; سنڌي شخصيتون: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

02 September, 2011

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي



ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
هدايت پريم
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي  نهاريو! منهنجي امڙ
”منهنجي امڙ“ جي عنوان وارو هيءُ بيت هر ان سنڌي ٻار برزبان ياد ڪيو آهي، جنهن پهريون سنڌي ڪتاب پڙهيو آهي. سن ۱۹۰۵ع کان وٺي هيءُ پيارو پيارو بيت اڄ تائين جي سنڌي نصاب ۾ شامل رهيو آهي ننڍڙي ٻار جي مٺڙي ٻولن وارو هيءُ بيت جنهن ۾ معصوم جذبن جي خوبصورت عڪاسي ڪيل آهي، ذهن تي هڪ اهڙو دائمي تاثر ڇڏي ٿو جيڪو زندگي ڀر قائم رهڻو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ شايد ٻيا به گهڻائي هجن. امڙ جيجل جو رشتو آهي به ته اهڙوئي عظيم، جيڪو ٻين سمورن رشتن کان مٿي آهي. هن لازوال بيت جو رچيندڙ آهي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي.


ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي سنڌي ادب جو اهو ستارو آهي جنهن جي جوت سدائين پئي جرڪندي، هن جون خدمتون نظم جي ڀيٽ ۾ نثر ۾ وڌيڪ آهن. پوپٽي هيراننداڻيءَ موجب ڀيرومل کي نثر جو ٿنڀو ڪري سڏيو ويو آهي. سندس طبيعت ۾ اورچائي جو ججهو گڻ هو جنهنڪري کوجناتمڪ تصنيفون سڦلتا سان لکي سگهيو هو. ڀيرومل جو قلم پختو، ويچار برجستا، ڄاڻ ويڪري ۽ عقل اونهو آهي، هيءُ صاحب علم جو ڀنڊار آهي ۽ پنهنجي علميت سان محنت شامل ڪئي اٿس جنهن ڪري ئي اهڙا بلند پائي وارا ڪتاب لکي سگهيو آهي.(۱)
ڪاڪي ڀيرو مل ”غريب“ جي تخلص سان سنڌي شاعريءَ جي چمن جي آبياري ڪئي ۽ هڪ پرخلوص تخليقڪار، مترجم ۽ محقق جي روپ ۾ نثري ادب ۾ انمول اضافو ڪيو.(۲) ڪاڪي ڀيرومل جي ٻولي مٺي ۽ سپڪ آهي. درياء جي رواني هڪ طرف ته سليس لفظن جو واچوڙو ٻئي طرف پيو نظر ايندو... با محاوره زبان ۽ اصطلاحن توڙي چوڻين جا ڀنڊار موجود آهن.(۳)
سنڌ جي هندن توڙي مسلمانن ۾ اهي صاحب جن سنڌي زبان جي ادب ۽ خدمت لاءِ پنهنجي حياتي وقف ڪئي هئي، ديوان ڀيرومل انهن سنڌي ساهت جي ستارن مان هڪ نمايان ستارو هو. ديوان صاحب سنڌي سنسڪرت، هندي، فارسي، عربي توڙي انگريزي زبانن ۾ ماهر هو.(۴) ڀيرو مل سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري هن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي سو تعريف جي لائق آهي.(۵)
ڀيرومل مهرچند جنهن آڏواڻي آڪهه سان تعلق رکي ٿو سا اصل ۾ ”مگهوءَ کتري“ نک مان آهي. آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان آڏو مل ولد کلو مل ولد جسو مل ڳوٺ لوهپور ملتان جو ويٺل هو. کيس ديوان گِدو مل ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ سنڌ ۾ گهرايو ۽ درٻار ۾ شمشيرزن مقرر ڪرايو. آڏو مل پهريون گهر پنجاب مان پرڻيو هو، جنهن مان ٽي پٽ هئس، چندو مل، ڏتو مل ۽ لکو مل. پهرين گهر واري گذاري ويس ته ٻيو گهر ديهه ٺٽ تعلقي نوشهروفيروز مان سيٺ آڏو مل جي گهران پرڻيو. جنهن مان چار پٽ ڄاوس. بهارومل، سندر داس، وسايو مل ۽ ٺارو مل. ديوان آڏو مل جي پهرين پٽ ديوان چندو مل کي ٻه پٽ هئا، ڇتومل ۽ جيٺمل اسان جي مانواري ليکڪ جو ڏاڏو ديوان آئلمل اجو مل، ان ديوان ڄيٺمل جي نسل مان هو ۽ ڀيرو مل صاحب جو والد مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو. سن ۱۸۸۸ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ آگسٽ ۱۹۰۵ع ۾ گذاري ويو.(۶) ڀيرو مل جو جنم سن ۱۸۷۵ع ۾ ٿيو. ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين ائڪڊمي مان حاصل ڪيائين. جتي ساڌو هيرانند شوقيرام ۽ سندس ڀاءُ تارا چند شوقيرام کان ٻي تعليم سان گڏ شاهه لطيف جو ڪلام ۽ معنائون پڻ سکيو. ڀيرومل ٽي شاديون ڪيون. پهرين گهر مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو ٻئي گهر مان هڪ پٽ هڪ ڌيءَ هئس. پٽهنس پرڀداس ڀيرومل به هڪ ناليرو ليکڪ رهيو آهي. ڌيءَ جو نالو پارپتي هوس. ٽين زال مان کيس ٻه نياڻيون، خوشحالي عرف پدما ۽ ٻيءَ جو نالو ستي هو.
ڀيرو مل پهريائين ايڪسائيز کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي جتي ۲۸ سال نوڪري ڪيائين. ماريپور ڪراچي، بوبڪ ۽ ڪوٽڙيءَ ۾ به رهيو بعد ۾ ڊي- جي سنڌ ڪاليج ۾ نومبر ۱۹۲۴ع ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو.
ڪاڪو ڀيرو مل هڪ نهٺو ۽ نماڻو شخص هو. پنهنجي ان نهٺي ۽ نماڻائيءَ واري سڀاءُ کي اظهار ڏيندي هن شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص به ”غريب“ رکيو. هيڏي وسيع ڄاڻ جو ڌڻي هوندي به پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گيرب يا وڏائي ڪانه هئس. هو پنهنجي لکڻين کي آخري حرف ڪري نه ليکيندو هو ۽ ”جان جيئين تان سک“ واري عقيدي ۾ وشواس رکندو هو.(۷)
۱۹۴۸ع ۾ ڀيرو مل سنڌ مان لڏي بمبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي سامونڊي ۽ گهميل آبهوا کيس ڀانءِ نه پئي ۽ هو بيمار رهڻ لڳو جنهنڪري پوني ۾ وڃي رهيو. جتي سندس مالي حالات ٺيڪ نه هئا سندس آخري ڏينهن غريباڻي حال ۾ گذريا. ڀيرو مل آڏواڻي ستين جولاءِ ۱۹۵۰ع تي لاڏاڻو ڪيو.
ڀيرومل سنڌي ادب جي عمارت کي زيب ۽ زينت بخشڻ ۾ هڪ قابل معمار طور سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو آهي. هو اڌ صديءَ کان مٿي لاڳيتو ۽ سانده لکندو رهيو. تازو ئي ساهتيه ايڪڊمي ڀارت پاران کيس مڃتا ڏئي ميڪرس آف انڊين لٽريچر جي مونو گرام سيريز ۾ هڪ مونو گراف لکائي کيس ننڍي کنڊ جي عظيم ليکڪ طور تسليم ڪيو آهي. هيءُ مونو گراف سنڌيءَ جي نامور ليکڪ ۽ محقق هيري ٺڪر لکيو آهي، جو سن ۱۹۹۰ع ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب کي هند جي باقي سمورين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو ويندو.
ڀيرومل جي ڪل لکيل ۽ ڇپيل ڪتابن جي تعداد جي باري ۾ مختلف رايا ملن ٿا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکيو آهي ته اٽڪل چاليهه ڪتاب تصنيف تاليف ۽ ترجمو ڪيا. جن مان الانا صاحب ۳۰ ڪتابن جا نالا ڏنا آهن.(۸) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب چوي ٿو ته ڪاڪي ڀيرومل جي ڪل ڪتابن بابت اندازو لڳائجي ٿو ته ٽيهن ۽ چاليهن جي وچ ۾ آهن.(۹) ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ ”ڀيرومل جي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ سن ۱۹۹۰ع ۾ ڇپيو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جو مقدمو شامل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر پٺاڻ صاحب ڀيرو مل جي سمورن ڪتابن جي وچور ڏني آهي. ڪل ۷۷ ڪتابن جا نالا ڄاڻايا اٿس. ڪيترا ڪتاب هُن ڏٺا به نه آهن ته به نالا لکيا آهن. تنهن ڪري ڪجهه موضوعات به درست نه لکيا ويا آهن مثلاً ”سسئي ۽ ماڻس“ شاعري نه پر آکاڻيءَ جو ڪتابڙو آهي جنهن ۾ ٻه ٽي شعر به ڏنل آهن. ”گهرو ڪفايت“ ڪتابڙو به هڪ آکاڻي آهي جنهن جو موضوع البت گهرو ڪفايت ئي آهي ۽ نه سماجي اقتصاديات جيئن پٺاڻ صاحب لکيو آهي.
هيري ٺڪر ڪتاب ۾ ضميمو ۱ ۾ ڀيرو مل جا لکيل ڪتاب ڏيکاريا آهن. ڪل ڪتاب ننڍا توڙي وڏا ۶۱ آهن، جي سن اشاعت پبلشر ۽ قيمتن سميت ڄاڻايا اٿائين. مون کي سنڌالاجيءَ جي لائبرري ۾ صرف ٻه ڪتاب اهڙا ملي سگهيا جن جو ذڪر هيري ٺڪر نه ڪيو آهي سي آهن.
علي بابا ۽ چاليهه چور جو ليٿو ۾ ۱۹۰۳ع ۾ ڇپيو، هي هڪ ناٽڪ آهي، هن جا مڪالما به اردو ۾ آهن جيڪي سنڌي اکرن ۾ لکيل آهن ۽ ٻيون هدايتون سنڌي ۾ لکيل آهن.
بلبل بيمار، هيءُ به هڪ ناٽڪ آهي جو ليٿو ۾ ڇپيل آهي، سن ۱۹۰۴ع ۾ لکيل اٿس. هن جا مڪالما به اردوءَ ۾ آهن جيڪي سنڌي اکرن ۾ لکيا ويا آهن.
ڀيرو مل جو هڪ ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ جي علامه آءِ آءِ لائبريري ۾ موجود آهي، جنهن جو نالو آهي ”الف بي ڪيئن ٺهي“ غالباً ساڳئي ڪتاب جو نالو هيري ٺڪر صاحب ”سنڌي ٻوليءَ“ لکيو آهي هيري مطابق هيءُ ڪتاب فيبروري ۱۹۲۵ع ۾ سنڌي ساهتيه سوسائٽي ڪراچي جي ماهوار رسالي جي سيريز ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هئائين. هن ڪاليج جي شاگردن کي سنڌي ٻوليءَ جي مختصر ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ٻاويهن صفحن واري هيءَ ڪتابڙي لکي. هن ۾ سنسڪرت، پراڪرت، پالي ۽ سنڌي ٻولي جي نمونن، آئيوٽا، عربي ۽ فارسي اکرن، هندستاني، هندو سنڌي ۽ گرمکي اکرن، ٻولي، آواز، اکر، لفظ، عبارت، آڳاٽي تاريخ سنڌي نظم. سنڌي نثر وغيره شين تي روشني وڌي ويئي آهي.(۱۰) ”الف بي ڪيئن ٺهي“ ڪتاب مطالع ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته هن ڪتاب جو موضوع ديونا گري اکر، سنڌي اکر، پراڪرت ۽ سنسڪرت اکرن جي تاريخ ۽ عربي سنڌي اکرن جو تاريخي احوال سان گڏ آئيوٽا جي بناوٽ به آهي. ڪتاب جي آخرين صفحن يعني ۲۴ ۽ ۲۶ تي سنڌي ٻوليءَ جي وينجن سرشتي جو چارٽ ۽ ان جي سمجهاڻي ڏنل آهي. هيري جي ڄاڻايل ڪتاب جا ۲۲ صفحا آهن جڏهن ته پاڻ واري ڪتاب جا ۲۶ صفحا آهن.
بهرحال تازي تحقيق جي روشنيءَ ۾ هاڻ هيءَ حقيقت سامهون آئي آهي ته ڀيرومل صاحب جا لکيل ڪتاب سٺ ۽ ستر جي وچ ۾ آهن.
ڀيرومل جا لکيل ڪافي مضمون، مختلف رسالن ۾ ڇپيل آهن درسي ڪتابن ۾ پڻ چڱو خاصو تعداد سبقن ۽ بيتن جو ڇپيل آهي جنهن جو ذڪر ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڪتاب ۾ آڏواڻين جي آڪهه واري حصي ۾ پنهنجو احوال لکندي ڪيو اٿس.
ڀيرومل پنهنجي دلچسپيءَ وارن موضوعن تي خوب لکيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ڪاڪي ڀيرو مل کي مرزا قليچ بيگ جي ريس هئي جو هر موضوع تي پئي لکيائين ٻنهي ۾ فرق هي هو جو مرزا صاحب تاريخ، لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي ٻاهر نڪري ٻين موضوعن تي به لکيو، پر ڪاڪي ڀيرو مل انهن موضوعن کان ٻاهر سائنس جي دنيا ۾ پير نه پاتو.(۱۱) دراصل ڀيرو مل مهر چند جون خدمتون بطور محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم نمايان آهن.
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جي شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هڪ ٻارن لاءِ لکيل ۽ ٻيو وڏن لاءِ- ٻارن لاءِ سندس لکيل شعر خاص اهميت رکي ٿو ۽ قابل ذڪر آهي. ٻاراڻن بيتن جو هڪ مجموعو ۱۹۲۶ع ۾ ”نؤ بهار“ جي نالي سان ڇپيل آهي، جنهن ۾ ڪجهه بيت انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل پڻ آهن. هيءُ ڪتاب به تعليم کاتي پاران درسي ڪتاب طور منظور ڪيو ويو. ڀيرو مل جي امر رچنا ”منهنجي امڙ“ هت نموني طور پيش ڪجي ٿو:

مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو؟
پيار منجهان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ.....

ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي! منهنجي امڙ.....

پنڌ ڪندي جي ڌِڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجهان ٿي ڀاڪر پاتم! منهنجي امڙ.....

ٿيس جڏهن ٿي آئون بيمار،
دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار! منهنجي امڙ.....

صبح سانجهيءَ سار لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيائين! منهنجي امڙ.....

تو ڪئي مون سان آ ڀلائي،
تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي! منهنجي امڙ.....

وڌي جڏهن آئون وڏو ٿيندس،
سک سوين آئون توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس، منهنجي امڙ.....
بيحد افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه جي سنڌي نصاب ”سنڌي ٻيو ڪتاب“ ۾ ڏنل نظم مان مصرع نمبر۴ ”ٿيس جڏهن ٿي آئون بيمار“ خارج ڪئي وئي آهي. جنهن جو ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي شايد صاحب اختيار پنهنجن اختيارن جي نماءَ مان ڪو مزو ماڻڻ خاطر ائين ڪيو هوندو.
ڀيرومل صاحب ڪل چار اصلوڪا ناول لکيا آهن:
آنند سندريڪا
موهني ٻائي
پريم جو مهاتمه
وريل ۽ نعمت
آنند سندريڪا ۽ موهني ٻائي پنهنجي جاءِ تي ڌار ڌار لکيل ناول آهن جن ۾ ڪردارن جو تسلسل ڏيکاريل آهي. جيئن زان پال سارتر جي ٽريالاجي ”روڊس ٽو فريڊم“ آهي جنهن ۾ هي ٽي ناول شامل آهن.
ايج آف ريزن
دي رپيريو
آئرن ان دي سول
۽ سراج جي ٽريالاجي ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ پڻ ٽن ناولن تي مشتمل آهي.
مانوارو ليکڪ منگهارام ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکي ٿو ته: ۱۹۱۵ع ۾ ڀيرو مل صاحب ”وريل ۽ نعمت“ لکيو هو جو مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل هڪ جاسوسي ناول هو ۽ ۱۹۴۶ع ۾ ايم آر مائيداساڻيءَ ”جاسوس“ نالي سان ٻيهر ڇپايو هو.(۱۲) دراصل ۱۹۱۵ ۽ ۱۹۱۶ع ۾ نڪتل هن جاسوسي سيريل ۾ ڪجهه ڪردار مسلمان آهن ته ڪجهه هندو به آهن وريل مل ۽ نعمت راءِ به جاسوس آهن. ناول پڙهڻ بعد پتو پوي ٿو ته هن ناول لاءِ هيءُ چوڻ درست نه آهي ته مسلمانڪي زندگيءَ ۾ بهاريل ناول آهي. ڀيرو مل ”گولن جا گوندر“ ايڇ بي اسٽو جي ”انڪل ٿامس ڪئبن ”ناول جو ترجمو ڪيو ۽ والٽر اسڪاٽ جي ”ٽئلسمن“ جي پوئين اڌ جو ترجمو ”غازي صلاح الدين عرف طلسم“ جي نالي سان ڪيو جنهن مان ظاهر آهي ته ڀيرو مل لاءِ ائين چوڻ درست نه آهي ته هن ناول ڪو هڪ اڌ لکيو آهي، جيڪو به ترجمو آهي.(۱۳)
ڀيرو مل جي ڪل نو(۹) ناٽڪن جو احوال ملي ٿو جن ۾ اڪثريت سماجي ۽ اصلاحي قسم جي ناٽڪن جي آهي. وچور هن ريت آهي.
بلبل بيمار (۱۹۰۲)
علي بابا چاليهه چور (۱۹۰۳)
حرص جو شڪار (ترجمو) (۱۹۱۲)
ڌرو ڀڳت (۱۹۱۹)
بزازين جو ناٽڪ (۱۹۲۱)
مڙس جي مڙسي (۱۹۲۵)
پنگتي مقدمو (۱۹۲۷)
آزاديءَ جي ڪوڏي (ترجمو) (۱۹۳۸)
گوپيچند
سئر ۽ سفر جي موضوع تي ڀيرومل جا ٻه ڪتاب لکيل آهن هڪ سنڌ جو سيلاني ۽ ٻيو لطيفي سئر ”سنڌ جو سيلاني“ ڪتاب ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڳوڻن ضلعن جي مکيه جاين، تاريخ ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جو احوال لکيو اٿس، جيڪو دلچسپ نموني لکيو اٿس هن ڪتاب کي لطيفيات جي موضوع ۾ شمار ڪرڻ نه گهرجي. بلڪه ”لطيفي سئر“ ڪتاب جو تعلق لطيفيات سان آهي، هن ڪتاب ۾ شاهه جي رسالي مان سڳ ۽ ثابتيون هٿ ڪري شاهه جي سفر جي واٽ نئين سر جوڙي ڏيکاري اٿس.
ڀيرو مل صاحب جون اهم ترين خدمتون سنڌ جي قديم تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ تي ڪيل آهن. هن ڏس ۾ هن جا شاهڪار ڪتاب آهن.
·      قديم سنڌ
·      سنڌ جي هندن جي تاريخ
·      سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ
·      سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
·      وڏو سنڌي ويا ڪرڻ
·      غريب اللغات
·      گلقند
قديم سنڌ ڪتاب جي مطالعي مان سنڌ جي قديم دور جي انساني معاشرتي، مذهب، تهذيب، رسمن، ۽ حالتن جو پتو پوي ٿو هن ڪتاب جي مطالعي سان پنهنجي مادر وطن جي گذريل دور جي خوشحالي، اوج ۽ عروج جي خبر پوي ٿي. (۱۴)
”قديم سنڌ“ ڪتاب ۾ سنڌ جي قديم ترين زماني جي تاريخ ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌ ديس جي جنم، موهن جي دڙي ۽ رگ ويد واري دور جي سڀيتا جو ذڪر ڪيل آهي منجهس سنڌ جي اوائلي اوج ۽ شاندار تهذيب جو نظارو ڏيکاريل آهي.(۱۵)
هيءُ ڪتاب ڀيرو مل سالن جا سال نور نچوئي جفاڪشي ڪري انگريزي، هندي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتابن توڙي مقالن مان مواد هٿ ڪري جوڙيو هو. دراصل کيس سنڌ جي سموري تاريخ کي ٽن جلدن ۾ لکڻ جو ارادو هو. پر صرف پهريون جلد ئي لکي سگهيو. جنهن جا ۴۴۷ صفحا آهن. سو به سندس لاڏاڻي کان پوءِ ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيو. هيري ٺڪر جي نظر ۾ قديم سنڌ ڀيرومل جو امر- گرنٿ آهي.(۱۶) ماهوار ”سهڻي“ جي اياز نمبر۲ ۾ شيخ اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ”قديم سنڌ“ ڪتاب کي پنهنجو پسنديده ڪتاب قرار ڏنو آهي ۽ ڀيرو مل کي بهترين نثر نويس طور ڄاڻايو اٿس.
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکڻ ۽ سنڌي پهاڪن کي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڀيرومل وڏي چاهه سان ڪيو آهي. سندس ڪتابن جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هو هڪ وڏو ڄاڻو ۽ ماهر لسانيات هو. جيئن ته هو هڪ دردمند دل رکندڙ هو، تنهنڪري سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ ڀيرومل ٻوليءَ جي لغت، صورتخطي، گرامر ڌاتو وديا وغيره بابت وچور وار رٿائون ڏسيون هيون جن مان صورتخطي سڌارڻ لاءِ ۽ لفظن کي مقرر صورتن ۾ لکڻ لاءِ زوردار صلاح ڏني هئائين(۱۷) ٻوليءَ جي تاريخ جي لحاظ کان ڀيرومل جو درجو اهڙو ئي اوچو رهندو جهڙو ڊاڪٽر گربخشاڻي جو تنقيد جي لحاظ کان.(۱۸)
هن ڪتاب ۾ ڀيرومل صاحب پنهنجو نظريو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي بنيادي طرح سنسڪرت سان نسبت رکي ٿي ۽ پوءِ جدا جدا دورن ۾ ڌار ڌار زبانن جو مٿس اثر ٿيندو ويو آهي حالانڪ اڄ جي عالمن هن نظرئي کي مڃڻ کان قطعي طور انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پر پوءِ به هن ڪتاب جي اهميت پنهنجي جاءِ تي تمام گهڻي آهي. ڀيرومل لسانيات جي جديد اصولن کان بخوبي واقف هو. ۱۹۲۳ع ۾ سندس ڪتاب ”الف بي ڪيئن ٺهي“ ۾ وينجن سرشتي جو چارٽ ڏنو اٿائين. جنهن ۾ سنڌي آوازن جو صحيح مخرج آوازي گروهه ڄاڻايا اٿس وسرگ آوازن جي درست لکڻ جي صلاح ڏني اٿس ۽ ”ڦ“ جي صورت تي پڻ ڪيل اعتراض درست آهي سندس راءِ موجب جيئن ”ج“ ۽ ”هه“ گڏجي ”جهه“ اکر ٺاهيو آهي ۽ ”گ“ ۽ هه گڏجي ”گهه“ اکر ٺاهيو آهي تيئن ”پ“ ۽ ”هه“ اکر گڏجي ”پهه“ ڪرڻ کپندو هو. اهڙي طرح هڪ ٻي به سهڻي صلاح ڏني اٿائين. لکي ٿو ”ج“ ۽ گ اکرن ۾ هڪ به نقطو وڌيڪ وجهي ڄ ۽ ڱ اکر ٺاهيا ويا آهن. ڄڻ ته بنيادي اکر ”ج“ ۽ گ آهن حقيقت ڪري انهن ٻنهي اکرن ۾ مکيه اچار ”ن“ جو آهي ۽ اهو بنيادي اکر ضرور ڄاڻائڻ کپندو هو.(۱۹)
ڀيرومل سنڌ جي قديم تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ سنڌ جي جاگرافي، ريتن رسمن، بابت هڪ اٿاهه معلومات گڏ ڪري قرب وچان قلمي پورهيو ڪري بيمثال ڪتاب سنڌ جي سڄڻن جي نذر ڪيا آهن. هن جي لکڻين مان ثابت ٿئي ٿو ته هو سنڌ جو سچو عاشق هو هن کي لطيف سائين سان لنو لڳل هئي. هو هڪ عظيم محب وطن ۽ سچو ليکڪ هو. هن قوم پرستي وارن ويچارن جي اپٽار چٽيءَ طرح ڪئي آهي. پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو هڪ مکيه لڇڻ آهي اهو لڇڻ اسان ۾ وڌي، اسان کي سچو وطن دوست تڏهن بنائيندو، جڏهن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي اوج جو دل ۾ دور ڪري ۽ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ حال جو خيال ڪري پنهنجو ارواح مستقبل سان ملائي ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئينده جا آسرا اسان ۾ نئين جيوت ڦوڪيندا ۽ عجيب اتساهه پيدا ڪندا.(۲۰)
ادب ۾ سنڌي قوم پرستي جا رجحانات گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان نمايان نظر اچن ٿا. وطن دوستي جي نظريه جو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو مبلغ سائين جي.ايم.سيد سمجهيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ گهڻو اڳ ئي جن ويچارن کي ڀيرو مل قلمبند ڪري چڪو هو، تنهن کان جي. ايم. سيد متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو. جي. ايم. سيد پنهنجي مشهور ڪتاب ”جنب گذريم جن سين“ جي جلد۲، ۾ ڀيرو مل تي هڪ مضمون لکي کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي. مذڪوره مضمون لکڻ دوران سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دل جي ڳالهه هنن اکرن ۾ لکي آهي.
”سرزمين سنڌ هڪ اهڙي قوميت جو رهائش گاهه آهي جنهن کي ماضيءَ جون بهترين روايتون، ڪلچر، حال لاءِ طرز عمل ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪي تجويزون آهن ان وٽ هڪ زنده زرخيز، با محاوره زبان آهي، جنهن ۾ سندس اعليٰ ادب جو سرمايو محفوظ آهي. ماڻهن جي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن قومي ڪارڪنن، سياستدانن ۽ مدبرن کي اهم پارٽ ادا ڪرڻو ٿو پوي ته قوم جي مفڪرن، دانشورن ۽ اديبن کي به ان جي ترقي، حفاظت ۽ تعمير لاءِ ڪو ٿورو ڪم ڪونه ڪرڻو ٿو پوي، گذريل سٺ سالن ۾ هن ڏس ۾ جن مکيه اديبن حصو ورتو آهي انهن مان ڪاڪو ڀيرو مل به هڪ هو.“(۲۱)
ويهين صدي جي پهرين اڌ ۾ جن دانشورن ۽ مفڪرن پنهنجي تحريرن ۾ وطن دوستي جا جذبا جاڳيا آهن تن ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جو هڪ اهم حصو آهي. سائين جي. ايم. سيد جو مٿيون بيان ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته ڀيرومل جي لکڻين مان کيس گهڻو ئي اتساهه مليو آهي. سنڌ جي اهڙن اعليٰ عالمن ۽ دانشورن کي سنڌ جو نئون نسل ذري گهٽ فراموش ڪري ويٺو آهي سنڌ جي اهڙن محسنن جي علمي ڪارنامن کي ياد رکڻ به وطن دوستيءَ جي تقاضا آهي. ڀيرو مل جون خدمتون انمول آهن يادگار آهن، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه هميشه سندس ڳڻ ڳايا ويندا.

حوالا
۱ . پوپٽي هيراننداڻي ”سنڌ جو سيلاني“ ڀيرومل مهرچند جو ڪتاب، ٽيون ڇاپو ۱۹۸۳ع، مهاڳ.
۲ . ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ”سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ“ ڀيرو مل مهرچند جو ڪتاب، ٻيو ڇاپو. ۱۹۹۰ع، مقدمو، ص-۵
۳ . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ٻيو ڇاپو، ۱۹۸۳، ص-۱۸۱
۴ . ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ۱۹۶۶ع، ص-۱۶۴
۵ . جي. ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“، ۱۹۶۷ع، جلد ٻيو ص-۳۲۸
۶ . ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ڀاڱو پهريون، ۱۹۴۶ع، ص-۶۴
۷ . هيرو ٺڪر، ”ڀيرو مل مهر چند“، ۱۹۹۰ع، ص-۱۸ ۽ ۱۹
۸ . ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ۱۹۶۶ع، ص-۱۶۴
۹ . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ،“ ۱۹۸۳ع، ص-۱۸۰
۹ . هيرو ٺڪر ”ڀيرو مل مهر چند“، ۱۹۹۰ع، ص- ۳۹
۱۰ . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ۱۹۸۳ع ص-۱۸۰
۱۱ . منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ۱۹۶۸ع، ص-۸۴
۱۲ . ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ۱۹۸۳، ص-۱۹۸۰ع.
۱۳ . ڊاڪٽر غلام علي الانا ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ۱۹۶۶ع، ص-۱۶۷ ۽ ۱۶۶.
۱۴ . منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ۱۹۶۸ع، ص ۳۳۸
۱۵ . هيرو ٺڪر ”ڀيرو مل مهر چند“، ۱۹۹۰ع، ص-۲۹
۱۶ . منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۱۹۶۸ع، ص-۲۸۳
۱۷ . منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۱۹۶۸ع، ص-۴۱۴
۱۸ . ڀيرو مل ”الف بي ڪيئن ٺهي“، ۱۹۲۳ع، ص- ۲۲ ۽ ۲۳
۱۹ . ڀيرو مل ”قديم سنڌ“، ۱۹۵۷ع، ص-۲
۲۰ . جي. ايم. سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد ٻيو. ۱۹۶۷ع. ص-۳۳۰

(ٽه-ماھي مھراڻ ۱۹۹۲/۱ع تان کنيل)


ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
 [ ۱۸۸۶ع – ۱۹۵۳ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌي ساهت جي سچن خدمتگارن ۾، ڪاڪي ڀيرومل پٽ مهر چنڊ آڏاواڻيءَ جو نالو وساري نه ٿو سگجي. سندس جنم حيدرآباد (سنڌ) ۾، ۱۷ اپريل ۱۸۸۶ع تي ٿيو هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ محنتي مڙس هو؛ جنهن ڪري مطالعي ۾ هميشہ منهن هوس. آورچائيءَ کيس سنسڪرت، هندي، انگريزي، فارسي، عربي ۽ سنڌي زبانن تي خاصي ڄاڻ ڏياري ۱۸۹۶ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ايڪسائيز کاتي ۾ ملازم بڻيو. سال ۱۹۰۱ع ۾، بي اي پاس ڪرڻ سان انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ورتائين، جتان ۱۹۲۳ع ۾ رٽائر ڪري لکڻ پڙهڻ کي لڳي ويو. مارچ ۱۹۲۴ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ عارضي طرح سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. موقعي ملڻ سان سنڌ جو چپو چپو گهمي، ماڻهن جي حالات زندگي ۽ ريتن رسمن تي فلم کنيائين. سنڌي ٻوليءَ سان کيس وڏي محبت هئي. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ تاريخ تي لکڻ سندس خاص مشغلو بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ۴۵ کن ڪتاب مختلف موضوعات تي سندس زندگيءَ جو سرمايو ڇڏيل آهن؛ جن مان ”قديم سنڌ“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”ٽئلسمن عرف غازي صلاح الدين“،[1]  ”سنڌ جو سيلاني“، ”گلقند“ (ٻه ڀاڱا) ”لطيفي سير“ ۽ ”غريب اللغات“ جهڙيون محققانه انداز ۾ لکيل سندس لازوال تصنيفون آهن.
ڪاڪي ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ حياتيءَ جو وڏو حصو وقف ڪيو هو. نثر سان گڏ نظم تي به طبع آزمائي ڪئي هئائين. ”غريب“ تخلص سان سندس نظم ”سرسوتي“ رسالي کان علاوه ۱۹۰۵ع ڌاري درسي ڪتابن ۾ به ڇپيا رهيا. نومبر ۱۹۲۴ع ۾ هندستان لڏي ويو، جتي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. اُتي به سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪيائين. ۱۴ جولاءِ؛ ۱۹۵۳ع تي بمبئيءَ ۾ ڀرلوڪ پڌاريائين. حالانڪ ڪاڪو ڀيرومل اڄ اسان وٽ موجود به آهي، پر سندس ڇڏيل علمي سرمايو سندس دائمي طور محفوظ آهي. خاص ڪري سماجي اوڻاين کان متاثر ٿي لکيل ”ناٽڪ“، سنڌي زبان ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. سندس استعمال ڪيل زبان عام فهم، سپڪ ۽ سوادي آهي.


ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب عالم، فاضل، نالي وارو تاريخدان، ناول نگار، ناٽڪ نگار ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ۱۸۷۵ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ آڏواڻي خاندان ۾ ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول يونين اڪيڊميءَ ۾ ورتي، جتي هن ساڌو هيرانند شوقي رام آڏواڻي ۽ تاراچند آڏواڻيءَ کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏ شاهه جو ڪلام به پڙهيو. هن ۲۰ سالن جي عمر ۾ سالٽ (لوڻ) ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ ۲۵ رپين تي سرڪاري نوڪريءَ سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. ڀيرو مل کي ساڌو هيرانند لاءِ ڏاڍي عزت هئي، جنهن جي مضمونن ۽ تاثرن جو ڪتاب ”هيري جُون ڪڻِيُون“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيائين، جنهن ۾ هن هر مضمون کي هيري جي ڪڻيءَ سان ڀيٽي، ساڌو هيرانند کي سچو هيرو سڏيو آهي. ان کان سواءِ ننڍي عمر ۾ جنهن شخص ڀيرومل کي متاثر ڪيو، اهو ماستر مولچند ڇتواڻي هو، جنهن منجهس راڳ، شاعريءَ ۽ ڪتابن لکڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو. پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي هڪ طرف کيس مٽي مائٽيءَ جي ڪري ويجها هئا ۽ ٻئي طرف ساڻن سندس ادبي دوستيءَ وارا لاڳاپا هئا. ڀيرو مل ايڪسائيز کاتي ۾ ۲۸ سال نوڪري ڪئي، جنهن جو ڳچ حصو ماڙي پور لوڻ کاڻ (ڪراچي) ۾ گذاريائين، جتي سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي وڃي سگهبو هو. ۱۹۰۲ع ۾ سمنڊ ۾ اُٿل اچڻ سبب لوڻ کاڻ ٻڏي وئي. ان وقت ڪيترائي ڏينهن ڀيرومل کي جهنگ جي مريڙي تي گذران ڪرڻو پيو. نوڪر به ڪو نه هو، رستا به ٻڏل هئا. اهڙين ڏکين حالتن ۾ هڪ غزل لکيائين. هن کاتي ۾ ڪلارڪ مان ترقي ڪري انسپيڪٽر ٿيو. ان دوران هو سنڌ جي جدا جدا هنڌن بوبڪ، ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ رهيو ۽ ذري گهٽ سڄي سنڌ جو سير سفر به ڪيائين.
۱۹۲۴ع تائين سنڌ ۾ سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پڙهي ويندي هئي، ساڳئي سال بي. اي امتحان جي ڪورس ۾ سنڌي آزمائشي طور شروع ڪئي وئي هئي ۽ حيدرآباد واري ڪاليج ۾ بي. اي ڪرائي ويندي هئي. سنڌيءَ ۾ تعليم جو سڄو دارومدار ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ هو. ۱۹۲۴ واري پهرين ٽرم ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جيڪو ايم. اي پاس ڪري آيو هو. سو هڪ سئو رپين پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، پر سُتت هو صاحب ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ انگلينڊ هليو ويو ۽ ان پوسٽ تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀيرومل کي آڇ ڪئي وئي. هن جي من جو لاڙو اڳئي علمي ادبي ميدان طرف هو. ليڪچرار واري نئين نوڪريءَ واري پگهار جيتوڻيڪ ان وقت ايڪسائيز کاتي ۾ کيس ملندڙ پگهار کان گهٽ هئي، پوءِ به هن اها آڇ قبول ڪئي. نومبر ۱۹۲۴ع کان ڪراچيءَ جي ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. پاڻ لکي ٿو ته ”هڪ سئو رپيا ماهوار پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس، جو هيءُ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي. اي جي شاگردن ۾ سنڌيءَ لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجي پورهئي کي سجايو سمجهيم“. هن سنڌي ٻوليءَ، سنڌ جي تاريخ، موهن جي دڙي، سنڌي هندن جي تاريخ سان گڏ ناٽڪ، ناول، ٻاراڻو ادب، خاص ڪري ٻاراڻي شاعري وغيره تي پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيائين. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي چئن ٿنڀن مان هڪ آهي، جن ۾ پرمانند ميوا رام، ڄيٺمل پرسرام ۽ مرزا قليچ بيگ اچي وڃن ٿا. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (۱۹۲۵)، پهاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (۱۹۲۸)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ”غريب اللغات (۱۹۰۷)“ نالي لغت تيار ڪئي. هن ۱۹۱۰ ۾ سماجي ريتن رسمن ۽ هندو مسلم نفرت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ناول ”آنند سندريڪا“ لکيو (۱۹۱۰)“ ان کان سواءِ ”موهني ٻائي (۱۹۱۷)“ ۽ ”وريل ۽ نعمت (۱۹۱۵)“ سندس مشهور ناول آهن. هن ويدن، مهاڀارت ۽ ٻين ڪتابن کي ڀيٽي تاريخي ڪتاب ”قديم سنڌ“ لکيو، جيڪو ۱۹۵۷ع ۾ ڇپيو. سندس ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ اهم آهي، جيڪو ۱۹۳۱ع ۾ ڇپيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ هن وقت تائين ان جا ڪيترا ڇاپا شايع ڪيا آهن. هن جي ٻين اهم ڪتابن ۾ ”سنڌ جو سيلاني (۱۹۲۳)“، ”لطيفي سير“، ”سنڌ ۽ سنڌيت“، ”سوڍن جي صاحبي“، ”سنڌي هندن جي تاريخ“ (ٻه ڀاڱا)، ”موهن جو دڙو (۱۹۳۳)“ ، ”آزادي جي ڪوڏي“، ”چونڊ نثر ۽ نظم“، ”بهار نثر“، ”دُرو ڀڳت“، ”تير اندازيءَ جي تاريخ“ ۽ ٻيا شامل آهن. ڀيرومل ٻارن جي تعليم ۽ وندر لاءِ ڪيترائي نظم ۽ گيت نه رڳو طبعزاد لکيا، پر انگريزيءَ مان به ترجمو ڪري ڇپايا. اهڙا ڪُل ۱۶ شعر ”نوبهار“ نالي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن، جنهن ۾ هن مرزا قليچ ۽ فرمان عليءَ جا ٻه ٻاراڻا گيت به شامل ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن ”گولن جا گوندر“ ۽ ”حرص جو شڪار“ شيڪسپيئر جي ٻن ناولن جا سنڌي ترجما ڪري ڇپايا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”گلزار نظم“ (۱۹۰۹) ۽ ”چونڊ ڪلام“ (۱۹۲۳) پڻ ڇپيل آهن.
سنڌ جو هي بي بها عالم ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي وڃي پوني (ڀارت) ۾ رهيو، جتي ۱۹۵۳ع ۾ وفات ڪيائين.


ڀيرومل مهرچند آڏواڻي
”غريب“ جي سُخَنوري
ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جن اَڪابر انسانن پنهنجي جيءَ ۽ جسي کي جولانيون ڏيئي، سنسار ۾ سُرت ۽ ساڃاهه جا ڏيئا ٻاري، سهائي ڦهلائي، ويچار جي واٽن جي ويڳاڻپ ختم ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، تن اڪابرن ۽ استادن مان سنڌ جو سپوت ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به هڪ ناميارو نانءُ هو.
خاندان: ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي خاندان متعلق سندس ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جي هڪ بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ”حيدرآباد جي آڪهه ”مگهو کتريءَ“ نُک مان هو. اها نُک اصل ملتان سان تعلق رکندڙ هئي، جنهن جو هڪ فرد نالي ديوان آڏومل پٽ کلومل پٽ جسومل ملتان جي ڳوٺ لوهه پور جو ويٺل هو. سو ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ ۾ آيو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راڄڌانيءَ ۾ ملتان جو علائقو به سندس هٿ هيٺ هو. ميان نور محمد ملتان ۽ اُچ جي طرف گشت ڪندي، هڪ دفعي اُتان جي ڪن هندن سان متعارف ٿيو. اُنهن هندن ۾ آڏومل به شامل هو، جو اُن زماني ۾ تلوار هلائڻ ۾ تکو هو. ميان صاحب کيس پاڻ وٽ ”شمشير زن“ مقرر ڪري سنڌ جي گاديءَ واري شهر حيدرآباد ۾ وٺي آيو.(۱) ڀيرومل صاحب جي هن بيان کي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي ٿو ته ان ۾ ڪي جهول ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته نه ميان نور محمد ڪلهوڙو ملتان طرف ويو هو ۽ نه وري اُن دور ۾ ’حيدرآباد‘ اڃا گاديءَ طور وجود ۾ آيو هو. البت مطالعي مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد شهر جو باني اهي. نه رڳو ايترو پر سندس ملتان طرف وڃڻ به هڪ تاريخي حقيقت آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ ڀيرومل آڏواڻي صفحي ۵۲ ۽ ۵۳ تي اهڙا اشارا ڏنا آهن ۽ پڻ صفحي ۲۲۲ تي اهڙي ڳالهه ڪئي آهي.
بهرحال ديوان آڏيمل جي حياتيءَ جي احوال مان اسان کي اهو پتو پوي ٿو ته هن جي پهرين زال پنجاب جي هئي، جنهن مان کيس ٽي پٽ، چندومل، ڏتومل ۽ لکومل هئا، ۽ اِن ڪٽنب سان هُو سنڌ ۾ آيو هو. پهرين زال جي ديهانت کان پوءِ هن تعلقي نوشهري فيروز جي ديهه ’ٺٽ‘ مان ٻي شادي پنهنجي نالي ڀائي آڏومل جي ڌيءَ سان ڪئي، جنهن مان کيس چار پٽ بهارومل، سُندرداس وسايومل ۽ ٺارومل ٿيا. سنڌ ۾ جيئن هن جي آڪهه وڌي، تيئن سندس نالي جي نسبت سان ”آڏواڻي“ ٿي مشهور ٿي ۽ اڳتي هلي هن خاندان جي ذهين ۽ نيڪ فردن پنهنجي گوناگون تعليمي، سماجي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي وسيلي وڏو ناماچار حاصل ڪيو ۽ سنڌ ۾ هر هنڌ مثالي عزت ۽ مڃتا ماڻي.
ديوان آڏومل جي اولاد مان سندس پهريٽي پٽ چندومل کي ٻه پٽ: ڇتومل ۽ ڄيٺمل ٿيا. ڄيٺمل جي پوٽي اجومل جو پٽ آئلمل هو، جو سنڌ ۾ مختيارڪار به ٿيو هو. انهيءَ آئلمل کي ٻه پٽ مهرچند ۽ ٿانورداس نالي ٿيا. مهرچند کي به ٻه پٽ ڀيرومل ۽ ٿانوردس ٿيا. اِهوئي ڀيرومل اڳتي هلي سنڌ جي ساهت ۽اتهاس جو وڏو ودوان بڻيو.(۲)
ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي بقول سندس پيءُ سيٽلمينٽ ۾ هيڊ منشي هو، جتان ۱۸۸۸ع ۾ رٽائر ڪيائين ته ويهه روپيا پينشن ملڻ لڳي. رٽائرمينٽ کان پوءِ سترهن ورهيه جيئرو رهي، آگسٽ ۱۹۰۵ع ۾ گذاري ويو.(۳)
جنم ۽ تعليم: ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جي جنم متعلق اختلاف آهن. ڪي اديب ۱۸۷۵ع لکن ٿا ته ڪي ۱۸۷۶ع. اِهوئي ڪارڻ آهي جو ڊاڪٽر مرليڌي جيٽلي عجب وچان لکيو آهي ته ”ڀيرومل هڪ تاريخ نويس جي حيثيت ۾ ٻين جي جنمن جون تاريخون ۽ سن سنبت گهڻيءَ کوج بعد هٿ ڪري درج ڪيا آهن، پر پنهنجي جنم جي تُز تاريخ ڪٿي به ڪانه ڄاڻائي اٿس. انهيءَ کي مبهم رکڻ جو ڪهڙو سبب آهي، تنهن جي خبر خاوند کي!“(۴)
ڀيرومل آڏواڻيءَ جي تعليم جي شروعات فارسي سکڻ سان ٿي. سن ۱۸۸۱ع ۾ سنڌي پهريون درجو ٿورا ڏينهن آخوند صديق محمد جي مدرسي ۾ پڙهيو. اُن بعد هن اسڪولي تعليم نئين سرشتي وارن اسڪولن مان حاصل ڪئي. سال ۸۶-۱۸۸۵ع ڌاري هو انگريزي پهريون درجو پڙهندو هو.(۵) ڀيرومل آڏواڻي سن ۱۹۴۶ع ۾ ماهوار رسالي ’سنڌو‘ ۾ ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“ جي عنوان هيٺ هڪ طويل مضمون لکيو هو، جو قسطن ۾ شايع ٿيل آهي. ان مضمون جي ٽين قسط ڊسمبر ۱۹۴۶ع جي شماري ۾ شايع ٿي. ان جي پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته هن انگريزي تعليم حيرآباد جي مشن اسڪول مان حاصل ڪئي هئي. انهيءَ مشن اسڪول جو پرنسپال مسٽر ڪئمپبيل هو، جو ۱۸۹۲ع ۾ ڦليليءَ ۾ هڪ شاگرد نالي خانچند کي ترڻ سيکاريندي پاڻ ٻڏي مري ويو هو. ڀيرومل آڏواڻي اهو واقعو به پنهنجين اکين سان ڏٺو هو.(۶)
ڊاڪٽر هدايت پريم لکي ٿو ته ”ڀيرومل آڏواڻي ثانوي تعليم حيدرآباد سنڌ جي مشهور اسڪول ’يونين ائڪڊمي‘ مان حاصل ڪئي، جتي ساڌو هيرانند شوقيرام ۽ سندس ڀاءُ تاراچند شوقيرام کان ٻي تعليم سان گڏ شاهه لطيف جو ڪلام ۽ معنائون پڻ سکيو.(۷) انهن ٻنهي ڳالهين کي نظر ۾ رکي چئي سگهجي ٿو ته ڀيرومل ثانوي تعليم پهريائين مشن اسڪول ۾، پوءِ يونين اڪيڊميءَ مان حاصل ڪري، ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو.
شاديون ۽ اولاد: ڀيرومل آڏواڻي ٽي شاديون ڪيون. پهرئين زال مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو، ٻي زال مان هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ٿيس.(۸) پٽهنس پرڀداس عرف هرنامسنگهه به پنهنجي پتا وانگر قلم ۽ ڪتاب سان سُٻنڌ رکندڙ هو. سندس ليک مختلف مخزنن ۾ ڇپبا هئا. انهيءَ کان علاوه ”سالڪ جو سفر“ نالي ڪتاب به شايع ٿيس، جنهن تي ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران ساڍا ٽي سو روپيا انعام طور مليا. اِهوئي ڪتاب اڳتي هلي درسي ڪتاب طور منظور ڪيو ويو. پرڀداس آگسٽ ۱۹۴۳ع تي هي جهان ڇڏي ويو.(۹) سندس ڌيءَ جو نالو پارپتي هو، جنهن حشمتراءِ هيراننداڻيءَ سان شادي ڪئي هئي. پارپتي سن ۱۹۳۲ع ۾ ديهانت ڪيو.(۱۰) اهڙيءَ طرح ٽين زال مان کيس ٻه ڌيئر خوشحالي عرف پدما ۽ ستي نالي ٿيس.(۱۱)
نوڪري ۽ ديهانت: ڀيرومل آڏواڻي ۲۹- فبروري ۱۸۹۶ ۾ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سالٽ ايڪسائيز اوپيم کاتي ۾ سپرنٽينڊنٽ جي عهدي تي مقق ٿيو. ان کان اڳ ۾ پاڻ پبلڪ سروس ڪسٽم ۽ سالٽ ڊپارٽمينٽ جو امتحان پڻ پاس ڪيو هئائين. اڳتي هلي پهرين اپريل ۱۹۱۱ع تي سکر ۾ سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿيو. (The Sindh Official List 1915-p p 146-147) انهيءَ کاتي ۾ اٺاويهه سان سروس ڪري رٽائر ٿيو ته هڪ سو روپيا پينشن ملڻ لڳي. جون ۱۹۲۴ع کان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي ءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو، جتي تيرهن سال نوڪري ڪيائين. ائين هن لاڳيتو ۴۱ سال نوڪري ڪئي. هو ورهاڱي کان پوءِ به ڀريا ٻه سال ڪراچيءَ ۾ ئي رهيو، مگر گذران جي تنگي ۽ بنگلي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مجبور پئي رهيو. آخر نومبر ۱۹۴۹ع ۾ بمبئيءَ لڏي ويو، جتي جي آبهوا کيس راس نه آئي ته پوني وڃي رهيو. ۳ جولاءِ ۱۹۵۰ع تي پوني ۾ رستي تان هلندي، کيس ڌڪ لڳو ۽ پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيو. ۷ جولاءِ ۱۹۵۰ع تي ساسون اسپتال ۾ ديهانت ڪيائين.(۱۲)
علمي پورهيو: ڀيرومل آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻ رخو ۽ پختو قلمڪار هو. سندس حياتيءَ ۾ ذهن جو لاڙو ڪنهن هڪ موضوع يا مضمون ڏانهن نه رهيو. هر ڏسا ڏانهن ڏسڻ، سوچڻ ۽ سمجھڻ توڙي غور ۽ فڪر ڪرڻ ئي هن جي اثباتي عمل ۽ پختگيءَ جو ڪارڻ هو. حقيقتن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ نتيجا حاصل ڪري عام آڏو آڻڻ هن جو خاصو هو. اِهي ئي خصوصيتون آهن، جن هن جي تحريرن کي امرتا ۽ دوام بخشي، سندس نالو روشن ڪيو. ڀيرومل آڏواڻي پنهنجي دور جي ساٿين ۾ هر لحاظ کان منفرد مقام رکندڙ هو، ان ڪري ئي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ڀيرومل ۾ تحقيق، ڄيٺمل ۽ لالچند کان گهڻي هئي، ان ڪري سنڌي زبان، ان جي گرامر ۽ ادبيات بابت تحقيقي ڪتاب لکيائين. سنڌ جي تاريخ بابت به کوجنا ڪندو رهيو. افسانوي ادب ۾ سندس ناول ۽ ناٽڪ به موجود آهن. ”غريب“ تخلص سان ڪي شعر به جوڙيائين. سڄو وقت علمي ڪم کي جنبيو رهيو. ڀانئجي ٿو ته ڀيروملکي مرزا قليچ بيگ جي ريس هئي، جو هر موضوع تي پئي لکيائين. ٻنهي ۾ فرق هيءُ هو، جو مرزا صاحب تاريخ، لغت ۽ شعر و ادب جون حدون لتاڙي ٻاهر نڪري ٻين موضوعن تي به لکيو، پر ڀيرومل انهن موضوعن کان ٻاهر سائنس جي دنيا ۾ پير نه پاتو.(۱۳) بهرحال ڀيرومل جون خدمتون بطور محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول نويس، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم(۱۴) کان علاوه نقاد جي حيثيت ۾ به نمايان آهن.
ڀيرومل آڏواڻيءَ جي سموري ادبي دور تي نظر ڊوڙائڻ سان اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي ته هن علمي دنيا ۾ پنهنجي ذاتي پسند جي موضوعن کان سواءِ وقت ۽ ماحول جي گهرجن جي پورائي لاءِ به ذميواريون محسوس ڪري، انهن کي خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙو سماجي ادبي رويو ئي اديب جي مثبت ڪردار کي نمايان ڪري ٿو. انهيءَ حوالي سان ڏٺو وڃي ته ويهين صديءَ جي شروعاتيءَ دور ۾، سنڌي ادب ۾ پڙهندڙن ۽ لکندڙن جو ڌيان قصي، ناٽڪ ۽ ناول ڏانهن هو. انهيءَ دور ۾ ماحول مطابق ڀيرومل آڏواڻي قصا، ناٽڪ ۽ ناول لکيا ۽ ترجمو ڪيا، جن ۾ مثال طور اسان کي ”بلب بيمار“ (ناٽڪ)، ”علي بابا چاليهه چور“ (ناٽڪ)، ”آنند سندريڪا“ (قصو)، ”حرص جو شڪار“ (ترجمو ٿيل ناٽڪ)، ”وريل ۽ نعمت“ (ناول)، ”بزارين جو ناٽڪ“ (ناٽڪ)، ”مڙس جي مڙسي“ (ناٽڪ)، ”مقدمو“ (ناٽڪ)، ”گولن جا گوندر“ (ناول) ۽ ”آزاديءَ جي ڪوڏي“ (ناٽڪ) نظر اچن ٿا.
اهڙيءَ طرح علمي دنيا جي ٺوس ۽ سنجيده عنوانن- لسانيات ۽ لطيفيات- ڏانهن به هن رويو سنجيده ڏسجي ٿو. جو ”غريب اللغات“ وڏو سنڌي وياڪرڻ“، ”الف- بي ڪيئن ٺهي“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جهڙا قيمتي تحقيقي ڪتاب لکي هن پنهنجي علمي ذميواريءَ کي به خوب نباهيو آهي. ڀيرومل آڏواڻيءَ جي دور ۾ ادبي دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگي ۽ ڪلام تي عالمن ۾ ويچارڻ ۽ لکڻ جو ذوق به زياده رهيو. مرزا قليچ بيگ ۽ ليلارام وطڻمل ’خاڪي‘ کان وٺي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ تائين عالم سرگرم رهيا. ڀيرومل آڏواڻي به جيتوڻيڪ شاهه جو رسالو ترتيب نه ڏنو آهي، تڏهن به رسالي کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان علاوه ان جي ڏکين لفظن جي صحيح معنائن تص خصوصي ڌيان ڌريو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف جي زندگي ۽ ان جي سير سفر جي ماڳن متعلق به ڄاڻ حاصل ڪيائين. ان سلسلي ۾ ”سر سورٺ“ (معني ۽ سمجھاڻي) ۽ ”لطيفي سير.“ نالي ڪتاب لکي ڇپايائين. تنقيد جي حوالي سان جڏهن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ”شاهه جي رسالي“ جي شايع ٿيڻ تي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ مٿس ڊسمبر ۱۹۲۳ع جي ڀارت واسي“ اخبار ۾ تنقيد لکي، تڏهن ڀيرومل آڏواڻي، ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سنڌو“ ۾ مارچ ۱۹۳۸ع کان آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تئاين سلسليوار تنقيدي مضمون لکي، گربخشاڻيءَ جي محنت جي قدرشناسي ڪئي. سندس ان قابليت کي ساراهيندي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڀيرومل جيڪي هي اَٺَ مضمون لکيا آهن، تن سان ان ساڳئي موضوع تي لکيل، ٻئي ڪنهن به عالم جا شايع ٿيل ليک برابري ڪري نه ٿا سگهن.“(۱۵)
تعليمدان: ڀيرومل آڏواڻيءَ کي سنڌ ۾ تعليم جي ترقيءَ جو به اونو رهندو هو. پاڻ پنهنجيءَ ٻولي ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ به ڪوششون وٺندو هو. ان سلسلي ۾ سندس ڌيان بمبئي يونيورسٽيءَ پاران مقرر ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ڏانهن به رهندو هو. ائين ئي هيٺين درجن جي نصاب تي به خصوصي توجهه ڏيئي، نصبي ضرورتن جي پورائي لاءِ به ڪتاب لکندو رهيو. جهڙوڪ: ”جوهر نظم“، ”چونڊ ڪلام“، ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“، ”بهار نثر“، ”گلزار نثر“، يادگار آهن. پاڻ شاگردن جا تعليمي ۽ نصابي اهنج دور ڪرڻ لاءِ هن ڪتابن ۾ آيل نثر ۽ نظم جي ڏکين لفظن جون معنائون ۽ تشريحون به لکندو هو. ڪي ڪتاب سڌاري ۽ سنواري به ڇپرائيندو هو. جهڙوڪ M.J. Shahani ۽ W.A. Shahani جي Guide to New study Reader IV کي سڌاري ۽ سنواري Thoroughly Revised شايع ڪرايائين.
ڀيرومل آڏواڻيءَ کي تعليم جي ان ذوق آخر ’استاد‘ بڻايو ۽ پاڻ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ ’سنڌيءَ‘ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. سنڌيءَ جي جيڪا قابليت وٽس هئي، تنهن جو مثال گهٽ ملندو. هن جي خوبصورت ۽ جاذب ٻولي ۾ جا سلاست ۽ رواني آهي، سا واقعي هن جي لفظي ذخيري جا ڏس ڏئي ٿي. هن جي لفظي ذخيري جي جيڪا واکاڻ ڪجي سا گهٽ آهي. هونئن به پاڻ لغت نويس ۽ ٻولين جو ڄاڻو هو. وقتائتا لفظ استعمال ڪرڻ توڙي تجنيس حرفي قائم ڪرڻ هن جو خاصو هو. مجال آهي جو عبارت ۾ ڪٿي ثقيل لفظ جو استعمال ملي! عام فهم ٻولي ۾ عام فهم عبارت آرائي، سندس ڪيل ڳالهه جي سڌي سنئين سمجھاڻي، عام ۽ خاص کي هڪدم ذهن نشي نشين ٿيڻ جهڙو اسلوب، کيس همعصرن ۽ همڪارن ۾ منفرد مقام تي بيهاري ٿو. اڳتي هلي اسان سندس ٻوليءَ جو نمونو ڏينداسون، جنهن مان هن جي خاصن خيالن ۽ ٻوليءَ جي جمالياتي جوڙجڪ جي خبر پوندي. سندس ٻوليءَ کي عالمن ۽ اديبن گهڻو ساراهيو آهي. ايم. آر. مائيداساڻي لکي ٿو ته: ”ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي برک سنڌي ليکڪ آهي. جهونن خواه نون ليکڪن ۾ هو سڀني ۾ سرس ۽ اڳرو آهي. سندس سنڌي سهڻي، سليس، چيدي ۽ رس ڀري آهي.“(۱۶) اهڙو اعتراف پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به ڪيو آهي: ”ڪاڪي ڀيرومل جي ٻولي، مٺي ۽ سپڪ آهي. درياءَ جي رواني هڪ طرف ته سليس لفظن جو واچوڙو ٻئي طرف پيو نظر اچي.“(۱۷) ائين ئي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڀيرومل جي عبارت جي تعريف ۾ چيو آهي ته: ”ڀيرومل جي عبارت ئي پنهنجي قسم جي آهي.“ پوپٽي هيراننداڻي کيس ”نثر جو ٿنڀو“ ڪري سڏيو آهي.
شاعر ڀيرومل مهرچند آڏواڻي هڪ سٺي نثر نويس سان گڏ سُٺو شاعر به هو. هو شعر ۾ ’غريب‘ جو تخلص اختيار ڪندو هو. سندس تخلص نهٺائي ۽ نماڻائيءَ جو هڪ اظهار به آهي، جنهن لاءِ هيرو ٺڪر لکي ٿو ته: ”ڀيرومل هڪ نهٺو ۽ نماڻو شخص هو. پنهنجي ان نهٺتي ۽ نماڻائيءَ واري سڀاءَ کي اظهار ڏيندي هن شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”غريب“ رکيو. هيڏي وسيع ڄاڻ جو ڌڻي هوندي به پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي گيرب يا وڏائي ڪانه هئس. هو پنهنجين لکڻين کي آخري حرف ڪري نه ليکيندو هو ۽ جان ”جيئن تان سک“ واري عقيدي ۾ وشواس رکندو هو.“(۱۸) هن پنهنجي تخلص جي نسبت سان، شاهه جي رسالي جي ڏکين لفظن کي ڪٺو ڪري جيڪو ’ڪوش‘ تيار ڪيو، تنهن جو نالو ئي ”غريب اللغات“ رکيائين.
ڀيرومل آڏواڻي ”غريب“ جي شعر ۽ شاعريءَ تي تفصيلي بحث کان اڳ آءٌ هڪ ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به ڪويتا جو تاتپرج تڏهن ئي وڌيڪ ڪاميابيءَ سان ٿي سگهندو، جڏهن ڪوي ۽ ان جي درشٽي جي ورثي تي نگاهه ڪرڻ جو ڪوشش ڪبي ته ڪوي ڪير آهي؟ ڪوي ڇا کي چئجي؟ يا هو ڪويتا ڪيئن ٿو سرجي؟ تنهنجي سولي ۽ سلوڻي سمجھاڻيءَ لاءِ جڏهن آءُ ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ڪتابن جو اڀياس ڪرڻ لڳس، تڏهن سندس هڪ ڪتاب ”گلزار نثر“ (۱۹۲۹ع) جي مهاڳ ۾ پروفيسر لالسنگهه هزاريسگهه اجواڻيءَ جا نهايت وڻندڙ ويچار نظر کان گذريا، جن تان هتي استفاده ڪرڻ سان يقيناً اسين مستفيد ٿينداسون. اجواڻي صاحب لکي ٿو ته ”ڪوي يا شاعر جي پد سان ڪنهن جي به ريس يا برابري ڪانهي. ايشور جي سرشٽيءَ ۾ جيڪي وهي واپري ٿو، تنهنجي سڌ جيتري شاعر کي آهي، تيتري ٻئي ڪنهن کي ٿي ڪين سگهندي. عالم ۽ فاضل ماڻهو گيان سان ڀرپور آهن، پر شاعر کي ئي اندرين درشٽيءَ جو ورثو عطا ٿيل آهي. شاعر جو ڪم نه آهي پرٻوڌ ڏيڻ، يا شين ۽ جيون بابت گيان پلٽڻ، هن جو ڪم آهي جڳت جي سونهن پسڻ ۽ ان سونهن جي مزو ٻين کي چکائڻ. انهيءَ سونهن جو ڪاٿو دنيوي ڪسوٽين سان مشڪل آهي. هر هڪ شعر جي پرک پنهنجي پنهنجي آهي ۽ ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته هر هڪ ساعر پنهنجي سونهن پاڻ ٿو خلقي.“ اجواڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته: ”شاعر جو شبد، شاعر جي ٻولي، انهيءَ ڪري ئي نرالي آهي. بيحد حسن کي قابو ڪرڻ، ساگر کي ڪوزي ۾ بند ڪرڻ، اندر ۾ ڇولين وانگر ڇلڪندڙ خيالن ۽ جذبن کي پل ۾ پڌرو ڪرڻ، نه هر هڪ منش جي وس ۾ آهي، نه هر ڪنهن شبد جي.“(۱۹)
ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شاعر واري حيثيت ڪا ڳجهي ڪانهي، مگر اڄ سنڌ ۾ سندس نثري ادب ۽ تاريخ تي لکيل قيمتي ڪتابن جي اشاعت ۽ مطالعي سبب نئين نسل آڏو هن جو اهو (شاعراڻو) روپ پوريءَ طرح واضح ٿي ڪونه سگهيو آهي! ڪجھ عرصو اڳ ”غريب“ جا ڪي نظم ۽ بيت تعليم کاتي پاران مقرر ڪيل سنڌيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ ڇپبا رهيا، مگر جيئن پوءِ تيئن اُهي به ڪتابن مان ويا خارج ٿيندا! جيڪا ايڪڙ ٻيڪڙ هن جي تخليق بعد ۾ قائم به رکي ويئي، تنهن جي هيٺان هن جو ناو ڪاتا ڪيو ويو! جنهن ڪري اڄوڪن نوجوانن کي اها به خبر نه رهي ته درسي ڪتاب ۾ آيل مشهور نظم ”مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو، جيجل منجھان ٿي گود ويهاريو، خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو! منهنجي امڙ!“ ڪنهن جو سرجيل آهي؟
ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جو جيترو تخليقي ذخيرو نثر ۾ موجود آهي، اوترو نظم ۾ ڪونهي. تڏهن به جيڪو ڪجھ موجود آهي، تنهن جو معيار به ڪو گهٽ ته نه آهي. هو جيئن نثر ۾ سڀيئي خوبيون برقرار رکي سگهيو، تيئن شاعريءَ ۾ به قائم رکيائين. سندس شعر جي ڪتابن مان ٻن ڪتابن جي خبر پوي ٿي. ”هڪ نوبهار“ (آگسٽ ۱۹۲۶ع) ۽ ٻيو ”وچن مالا“ (ڀڄن). پويون ڪتاب لڳي ٿو ته ڌرمي ڪويتائن تي مشتمل آهي. البت پهريون ڪتاب ”نوبهار“ ۴۸ صفحن تي ڪرائون سائيز ۾ شايع ٿيل آهي. ان ڪتاب جا سن ۱۹۴۵ع تائين ست ڇاپا پڌرا ٿيا. اهو ڪتاب تعليم کاتي پارا درسي طور به منظور ڪيل هو. ڪتاب جي منڍ ۾ ’غريب‘ لکي ٿو ته ”انگريزيءَ ۾ ڪيترا نظم جا ڪتاب آهن، جن ۾ جدا جدا شاعرن جا جدا جدا مضمونن بابت عمدا شعر آهن، جي شاگردن کي پاڙهڻ ۾ اچن ٿا. سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ڪتاب اڃا اسڪولن ۾ چالو نه ٿيا آهن، جو انهن جي اڻاٺ آهي. انهيءَ حالت ۾ مون هي ننڍڙو رسالو تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ٿورا بيت انگريزيءَ مان ترجمو ڪري ۽ ٿورا پنهنجي خيال مان ٺاهي وڌا اٿم. انريزي چوٿين درجي کان وٺي ڇهين درجي تائين شاگردن کي ڪل پنج سؤ سٽون پڙهڻيون آهن، تنهن ڪري مون هن ڪتاب ۾ اوتريون سٽون آنديون آهن. ٻولي به هر هڪ درجي جي مدنظر ڪم آندي اٿم، يعني پهريائين سولا بيت ۽ جيئن پوءِ تيئن ٿورا ڏکيا بيت وڌا اٿم، ته ڀل ته جيئن شاگرد مٿين درجي ۾ وڃي تيئن پنهنجي مادري ٻوليءَ جو مايو وڌائيندو هلي.“
”غريب“ جي هن مجموعي ۾ آيل شعرن جو وچور هي آهي:
- ڌڻيءَ جي وڏائي: فرمان علي: نوشهرو فيروز
- ڪوڏر: مرزا قليچ بيگ
- انڌو نينگر: The Blind Boy: Cibber
- اسين آهيون سَت:We are Seven: Wordsworth
- جرمنيءَ جي جنگ
- شهنشاهه جو مخرو
- اڪيلائي: Solitude of Alexander Selkirk
- فرمانبردار پٽCasablanca: Mrs. Hemans:
- عميق جا خزانهThe Treasures of the Deep: Mrs. Hemans:
- سپنوA dream: Anonymous:
- سچي سوچ
- بلبل جو فرياد
- سچي خوشي
- پتنگ
- بهاري موسم
- ٽي اهنجThe Three warnings: Mrs. Thrale
- سرٽامس مور ڀاڱو I
- سر ٽامس مور ڀاڱوII
- سر ٽامس مور ڀاڱوIII
- سسئي ۽ ماڻس
’غريب‘ جي شاعريءَ کي اسان ٻن ڀاڱن ۾ رکي سگهون ٿا. هڪ ٻارن لاءِ ڪيل شاعري،جا گهڻو تڻو نصابي ڪتابن ۾ به شامل ٿيندي رهي ۽ ٻي وڏن جي لاءِ، جا مختلف ڪتابي سلسلن، اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ پڌري ٿيندي رهي. هن جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري ۾ نصيحت ۽ سبق سمايل آهن. کيس ٻاراڻن ٻولن لکڻ جو وڏو ڍنگ هو. پاڻ هر عمر ۽ هر هڪ درجي جي ٻارن کي نظر ۾ رکي، انهن جي ذهني صلاحيت مطابق سلوڻا ۽ لطف اندوز لفظ استعمال ڪري، پنهنجي تخليق ۾ ڪشش پيدا ڪندو هو. هن جي ٻاراڻي شاعري ۾ ڪمال جي رواني ۽ موسيقي آهي. جنهن جا مثال انتخاب مان آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شعري ذوق ۽ شوق جي شروعات به ٻالڪ اوستا ۾ ٿيل ٿي ڏسجي. پاڻ ان لاءِ چوي ٿو ته: ”اسڪول ۾ پڙهندو ئي هوس ته ٿورو ٿورو شعر چوندو هوس. شاهه جي رسالي جي سرکنڀات ۾ چنڊ بابت بيت آهن، انهن جي اوٽ تي پنهنجا بيت جوڙيم، جي ’جوت‘ اخبار جي اوائلي پرچن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا. پوءِ سهڻي ميهار بابت جوڙيم، جن مان ڪي ۱۹۰۴ع يا انهيءَ وقت ڌاري ڪاليج ميگزين ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا هيم، نموني لاءِ ٻه بيت هتي ڏجن ٿا:
سهڻيءَ سندو سير ۾، ڪُنن کي ڪهڪاءُ،
پاڻيءَ پاڻ پڇاڙيو، بڙبڙن ڪيو بڪاءُ،
ڌُڏيا ڪڇر، لرزيون ڪنڌيون، اڀ ۾ ٿيو اونڌاءُ
هت هيس جي ماءُ، هوند نه رٺائينس هيترو.
-
لوهير ٻُڏي عاجزا، جيهر پيءُ نه ماس،
ڪُر سڄي مان ڪونه ڪو، آيو ات اڳياس،
ٻرڻو، ٻوو، ٻوراهي، لڌيءَ جو آياس،
مڇين تان ماتام ڪيو، پکين پار ڪڍياس،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
ڪفن مليس ڪُن ۾، ڪانڌي ڪنگ ٿياس،
مُئي مُنڌ جو مان ٿيو، ساهڙ سار لڌياس،
جوڙي جاءِ ڏنياس، پرينءَ پنهنجي پير کون.
’غريب‘ جا اهڙا بيت ۽ شعر پنهنجن هڪجيڏن ۽ بزرگن کي گهڻو پسند پوندا هئا. ان لاءِ پاڻ به هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”مرزا صاحب، ديوان ڪوڙومل ۽ ٻيا بزرگ منهنجو اهڙو شعر گهڻو پسند ڪندا هئا، جو شعر جي ٻولي توڙي رنگ ڍنگ ساڳيو شاهه صاحب وارو هوندو هو. انهيءَ ڪري ئي ساڻن سنگت جو ناتو ٿيو هوم.“(۲۱)
ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ جي شاعري شروعاتي دور ۾ ”جوت“ اخبار، ”ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج مسيلني“۾ ۽ پوءِ جي دور ۾ درسي ڪتابن، ماهوار رسالي ”سنڌو“ کان علاوه مختلف ليکڪن پاران چونڊيل شعري مجموعن ۾ شايع ٿيل ملي ٿي. ”جوت“ اخبار پنڌرهين ڏينهن پرمانند ميوارام جي ادارت ۾ حيدرآباد مان ڇپجي پڌري ٿيندي هئي. اها اخبار مخزن جي صورت ۾ نڪرندي هئي. سن ۱۹۳۸ع تائين شايع ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويئي. ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسيلني“ انگريزي، گجراتي ۽ سنڌي زبانن ۾ جاري ٿي. ان جو باني ۽ نگران ساڌو واسواڻي هو.
ماهوار رسالو ”سنڌو“ جنوري ۱۹۳۲ع کان بولچند وسومل راجپال جي ادارت ۾ شڪارپور مان جاري ٿيو. آڪٽوبر ۱۹۳۵ع ۾ ’ميان جي ڳوٺ‘ منتقل ٿيو. اتان آگسٽ ۱۹۳۹ع ۾ جيڪب آباد کٺي ويو، جتان چار سال نڪرندو رهيو. مئي ۱۹۴۳ع ۾ وري ’سنڌو‘ ۽ ”سنڌو ساهت منڊل“ کي موٽائي ميان جي ڳوٺ آندو ويو، جتان اهو رسالو ڇپبو رهيو. جنوري ۱۹۴۷ع ۾ ”سنڌو“ کي ڪراچي نيو ويو، جتي آگسٽ ۱۹۴۷ع تائين شايع ٿيڻ کان پوءِ بند ٿي ويو.
ڏٺو ويو آهي ته ورهاڱي کان اڳ مختلف عالمن ۽ اديبن پاران ڪيل نثر ۽ نظم جا انتخاب ڪتابي صورت ۾ شايع پئي ٿيا آهن. اهڙا انتخاب ڀيرومل ’غريب‘ پاران به ”گلزار نثر“، ”جوهر نظم“ ۽ ”چونڊ ڪلام“ جي صورت ۾ موجود آهن، لالسنگهه هزاريسنگهه اجواڻي، جيڪو ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر هو، تنهن گوپي آسودومل رامرکياڻي سان گڏ، سنڌي شعر جو هڪ انتخاب ”شعر جي سوکڙي“ نالي ڇپرائي پڌريو ڪيو هو. انهيءَ انتخابي ڪتاب ۾ ڀيرومل ’غريب‘ جو هڪ شعر ’مستي‘ جي عنوان هيٺ شايع ڪيو هو. اهڙيءَ طرح لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي به ”ماڻڪ، موتي، لعل“ جي نالي سان اهڙو انتخاب ڇپايو، جنهن جو ٻيو ڇاپو ۱۹۴۰ع ۾ ڪراچي مان پڌرو ٿيو هو. ان انتخاب ۾ به ’غريب‘ جي ڪجھ بيتن کي شايع ڪرڻ لاءِ چونڊيو ويو. ’موتي ماڻڪ‘ نالي اهڙي ئي انتخاب ۾ ’غريب‘ جا ڇهه بيت آيل آهن، جن مان ٽي بيت ”ماڻڪ، موتي، لعل“ وارا ئي آهن.
”غريب“ جي شعر ۾ سخنوريءَ جا سمورا گڻ جابجا پسي سگهبا. پاڻ ڇند وديا، علم عروض ۽ علم موسيقيءَ جو چڱو ڄاڻو ٿو ڏسجي. وٽس موضوع جو انتخاب، خيال جي گهرائي ۽ قوت پرواز جهڙيون خاصيتون آهن. ٻوليءَ جي سونهن ۽ جماليات سان ته هونءَ ئي مالامال هو. شعر جيڪڏهن اندر جو اڌمو آهي ته اهڙي اڌمي سان خيال، لفظ ۽ صنف جو سيلاب سرير مان گڙگٽ ڪندو ظاهر ٿئي ٿو. اهڙي مهل ۽ موقعي تي ڏات سان گڏ ڏانو جو امتزاج وڏو اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. ’غريب‘ جي سخنوريءَ ۾ انهن خوبين سان گڏ جيڪا سادگي آهي، سا سندن سونهن کي دوبالا ڪريو ڇڏي. سندس عام فهم ٻولي، دهقاني رنگ، روايتي انداز، ڏيهي صنفون ۽ ٻاهرين طرزن تي طبع آزمائي ’غريب‘ جي سخن جي سڃاڻپ ۽ انفراديت آهي. هو جيئن نثر ۾ يگانو آهي، تيئن شعر ۾ به يڪتا لڳي ٿو. هن جي ڪجھ تخليقن مان سندس اردگرد جي ماحول جو عڪس به پسجي ٿو ته سندس ذات ۽ صفات جا پرتوا به پيا ڏک ڏين. هن جي مخاطب ٿيڻ جو انداز به نرم ۽ استادانه آهي. هو جيتوڻيڪ شاعر جي روپ ۾ گهڻو مشهور نه ٿيو. تڏهن به علمي حلقن ۾ خاص طور سندس اها سڃاڻپ رهندي آئي.
’غريب‘ ’کجي‘ جي واکاڻ ۾ ڪجھ بيت لکيا آهن، انهن ۾ هڪ بيت آهي:
کڙي سمجھج تون کجي، سڀني وڻن منجھان،
اوچي ٿي اؤَ اڀري، سڪ ۾ سورج ڏان،
ته ميوا، ساوڪ، سونهن سڀ ان وٽ نذر ڌريان،
جڳ ۾ آءٌ جيان، جنهين جي ٿي آسري.
هنديءَ جي مشهور شاعر تلسيدس پريت پائڻ جي هڪ رخ کان ڪناره ڪشي جو سبق ڏيئي، ان کي کجيءَ سان مشابهه ڪيو آهي، چوي ٿو:
تلسي! ايسي پريت نه کريو، جيسي لنبي کجور،
دهوپ لگي تو چهائون نهين بهوک لگي پهل دور.
غريب جي شاعريءَ تي خيال آرائي ڪندي هيرو ٺڪر لکي ٿو ته: ”هن ۾ مشاهدي جي قوت ۽ تخيل جي اڏام به خاصي هئي. هڪ حساس دل جو مالڪ ته هو منڍ کان ئي هو.“ وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڀيرومل جي شعرن جي ٻولي، عبارت ۽ اسلوب تي سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعرن واري پراڻي لهجي جو گهڻو اثر هو. سندس شعر جو گهاڙيٽو به بيتن دوهن ۽ سورن وارو هو. ڪجھ شعر غزلن ۽ ڪافين جي فارم ۾ به لکيو اٿائين.“(۲۲)
خدمتن جو اعتراف: ڀيرومل آڏواڻي ’غريب‘ کي پيرسنيءَ ۾ اديبن پنهنجي تحريرن ۾ ”ڪاڪو ڀيرومل“ ڪري لکيو آهي، کيس همعصرن ۽ بعد جي ڪن عالمن سندس تحريرن کي پروڙي کيس مڃتا ڏني آهي. جيئن سنڌي ادب جي ابي مرزا قليچ بيگ سندس ڪتاب ”لطيفي سير“ متعلق چيو ته: ”سچي ڳالهه اها آهي ته جهڙو ڪم آءٌ پاڻ ڪري سگهان ها، تنهن کان مسٽر ڀيرومل جو ڪم بهتر ڏٺم. گهڻيون ڳالهيون جي شايد منهنجي خيال ۾ نه اچن ها، سي هن جي خيال ۾ آيون آهن ۽ انهن جي هن پوريءَ طرح جاچ ۽ کوجنا ڪري، اُهي پنهنجي ڪتاب ۾ آنديون آهن.“(۲۳)
اهڙي طرح ڄيٺمل پرسرام سندس تصنيف ”سنڌ جو سيلاني“ جي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”۾سٽر ڀيرومل مهرچند سنڌ تي عاشق آهي. سنڌ جي تاريخ، ڪهاڻيون ۽ قصا، سنڌ جا راڳ ۽ ڪافيون، ڏاڍيءَ محنت سان پئي ڪٺا ڪيا اٿس. گهميو به ڪنڊ ڪڙڇ آهي.“(۲۴)
هن دور جي عالمن مان اسان محترم محمد ابراهيم جويي جو رايو مٿي ڏيئي چڪا آهيون. ان کان علاوه تنوير عباسي لکي ٿو ته: ”ڪاڪو ڀيرومل سنڌي نثر جو اهم پائو مڃيو ويو آهي. هو شاهه لطيف جي اوائلي نقادن مان آهي. پنهنجي ٻوليءَ جي سادگيءَ توڙي ميٺاج سببان سنڌي ادبي تاريخ ۾ انوکي جاءِ وٺي ويٺو آهي.“(۲۵)
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ کي سنڌي نثر نورس ۾ هڪ نرالو درجو حاصل ٿيل آهي. ويهين صديءَ جي پهرين اڌ ۾ جن اديبن سنڌي ٻوليءَ ۽ ساهت کي اوج ڏني، تن سڀني ۾ ڀيرومل مهرچند تحقيق يا کوجنا ڪرڻ جي لحاظ کان اول درجي تي هو. هو مکي ڏات ڌڻي هو، جنهن جي ساک سندس لکڻين مان ڀليءَ ڀانت ملي ٿي.“(۲۶)
ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو رايو آهي ته ”ڀيرومل جو نالو، پورهيو ۽ قلمي ڪشالو سندس پوري دور تي ڇانيل آهي. ڀيرومل جي پايي جو عالم سندس همعصرن ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.“(۲۷)
آزاد قاضي جي بقول: سنڌ اندر علمي حوالي سان جن عالمن تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ جديد اصولن جو بنياد وڌو اسان کي عالمي تحقيق وارن بنيادن کان واقف ڪرايو، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي اهڙن علمن جي پهرينءَ صف ۾ شمار ٿئي ٿو. هن سنڌي ادب ۾ تحقيق ۽ تنقيد واري حوالي سان گهڻ پاسائون ڪم ڪيو. علم ادب جو شايد ئي ڪو اهڙو ميدان هجي، جنهن ۾ هن پنهنجي اعليٰ علمي صلاحيت جا جوهر نه ڏيکاريا هجن. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهجي ته هو پنهنجي ذات ۾ گهڻ پاسائين شخصيت هو.(۲۸)
هيرو ٺڪر، جنهن ڀيرومل جي شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتن تي نوي صفحن جو مايدار ڪتاب لکي ساهتيه اڪادمي دهلي پاران شايع ڪرايو آهي، انهيءَ ڪتابن جي شروعات جن لفظن سان ڪئي آهي، سي ’غريب‘ جي خدمتن جي اعتراف طور ڪم آندل آهن. هو لکي ٿو ته: ”ڀيرومل مهرچند جو نالو انهن ادبي معمارن ۾ شامل آهي، جن سِرَ سِرَ رکي سنڌي ادب جي عمارت کي اڏيو ۽ ان کي پختگي ۽ زيب بخشيو. ڀيرومل سنڌي ادب جا جيڪي گهڙا ڀريا آهن، تنهن لاءِ سنڌ ۽ سنڌي هميشه سندس ٿورائتا رهندا.“
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي تصنيفات متعلق مختلف ڪتابن ۾ مختلف تعداد ٻڌايل آهي. هيري ٺڪر پڻ هڪ چڱي لسٽ موضوع وار ڏني آهي. مون پڻ ڪجھ ڪتاب مختلف لئبررين ۾ ڏٺا آهن، جن جي مدد سان سال وار لسٽ تيار ڪئي آهي. جا هتي ڏجي ٿي:

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ڪتابن جي ڄاڻ
۱- بلبل بيمار: (ناٽڪ) ۱۹۰۲ع
۲- علي بابا چاليهه چور: (ناٽڪ) ۱۹۰۳ع
۳- غريب اللغات: ۱۹۰۷ع
۴- جوهر نظم: ڀاڱو پهريون ۱۹۰۹ع
ڇپائيندڙ: سنڌ جووينائيل ڪوآپريٽو سوسائٽي
۵- هندستان جي تاريخ: ۱۹۰۹ع
۶- آنند سندريڪا (قصه/ناول) ۱۹۱۰ع
۷- پريم جو مهاتم: مارچ ۱۹۱۴ع
ڇپائيندڙ سنڌي ساهت سوسائٽي
۸- وريل ۽ نعمت: (جاسوسي نقل): ڀاڱو پهريون: ڊسمبر ۱۹۱۵ع
۹- حرص جو شڪار عرف شنجر اقبال: ترجمو: شيڪسپيئر جو ’ڪنگ جان‘ جون ۱۹۱۶ع.
ڇپائيندڙ ماهوار ’ناول‘ اخبار ڪراچي
ڇاپو ٻيو ۱۹۲۹ع حيدرآباد
۱۰- سر سورٺ ۱۹۱۷ع
۱۱- سسئي ۽ ماڻس ۱۹۱۷ع
۱۲- سرٽامس مور ۱۹۱۷ع
۱۳- پهاڪن جي پيڙهه ۱۹۱۷ع
۱۴- موهني ٻائي (ناول) ۱۹۱۷ع
۱۵- گهرو ڪفايت (خاص زناني عالم لاءِ) سيپٽمبر ۱۹۱۷ع
۱۶- هيري سندي هير ۱۹۱۸ع.
۱۷- عاملن جو احوال: ۱۹۱۹ع.
۱۸- ڌرو ڀڳت: ۱۹۱۹ع: پريميئر پرنٽنگ پريس حيدرآباد.
۱۹- هيلايا ۽ ڪينجهر:
ڇپائيندڙ سنڌي ساهتيه سوسائٽي ڪراچي
۲۰- هندن جي جيوت پهاڪن مان پڌري: ۱۹۱۹ع
۲۱- ريتن رسمن جو بنياد
۲۲- هندن جو ريتيون رسمون
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهتيه منڊل، سڌار سڀ حيدرآباد
۲۳- بزارين جو ناٽڪ ۱۹۲۱ع
پرگني شيوامنڊلي حيدرآباد
۲۴- جوهر نظم: ڀاڱو ٻيون: ۱۹۲۲ع
۲۵- گوپيچند (ناٽڪ)
۲۶- ڏي ۽ وٺ
۲۷- سنڌ جو سيلاني: ۱۹۲۳
ڇپائيندڙ: نئين سنڌي لئبرري حيدرآباد
۲۸- سوڍن جي صاحبي ۽ راڻن جو راڄ: ۱۹۲۴ع
ڇاپو ٻيو: گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ۱۹۹۰ع
۲۹- وڏو پنگتي مقدمو: ۱۹۲۵ع
ڇپائيندڙ گوپالداس ليکراج
۳۰- الف بي ڪيئن ٺهي؟ ۱۹۲۵ع
۳۱- وڏو سنڌي وياڪرڻ: ۱۹۲۵
۳۲- سنڌي ٻولي: ۱۹۲۵ع
ڇاپيندڙ سنڌي ساهتيه سوسائٽي
۳۳- اصطلاحن جو بنياد
۳۴- لفظن جو بنياد
۳۵- گلقند: ڀاڱو پهريون: ۱۹۲۵ع ڇاپو ٽيون ۱۹۴۰ع
۳۶- گلقند: ڀاڱو ٻيو: ۱۹۲۵ع
۳۷- مڙس جي مڙسي: ۱۹۲۵ع
۳۸- هيري جون ڪڻيون: (ترتيب) ۱۹۲۶ع
۳۹- نوبهار (شاعري) ڇاپو پهريون ۱۹۲۶ع ڇاپو چوٿون ۱۹۳۸ع ڇاپو ستون ۱۹۴۵ع
۴۰- طلسم: ۱۹۲۷ع (والٽر اسڪاٽ جي ٽئلسم ناٽڪ جو ترجمو)
۴۱- دوارڪا جو درشن: ۱۹۲۷ع
۴۲- ڪُئن جي ڪانفرنس: ۱۹۲۸ع
۴۳- ڏيتي ليتي ائڪٽ: ۱۹۲۸ع
۴۴- لطيفي سير: ۱۹۲۶ع
ڇپائيندڙ: سنڌي ساهت سوسائٽي ڪراچي
۴۵- سنڌ جي تاريخ
۴۶- گولن جا گوندر: ترجمو: هئرئيٽ بيچرسٽو جي ڪتاب: انڪل ٽامس ڪئين: ۱۹۲۶ع
ڇپائيندڙ: اين. ايڇ. پنجابي ائنڊ ڪمپني ڪراچي
۴۷- چونڊ ڪلام: ۱۹۲۸ع ڇاپو ٻيو ۱۹۲۸ع ڇاپو ٽيون ۱۹۳۲ع
۴۸- گلزار نثر: ۱۹۲۹ع ڇاپو ٻيو ۱۹۴۲ع ڪوهنور پريس ڪراچي
۴۹- بهار نثر: ۱۹۳۲ع
۵۰- جوهر نثر: ۱۹۳۲ع
۵۱- آزاديءَ جي ڪوڏي: (ترجمو: ٽئگور جي پوسٽ آفيس ناٽڪ تان)
۵۲- سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ: ۱۹۴۱ع
(سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ ڄام شورو پاران ۱۹۵۶ع، ۱۹۶۶ع، ۱۹۷۲ع ۽ ۱۹۹۳ع ۾ ڇپايل)
۵۳- اعرابن تي ويچار: ۱۹۴۱ع
۵۴- اعرابن بابت مونجهاري جي سمجھاڻي: ۱۹۴۱ع
۵۵- ڀٽائي گهوٽ شاهه: ۱۹۴۲ع
۵۶- قديم سنڌ: ۱۹۴۴ع
(بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد/ڄامشورو)
۵۷- سنڌ جي هندن جي تاريخ: ڀاڱو پهريون: ۱۹۴۶ع
۵۸- سنڌ جي هندن جي تاريخ: ڀاڱو ٻيو: ۱۹۴۷ع
۵۹- جاسوس: ڀاڱو ٻيو: ۱۹۴۷ع
ڇپائيندر: ڪهاڻي ساهتيه مندر حيدرآباد
۶۰- گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾: (تنقيد) فيبروري ۱۹۹۵ع
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
۶۱- شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي
۶۲- موهن جو دڙو (انگريزي)
۽ ٻيا ’هندن جي لڏپلاڻ‘، ’سنڌ جون سوکڙيون‘، ’مرزا قليچ بيگ جي حياتي‘، ’هڪمتي ماجسٽريٽ‘، ’سري ڪرشن‘، ’شيطان منجھان انسان‘، ’موتين جي مالها‘، ’پتري پستڪ‘، ’سورهان سنسڪار‘، ’وچن مالا‘ ۽ ’ٻاراڻيون ٻوليون‘.
شاعريءَ مان انتخاب
وضاحت: ’غريب‘ جا جيڪي شعر جتان به ۽ جنهن به عنوان هيٺ هٿ لڳا اٿم، سي جيئن تيئن عنوانن سوڌا ڏجن ٿا:

ساجهر ٻاري سور
ساجهر ٻاري سور، ويئي مند ملهار جي،
ڏول لٽڪائي لٺ ۾، کوهي مٿان کوڙ
دم دم تنهن کي چور، متان لڄي ٿئين لوڪ ۾.
ـــ
ٻاريءَ جي ويجهوپ آءٌ، کڻي ڌمڪ هٿ ۾،
ويٺي منجھان ويلا! هڏ نه ايندءِ ساءُ،
ٻين آهن گند گنديا، تو ميڙيو نه آهي پاءُ،
پٽڙا! ڪر ساءُ جو جٺيون سهين جبريون.
ـــ
آءُ اوري، کڻي پاهور هٿ ۾،
اڳيون پنهنجون عادتون ڇڏج تون ٻوڙي،
ويندا سڀن گوري، جيڪي جن ڪٺو ڪيو.

کجي
کڙي سمجھج تون کجي، ڪلر ۾ اُڀري،
ميوا ماڻهن کي ڏئي، خدمت خير گهري،
وڃڻا ٿي، ڏئي واءُ تت، پن نه جت چري،
اوچي ٿي اسري، جو نکون ڏئي نئڙت سنديون.
ـــ
کڙي سمجھج تون کجي، سڀني وڻن منجھان،
اوچي ٿي اؤَ اڀري، سڪ ۾ سورج ڏان،
ته ميوا، ساوڪ سونهن سڀ ان وٽ نذر ڌريان،
جڳ ۾ آءٌ جيان، جنهين جي ٿي آسري.
ـــ
ڀلي ڀائنج تون کجي! ماڻهن گهڻن ڪنان،
آجي ور وڪڙ کان، توڻي تکا لڳن طوفان،
ڏيندي پنهنجي جان، پر پوري رهندي پرن تي.
(موتي، ماڻڪ تان)

آفيسر آيا
آفيسر اڄ آيا نگهه ڪرڻ نمڪ جي،
پنهنجا پورهيا پلو ۾ پورهيتن پايا،
توتان اجايا، ڏنگا! ڏينهن وڃايا.
ـــ
ٻاري ٻاڪاري، دم دم تنهنجي دک ۾،
آس انهي کي اڄ ٿي ساڙ منجھون ساڙي،
نڪ ڏي نهاري، روئج ڪي رت ڦڙا.

اَبا! اکيون پٽ
ابا اکيون پٽ، ننڊن ڪندي نه وري،
ڌمڪ جهلي هٿ ۾، ٻاري ويٺو سٽ،
اوڏو بِهي اَڏ کي اوانڌا اُپٽ،
پاڻي اچي جهٽ، سُڪيءَ کي ساهه پوي.
ـــ
گافل! تون گندا! ڪڏهن رهج ڪيم ڪي،
ٿوڻيءَ کي ٿِرُ ڪري، لڪڙو لوڏ سدا،
ڪندو رحم خدا، ٿيندو هفتو جبرو!

صاحب سٻر
راتيان وسن ماڪون، ڏينهان لڳي واءُ،
پاڻيءَ بنان پوپٽ يا، ڏولن ڪيم ڏلاءُ،
صاحت ٿو سٻر سُڄي وٽس ريب نه رياءُ،
پوندس جي سماءُ ڪڍندءِ کريل کاڻ مان.
ـــ
کرس ڪڍ تون کوه مان، ڇڪي ڪڍ ڇاري،
واءُ وڌيو، لڙ لڳو، وسي ٿي واري،
تنهنجي اڄ ٻاري، ڪهڙيءَ پر ڄم ڪري؟
ـــ
تو ڪن ڪونهي، ڪپتيا! پڪو ڪو پاڻي،
گهر ۾ اڄ گهاڻي وڌيءَ پنهنجي پاڻهي.
ـــ
لوڻ لڙاٽيو تنهنجو، سوئا ٿا سپڄن،
کڻي کٽياڻيءَ ڏي، ڇنڊا ڪي ڇٽجن،
سون ساريڪيون کاڻيون هئن نه وڃائجن!
چريا سي چئجن، جي هڻن ڪهاڙو پير تي.
ـــ
نڪي نئڙين ڪم ڏي، نڪي ميڙيءَ پاءُ،
ٻاريون سڪي ٻور ٿيون، توکي نه آيو تاءُ،
ڍڪلي پڻ ڍري ٿي، موڙيو وجھي واءُ،
جي صاحب پيو سماءُ، ته ڌڪي ڪندءِ ڌاريو.
ڪيڏي ڪاسي تنهنجي ؟ ڪيڏي ويو ڏيڏاس؟
ڪيڏي سلائي لڪڙو؟ ڪيڏي ٻنڌيون خاص؟
هاريا! تو هٿن سان جهڳو ڪيو ناس،
هاڻي ويندو ساس، بکن ۾ بيحال ٿي.
ــــ
سٽجن ٿيون ٻاريون، ڏاڍا واڪا وره جا!
ڳالهي جي ميءَ جون ڀبرجن تغاريون،
جي مانڌهيون ڪاريون، سي سونهن ٿيون سج جان.
ـــ
ڌمڪ جهلي هٿ ۾، پورهيت ڪيو پورهيو.
تنهن تؤن مون گهوريو جيءَ پنهنجو، غريب چوي.
(”ماڻڪ، موتي، لعل“ تان)

اباڻن جي اڻتڻ
(سر ڀيروي)
عمر! مون اباڻن جي اُڻتڻ اهائي،
اکين جي اڳيان مون ڦرن هي سدائي،
پسج شان پنهنجو، ڪيهءِ هي ڪنهن جو،
مٺو مارو منهنجو آءٌ امانت پرائي.
پنوهاريون پکن ۾، سنگهاريون سکن ۾،
ڏکي آءٌ ڏکن ۾، محلن آءٌ مُنجهائي.
کڻ هي هنڌ کٽولا، پري ڪر پٽولا،
ڪڍي ڇڏ ڪڙولا، جني جند جلائي.
نڌر هي نماڻي، بندن ۾ بندياڻي،
عمر! اڄ اُماڻي، جيئان آءٌ مُيائي.
وطن شال وينديس، سڱر اُت سٽينديس،
پيرون پڻ پٽينديس، ڄارن ۾ آءٌ ڄائي.
’غريب‘ چوي هيڪر، ملان شال جيڪر،
پرين ميل پرور، وطن ڏيان واڌائي.
(”سنڌو“: ڊسمبر ۱۹۳۴)

منهنجي امڙ........!
مون کي ڪنهن ٿي کير پياريون؟
پيار منجھان ٿي گود وهاريو؟
خوش ٿي هر هر مون ڏي نهاريو!... منهنجي امڙ!
ننڊ ڦٽي مون جڏهن ٿي پيئي،
ڪنهن ٿي سُمهاريو لولي ڏيئي،
ڇڏي نه مون کي ڪيڏانهن ويئي!... منهنجي امڙ!
پنڌ ڪندي جي ڌڪو کاڌم،
ڪنهن کڻي ٿي ڇاتيءَ لاتم؟
پيار منجھان ٿي ڀاڪر پاتم!... منهنجي امڙ!
ٿيس جڏهن ٿي آءٌ بيمار،
دوا ڪرڻ لئي ٿي، ٿي تيار،
ننڊ ڦٽائي رهي هوشيار!... منهنجي امڙ!
صبح سانجهيءَ سار لڌائين،
کاڌو پيتو ڪيئن ٿي ڏنائين،
مون تي پنهنجو ساه ڇڏيائين!... منهنجي امڙ!
تو ڪئي من سان آه ڀلائي،
تنهن لئي ڪريان شڪر سدائي،
مور نه وسري تنهنجي چڱائي!... منهنجي امڙ!
وڌي جڏهن آءٌ وڏو ٿيندس،
سُک سوين آءٌ توکي ڏيندس،
توتي پنهنجو ساهه ڇڏيندس!... منهنجي امڙ!

وقت چئي آءٌ بادشاهه
شاهاڻي شاهن جان پهريان نه پوشاڪ،
ٽِلي آءٌ ٽيلي تي ويهي نه ڪان واڪ،
شاهه شهنشاهه جن جي هر هن ٻُجهي هاڪ،
ڇٽي ويندين ڇاڪ، پاڻهين پوندا پيش مون.
هنڌين ماڳين منهنجو ڦري ٿو فرمان،
تابع مون اصل کؤن سارو هيءُ جهان،
ڏاڍو مون کا ڪونه ڪو آهي ڪو انسان،
ڇا پوڙهو ڇا جوان، پاڻهين پوندا پيش مون.
چورن وانگي آءٌ چُران، غافل ڪين ٻجهن،
توڙي گهڙيال تن اڳيان واڄٽ ڪيو وڄن،
پلڪن مان پهر ٿي ڏينهڙا ٿا گذرن،
لنگهيو ورهيه وڃن، پاڻهين پوندا پيش مون.
چورن وانگي آءٌ چُران، سمجھوُ ڪي سمجهن،
پوڙهن جي پيشانيءَ ۾ پيرا مون پسجن،
ڪارن منجهان مون ڪيا اڇا سِر سندن،
کنيو لٺ ڌُڏن، پاڻهين پوندا پيش مون.
گلن جهڙا ٻارڙا ڦلن جيئن نپجن،
خيال نه تر جيترو منهنجو اُهي ڪن،
جوڀن ويندن نڪري پوندي سُڌ پوءِ تن،
هڏ نه پوءِ هلندن، پاڻهين پوندا پيش مون.
پوڙها ڇا چوان جو قياس نه ڪريان ڪو،
جامو وٺي انسان جو جڳ ۾ آيو جو،
پيش مون پاتشاهه جي پاڻهين پوندو سو،
بانور ڇاتي تو، ڪيو ڙي ڪمزور آهه؟
هٺيلا! هوڏ پئي ڀلي ڪوٽ اَڏاءِ،
خرچي خزانا تون ماڙيون محل بناءِ،
ڀِت نه مڙندي ڀِت کي، ايءَ هنئين سين لاءِ،
شاهه زمان سان جاءِ، بيشڪ ڪنهن جي ناهه ڪا.

مستي
آهه دنيا حال پنهنجي ۾ هميشه يار مست،
جاءِ پنهنجي سڀ ڏٺاسين ڇا ٻڍا ڇا ٻار مست.
بادشاهن مال مستي سان غريبن حال مست،
سونهن وارن سونهن مستي، سينڌ ۽ سينگار مست.
مست عاشق مست معشوق، رند پنهنجي راز مست،
پير مستي، مير مستي، شيخ منجھ اسرار مست.
محبتي ماندا ڏٺم، نت ڪلالن ڪوءِ ۾،
پي پيالا سي نرالا، مئي ڪيا خمار مست.
مست ماندا محبت ماريا، روز راتيون جي رڙن،
اڄ ڏٺم خوش خيال ۾، سي واعده ديدار مست.
عشق وارا ٿا اچن، سي پتنگن جان پچن،
تورَ تَڪَ سر جي نه ڪن، سوريءَ مٿي سؤ وار مست.
ڪي لڙن ٿا نفس سان، ڪي لڙن شمشير سان،
آهه مستي زور هر ڪنهن، تيغ ۽ تلوار مست.
جهنگ ۾ جهانگي رهن، سانگ ڪيو سانگي رهن،
جهنگ ۾ سي رنگ لاهين، ڪم مٿي ڪمدار مست.
ساهه وارن آهه مستي، ڇا مرون ڇا ڍور سڀ،
شير مستي واگهه مستي هرڻ ۽ هاتار مست.
ڇا چرندا پرندا، سڀ وتن مستيءَ ڀريا،
بلبلون بستن ۽ لامن مٿي للڪار مست.
جان وارن آهه مستي، جان ڌاران سي به مست،
زاغ مستي، باغ مستي، سڀ ڪيا ڪلتار مست.
باغ ۾ جي گل عجائب، سي به مستيءَ ۾ ٽڙن،
چوٽ مستي، ڪوش مستي، ٻونڊ مست ۽ خار مست.
هي عناصر جي ٻجھن ٿا، سي به مستيءَ ۾ ٽڙن،
آگ مستي، آب مستي، خاڪ ۽ پولار مست.
مستي معشوقن ڦڻي جا چيرجي سؤ شاخ ٿئي،
زلف مستي، مينڍ مستي، ور مست ۽ تار مست.
آهه مستي اي ’غريبا‘، قوت قادر تو ڪيو،
سال مهينا مست گهارج، روز شب هموار مست.

بلبل جو فرياد
پڄاڻي ٿي بهاريءَ جي، وڃڻ جو ڪيو گُلن سعيو،
رُئي سڏڪا ڀري بلبل جهجهو فرياد تن لايو.
ڪٿي موتيو ڪٿي مگرو ڪٿي سو گل گلابي آهه،
ڪٿي ساوڪ وڻن جي سا چمن ڇو روپ بدلايو؟
سدا سايون لڏن لامون ڪٿان پن هي پراڻا ٿيا،
ڇڻن ڇو ٿا ڪري کڙ کڙ جل تن تي ڪٿان آيو؟
گلن جي سونهن سوڀيا لئه سڙي ٿو سوز ۾ سينو،
سگهو تختي چمن جي تي مون کي پڻ هاڻ دفنايو.
نه ٿي ڳهلي، ادي بلبل، خزان کي ڇو ڌڪارين ٿي،
سدائين نابهاري آهه اهو ازلي ٿيو رايو.
بنائي جنهن بهاري آهه خزان پڻ سا خدا خلقي،
ٻنهي سان هير تون دل کي هڪو سج آهه ٻٽو سايو.
رضا تي ره سدا راضي جڙي کي چئه سدائين جس،
سدا شاڪر ’غريبا‘ رهه حڪم چشمن مٿان چايو.
(”نو بهار“)

سچي سڪ
هِنَ هُنَ جي ڇو ڳالهه ڳڻين ٿو،
ڳالهه ڳڻين تان پنهنجي ڳڻ.
ڪاٿؤن آئين ڪاڏي ويندين،
هيءَ حقيقت دل سان هڻ.
جيئڻ سندو تو هيءَ سوچڻ.
مفتي پنهنجي من ويهري،
قدم قدم تون سوچي کڻ.
’غريب‘ غربت منجھ گذاري،
شڪر ڪري تون شاڪر بڻ.
(”نوبهار“)

پتنگ
پَريان پي پرتوو آيو پروانو،
ڦر ڦر ڪيو پيو ڦري مانجھي مستانو،
ڪڙهه اندر ڪو تنهن کي لڳو قرب جو ڪانو،
سو سرسمانو، وٺيو اچي وچ ۾.
ڏِئي جي ڏسڻ ريءَ پتنگ نه پرچي،
شمع جي شعاع سين سوئي ٿو سرچي،
جئن جئن پسي پرتوو تئن تئن مست مچي،
ڪٺو نه قرب ڪچي، ٻڌو سچيءَ سڪ ۾.
پتنگ پسي پرتوو سُرت نه رکي ساڻ،
آڻيو جهوڪي آڳ ۾ پاسي ڪيو پان،
جيڪس سندس جيءَ ۾ آهي سڀر نينهن نياڻ،
جلي وڃائي ڄاڻ، سڙي مري مچ تي.
ڄاڻ نه کڻي پاڻ سين پاڻ نه کڻي ساڻ،
آڻيو جهوڪي آگ ۾ پرت منجهاران پاڻ،
سڙيا جيئي سچ تي تن ڄيري سندو ڄاڻ،
انهن جو اهڃاڻ، لهسڻ ئي لک لهي.
جي مڱر پسي نه موٽيا مڙيا مٿي مچ،
ڏنا تن غريب چئي سندا ڳچين ڳچ،
تن صحيح سڃاتا سپرين سڙي مٿي سچ،
بيا تان ڦاڙ سهي ڦچ، جُوفي لئه جوڳي ٿيا.

بهاري موسم
آئي مند بهار، پکين ڪئي لڪار،
رُتيون مڙيئي ڀليون، ڪانهي تل بهار،
انگوريون ۽ ڪيتڪيون، کڙيا کٽڻهار،
کُليو گل گلاب جو هنڌ هنڌ ٿي هٻڪار.
کستوري خوشبوءِ تي ڀريا ڀؤنر هزار،
انبن مٿان اُسري طوطي ڪئي تنوار،
سُڻ چتونءَ جي چونگار!.
پَٽن کي پهراڻ پيو ڏس قادر جو ڪم،
چيهو، چل، چڱو ٿيو، سائون، ڳنڍير، ڳم،
کہ، مانڌاڻو، مکڻي، ڏسي ٺري آدم،
دئار ڀورن جو دادلو، دم دم هڻي دم،
کلي ڪا کيري ڪئي لات مٺي للڪار،
سڻ ڀوري جي ڀڻڪار.
سُڪا وڻ ساوا ٿيا، سائو ٿيو جهر جهنگ،
وليون وڻ ڦلاريا ننگيءَ پاليو ننگ،
سونهين سبزيءَ کان سڀڪو دڙو دنگ،
واکاڻيو واحد کي چيهن چوريو چنگ،
ڪڏندي ڪنهن ڪاني تي ڪئي گاڏيرڻ گفتار،
سڻ ڪوئل جي ڪونجار،
سڻ پکين جي للڪار.
(”نوبهار“)

شهنشاهه ۽ مسخرو
شهنشاهه هڪڙو هئو خوش مزاج،
ڪچهريءَ ۾ پهري جو ويٽو هو تاج،
اچي مسخرو اُت سلامي ٿيو،
شهنشاهه تنهين کي تڏهن هئن چيو،
”ميان مسخرا! تو ڏيان ٿو انعام،
مگر ياد رکجانءِ منهنجو ڪلام.
ڏسين پاڻ کان عقل ۾ ڪو به گهٽ،
”ڏجان چيز منهنجي تنهين کي ته جھٽ“،
شهنشاهه تنهين کي ڏني پوءِ لٺ،
وٺي مسخري ڪي سلامن تي سٺ.
هڪي ڏينهن شهنشاهه بيمار پيو،
پڇڻ مسخرو تنهن امالڪ ويو،
چيو شاهه تنهن کي وڃان ٿو سفر،
دعا ڪا پڇاڙيءَ ۾ مون کي ته ڪر،
پڇو مسخري اُت ٻڌي هٿ تڏهن،
”شهنشاهه جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟“
چيو شاهه وڃان ٿو پري کان پري،
وريو ڪونه جا تان نڪو ڪو وري.“
پڇو مسخري اُت ٻڌي هٿ تڏهن،
”شهنشاهه جي موٽ ٿيندي ڪڏهن؟“
چيو شاهه وڃان ٿو پري کان پري،
وريو ڪونه جا تان نڪو ڪو وري.“
پڇو مسخري پوءِ ٻَڌي هٿ ٻئي،
”سفر جي تياري تان ڪهڙي ڪئي؟“
چيو شاهه ”سفر لئه نه آهيان تيار،
ڪندو معاف شل مون تي پروردگار!“
چيو مسخري هي عجب آهه بيان،
”عقل اڄ اوهان جو سڄو ٿيو عيان“،
وڃي جو سفر تي نٿو ٿئي تيار،
”عقل جو انهيءَ وٽ چئبو ڏڪار“،
وٺو لٺ پنهنجي نه گهرجي مون کي،
”اوهان جي امانت اوهان کي هجي.“

اختصار
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”غريب“ سنڌي ٻوليءَ جو نامور اديب، عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ گهڻوئي علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيائين. مختلف موضوعن تي لاتعداد مضمون ۽ ڪيترا ڪتاب لکي سنڌي ساهت جي خدمت ڪيائين. هن جي تحقيقي ڪم کي علمي حلقن ۾ مستند ڄاتو وڃي ٿو، اهو ئي ڪارڻ آهي، جو ٺوس بنيادن تي ڪيل سندس ڪم کي ”حوالاجاتي نوعيت“ حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي دور ۾ رائج ادبي قدرن جي پيروي ڪندي، جيڪو به علمي ڪم ڪيو آهي، تنهن کي اڄوڪي دور ۾ جديد قدرن سان پڻ ڪنهن حد تائين هم آهنگ ڄاتو وڃي ٿو، ان ڪري ئي سندس تحريرن کي دوام حاصل آهي. هڪ هڪ سُٺي نثر نويس کان علاوه شاعر جي حيثيت به رکندڙ هو. سندس ڪلام تعليمي ۽ نصابي ڪتابن کان علاوه مختلف رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيل مليو آهي. ان کان علاوه ’نوبهار‘ جي نالي هڪ مجموعو به پڌرو ٿيل آهي. هن جي شعر ۾ ٻوليءَ جي پختگي، فني سادگي، معيار، بلند پروازي، موضوع سان نباهه، رواني ۽ موسيقيت کان علاوه ادبي چاشني جهڙيون خوبيون پڻ نظر اچن ٿيون. انهيءَ هوندي به هو هڪ شاعر کان علاوه نثر نويس جي حيثيت ۾ وڌيڪ نشانبر رهيو. ڇاڪاڻ ته سندس علمي شخصيت، ادبي حيثيت ۽ تاريخي پد وڌيڪ وزنائتا آهن.
ڀيرومل مهرچند آڏوڻي پنهنجي پنجهتر ساله حياتيءَ مان لڳ ڀڳ پنجاهه پنجونجاهه سالن جو طويل عرصو علمي ادبي جستجو ۽ جدوجھد ۾ گذاريا، سندس انهيءَ دور جو علمي حوالن سان مطالعو ڪندي، اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي، ته هن پنهنجي فرصت واري ڪابه گهڙي گينواري ۽ گيسر ۾ ڪين گنوائي. ان ڪري کيس جيئري جس به مليس ته هاڻي به مڃتا ۾ ڪمي ڪانه ٿيس.
هن مقالي ۾ جتي سندس شاعرانه حيثيت کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، اتي سندس نثرنويس واري ڀرپور حيثيت کي به مختصر طور چٽي ڪرڻ جا جتن ڪي ويا آهن. افسوس جو ههڙي بي مثل پورهيت اديب ۽ شاعر جو اسان وٽ ڪو ڀرپور مطالعو موجود ڪو نه آهي، جنهن ڪري اڄوڪي تحقيقي دور ۾ ان جي وڏي ڪمي محسوس ڪئي وڃي ٿي. هن جي تصنيفن، تاليفن ۽ ترجمن ڪيل ڪتابن کي گڏ ڪرڻ سان هڪ اندازو ٿئي ٿو ته انهن جو ڳاڻيٽو سٺ ۽ ستر جي لڳ ڀڳ آهي. انهيءَ کان علاوه سندس متعدد مضمون ماهوار رسلي ’سنڌو‘، ’ڦليلي‘، ”ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسيلني“ ۽ ڪن ڪتابي سلسلن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن. ان سموري سرمايي کي سهيڙڻ سان اندازو آهي ته ڪجهه علمي مونجهارا دور ٿين ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ڪا هٿي ملي پوي.
هن مقالي جو مقصد آهي ته ’غريب‘ جي علمي رخن مان هن رخ تي به روشني پوي. ان سلسلي ۾ ڪوشش ڪري، مختلف هنڌن تان سندس ڪلام کي ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جيڪي ڪجھ حاصل ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان ڪي نمونا انتخاب آندا ويا آهن. سندس شعر جو مجموعو ’نوبهار‘ محترم عبدالاحد ”آزاد“ قاضيءَ کان استفادي لاءِ حاصل ٿيو، جنهن جو شڪريو ادا ڪرڻ لازمي آهي.

حوالا
۱- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ڀاڱو پهريون، ص ۵۰.
۲- ايضاً، ص ص ۶۲ ۽ ۶۳.
۳- ايضاً، ص ۶۳.
۴- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند، گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾.“
مهاڳ: مرليڌر جيٽلي: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۱۹۹۵ع، ص ۸.
۵- ايضاً.
۶- آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند: ”حيدرآباد جا هاءِ اسڪول“، (مضمون)، قسط-۳، ماهوار ’سنڌو‘، ڊسمبر ۱۹۴۶ع.
۷- هدايت پريم: ”سنڌي ٻولي جا محقق“، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد. آگسٽ ۱۹۹۴ع، ص ۲۳.
۸- ايضاً.
۹- ڀيرومل: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“، ڀاڱو-۱، ص ۶۳.
۱۰- جي. ايم. سيد: ”جنب گذاريم جن سين“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، ۱۹۷۹ع، جلد ٻيو، ص ص ۳۳۱ ۽ ۳۳۲.
۱۱- ڏسو حوالو ۷.
۱۲- ڏسو حوالو ۱، ص ۳۳۱.
۱۳- جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۴ع، ص ۱۵۴.
۱۴- ڏسو حوالو ۷، ص ۲۵.
۱۵- ڏسو حوالو ۴، ص ۶.
۱۶- ايم. آر. مائيداساڻي: ٻه اکر: جاسوس (ناول)، مصنف ڀيرومل مهرچند، ڪهاڻي ساهتيه مندر حيدرآباد.
۱۷- ڏسو حوالو ۱۳، ص ۱۵۵.
۱۸- هيرو ٺڪر: ڀيرومل مهرچند، ۱۹۹۰ع ص ص ۱۸ ۽ ۱۹.
۱۹- اجواڻي لالسنگهه هزاريسنگهه: مهاڳ: ”گلزار نثر“، مؤلف ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڇاپو اول، ۱۹۲۹ع.
۲۰- ڀيرومل مهرچند: ”گربخشاڻي وارو شاهه جو رسالو منهنجي نظر ۾“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ۱۹۹۵ع، ص ۷۲.
۲۱- ايضاً.
۲۲- هيرو ٺڪر: ”ڀيرومل مهرچند آڏواڻي“: ساهتيه اڪادمي دهلي ۱۹۹۰ع ص ص ۶۵ ۽ ۶۶.
۲۳- ايضاً ص ۶۳.
۲۴- ڀيرومل مهرچند: ”سنڌ جو سيلاني“: مهاڳ: ڄيٺمل پرسرام نئين سنڌي لئبرري ۱۹۲۳ع.
۲۵- ڀيرومل مهرچند: ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ (هڪ مطالعو) مهاڳ: تنوير عباسي: شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي ۱۹۹۷ع.
۲۶- غلام محمد لاکو: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو: مارئي سماجي سنگت ملير ڪراچي، ۱۹۹۷ع ص ۳۵۶.
۲۸- ڏسو حوالو ۲۵ مقدمو: آزاد قاضي.
۲۹- ڏسو حوالو ۲۲: ٻه اکر.

(ٽه-ماھي مھراڻ ۲۰۰۱/۱ع تان کنيل)


[1] ”طلسم“ (ٽئلسمن) عرف غازي صلاح الدين اصل، سروالٽراسڪاٽ (۱۷۷۱ع۱۸۳۲ع) جو انگريزي زبان ۾ لکيل ناول آهي؛ جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس، ساڌو هيرانند (سرڳواس ۱۸۹۲ع) وٺرايو. اڃا اڌ ۾ ئي هو، ته وفات ڪري ويو. سندس ڇڏيل ڪم کي ڪاڪي ڀيرومل ۱۹۲۷ع ۾ پورو ڪري، منظر عام تي آندو هو.

3 comments:

  1. تمام ڀلو ڪم ڪري رهيا آهيو. دعائون

    ReplyDelete
  2. Ayaz Alam Abro “وکر سو وهاءِ ، جو پئي پراڻو نه ٿئي ”

    ReplyDelete
  3. سائين منھنجا ھمت افزائيءَ جي مھرباني.

    ReplyDelete