; سنڌي شخصيتون: علامه آءِ - آءِ – قاضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

علامه آءِ - آءِ – قاضي - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


علامه آءِ - آءِ – قاضي [ 1886ع – 1968ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سر زمين سنڌ جو عظيم فرزند، علامه امداد علي امام علي قاضي صاحب جي ولادت حيدرآباد شهر ۾ 21 ربيع الاول 1304هه مطابق 18 اپريل 1886ع تي ٿي هئي. سندس وڏا اصل دادو ضلعي جي پاٽ ڳوٺ جا هئا. علامه صاحب جي شروعاتي تعليم نهايت خبرداريءَ سان ٿي. پاڻ جڏهن مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، ته سندس والد بزرگوار کيس وڌيڪ تعليم ڏيارڻ خاطر ولايت ڏانهن اُماڻيو. لنڊن پهچي، اُتان جي بهترين ۽ قابل استادن کان فلسفي، نفسيات ۽ اقتصاديات ۾ سٺي تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوه خانگي طرح علم الحيات ۽ طبعيات جو پڻ چڱو اڀياس به ورتائين.
 
1810ع ۾ جرمنيءَ جي شهر مان ”ايلسيا“ نالي هڪ جرمن خاتونءَ سان شادي رچايائين. سندس زال هڪ قابل، بلند پايي جي اديبه ۽ شاعره هئي. بس، پوءِ ته ٻنهي جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ٿي. قاضي صاحب پڻ هڪ بلند شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ وڏو عالم، محقق ۽ دانشور هو. شاديءَ کان پوءِ هڪ سال جي مختصر عرصي اندر انگلنڊ مان بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي، وطن واپس وريو.
وطن ۾ مئجسٽريٽ ۽ سيشن جج جي عهدن تي به فائز رهيو. ڪجهه عرصي لاءِ انتظامي ڪائونسل جو ”هوم ميمبر“ به ٿي رهيو – 1951ع کان 1959ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. رٽاير ڪرڻ بعد پنهنجي گهر واريءَ سميت سنڌي ادبي بورڊ جا ڪتاب لکڻ لڳو.
علامه صاحب شروع کان ئي محنتي ۽ ديانتدار هو. پنهنجي نيڪ نيتيءَ کي ثابت رکندي، سچائيءَ ۽ صفائيءَ سان روز شب اوجاڳا ڪاٽيندي، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي تي سندس ڪيل تحقيق، هڪ لازوال ڪارنامو آهي؛ جنهن کي 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي.
جناب قاضي صاحب پنهنجي وقت جو هڪ جيد عالم ۽ مڃيل فيلسوف هو. پاڻ سموري زندگي قرآن پاڪ، امام غزالي رح جي فڪر ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي قولن موجب گذاري هئائين. اسلام جي اُصولن تي هلڻ ۽ وطن جي محبت جو ڪوڏيو هو.
علامه صاحب صحيح معنيٰ ۾ علم جو درياه هو. سنڌ خواه هند، بلڪ ولايت وارا به کانئس بيحد متاثر ٿيا – 1967ع ۾ سندس گهر واريءَ رحلت ڪئي؛ پوءِ ته پاڻ کي اڪيلو سمجهي جهري پيو؛ انهيءَ ڳڻتيءَ جي ڳاراڻي سندس هنيانءُ هيڻو ڪري وڌو؛ جنهن ڪري 27 شعبان 1388هه مطابق 1968ع جي 17 اپريل جي سج ۾ وفات ڪيائن. کيس سنڌ يونيورسٽي جي احاطي اندر، مسجد شريف جي ڀرسان دفنايو ويو.
سنڌ جا سمورا پڙهيل ماڻهو علامه صاحب جي وڏي تعظيم ڪندا هئا. پاڻ حد کان زياده خود دار، نازڪ طبيعت، اُصولن جو پڪو ۽ واعدي جو بالڪل سچو هو. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ سندس گڻ هو. ڪڏهن به ڪنهن جو ٿورو کڻڻ پسند نه ڪندو هو. سندس زبان ۾ ايتري قدر ته ميٺاج هوس، جو هڪ واري به جيڪو ساڻس مليو ٿي، سو ساري زندگي کيس ياد ڪندو رهي ٿو. هندستان ۽ پاڪستان جا وڏا وڏا اديب، شاعر ۽ دانشور به سندس شخصيت جو اعتراف ڪندا هئا؛ اُنهن مان: علامه ڊاڪٽر سر محمد اقبال، ڊاڪٽر ذاڪر حسين (هندستان جو اڳوڻو صدر)، مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ ۽ جارج برناڊشا وغيره ته سندس خاص مداح هئا. سنڌ ۽ سنڌين کي هميشہ ذات تي فخر رهندو.
(1) – ازانسواءِ سندس هيٺيان ٻه ڪتاب انگريزي زبان ۾ لکيل آهن:-
(i) – A brown girl in Search of God
& (ii) – Casual Peeps at Sophia (Essays - 1967)

No comments:

راءِ ڏيندا