شهيد هوش محمد شيدي [ 1807ع – 1843ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو عظيم فرزند، شهيد هوش محمد عرف ”هوشو شيدي“ ولد
دوست محمد قنبراڻي، اصل آفريڪا جو رهاڪو هو؛ ۽ ”حبشي خاندان“ سان سندس تعلق هو.
سندس ولادت 1322 هه مطابق 1807ع ڌاري، دارالاسلام شهر ۾ ٿي. سندس وڏا گهاٽن جهنگلن
۾ جهوپڙيون جوڙي، زندگي گذاريندا هئا. هاٿي، ببر شير، گينڊا، شتر مرغ، زيبرا،
زراف، ۽ باندر وغيره پڪڙڻ سندن خاص مشغلو هو. هتان جا ماڻهو زرخريد وڪامندا هئا.
هوش محمد به اُنهيءَ رواج مطابق چند ڊالرن تي وڪاڻو. آخر
زر خريد غلام (ٻانهو) بڻجي، سنڌ ۾ مير صوبدار خان ولد مير فتح علي خان وث پهتو مير
فتح علي خان، سنڌ ۾ ميراڻي صاحبيءَ جو پايو وجهندڙ هو.
جيئن ته هوش محمد، هڪ ٻانهو ٿي سنڌ ۾ آيو هو، ان ڪري نمڪ
حلاليءَ جو واضح ثبوت ڏيندي، پنهنجي زندگيءَ جو مول مقصد، ”پنهنجي آقا (مالڪ) تان
پاڻ قربان ڪرڻ“ بڻايو هو. مير صوبدار خان، اُن وقت انگريزن سان سازباز هو، جا
ڳالهه هوشوءَ کي پسند نه آئي؛ جنهن ڪري مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ حيلا هلائي، مير
شير محمد ماڻڪاڻيءَ وٽ وڪامي ويو.
تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ جا سردار، ميريا حاڪم هميشہ
پنهنجي پڳ پڌري ڪرڻ لاءِ جنگيون جوٽيندا رهيا آهن. اهڙي ئي منصب سان مير شير محمد
ماڻڪاڻي به دٻي جي جنگ ۾ للڪار ڪئي. پوءِ ته ڪافي ڪونڌر ڪسندي ڏسي، پڙ ڇڏي وٺي
ڀڳو. سندس ڀاڄ بعد، هوشو ميدان تي نڪري آيو. هوشوءَ کي ڪنهن به قسم جي لالچ ڪانه
هئي؛ جنهن ڪري هن سنڌ کي پنهنجو ديس ڄاڻي، ڌارين جي هٿ ڏيڻ نه پئي چاهيو. نتيجو
اهو نڪتو، جو انگريزن جي توبن آڏو بيهي، ڪيترن ئي ڪونڌرن جا ڪنڌ ڪپي ڇڏيائين. سندس
ساٿي به هڪ هڪ ٿي ميدان خالي ڪندا رهيا. پوءِ پاڻ وڏي واڪي اِئين چوند رهيو، ته ”مر ويسون، سنڌ نه ڏيسون“. هوڏانهن فرنگين جي سڀني ڦندن سان منهن ڏيندو آيو. آخر
نستو ٿي پيو؛ ۽ 24 جمادي الاول 1259هه مطابق 25 مارچ 1843ع تي ميدان–جنگ ۾ مارجي
ويو.
هوشو، سنڌ ۾ اچڻ سان سنڌي بڻجي ويو هو. کيس سنڌ مان وڌ ۾
وڌ پيار هو. اهوئي سبب هو، جو پاڻ دل و جان سان پڇاڙيءَ تائين وڙهندو رهيو، پر سنڌ
دشمنن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هوڏانهن انگريزن، بهادري جي ڪري سوڀ ڪانه
پاتي هئي، بلڪ هٿيارن وسيلي پنهنجي طاقت کان ڪم پئي ورتو.
(1)– عام طرح سنڌ ۾ ”حبشين“ کي ”شيدي“
سڏيو ويندو آهي. ”شيدي“ ، دراصل ”سيدي يا سدي“ جي بگڙيل بناوت آهي؛ جنهن جي لغوي
معنيٰ آهي : ”عزت ماب“ (وڏيءَ عزت وارو). عرب دنيا ۾ هي لفظ اڃا تائين معزز ماڻهن
لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مصر ۽ اُتر آفريڪا ۾ به هن لفظ جو عام استعمال آهي.
“]History of Arabs”-by Philips.K.Hitti, London, 1953 :P.P 544[
خود مراقش جو بادشاه اڃا تائين پاڻ کي ”سدي“ سڏائي ٿو.
اهڙيءَ طرح الجزائر، لبيا ۽ تيونس جا حاڪم به پاڻ کي ساڳئي لقب سان ڪوٺائين ٿا.
اهو دين اسلام جي تبليغ جو اثر آهي؛ جنهن ”غلام“ کي ”آقا“ بڻائي ڇڏيو هو. خود
لقمان حڪيم به سوڊان جو ”شيدي“ هو. [قصص الانبياء – فيض محمد، الله بخش ۽ محمد
صديق ”مسافر“– 1940ع، صفحو 263]
(1) – تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته
هوشو اصل ۾ فرينچ سپهه سالار، نيپولين بونا پارٽ جي فوج ۾ هو؛ ۽ مصر ۾ انگريز جي
خلاف به وڙهيو هو [ارض القرآن ”- سيد سليمان ندوي، دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه، 1342هه
(1923ع)، جلد–1، صفحو 311]. اُتان پوءِ مسقط ۾ پهتو. سنڌ جي ميرن جڏهن مسقط جي
واليءَ وٽان ڪجهه اسلح (توبون وغيره) گهرايو هو، ته هو هوشوءَ هٿاران پهچايو ويو هو.
هوشو سنڌين جي مهمان نوازي، بهادري، سچائي، خوش اَخلاقي، صاف دلي، فراخ دلي ۽ حاضر
جوابي ڏسي، هتي ئي رهڻ جو پڪو ارادو ڪيائين. [سنڌ جا مير – راءِ بهادر ديوان
هوتچند چانڊو مل ٿڌاڻي ۽ پرمانند ميوارام، ڇپايل ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد
سنڌ، 1938ع، ص 77].
(1)– مير شير محمد جي لشڪر جو سالار –
اعظم، مير جان محمد خاناڻي هو، جيڪو پڇاڙيءَ تائين ڦليليءَ جي پيٽ ۾ انگريزن سان
ڇتي ويڙهه ۾ وڙهندي، ڪئپٽن مئڪمرڊو هٿاران، تلوار جي دوبدو جنگ ۾ شهيد ٿيو هو؛ ۽
”شير - سنڌ“ جو لقب حاصل ڪيائين.
]Life & Opinions of Sir
Charles Napier. London 1849 : P.p 245[
(1)– جنرل هوش محمد شيدي، هڪ عظيم
توبچي هوه مياڻيءَ جي ميدان تي سندس بهادريءَ کان انگريز به خوب متاثر ٿيا هئا.
مرڻ وقت سندس لاش کي عزت ۽ اهٽرام سان پنهنجن سرويچ جنرلن سان گڏ، حيدرآباد جي
قلعي ۾ دفنايائونس.
“ ]Sir Charles Napier & Sind”-
Lambrick: London 1847: P.P164[
No comments:
راءِ ڏيندا