; سنڌي شخصيتون: فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙائي رح [ 1814ع – 1872ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

انگريزن جي ابتدائي دور جو ناميارو شاعر ۽ روهڙيءَ جو رانول، فقير عبدالقادر عرف قادر بخش ولد ميان محمد حسن قريشي، 22 ذوالقعد 1230هه مطابق 12 مارچ 1814ع تي روهڙي شريف (سکر) ۾ تولد ٿيو. سندس اصل نالو ”عبدالقادر“ هو؛ جنهن کي پيران پير دستگير، سيد عبدالقادر جيلاني رح (1078ع – 1166ع) جي عقيدت ۽ احترام ۾ مٽائي، ”قادر بخش“ رکرايو. ذهانت سببان ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڪافي علم حاصل ڪيائين. والد جي وفات بعد، حضرت قلندر لعل شهباز سيوهاڻي رح جي درگاه تي مٽيون ڀريندو رهيو، جتان فيض حاصل ٿيندي ئي درازين سچل سرمست فاروقي رح جي درگاه تي پهتو. وڌيڪ فيض وٺندي، واپس روهڙيءَ پهچي شعر چوڻ شروع ڪيائين. گهڻو سير سفر ڪندي، سنڌ جي صوفين، درويشن، بزرگن ۽ فقيرن جا تڪيا به ڀيٽيائين. پيرڳوٺ ۾ سيد علي گوهر شاه ”اصغر“ ۽ سيد صبغت الله شاه کي عربي ۽ فارسيءَ جي سکيا سان گڏ مثنوي مولانا رومي به پڙهايائين، کين تصوف جا راز، اسرار ۽ رمزون به سمجهائيندو رهيو – 16 ذوالقعد 1689هه مطابق 18 مئي 1872ع تي راه رباني ورتائين. کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول لڳ، روهڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو دفنايائونس.

پاڻ قادري طريقت ۾، شاه عنايت صوفي جهوڪ واري جو مريد هو؛ ۽ مير جان الله شاه جو خليفو پڻ ٿيو. شاعريءَ جي سلسلي ۾ ”بيدل“ تخلص سان گهڻين ئي زبانن ۾ طبع آزمائي ڪيائين. خاص ڪري سنڌي زبان ۾ ”ڪافيءَ“ جي پختي پيڙهه ٻڌايائين. ازانسواءِ ”هير رانجهو“ ”سسئي پنهون“، ”نوري ڄام تماچي“، ”عمر مارئي“، ”سهڻي ميهار“، ”مومل راڻو“، ”يوسف زليخان“ ۽ ”شيرين فرهاد“ جهڙن مشهور رومانوي داستانن تي پڻ تمثيلي شعر چيو اٿس؛ جنهن ۾ واقع نگاري، قدرتي ۽ انساني حسن جي تصوير، خيالي قوت، عبادت ۽ صنايع و بدايع وغيره ۾ ڪمال درجي تي نظر اچي ٿو. سندس نظريو ”مجازي عشق“ مان ”حقيقي عشق“ حاصل ٿيڻ آهي. سند غزلن تي مشتمل ”ديوان“ به جوڙيل آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ 1954ع ۾ شايع ڪيو آهي. محمد حسن ”بيڪس“ نالي هڪ پٽ به هوس، جيڪو جوانيءَ ۾ ئي کانئس وڇوڙو ڪري ويو. هو پڻ سندس جيان بهترين شاعر هو. هيٺ ”بيدل“ رحه جي هڪ ”ڪافي“ نموني طور ڏجي ٿي:-
رات مون ڏي مارن جو، نئون نياپو آيو؛
ڏکيو ڏوراپو آيو.
جسمانيءَ جي ڪوٽ ۾، رکيئي رهڻ جو رايو.
ملڪ مارن جو نت بيهاريو، ته ڪيئن چتڙو چايو.
ويڙهيچن ڏانهن وڃي ايڏانهن، تو ڪيئن خيال مٽايو.
مارن ريءَ هنن ماڙين ۾، تو ڇاسان من پرڀايو.
هت سنڀارن سانگي توکي، هت ڪنهن سانگ رهايو.
ڪيهي سببان تو، هن ڏينهن ڏيهون ڏور ڏسايو.
ور ساڙيهه ڏي سگهڙو ”بيدل“ اُٿي سنبر ڪر سعيو.
(1) – ”مسرور“ پنهنجي ڪتاب تي ناز ڪندي هڪ هنڌ چيو اٿس:
”ڏئي سر نقد سودي ۾، ڳنهي وٺ هار هيرن جو“

No comments:

راءِ ڏيندا