; سنڌي شخصيتون: رائچند هريجن - ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي

30 September, 2011

رائچند هريجن - ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي


رائچند هريجن
هڪ عظيم مورخ
ڪي پي مهتاب سوٽهڙ/ مٺي
ٿر رڳو تنهائيءَ جي تشبيهه، اُداسيءَ جو استعارو ۽ کارن کوهرن ۽ ٿوهرن جو ٿاڪ ناهي! رڳو سُڃ ۽ رُڃ جو ريگستان قطعي ڪونهي! ان صحرائي ڌرتيءَ جي دامن ۾ اهڙا انيڪ گل ۽ ڦل ڦُٽا آهن، جن سنڌ کي سونهن ۽ سرهاڻ ڏني. ٿر اهڙا ڪئين انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي سنڌ کي ناز آهي. رائچند هريجن راٺوڙ جو نانءُ به، ڪنهن تعارف جي وضاحت جو محتاج ڪونهي. هو مشاهدي، مطالعي، تحقيق، جستجو ۽ جاکوڙ، لوچ ۽ سوچ جي سونهري باب جو نالو آهي. سندس جنم ٿر جي شهر چيلهار ۾، 8 نومبر 1912ع تي (تعليمي رڪارڊ موجب) ٿيو. 1927ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ 1928ع ۾ هن پرائمري استاد طور نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. 31 مئي 1968ع تي هو سرڳواسي ٿيو! 


نوڪريءَ دوران کيس مختلف ماحول جي مشاهدي جو موقعو ملندو رهيو. هن لڪن ۽ اڪن  جي تپش ۾، ڪئين اوکا پنڌ ڪيا، لڪ لتاڙيا، اهلِ علم ماڻهن سان مليو. ماڻهن جي رهڻي  ڪهڻي، تاريخ، تمدن، سماجي لاڙن ۽ زندگيءَ جي ٻين پاسن جو پتو لڳائي، ٻن جلدن ۾ ”تاريخِ ريگستان“ ڪتاب لکيو.
هن پير پٿوري جي سوانح عمري به لکي. هن اي سي ڪمرن ۾ شين کي، اندازي جي ٽيلي اسڪوپ سان ڪو نه ڏٺو، پر هن لُڪن ۾ لوچي، شين جو مشاهدو ڪيو ۽ معلومات ميڙي. ان وقت سفري سهولتن جي اڻ هوند ۾ اهو ڪيڏو مشڪل ٿيو هوندو!
سندس تحقيق ۽ محنت جي مقناطيسيت، وڏن اديبن ۽ عالمن کي ڇڪيندي رهي هئي ۽ رهي آهي. ممتاز مرزا، غلام محمد گرامي، محمد اسماعيل عرساڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سميت ٻيا ڪيترا ئي وڏا نالا سندس دوستيءَ جي دائري ۾ رهيا.
سندس ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ جي ڪيتري اهميت آهي، انهيءَ جو اندازو شيخ اياز جي لفظن مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي اهي آهن ته، ”ٿر جي پيرائتي تاريخ پڙهڻي هجي ته رائچند جو ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ پڙهيو وڃي، جو ٽاڊ جي ”راجسٿان“ وانگر آهي. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئس، تڏهن جيڪڏهن ڪو به مون کي ياد ڏياري ها ته ان ڪتاب تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وڃي ها“.

No comments:

راءِ ڏيندا