; سنڌي شخصيتون: حليم بروهي - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

حليم بروهي - شوڪت حسين شورو


حليم بروهي
 هڪ نرالو شخص
شوڪت حسين شورو
حليم بروهي جو گذاري وڃڻ سنڌي ادب مان مزاح جي في الحال پڄاڻي آهي. سنڌي ادب ۾ مزاح جي کوٽ کي حليم بروهي اڪيلي سر ڪنهن حد تائين پورو ڪيو هو. سنڌ ۾ اڳي وڏا چرچائي ۽ ڀوڳائي هوندا هئا، پر سنڌي معاشري ۾ جيڪا بدحالي، ٽوڙ ڦوڙ ۽ انارڪي پيدا ٿي آهي، تنهن ۾ چرچو ڀوڳ ختم ٿي ويو آهي. ”خوشي ۽ خريد وئي ويچارن وسري“ وانگر سنڌي ماڻهو پنهنجي هڻ پٽ ۾ ڄڻ مزاح جي حس کان محروم ٿي ويا آهن. جتي روئڻ پٽڻ روزمرهه جو معمول ٿي ويو هجي، اتي مزاحيه ادب لکڻ جوکم جو ڪم آهي. حليم بروهيءَ اهڙي مايوسي واري خشڪ ماحول ۾ اهو جوکم جو ڪم ڪيو ۽ بنان ڊپ جي ڪيو. هو عام پڙهندڙن ۾ برابر مقبول ٿيو، پر اسان جا عالم، اديب ۽ دانشور، جيڪي پنهنجو پاڻ تي ڳنڀيرتا طاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوندا آهن، تن کي حليم بروهيءَ جي اها حرڪت نه وڻي. جيڪڏهن اهي حليم بروهي کان الرجڪ رهيا، ته حليم پاڻ انهن کان ٻه رتيون ڪثر کانئن الرجڪ رهيو. هن جا خيال ۽ لکڻيون تڪراري رهندا آيا. هو سنڌي ٻوليءَ سان سندس دشمني نه هئي. حليم جنهن پنهنجائپ واري انداز ۾ اهي تڪراري ڳالهيون لکندو هو، ان تي سندس پڙهندڙ ڪڏهن چڙيا ڪو نه. ڪن اديبن ۽ عالمن حليم جي خيالن سان اختلاف ظاهر ڪيا، ته اهو اختلاف راءِ جو حق هر ڪنهن کي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل سنڌين ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قائم رکڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته موجوده عربي-سنڌي صورتخطي کي بدلائي رومن اسڪرپٽ اختيار ڪيو وڃي. پر اها ڳالهه ايتري سولي ڪونهي، ڪنهن ٻوليءَ جو صدين کان مروج اسڪرپٽ بدلائڻ معمولي ڪم ڪونهي، سو به موجوده سياسي حالتن ۾ جڏهن سنڌ سان هر معاملي ۾ ناانصافي ۽ بي واجبي ڪئي پئي وڃي. اسڪرپٽ بدلائڻ ۽ سڄي ادبي ذخيري کي ان ۾ ڇپرائڻ وڏي خرچ جي ڳالهه آهي، جيڪو ڪهڙي حڪومت ڀريندي!


حليم بروهي ذاتي طور هڪ نرالو شخص هو، مصلحت پسندي ۽ منافقيءَ واري دور ۾ هو سڀني کان الڳ ۽ اڪيلو هو. هن لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي راضي ڪرڻ، خوش ڪرڻ لاءِ مصلحت کان ڪم نه ورتو. حليم جنهن ڳالهه کي صحيح سمجهندو هو، ان جو اظهار ڪري ڇڏيندو هو، پوءِ ڀلي ڪنهن کي نه وڻي يا ڏکي لڳي، اها پرواهه ڪرڻ حليم بروهي سکيو ئي ڪو نه هو. هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ حليم بروهي اهو ئي ساڳيو ۽ هڪڙو هو. فقط حليم بروهي ئي ڪنهن کي کل کل ۾ چئي سگهيو ٿي ته، ”تون مون کي نٿو وڻين“. حليم وٽ وڻڻ ۽ نه وڻڻ جا ڀلي پنهنجا ماپا هجن، پر ان ۾ رک رکاءُ يا منافقي نه هوندي هئي. حليم کي جيڪو ماڻهو نه وڻندو هو، ڀلي ان جا سبب ڪهڙا به هجن، هو ان کان هميشه الرجڪ رهندو هو. سندس لکڻ ۾ به اها ساڳي جولاني هوندي هئي. سنڌ يونيورسٽي جا پي ايڇ ڊي ڪيل ڊاڪٽر سڏائيندڙ استاد، خاص طور سنڌي شعبي جا پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جا ماهر حليم بروهي جي طنز ۽ مزاح جي نشاني تي رهيا. ان جو هڪڙو سبب اهو هو ته حليم سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪئي هئي ۽ انهن پروفيسرن/ڊاڪٽرن کي ذاتي طور سڃاڻندو هو ته منجهن علمي اهليت ڪيتري آهي. ٻي ڳالهه اها هئي ته خود اهي پروفيسر صاحبان حليم بروهي جي خيالن ۽ ڳالهين کي ”چريو آهي“ چئي مذاق ۾ اڏائي ڇڏيندا هئا. نتيجي طور حليم بروهي به انهن سان ڪڏهن گهٽ نه ڪئي. ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته حليم بروهي جو سنڌي ادب ۾ قدر ڪو نه ٿيو. حليم جيڪڏهن انگريزي ۾ لکي ها ته کيس نوبل پرائيز ملي ها ۽ جيڪڏهن اردو ۾ لکي ها ته سندس وڏو قدر ٿئي ها. اصل ۾ حليم بروهي پنهنجي لکڻ جي شروعات انگريزي ۽ اردو ۾ ئي ڪئي هئي، سنڌيءَ ۾ ته هن گهڻو پوءِ لکڻ شروع ڪيو. اردوءَ جا اهلِ زبان ٻي ڪنهن ٻولي ڳالهائيندڙ کي اردو جو اديب فقط ان حالت ۾ مڃيندا آهن ته هو ڄمڻ سان ئي پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي چڪو هجي. پنجابي ۽ پٺاڻ، جيڪي اردو جا ناميارا شاعر ۽ اديب آهن، تن پنهنجي مادري زبان کي ڇڏي اردو کي هينئين سان لاتو، ان ڪري کين قبول ڪيو ويو. ائين ته ڪجهه سنڌي اديب اردوءَ ۾ لکندا رهيا آهن، عبدالقادر جوڻيجو ۽ نوالهديٰ شاهه کي اردو ڊراما ۽ امر جليل کي اردو ۾ ڪالم لکندي سال ٿي ويا آهن، تڏهن به هنن کي اردوءَ جو نه، پر سنڌيءَ جو ليکڪ ئي سمجهيو ويندو آهي. حليم بروهيءَ کي سنڌي ۾ لکڻ سبب پنهنجا پڙهندڙ مليا، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا، کيس عزت ۽ نالو مليو، ڇا اها ڳالهه ڪنهن ايوارڊ يا وڏي عهدي کان گهٽ آهي! حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان احساس ڪمتريءَ جي هيءَ بيماري خود سنڌي ليکڪن ۾ آهي.

حليم بروهي هڪ سچو ۽ خوددار شخص هو، هن کي ڪنهن انعام اڪرام يا عهدي جي ضرورت نه هئي، نه وري هن ڪڏهن سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي اپيل ڪئي ته سندس سار سنڀال لڌي وڃي، يا سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي. هن وقت سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ اهو نهايت ضروري آهي ته سنڌ ثقافت کاتو يا سنڌي ادبي بورڊ حليم بروهي جي سمورن ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائي پڌرو ڪري. ڪنهن ليکڪ کي ان کان وڌيڪ بهتر نموني سان خراج تحسين پيش ڪري ئي نٿو سگهجي.

No comments:

راءِ ڏيندا