; سنڌي شخصيتون: فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير عبدالخالق ”غمدل“ دايو [ 1887ع – 1972ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
عبدالخالق عرف ”غمدل فقير“ ولد پير بخش دايو، ضلعي سکر، تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ”پير بخش ڪچا“ ۾ تاريخ 2 ذوالقعد 1305هه مطابق 14 مئي 1887ع تي ڄائو. سندس والد خيرپور جي والي، مير علي مراد خان وٽ ملازم هو. ننڍپڻ ۾ ئي يتيمي زندگي بسر ڪرڻي پيس. ابتدائي تعليم پني عاقل جي مدرسي مان، قرآن پاڪ پڙهي، عربي ۽ فارسيءَ جا به ڪجهه ڪتاب پورا ڪيائين. سمجهه سوائي ٿيڻ سان، روهڙيءَ جي رانول، فقير قادر بخش ”بيدل“ رح جي درگاه تي حاضري ڏيڻ لڳو. جتان کيس اَمر ٿيو، ته ”ڪنهن سچي رهبر جي تلاش ڪر!“ پوءِ ته سنڌ جو چپو چپو گهمندي، آخر ڏتل ابڙي، نبي شاه وڳڻ، ڳڙهي ياسين، لاڙ ۽ ڀاڳ ناڙيءَ تائين به ويو، مگر اڃا کيس اُهو هادي (مرشد) هٿ نه آيو.
 
هڪ ڏينهن جيئن ئي بيزاريءَ وچان پنهنجو انت پئي آندائين، ته ڪنهن خواب ۾ چيس، ته ”غمدل نه ٿيءُ ! هڪدم درگاه تي واپس ور، اسان تنهنجو انتظار ڪنداسين!!“ اِنهن لفظن سندس اندر ۾ آگ ڀڙڪائي ڇڏي، پوءِ ته تڙي کڙي اُٿي هليو؛ ۽ ستت ئي ڳڙهي ياسين پهچي، قلندر شاه کي هٿ ڪيائين. اُن ڏينهن کان پوءِ پاڻ کي ”غمدل فقير“ سڏائڻ لڳو.
جوانيءَ ۾ کيس شاعريءَ جو شوق به ٿيو؛ جنهن ڪري صوفين جي سماع ۽ صحبت مان ”ڪافيون“ چوڻ لڳو. سندس ڪلام ۾ سلاست ۽ رواني جهجهي انداز ۾ ملي ٿي. حسن و عشق ۽ تصوف جا نڪتا سندس ڪلام جو روح آهن – 1948ع جي آگسٽ مهيني ۾ ماڻهن جي مٺ محبت جي جاچڻ جي بهاني، رتيديري شهر ۾ بقالڪو دوڪان ڪڍيائين. آخر 65 ورهين جي ڄمار ۾، پهرين ربيع الثاني 1392هه مطابق 15- مئي 1972ع تي رتيديري ۾ ئي انتقال ڪيائين. کيس مرشد قلندر شاه جي پيرانديءَ کان ئي دفنايو ويو. سندس يار- غار فقير غلام علي ”مسرور“ بدوي هو؛ جنهن سان سندس روح رهاڻيون ٿينديون رهيون.
پاڻ پٺيان به فرزند رشيد ڇڏيائين؛ جن مان ننڍو پٽ پرائمري استاد آهي، جيڪو سندس درگاه جو متولي به آهي. هر سال سندس ياد ۾ ميلو منعقد ٿيندو آهي، جتي پري پري کان صوفي فقير اچي پنهنجا جوهر جرڪائيندا آهن.
غمدل فقير جو ڪلام سنڌيءَ کان سواءِ اردو، هندي، پارسي ۽ سرائڪي زبانن ۾ به ملي ٿو. سندس سنڌي ڪلام سه - حرفين، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. ازانسواءِ سنڌي زبان ۾ الف – ب وار سندس مڪمل ”ديوان“ به جوڙيل آهي، جيڪو سندس پوين وٽ قلمي صورت ۾ محفوظ آهي. هيٺ سندس هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:-
”عمر مارو پاڻ ۾ پيئن پڪ وٽيون،
ويهن واري وچ ۾، وٺي ويڙهه وٽيون،
ڌڙيون ڳنڌائن دادليون، سيلها وار وٽيون،
اوڍن لويون اُن جون، وجهي لعل وٽيون،
تنهنجي وڳن سان نه وٽيون، ”غمدل“ ڀريون پنهنجون.“

No comments:

راءِ ڏيندا