; سنڌي شخصيتون: وشنو ڀاٽيا - تاج جويو

17 September, 2011

وشنو ڀاٽيا - تاج جويو


وشنو ڀاٽيا 
جيڪو سنڌي ڪهاڻيءَ کي ڇورو ڇِنو ڪري ويو
تاج جويو
سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد، وشنو ڀاٽيا، 15- سيپٽمبر 2011ع تي، لاڏاڻو ڪري ويو، ڪافي عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هن کي پوين ڏينهن ۾ شگر جي شديد تڪليف ٿي پئي هئي، جنهنڪري هن جو هڪ پير پڻ ڪاٽيو ويو هو.
وشنو ڀاٽيا، ڪراچي، سنڌ ۾ 28 اپريل 1943ع تي، ٽوپڻداس ڀاٽيا جي گهر ۾ جنم ورتو هو، جڏهن ته سندس اباڻو شهر ٺٽو هو. ورهاڱي کان پوءِ مائٽن سان گڏ لڏي وڃي ممبئيءَ ۾ رهيو، جتي جلا وطنيءَ جا 64 سال گذاري، 68 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي گهر، ملند ڪالوني ممبئيءَ ۾ پساهه پورا ڪري، سنڌي ڪهاڻي کيتر کي ڇورو ڇِنو ڪري پنهنجي پرستارن کي آلين اکين سان اڪيلو ڇڏي ويو.

وشنو ڀاٽيا، ايڏو ڪو اعليٰ تعليم يافته نه هو، هن انٽر آرٽس مان ڀاڄ کائي ڪنهن چواڻي: ’زندگيءَ جي کليل ڪتاب جو وڃي مطالعو ڪيو‘. ڀڄ ڊوڙ جي زندگيءَ ۾ رتن (هندي) ۽ ڪويد (سنسڪرت) جا امتحان به الائي ڪيئن ڏنائين. پر چوڻ وارا چون ٿا ته دنيا جي فڪشن جو کيس وسيع مشاهدو هو.
وشنو ڀاٽيا پنهنجي ادبي جيون جو سفر ترجمن سان شروع ڪيو هو، ۽ ان کان پوءِ طبعزاد ڪهاڻيون لکيائين. نامور اديب ۽ ڪونج ٻماهيءَ جي ايڊيٽر، هري موٽواڻيءَ، وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻي- ڪتاب ”دي گيم“ (1982ع) ۾ سندس لاءِ لکيو آهي: ”ڪهاڻي صنف جا سڀ لڪ: ڪهاڻي، نئين ڪهاڻي ۽ اَڪهاڻي لنگهندو، ڪنهن حد تائين ڪهاڻي- منزل جي چانئٺ وٽ اچي بيٺو آهي. دراصل وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين ۾ جيڪا موضوعن جي نواڻ ۽ گوناگونيت آهي، سا سنڌيءَ جي چند ڪهاڻي نويسن وٽ ئي ملي سگهندي.“
وشنو ڀاٽيا بنيادي طور تخليقي، بولڊ ليکڪ ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ميدان جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. هُو سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ بدنام ليکڪ طور به مشهور رهيو آهي، ڇو ته سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين ۾ ”جنس“ (Sex) جو کليل اظهار موجود آهي، ان حوالي سان سندس ڪهاڻين تي ڪافي تنقيد ٿيندي رهي، خاص ڪري سندس ڪهاڻي ”اَوشواس جو جنم“ تي وڏي تنقيدي ڏي وٺ ٿي هئي، ۽ مشهور نقاد، آنند کيماڻيءَ، وشنو ڀاٽيا جي قدوقامت کي نظر ۾ رکندي لکيو هو ته ”هن ٿُلهي حراميءَ کي اها ئي هڪ ڪهاڻي سنڌي ادب ۾ زنده رکندي.“
وشنو ڀاٽيا جي اُن روپ تي قلم آرائي ڪندي، هري موٽواڻيءَ سندس ڀيٽ جڳ مشهور مصور ’وان گوگ‘ سان ڪئي آهي، جيڪو به هن وانگر واسنائن جو ڏنگيل هو. هن لکيو آهي ته ”جهڙيءَ طرح وان گوگ پنهنجي چترن/ تصويرن ۾ پيلي رنگ جو استعمال ڪري، پنهنجي بُک ۽ بيوسيءَ جو اظهار ڪيو آهي، تيئن وشنو ڀاٽيا، پنهنجي ڪهاڻين ۾ سيڪس جو اظهار ڪري، پاڻ کي مڪتي ڏياري آهي.“ (’دي گيم‘ ڪهاڻي- ڪتاب جو مهاڳ). وشنو ڀاٽيا جي اهڙين ڪهاڻين ۾ سندس ڪتاب ”دي گيم“ جون سموريون ڪهاڻيون: ’دي گيم‘، ’پروفيشنلس‘، ’ننگائيءَ جو احساس‘، ’پردن ۽ عڪسن جي وچ مان‘، ’وقت جي وڇوٽي ۽ زندگيءَ جو قيد‘ اچي وڃن ٿيون. هنن ڪهاڻين ۾ وشنو ڀاٽيا سيڪس جو شدت سان اظهار ڪيو آهي، نتيجي طور ڪٿي ڪٿي هو ٻوليءَ ۽ فن جون حدون به اورانگهي ويو آهي. سندس همعصرن اعتراف ڪيو آهي ته مُهانڊي مان اَٻوجهه لڳندڙ وشنو ڀاٽيا، فڪشن ۾ ڪافي سنجيدو ۽ گهرو لهي ويندڙ اديب آهي. اُن جو ڪارڻ سندس زندگيءَ جي محرومين جا اُهي ڏنگ آهن، جيڪي هو سڄي ڄمار کائيندو رهيو.
وشنو ڀاٽيا نه صرف ڪهاڻيون لکيون آهن، پر ڪيترا ناول به لکيا آهن. هن جتي ناٽڪ تي قلم آرائي ڪئي آهي، اُتي تنقيدي- ادبي مضمون به لکيا آهن. هُو ابتدا کان وٺي ڪيترين اخبارن ۽ مخزنن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾: روزاني اخبار ’هند واسي‘ جو سينئر سب ايڊيٽر، ’هندواسي‘ مخزن جو سب ايڊيٽر، ’شانتي‘ (1944ع کان 1947ع تائين) جو ايڊيٽر، ’فلم فئشن‘ (1949ع کان 1970ع تائين) جو ايڊيٽر ۽ ٻماهي ’ڪونج‘ جو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ڪجهه سال سب ايڊيٽر رهي چڪو آهي. سندس ڪالم، مضمون ۽ ڪهاڻيون، ’سنڌو سنسار‘، جهولي لال، يُگ ڌارا، سپون، رچنا ۽ ڪونج وغيره ۾ لاڳيتيون ڇپجنديون رهيون آهن. سندس ڪالم ”دنيا رنگ رنگيلي“ ۽ هفتيوار ”پوتاميل“ ڏاڍا مقبول ٿيا.
وشنو ڀاٽيا جي شايع ٿيل ادب ۾: (1) دل جي بستي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (2) چندر مُکي (ڪهاڻيون: 1965ع)، (3) ڏٺل عڪس جو جوڙ (ڪهاڻيون)، (4) سمرتين جو صبح (ڪهاڻيون)، (5) سج جا ٽُڪرا (ڪهاڻيون: 1972ع)، (6) پيارُ ۽ پڇتاءُ (ڪهاڻيون)، (7) احساسن جي انڊلٺ (ڪهاڻيون)، (8) ديوار ۽ تاس جا پتا (ڪهاڻيون: 1977ع)، (9) دي گيم (ڪهاڻيون: 1982ع)، (10) رشتن جو انت (ڪهاڻيون: 2001ع)، (11) دردن ماري دل (ناول: 1963ع)، (12) زندگيءَ جا ڪنارا (ناول: 1969ع)، (13) راڻي ڊرالنگ (ناول)، (14) سوال (ناول: 1976ع)، (15) پيار جو آئينو (ناول: 1981ع، هن ناول جو ٻيو ڇاپو، سنڌ ۾، ناري پبليڪيشن، حيدرآباد، 1991ع ۾ ڇپايو هو)، (16) نئين ساهت جا سوال (مضمون: 1976ع) ۽ (17) ائڪٽر (رام لهيجا جي جيوني) وغيره ڪتاب اچي وڃن ٿا.
وشنو ڀاٽيا موسيقيءَ، ڊراما، فلمن، سير سفر ۽ دوستن سان گڏجي گهمڻ جو شوقين هو. هن جا ’بيبو او بيبو‘، ’اک ڦڙڪي، دل ڌڙڪي، ’انعام‘ ۽ ’ننڊ نه ڪر نندن‘ ريڊيو ناٽڪ ڪافي مشهور ٿيا. هو ’نئين سنڌي ليکڪ منچ جو ميمبر به رهي چڪو هو.
وشنو ڀاٽيا جون ڪهاڻيون هندي، انگريزي، گجراتي، مرهٽي، مليالم، ڪنڙ ۽ تيليگو ٻولين ۾ ترجمو ٿي، وڏي مقبوليت ماڻي چڪيون آهن.
وشنو ڀاٽيا کي 1995ع ۾ ممبئيءَ ۾، سنڌي اديبن جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ’اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو هو، جنهن تنظيم جو هو 1974ع کان 1978ع تائين ادبي سيڪريٽري به رهي چڪو هو. ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته وشنو ڀاٽيا جو وڇوڙو، موهن ڪلپنا، گُني سامتاڻي ۽ لعل پشپ جي لاڏاڻي کان پوءِ، سنڌي ڪهاڻيءَ لاءِ وڏو نقصان آهي، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو.


وشنو ڀاٽيا!
تون نئين ساهت ۾ زندهه رهندين!
ري- ميم
سنڌي ٻولي جو نهايت اهم ناول نويس ۽ ڪهاڻيڪار وشنو ڀاٽيا به پنهنجي جلاوطنيءَ جا ٽيهٺ سال پورا ڪري ملند ڪالوني ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. 28 اپريل 1943ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ وشنو ڀاٽيا چئن سالن جي عمر ۾ ڪراچي ۾ سنڌ کان جدا ٿيو ۽ لکين سنڌين جيان هند جي هڪ وڏي شهر ممبئي جي ملند ڪالونيءَ ۾ رهيو. هن پنهنجي عمر جي مني صدي جلاوطنيءَ ۾ ڪيئن گذاري، اهو سڀ ڪجهه هن پنهنجي لکڻين، ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ انتهائي بهادريءَ سان اظهاريو، جنهن اظهار کي تنقيد هيٺ به آندو ويو ۽ اها تنقيد هن ليکڪ کي ايترو مٿي کڻي آئي جو هو شيام جئسنگهاڻي ۽ وشنو ڀاٽيا جي مثالي سڏجندڙ دور جي هڪ اهم سڃاڻپ بڻيو. ادب ۾ هن نئين ساهت جي نالي سان پنهنجي لکڻين کي هڪ اهم سڃاڻپ ڏني. جنهن ۾ شهري زندگيءَ جون تڪليفون، حادثا ۽ بيهودگيون اچي وڃن ٿيون. هن شادي نه ڪئي ۽ برهمچاري ٿي رهيو، جنهن ڪري سندس لکڻين ۾ جنس جو اظهار به آهي. جنهن کي سنڌي ادب ۾ گهٽ اظهاريو ويو آهي. وشنو ڀاٽيا نه رڳو پنهنجو تخليقي ڪم ڪيو پر هو صحافت جي دنيا ۾ به پنهنجو اهم يوگدان ڏئي چڪو آهي. سندس سهڙيل ڪتاب ”نئين ساهت جا سوال“ جديد ادب تي هڪ اهم ڪتاب ليکيو وڃي ٿو.
وشنو ڀاٽيا سنڌي نئين ڪهاڻي جو اهڙو نالو آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ سعادت حسن منٽو سان ڀيٽي سگهجي ٿو. هو پنهنجي اظهار ۾ نهايت بهادر ۽ تلخ رهيو. جيڪا تلخي هڪ سڄي دور تي حاوي رهي. جنهن تلخيءَ هند ۾ سنڌي ڪهاڻي کي روايتي طور لکي ويندڙ ڪهاڻيءَ کان الڳ ٿلڳ ڪري بيهاريو ۽ اها ڪهاڻي وشنو ڀاٽيا جي نالي سان ئي سڃاپجڻ لڳي. وشنو ڀاٽيا هڪ نقاد طور به هند جي سنڌي ادب ۾ نهايت اهم نالو رهيو. سندس تنقيد نئين سنڌي ساهت جي نالي ۾ هڪ نئين تنقيد هئي. اها تنقيد جيڪا کانئس سينيئر ٽهي آنند کيماڻيءَ، لعل پشپ ۽ گني سامتاڻيءَ کان ٿيندي، وٽس پهتي ۽ نئين تنقيد جي نالي سان سڃاپجڻ لڳي.
وشنو ڀاٽيا جي ڪهاڻين جا ڪتاب، جيڪي اڄ تائين ڇپجي سگهيا آهن، سي هي آهن 1 دل جي بستي، 2 چندر مکي، 3 ڏٺل عڪسن جو جوڙو، 4 سمرتين جو صبح، 6 سج جا ٽڪرا، 6 پيار ۽ پڇتاءُ، 7 احساسن جي انڊلٺ، 8 ديوار ۽ تاس جا پتا، 9 دي گيم، 10 رشتن جو انت، هنن ڏهن ڪتابن ۾ شامل ٿيل ڪهاڻن کان سواءِ به، هن ڪيتريون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيون آهن. جڏهن ته وشنو ڀاٽيا جي هڪ ناول نويس طور به اهم سڃاڻپ بڻجي ٿي. سندس ناولن جا نالا آهن. 1 دردن ماري دل، 2 زندگيءَ جا ڪنارا، 3 راڻي ڊارلنگ، 4 سوال، 5 پيار جو آئينو. ڏهن ڪهاڻي ڪتابن ۽ پنجن ناولن جو ليکڪ ۽ هڪ جيوني ”ايڪٽر“ لکندڙ وشنو ڀاٽيا، ڪيترن سالن کان ملند ڪالوني واري پنهنجي فليٽ ۾ بيحد تنهائي واري زندگي گذاري رهيو هو. ڪجهه سال پهرين سندس هڪ پير ڪاٽيو ويو، جنهنڪري هو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هو. پر زندگيءَ سان سندس ڪا به شڪايت نه هئي. اڪيلائيءَ ۾ به هو لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ رڌل هو. هن جو زندگيءَ ڏانهن رويو جيتوڻيڪ سخت هو پر بيزاريءَ وارو نه هو. هو زندگي جي تلخين جو ليکڪ به هو ته جسمن جي حسناڪين جو ليکڪ به هو. اڄ هو اسان وٽ نه رهيو آهي. سندس ملند ڪالوني ممبئي وارو فليٽ، سندس ڪهاڻيون ۽ انهن ۾ آيل حسين ڇوڪريون ضرور اداس ٿيون آهن ۽ ان کان وڌيڪ اداس ۽ ڏک ۾ ورتل اهي سنڌي اديب آهن، جن جو هو محبوب ليکڪ رهيو آهي. جن ۾ آئون به شامل آهيان. وشنو ڀاٽيا جو هليو وڃڻ، سنڌي نئين ساهتيه مان هڪ نهايت اهم لکندڙ جو هليو وڃڻ آهي پر اڳي پوءِ وڃڻو ته سڀني کي آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا