; سنڌي شخصيتون: فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ [ 1860ع – 1939ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

وطن عزيز جي سٺن شاعرن مان، ضلعي لاڙڪاڻي جو بلند پايه شاعر، فقير هدايت علي نجفي، ”تارڪ“ ولد تراب علي تونيو، خميس 25 محرم الحرام 1277هه مطابق 23 اپريل 1860ع تي، تعلق واره جي ڳوٺ ”لالو راونڪ“ ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم کان ذهانت ۽ ذڪائت سبب ديني خواه دنيوي تعليم ۾ خاصي مهارت حاصل ڪيائين ؛ جنهن ڪري ستت ئي فارسي، عربي، سنڌي، سرائڪي، اردو، هندي ۽ پنجابي زبانن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. فقير صاحب بلند پايي جي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر نويس پڻ هو.
 
ستن زبانن جي هن شاعر جو پهريائين ”نجفي“ تخلص هو؛ جنهن کي پوءِ ”تارڪ“ ۾ تبديل ڪيائين. جيئن ته ”تارڪ“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”ترڪ ڪرڻ“؛ انهيءَ بناءَ تي پاڻ سچ پچ دنيا جا لڳ لاڳاپا ترڪ ڪري، ”تارڪ الدنيا“ يعني ”دنيا و مافيها“ کان پري رهيو. سندس شعر تقريباً هر صنف تي، علم عروض موجب نهايت پڪي پايي جو آهي. خاص ڪري ڪافيون، رباعيون، مثنويون، سه - حرفيون، معمائون، مرثيا، مثلث، مربع، مخمس، مسدس، ڏوهيڙا، غزل، ترجيح بند ۽ ترڪيب بند پڻ جهجهي انداز ۾ چيل ملن ٿا. عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن ۾ سندس مڪمل ”ديوان“ به جوڙيل آهن، جيڪي اڃا قلمي صورت ۾ آهن. اهڙيءَ طرح ”قطعات“ جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي.
هو انسانيت جو پيروڪار، امن ۽ آشتيءَ جو ڌرم رکندڙ انسان، ڪيني ۽ ڪلفت کان ڪنارو ڪندڙ شخص، سڀ جو ساٿي سڄڻ ۽ قربت وارو، هميشہ انسان ذات جي خدمت کي افضل سمجهندو هو. هڏ ڪاٺ جو لاٺيرو، رعبدار چهرو ۽ ظرافت جو صاحب، البته جوانيءَ جي جوڀن ۾ مجازي عشق جي ڪڙيءَ ۾ قيد ٿي ويو؛ جنهن جي ناڪاميءَ کيس هميشہ هميشہ لاءِ مجرد بڻائي ڇڏيو.
هي فقير روشن ضمير، 18 محرم الحرام 1358هه مطابق 9 مارچ 1939ع تي خميس ڏينهن، عزيزن، دوستن، احبابن، شاگردن، طالبن ۽ عقيدتمندن کي مفارقت جو داغ ڏيئي، دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. ڳوٺ جي اوڀارين طرف، لنڊي واه جي وٽ تي، مسجد شريف ڏاکڻي طرف. پنهنجي والد بزرگوار جي ڀرسان آرامي آهي. سندس خاص شاگردن ۾: دادن فقير جويو، حڪيم عبدالڪريم قاضي، اجمل بيگ ۽ جناب اظهر گيلانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. پاڻ 55 کان وڌيڪ تصنيفات ڇڏيون اٿس؛ جن مان ڪافي قلمي صورت ۾ آهن. خوش نويس هجڻ سبب، چار قرآن پاڪ به ڪتابت ڪيائين. سلوڪ جي راه ۾ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، ميان صفي الله جو مريد به ٿيو هو. درياه خان فقير سان به سندس خاص عقيدت هئي. نموني طور سندس هڪ ”جهولڻو“ هيٺ ڏجي ٿو.
يار پيارا تنهنجي ڪارڻ نت نت فالان پايان؛
ڪانگ اُڏايان.
روز نجومي ورتيا جاچيون پوپٽيون تن کان پٽايان.
پيراڻيون پڙ پيرن جا ٿي باسيان ۽ باسايان.
سو پيغام هزارين نياپا، پانڌين ساڻ چوايان.
نانءِ الله اچ ”تارڪ“ وٽ ٿي ڏکيا ڏينهن لنگهايان.
(1) – زباني روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته فقير صاحب جو اصل نالو ”شمس الدين؛ جنهن کي سنڌ جي عاشق روز الست، منصور ثاني، حصرت سچل سرمست فاروقي رح، ”يوسف - زليخان“ داستان کان متاثر ٿي، بدلائي ”يوسف“ رکيو هو.
(1) – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”پشتو“ جو شاعر به ڪري ڄاڻايو آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ وڌاءُ آهي ]”هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا“ لوڪ ادب، جلد 7)، 1961ع، صفحو 497[
(2) – معلوم ٿيو آهي، ته سنڌي ادبي بورڊ، ”تارڪ“ فقير جي ڪلام کي ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿي، ڪڏهن ٿو ڇپجي! ڏسون!!

No comments:

راءِ ڏيندا