; سنڌي شخصيتون: قادر بخش ”بشير“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

02 September, 2011

قادر بخش ”بشير“ سومرو - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


قادر بخش ”بشير“ سومرو [ 1896ع – 1954ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي

قادر بخش ”بشير“ ولد حاجي دوست محمد سومرو، تعلقي ٺل (جيڪب آباد) جي ڳوٺ ميرپور ۾ 13 شوال 1314هه مطابق 24 آگسٽ 1896ع تي ڄائو هو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد وفات ڪري ويو هو؛ جنهن ڪري والده جي سرپرستيءَ هيٺ قرآن پاڪ ناظران پڙهي، مامن جي محبت کيس اسڪول تائين آندو، جتان ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪري، ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ پهتو. ڪاليج جي علمي ماحول مان شعر چوڻ جو شوق جاڳيس. پوءِ ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي اچڻ وڃڻ لڳو ۽ کانئس شعر جي سکيا حاصل ڪيائين. مرزا صاحب جي طبيعت ۽ شاعرانه صلاحيتن مان خاصو استفادو حاصل ڪري، 1920ع ۾ واپس ٺل وريو؛ ۽ جيڪب آباد جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ملازمت ڪيائين – 1949ع کان 1952ع تائين اسڪول جو گشتي آفيسر A.D.I.S به ٿي رهيو. پر پوءِ صحت سالم نه سمجهي، ٻيهر ماستريءَ کي ترجيح ڏنائين.
 
”بشير“ صاحب نهايت ماٺيڻو، ساده دل، کل مک ۽ سچو سني مسلمان هو. وٽس ڪيترائي پڙهيل پري پري کان پهچي، علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. سندس اوطاق اديبن ۽ شاعرن سان ٽٻيل هوندي هئي. محفلين جو مور ۽ وڏو مهمان نواز هو. عبدالڪريم ”گدائي“ سندس گهاٽو دوست هو. پڇاڙيءَ ۾ سلهه سندس ساه کي سوگهو ڪيو؛ جنهن ڪري لاعلاج ٿي، 9 جمادي الاول 1374هه مطابق 14 مارچ 1954ع تي لاڏاڻو ڪيائين.
سندس ڪلام جهجهي انداز ۾ آهي؛ جنهن ۾ رنگيني، دلڪشي ۽ اثر انگيزي زياده کان زياده نظر اچي ٿي. پاڻ غزل ۽ نظم تمام سٺا چيا اٿس. خاص ڪري سندس طويل نظم اعليٰ پايي جا آهن. اهڙيءَ طرح غزل به عشقيه انداز ۾ چيا اٿس. مزاحيه ڪلام، وطني حب جا ترانا ۽ هن بي بقا دنيا لاءِ مرثيا پڻ مختلف عنوان سان رقمطراز ڪيائين. لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ماهوار ”اديب سنڌ“ ۾ سندس ڪلام ڪثرت سان ڇپيو هو. سندس ڪلام ۾ ڪجهه فني اُوڻايون به هيون، تڏهن به اُهي سندس دلڪش انداز - بيان، اسلوب جي جدت، تاثر ۽ روانيءَ جي ڪري بالڪل ڍڪجي ويون آهن. هيٺ سندس هڪ نظم نموني طور ڏجي ٿو:-
بچائي ڌرم دين ايمان پئسو، بڻيو دين دنيا جو سامان پئسو.
گهمائي ٿو گنگا ۽ گوڪل گهٽيون، مڪي ۽ مديني جو ميدان پئسو.
وڃايو نه ناحق اها قيمتي شيءِ، ڪيو ڪين افراد نقصان پئسو.
برادر پدر ٿا جتي ڪين پهچن، ڪري ٿو انهيءَ هنڌ احسان پئسو.
زميندار ڇو هي قرضدار آهن، اُنهن لاءِ خرچڻ آ، آسان پئسو.
وڏي قيمت وٿ چون ٿا آ، پئسو، وڃائيندو ناحق ڪو نادان پئسو.
خدا کان زياده رهي ياد هن جي، اُٿڻ ساڻ طلبي ٿو انسان پئسو.
ڏسون ٿا اڄ ڪورٽن منصفن وٽ، ڪري ٿو اُتي ياد دربان پئسو.
سچي شاهدي ڇو نه ماڻهو ڏين، پر ڪرائي ٿو ايمان قربان پئسو.
ضرورت سفارش جي اڄڪلهه نه آهي، جنهن وٽ اگر آه اَرزان پئسو.
اڳي علم جو مرتبو هو ته اعليٰ، هلائي مگر اڄ ٿو فرمان پئسو.
ڪرائي برا ڀلا ڪم اسان کان، چڱو ڀي چون آه شيطان پئسو.
وڏائي ڪري ڪونه هن تي ”بشيرا“، جو آهي اهو يار مهمان پئسو.
”بشير“ مرحوم وٽ ڪافي ڪتاب موجود هئا. خاص ڪري ”الوحيد“ اَخبار جا ته مڪمل پرچا وس موجود هئا. مشاعرن توڙي ادبي محفلين ۾ ڪڏي ويندو هو. سندس مڪمل ڪلام، علامه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب مرتب ڪري، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو آهي.
(2) – غالباً 1952ع ۾ پنهنجو هڪ سنڌي غزل لاڙڪاڻي جي شاعر، مغل غلام سرور ”سرور“ کان اصلاح ڪرايو هئائين. اُن کان پوءِ غزل جي صنف ۾ بحر بڻيو. اهڙيءَ طرح اردو غزل جي اصلاح اسد ملتانيءَ وٽان ورتي هئائين.
(1) – سندس شروعاتي تخلص ”حقير“ هو، پر پوءِ شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي صلاح سان ”بشير“ سڏائڻ لڳو.
(1)– ”رسالي اديب سنڌ جو سنڌي علم ادب ۾ حصو“ – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ايم – اي سنڌيءَ لاءِ لکرايل سونو گراف، قلمي) 1967ع، صفحو 94

No comments:

راءِ ڏيندا