رام بخشاڻي!
شوڪت حسين شورو
دبئي جي ارب پتي سنڌي واپاري رام
بخشاڻي جي آتم ڪٿا اهڙي جادوئي قسم جي آهي، جيئن غريب ڇوڪري سنڊريلا جي ڪهاڻي آهي.
جنهن ۾ هڪ پريءَ سنڊريلا کي پنهنجي لڪڻ جي ڇهاءُ سان شهزادي بڻائي ڇڏيو هو. پر رام
بخشاڻي ڪنهن جادوءَ وسيلي شاهوڪار ڪو نه بڻيو آهي، هن پنهنجي محنت ۽ اورچائي سان ثابت
ڪيو آهي ته سنڌي خاڪ مان سون بنائي سگهن ٿا. رام اڃا ڇهن سالن جو هو ته حيدرآباد سنڌ
۾ سندس پيءُ 36 سالن جي جوانيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مٿان ورهاڱي جي مصيبت نازل ٿي. گهر
گهاٽ، ماڳ مڪان، روڊ رستا، گهيڙ گهٽيون، چونڪ چوراها پنهنجا نه رهيا، پراوا ٿي ويا.
سنڌ ۾ رهندڙ خوشحال بخشاڻي ڪٽنب ورهاڱي سبب جڏهن انڊيا ويو ته ان سخت غربت جا ڏينهن
ڏٺا. رام جي جوان ماءُ جيڪا 34 سالن جي عمر ۾ وڌوا ٿي وئي هئي، سا سنڌ مان هٿين خالي
ٻارن کي وٺي پهرين مدراس ۾ ۽ پوءِ بڙودا ۾ وڃي ٺڪاڻو ٺاهيو. هوءَ ماءُ ته هي، پر هن
پيءُ بنجي ٻارن کي پاليو ۽ پڙهايو. ڏکين حالتن سبب رام فقط ڏهين ڪلاس تائين پڙهي سگهيو.
ان وچ ۾ هن ٽائيپنگ سکي ورتي ۽ هن کي پهرين نوڪري هڪ انجنيئرنگ ڪمپني ۾ ملي، جتي سندس
ماهوار پگهار 75 رپيا هو.
رام پنهنجي ڏاڏيءَ بابت ٻڌائي ٿو ته، ”ڏاڏيءَ ڪڏهن به دل
سان نه مڃيو ته کيس سڄي زندگي هن نئين ملڪ ۾ مسواڙي گهر ۾ گهارڻي آهي. اسان فيصلو ڪيو
ته بڙودا جي ڪنهن هيٺين وچولي ڪلاس واري علائقي ۾ ڪنهن بلڊنگ جو حصو مسواڙ تي وٺون.
پر ڏاڏيءَ جو ساهه اٽڪيل هو پنهنجي سنڌ ۾، چوي ته ڇا جو ڪرايو، ڇا جي ڳالهه؟ هلو ته
پنهنجي وطن موٽي هلون، منهنجو گهر منهنجي سنڌ آهي. ويچاري مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ سنڌ
ڪندي وئي.“ رام 18 سالن جي عمر ۾ سنڌ ورڪي روايتن جي پيرويءَ ۾ ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾
وڃڻ جو سوچيو. هن وٽ ڌنڌي شروع ڪرڻ جي لاءِ ناڻو ته ڪو نه هو، ان ڪري هن ڪنهن ٻاهرئين
ملڪ ۾ ڪنهن سنڌيءَ جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خواب پئي لڌا. 1959ع ۾ هڪ ڏينهن رام کي
دبئي ۾ نوڪريءَ لاءِ خالي جڳهه جي ڄاڻ ممبئي مان ڇپجندڙ هڪ سنڌي اخبار وسيلي پئي. هن
جڏهن نوڪريءَ جي اشتهار جي جواب ۾ درخواست پئي لکي ته کيس دبئي بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي
ته اها آهي ڪٿي! آءِ ٽي ايل سنڌي سيٺين جي ڪمپني هئي، جتي رام کي 125 رپين جي ماهوار
پگهار تي نوڪري ملي وئي. رام آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته سنڌي ڪمپنيون جيڪي پرڏيهه ۾ ڪم
ڪنديون آهن، سي گهڻو ڪري نوڪريءَ جا اشتهار سنڌي اخبارن ۾ ئي ڇپائينديون آهن، ان ڪري
ته سنڌي ڪمپنيون سنڌين کي ئي نوڪريءَ ۾ رکنديون هيون. ڪارڻ اهو هو ته ساڳي جاتي جو
هجڻ ٻنهي ڌرين جي لاءِ فائدي وارو هو. مالڪ توڙي ملازم سولائي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪندا
هئا ۽ ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي رهندا هئا.
رام بخشاڻي پاڻيءَ جي جهاز ”دارا“ ۾ چڙهي دبئي روانو ٿيو.
زندگيءَ جو اهو پهريون سفر هن پنجن ڏينهن ۾ طئي ڪيو. هو دبئي ته پهتو، پر ذهني طور
پريشان ۽ منجهيل هو، ڇو ته هن جو نه ڪو ساٿي سنگتي هو ۽ نه وري ڪو ويجهو مائٽ، پر ڪمپنيءَ
۾ ڪم ڪندڙ سنڌين جو دوستاڻو ماحول هن جي لاءِ وڏو ڏڍ ٿي پيو. آءِ ٽي ايل ڪمپني جنهن
رام کي نوڪري ڏني هئي، تنهن پنهنجي هڪ عيوضي چيلا رام ساجناڻي کي رام سان ملڻ لاءِ
ڪسٽم آفيس ڏيکاري موڪليو هو. پنهنجي سنڌي ڳالهائيندڙ کي ڏسي رام جا سڀ دک دور ٿي ويا،
هن پنهنجو سامان کنيو ۽ روانو ٿيو. سامان ڇا هو، بس ٻن ٽن شين کانسواءِ جوڙو ڌاريدار
پاجامن جو ۽ امڙ جي هٿ جي ٺاهيل مٺائي، جيڪا هن خاص رام جي لاءِ ٺاهي هئي.
آءِ ٽي ايل ڪمپنيءَ جي آفيسر بَر دبئي جي ڪناري تي هئي، بر
دبئي ۾ فقط هڪ گهٽي هئي، جنهن ۾ عرب، ايراني، هندستاني ۽ پاڪستاني رهندا هئا. سامان
يا ته هٿ گاڏيءَ تي ڍوئبو هو، يا وري سگهارا بلوچ پنهنجي پٺيءَ تي کڻندا هئا. دبئي
۾ ان وقت ايئرپورٽ ته ٺهيو، روڊ رستا به ڪو نه هئا. نه پيئڻ جو پاڻي هو، نه بجلي هئي،
نه ٽيليفون هو، تيل اڃا ڪو نه لڌو هو. بازار مان جيڪو اٽو وٺي ايندا هئا، ان ۾ ماڪوڙيون
پيون سرنديون هيون، پيئڻ جو پاڻي جميره جي کوهن مان ڪڍي ٽين جي دٻن ۾ وجهي گڏهه گاڏي
يا گاڏن تي کڻي گهر پهچائي ويندا هئا. بجلي ڪا نه هئي، پر ڪجهه وڏين ڪمپنين کي پنهنجا
جنريٽر هوندا هئا. اڳتي هلي ڪجهه ڪمپنين گڏجي بجلي سپلاءِ ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. آءِ
ٽي ايل، جنهن جو رام ملازم هو، اها پڻ انهن ڀائيوارن مان هڪ هئي. اونهاري ۾ جڏهن گرمي
50 سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندي هئي، تڏهن ماڻهن جي حالت ڏسڻ جوڳي هوندي هئي. سخت
۽ گهميل گرميءَ ۾ بنا پکي جي گذارو ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي.
رام جي لاءِ دبئي اچڻ هڪ نئين زندگي جي شروعات هئي، جنهن
کي هاڻي 50 سال ٿي چڪا آهن. رام دبئي سان گڏ اڀريو، اسريو ۽ سندس ترقي واري جدوجهد
۾ ان جو هڪ اڻ مٽ حصو بڻجي رهيو. دبئي، جيڪو هڪ گرم، مونجهه وارو وارياسو رڻ پٽ هو،
سو هڪ جادوءَ جي نگري بنجي چڪو آهي. رام بخشاڻي انهن ماڻهن ۾ شامل آهي، جن هڪ ننڍڙي
بندرگاهه کي اڄ دنيا جو جديد ترين سهڻو شهر بنايو آهي. رام جي پتا جبرا لٽر ۽ موراڪو
۾ ڀائي پرتاب جي ڪمپني ايم ڏيئلداس سان ڪم ڪيو هو، ان ڪري واپار رام جي رت ۾ شامل هو.
هن دبئي ۾ آفيس مان وقت ڪڍي مارڪيٽ ۾ وڃي واپارين وڙن سان ملڻ شروع ڪيو ۽ کين سئمپل
ڏيکاري آرڊر وٺڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳو. هن 125 ڊالرن جو آرڊر بڪ ڪري ورتو ۽ اهو هن جي زندگيءَ
جو پهريون واپار هو، ان کانپوءِ هن ڪڏهن به واپس مڙي ڪو نه نهاريو. رام ڪم سانگي جپان
ويل هو ته اتي کيس سندس وڏي ڀاءُ جي تار ملي، لکيل هو، ”تنهنجو مڱڻو ٿي ويو، واڌايون
هجنئي.“ مائٽن طرفان ڪيل ان رشتي تي رام راضي رهيو، شاديءَ کان اڳ هن وينا کياڻي ڏٺي
به ڪا نه هئي. سندن شادي ڪامياب رهي ۽ کين ٽي نياڻيون آهن.
رام جي 26 سالن ۾ ڪمپني لاءِ ڪيل محنت ۽ جاکوڙ کي ڏسي آءِ
ٽي ايل بورڊ کيس ترقي ڏئي ڊائريڪٽر بنايو. رام جو چوڻ آهي ته ”اسين سنڌي فطري طور بزنيس
مئن آهيون، بزنيس اسان جي رت ۾ شامل آهي. سنڌي جاتي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهي ۽
اهڙي طرح اسان هڪ سکي ڪميونٽي آهيون. اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ۽ اهو به ناز اٿئون
ته ماڻهو اسان کي ”قاتل ڇهين حس جا مالڪ“ سڏيندا آهن. رام بخشاڻي پنهنجي آتم ڪٿا “Taking the
high road” ۾ پنهنجي سڄي زندگيءَ جي جاکوڙ بيان ڪئي آهي.
انگريزي ۾ لکيل ان آتم ڪٿا جو سنڌي ترجمو قمر شهباز ” آکيرا آڪاس ۾“ نالي سان ڪيو آهي،
جنهن کي سنڌي اڪيڊمي دهلي وارن ڇپايو آهي. رام بخشاڻي جيڪو آءِ ٽي ايل ڪمپني ۾ آفيس
اسسٽنٽ طور داخل ٿيو هو، سو اڄ ان جو ايگزيڪيوٽو چيئرمين ۽ آءِ ٽي ايل ڪاسموس گروپ
جو پريزيڊنٽ آهي. هو پاناما، ماريشس، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيترين ڪمپنين جو چيئرمين
۽ ڊائريڪٽر آهي. ايترو مشغول هوندي به رام ڪلچرل سرگرمين ۾ شوق سان حصو وٺندو رهيو
آهي. هن دبئي ۾ ڪيترن سنڌي اسٽيج ڊرامن ۾ ايڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. رام دبئي
۾ هڪ ڪلچرل آرگنائيزيشن ”اسين سنڌي“ جو بنياد وجهندڙ آهي. سنڌي ڪلچرل سرگرمين کي هٿي
وٺائڻ ۽ سنڌيت کي محفوظ رکڻ جي لاءِ ان تنظيم طرفان ڪيترائي ڪلچرل پروگرام ٿيندا رهيا
آهن، جن ۾ سنڌ جا فنڪار پڻ دبئي وڃي حصو وٺندا آهن. رام بخشاڻي پنهنجي ماءُ جي نالي
سان ”ايشوري ٻائي بخشاڻي ٽرسٽ“ ٺاهيو آهي. ان ٽرسٽ طرفان انهن سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن کي
هر سال مڃتا طور ايوارڊ ڏنا ويندا آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي.
سنڌيت رام بخشاڻي جي رت ۾ شامل آهي. هو سنڌي ٻولي، ادب ۽
ڪلچر کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ مختلف ادارن ۽ تنظيمن جي مالي مدد ڪندو رهيو آهي. هو انڊين
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ٽرسٽي پڻ آهي. رام بخشاڻي جنهن مئٽرڪ جو امتحان پرائيوٽ اميدوار
جي حيثيت سان پاس ڪيو هو، تنهن زندگيءَ ۾ ڪاميابين ماڻڻ کان پوءِ پنهنجي تعليم وري
جاري رکي. هن تازو واشنگٽن يونيورسٽي مان بزنيس ايڊمنسٽريشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. هو
هاڻي ڊاڪٽر رام بخشاڻي سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي پرڏيهه ۾ سنڌي ڪميونٽي جو سرمايو ڪري ليکيو
ويندو آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا