; سنڌي شخصيتون: قاضي علي اڪبر درازي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

قاضي علي اڪبر درازي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قاضي علي اڪبر درازي [ولادت 1313هه = 1895ع]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سلطان العاشقين، حضرت سچل سرمست فاروقي رح جي پرواني، علي اڪبر ولد علي محمد قاضيءَ، 1313هه مطابق 28 جولاءِ 1895ع تي، قاضي عبدالسميع محله روهڙي، ضلع سکر ۾ ولادت ورتي آهي. ابتدائي تعليم روهڙيءَ مان ۽ سيڪنڊري سکيا سکر جي سرڪاري هاءِ اسڪول مان ورتل اٿس. مئٽرڪ پاس ڪري 1917ع کان روينيو کاتي ۾، ڪلارڪ بڻيو، جتان ترقي وٺي، آخر ٽريزري آفيسر (Treasury Officer) جي عهدن تان 1950ع ۾ رخصت ورتائين. هن وقت باقي حياتيءَ جا ڏانهن، خدا جي ذڪر آذڪار ۾ بسر ڪري رهيو آهي.

قاضي صاحب، شهنشاه - عشق هفت زبان شاعر، حضرت حافظ سچل سرمست درازي رح جي احوال، ڪلام ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي؛ اِنهيءَ سلسلي ۾ منو سؤ کن ڪتاب سندس قلم جي زينت بڻيا آهن. نثر کان علاوه پاڻ سخن جي ميدان ۾ به ڪؤنٽل ڪڏايو اٿس. ”غلام اڪبر“ نالي سان سندس مڪمل ”ديوان“ به پڌرو ٿيل آهي. هيٺ سندس هڪ ”بيت“ نموني طور ڏجي ٿو.
محبت ريءَ جڳ ۾، ٻيو ٿي ڪوڙو ڪچ؛
ڇڏي ڍونگ دنيا جا، راه انهيءَ ۾ رچ؛
”غلام اڪبر“ غريب ٿو، توکي سڻائي سچ؛
محبت ٻارج مچ، ته سڄڻ ٿيئي سامهون.
(1) – اُن زماني جي دستور موجب ”قاضيءَ“ کي ”سب رجسٽراريءَ“ جو فوليو به سونپيو ويندو هو کيس پگهار ڪا نه ڏني ويندي هئي، ”بلڪ داخلا فيءَ“ مان حاصل ٿيل رقم جو حصو ملندو هو – 1922ع کان پوءِ هي عهدو باقاعده ملازمت هيٺ آڻي، پگهار دار بڻايو ويو هو.
(1) – اِنهيءَ لکڻ ۾ ڪو به مبالغو نه ٿيندو، ته پاڻ سچل سائين رح جي پيغام کي گهر گهر پهچائڻ ۾ هڙئون خرچ ڪري، بلاقيمت ڪتاب شائقينن تائين رسايا اٿس. سندس هي سلسلو اڃا تائين قائم آهي. خداوند کيس حضري عمر عطا ڪري.

No comments:

راءِ ڏيندا