب!
جلاليءَ جوش مان جيڪي چيو سوئي حقيقت آ،
نه آهيون پاڻ پوڄاري، ڪنهن دارا سڪندر جا.
مولوي نذير حسين جتوئي
استاد خالد
مولوي نذير حسين جتوئي
کي جيڪو ۽ جيئن سمجھ ۾ ايندو هيو ڦهڪائي ڏيندو هيو.
محترم عبدالرزاق سومري
جي بقول ته ڪامريڊ حيدربخش جتوئي مچ جيل ۾ بيمار ٿي پيو. لاڙڪاڻي جي ڪامريڊن ۽
ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي گهڻگهرن سوچيو ته قاضي فضل الله اولھ پاڪستان جو گهرو وزير
آهي ان کي گڏجي عرض ڪجي ته ڪامريڊ کي آزاد ڪريو.
پوءِ عبدالرزاق سومرو
ڪامريڊسوڀو
مولوي نذير حسين
جتوئي
ڪامريڊ جمال الدين بخاري
شمس الدين ابڙو ۽
ڪجھ ٻيا شاعر ۽ اديب گڏجي قاضي فضل الله سان ملڻ وياسين.
حال احوال ٿيو ته
سڀني گڏجي عرض ڪيوسين ته “ڪامريڊ حيدر بخش جهونو مڙس آهي جيل ۾ بيمار ٿي پيو آهي
سندس ڏوھ به رڳو پمفليٽ لکڻ جو اٿس انڪري کيس انساني بنيادن تي آزاد ڪيو وڃي. ”
قاضي فضل الله تڪڙ
۾ چيو ته “جيڪڏهن ماڻهو کي ڳُئي ۾ گونهن نه هجي ته پوءِ ڪانون جي دعوت ڇو ڪري. ”
اهو ٻڌي سڀ چپ ڪري
ويا ۽ هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
پر مولوي نذير حسين
جتوئي ٽپو ڏئي اٿيو ۽ ڪلهي تي پيل رومال کي ڇنڊڪو ڏئي قاضي فضل الله طرف آڱر کڻي
چوڻ لڳو ته “اسان کي به خبر نه هئي ته اهڙو ڪو ڪانوُ آهي جيڪو گونهن کائڻ مان ڍاپي
ئي نٿو نه ته اسان به دعوت نه ڪريون ها. ”
“اڙي اٿو ته
هلئون.... ”
ايوب خان جي دور ۾
ان جي وزير داخله کي منهن تي اهڙي ڳالھ مولوي نذير حسين جتوئي ئي چئي ٿي سگهيو.
(اڄ مولوي نذير حسين
جتوئي جي ۲۳ ورسي آهي)
No comments:
راءِ ڏيندا