فقير نانڪ يوسف [ 1845ع – 1792ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سندس اصل نالو محمد يوسف ولد محمد هاشم کوکر هو. 12
ذوالحج 1207هه مطابق 23 آگسٽ 1792ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ
”سيريءَ“ ۾ ڄائو هو. عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هوس. درازي درويش حضرت سچل سرمست
فاروقي رح (1739ع – 1829ع) جي خاص خليفن مان هو. سندس ڪيترائي معتقد ٿيا، جن مان
مير علي مراد خان ٽالپر جو نالو سر - فهرست آهي – 53 ورهين جي ڄمار ۾ 29 شعبان
1261هه مطابق 2 نومبر 1845ع تي، ضلعي خيرپور جي رنگپور ڳوٺ ۾ وصال ڪيائين. سنڌي، سرائڪي
۽ هندي زبانن ۾ شعر چيو اٿس، جيڪو تصوف جي رنگ ۾ آهي. نمونو هيٺ ملاحظه فرمايو :-
تنهنجي تار تڳان تن من ۾، منهنجو مالڪ تون.
هندو مـــومــن هــــــــر مــظـهر ۾، صحـي سڃاتـــو
مـــون.
آل اولاد کي عشق اوهان جو، تڪيو تو هٿئون.
پن ٻوڙين پــــــــاتــــار ۾، پــــاهڻ تـــــــارين
تـــــــــون.
حيف تنين ارواحن آهي، جيڪي ڀانئن ڏون.
”نانڪ يوسف“ تي يار سچل جا، آهن هٿ مٿون.
فقير صاحب، حالانڪ ”تارڪ الدنيا“ هو؛ تنهن هوندي به
زماني جي زيب خاطر شادي ڪيائين؛ جنهن مان کيس هڪ نياڻي ٿي، جيڪا مرشد جي ڀائٽيي،
سائين سخي قبول محمد (ثاني) کي نڪاح ۾ ڏئي ڇڏيائين. سندس ڪَلام، سچل رح جي ڪلام جو
آئينو آهي، جيڪو بره جي باتين ۽ وحدت جي تنوار سان تاڃي پيٽي آهي. سندس صحتي: فقير
عثمان سانگي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي، تمر فقير ۽ فقير ڇتو سانگي هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا