عبدالڪريم ”گدائي“ [ 1978ع – 1901ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو جهونو اديب، ڪهنه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم
عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري بلوچ، 24 شوال 1319هه مطابق پهرين جنوري 1901ع تي،
ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب
آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، 1918ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو. چئن
سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب بهادر خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير
سڪندر خان جن جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“ (Tutor) مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف
الله بدويءَ جي صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي پڌرو ڪيائين.
1932ع کان نهايت ئي بيباڪيءَ سان ”تحريڪ آزاديءَ“ واري
هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري پڻ منتخب ٿيو.
پوءِ ته فرنگين (انگريزن) خلاف خوب نظم لکڻ لڳو. ورهاڱي بعد ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾
شموليت اختيار ڪيائين؛ ۽ عوامي شعر لکڻ شروع ڪيائين. ”4– مارچ تحريڪ“ توڙي ”ون
يونٽ“ خلاف به خوب آواز اُٿاريائين. سندس تصنيفات حالانڪ ايتريون گهڻيون ناهن، مگر
”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ – مصداق ”خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“ (1965ع – تاريخ)،
”ساڻيهه جا سور“ (1965ع – شاعري)، ”پکڙا ۽ پنهوار“ (1975ع – شاعري) ۽ ”پيماني تي
پيمانو“ سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتاب تسليم ڪيا پيا وڃن. هيٺ ”عريبن جي عيد“ عنوان سان
سندس هڪ نظم مان چند مصرعون نموني طور ڏجن ٿيون:-
خدايا تون دنيا جو داتار آهين – جيارين يا
مارين ته مختيار آهين!؛
اڙين ۽ اڌينن جو آڌار آهين – چون ٿا، ستر
پوش ستار آهين!.
تون ڄاڻين ٿو سڀ ڪجهه، چئي ڇا ٻڌايان ؟
خوشيون عيد واريون، ڪٿان اڄ ملهايان ؟
نه ٻچڙن کي چولو، نه عورت کي چادر – نه
پنهنجي بدن تي، لنگوٽي برابر!؛
نه پٽڪو مٿي تي، نه پيرن ۾ پادر – سندم
ڏوهه ڪهڙو آ خلاق – اڪبر!.
گهرن ۾ اميرن جي کانا پچن ٿا – حويليءَ ۾
خونچا، اچن ۽ وڃن ٿا؛
ننڍا ۽ وڏا سڀ، خوشيءَ ۾ نچن ٿا – ڏسي ٻار
پنهنجا مونکي وٽ پون ٿا.
اوهانجا عجب راز باريڪ يا رب – تون رزاق
سڀ جو، اهو ٺيڪ يار رب!؛
رهين ٿو جي شهرڳه جي نزديڪ يا رب – ته
منهنجي دنيا، ڇو آ تاريڪ يا رب؟
ڪڏهن ڪا خوشين جي به تمهيد ٿيندي ؟
اسان جي به يا رب ڪڏهن عيد ٿيندي ؟
(1) – اِنهيءَ سلسلي ۾ ”گدائي“ صاحب
جا شروعاتي اشعبار ”سنڌ زميندار“ (سکر)، ”سنڌو“ (شڪارپور)، ”فرنٽيئر گزيٽ“ (جيڪب
آباد) ۽ ”صداقت) (شڪارپور) رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان شايع ٿيڻ لڳا.
(2) – سندس انهن قومي خدمتن عيوض
1960ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سـؤ روپيه ماهيانه وظيفو به ملڻ شروع ٿيو، جيڪو
تاحيات حاصل ڪندو رهيو.
No comments:
راءِ ڏيندا