; سنڌي شخصيتون: محمد جمن - شوڪت حسين شورو

18 September, 2011

محمد جمن - شوڪت حسين شورو


محمد جمن
سنڌي راڳ جو راڻو
شوڪت حسين شورو
سنڌي راڳ جي پنهنجي اصليت ۽ انفراديت رهي آهي. سنڌ ۾ وڏا راڳيندڙ پيدا ٿيا آهن، ورهاڱي کان اڳ ڀڳت ڪنور رام، ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائي سنڌ راڳ جا وڏا نالا ۽ ماڻهن جا من پسند فنڪار هئا. ماسٽر چندر جي حيثيت ان لحاظ کان نرالي هئي ته هو نه رڳو پاپولر ڳائڻو هو، پر سنڌيءَ جو پهريون موسيقار پڻ هو، جنهن طرز نگاري جو بنياد وڌو. ورهاڱي کانپوءِ جنهن فنڪار ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، سو محمد جمن هو. محمد جمن جيترو سٺو ڳائڻو هو، اوترو قابل ڪمپوزر هو. سنڌي راڳ کي هو جنهن اوچائي تي کڻي ويو، ان جو اعتراف ڪندي مشهور سياستدان ۽ راڳ جي ڄاڻوءَ پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ کيس راڳ جو راڻو ڪوٺيو هو. محمد جمن سُر ۽ لئه جا نوان تجربا ڪري سنڌي راڳ کي نهايت شاهوڪار ۽ مالامال بڻايو هو.

 محمد جمن ڪوهستان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سوڙهه (ڪنڍ جهنگ) ۾ 10 آڪٽوبر 1935ع ۾ ڄميو. هن جو والد حاجي احمد سرندو وڄائيندو هو. سندن وڏا تند جو ساز وڄائيندا هئا، جن ۾ تنبورو ۽ سرندو شامل هئا. سندن خاندان سخيراڻي بلوچ هو. پر ڳائڻ وڄائڻ جي سلسلي ۾ اهي ”انگائي“ فقير سڏبا هئا. جيئي شاهه نوراني جي درگاهه، درسائي درگاهه ۽ ٻين درگاهن جي حاضري ڀريندڙ انگائي فقيرن جو ڪم ڳائڻ وڄائڻ آهي.  محمد جمن ان ماحول ۾ پليو. سندس ابتدائي تعليم ڪوهستان جي هڪ پرائمري سنڌي اسڪول ۾ ٿي، جتي هو اکر سڃاڻڻ جيترو علم حاصل ڪري سگهيو، ته سندس والد ڪوهستان مان لڏي ڪراچي، لالو کيت ۾ اچي رهيو. محمد جمن کي ننڍي هوندي کان بانسري وڄائڻ جو شوق هو. هن بانسري کي مست ساز چيو آهي ۽ ان ۾ هن مهارت حاصل ڪئي. ڪراچيءَ ۾ هن استاد مبارڪ علي خان جي شاگردي اختيار ڪئي. ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان سنڌي سروس شروع ٿي ته محمد جمن به وڃي آڊيشن ڏني ۽ پاس ٿي ويو. ريڊيو تي هن پهريون ڪلام ”دوست پيهي در آيو“ ڳايو هو. ان وقت زيڊ-اي-بخاري ريڊيو پاڪستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو. هن محمد جمن کي بانسري وڄائيندي ٻڌو ته کيس وڻي ويو. هن محمد جمن کي 150 رپيا ماهوار تي ريڊيو ۾ بانسري نواز جي نوڪري ڏئي ڇڏي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد برپا ٿيو ته محمد جمن کي اتي اسٽاف آرٽسٽ جي حيثيت سان بدلي ڪيو ويو. هو اتي بانسري وڄائيندو هو ته ڳائيندو به هو. محمد جمن اتي نذر حسين کان به سکيو ۽ سنڌي ڪلامن جون ڌنون پاڻ ٺاهڻ لڳو. ان دور ۾ حميد نسيم ريڊيو حيدرآباد جو ڊائريڪٽر ٿي آيو. هو موسيقيءَ جو ڄاڻو ۽ فن جو پارکو هو. هن محمد جمن کي هڪ ڪافي ڪمپوز ڪندي ٻڌو ته سندس صلاحيتن جو قدر ڪندي کيس چيو ته هاڻي بانسري نه وڄائي، ڌنون ڪمپوز ڪندو ڪر. هن جي سفارش تي محمد جمن کي ميوزڪ ڪمپوزر مقرر ڪيو ويو.

 محمد جمن جديد لوڪ ڪلاسيڪل انداز سان راڳ ڳايو ته انهن جون ڌنون به ترتيب ڏنيون. هو پاڻ به هڪ بيحد سريلو فنڪار هو. سندس آواز ۾ رس ۽ ميٺاج ٻئي هئا. هو بنيادي طرح ڪافي ڪلام جو راڳي هو، هن ڪافي ڪلام ۾ تجربا ڪري ان کي هڪ نئون رنگ ڏنو. محمد جمن جي سڀ کان وڌيڪ اهم خدمت ۽ سڃاڻپ شاهه جي رسالي کي درست راڳن ۽ لهجن ۾ ڳائي مقبول عام ڪرڻ آهي. هن جڏهن شاهه جو رسالو پڙهيو هو ته ان جو مٿس بيحد اثر ٿيو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته ”منهنجي نظر لطيف جي رسالي تي پئي ته ان ۾ مون کي وڏي روحانيت نظر آئي، هو خزانو آهي. پوءِ مون لطيف جو ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو“. ان سلسلي ۾ هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو جڏهن ڪراچيءَ ۾ هوندو هو ته معذوري راڳڻي جي شڪل سندس ذهن ۾ هوندي هئي، ڇو ته سندس وڏا جيڪي ساز وڄائيندا هئا، انهن ۾ معذوريءَ جون شڪليون موجود هونديون هيون. معذوري لس ۽ حب جي لڪن ۾ سازن ذريعي گونجندي رهي آهي. محمد جمن جي ذهن ۾ معذوري سمائجي وئي. هو جڏهن پيءُ جي گوڏي تي سمهندو هو ته معذوري ٻڌندي کيس ننڊ اچي ويندي هئي. جڏهن حيدرآباد ۾ آيو ۽ هن شاهه جو رسالو پڙهيو ته ان ۾ سُر معذوري ڏٺائين. هن سُر معذوريءَ جي وائي ”هل هوتن ڪارڻ حال“ ڪڍي، ان کي ڪافي جي شڪل ڏني ۽ ڳائي جيڪا بيحد مقبول ٿي. هن پوءِ شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سُرن تي خاص ڌيان ڏنو. هن آبري ۽ معذوري کي سُرن سان سجائي، سنگيت جي صورت ۾ آندو. هن سر مارئي، سر سامونڊي ۽ رامڪلي جهڙن سُرن سان گڏ شاهه لطيف جي ڪيترن ئي سُرن جي تلاش ڪري، کين سنگيت جي شڪل ڏئي پاڻ کي شاهه جي موسيقار ۽ محقق موسيقار طور مڃرايو. سندس ڪمپوز ڪيل ۽ ڳايل شاهه جي ڪلامن ۾ ”ڪارون وس ڪيام“، ”ڪنڌي ساريان ڪا نه“، ”سڪ مارن جي سمهڻ نٿي ڏي“، ”منهنجو ملڪ ملير“، وٽان وڃ مَ مون“، ”دوست پيهي آئيو“، ”زاري سا زاري“، ”رات ڪي مينهڙا وٺا“، ”بوند برهه جي بهار لڳي“، ”مڌ پيئندي مون“، ”راڻل توبن رات“، ”آءُ راڻا رهو رات“ بيحد مقبوليت ماڻي. شاهه لطيف کان سواءِ هن سچل سرمست ۽ ٻين ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعرن جي ڪلامن سميت ڪيترن ئي ڪلاسيڪل راڳن کي سنڌي موسيقي سان هم ساز ۽ هم آواز ڪري، اهي ڪلام مختلف فنڪارن کان ڳارائي لاتعداد ۽ لازوال طرزن جو اضافو آندو. محمد جمن لئه جو بادشاهه هو ۽ هن لئه ڪاري ۾ نوان ۽ ڪامياب تجربا ڪيا. سنڌي راڳن کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ هن جيڪو تخليقي ڪم ڪيو، سو سندس شاندار ڪارنامو آهي. ”يار عشق ڏاڍي آتش لائي“ محمد جمن جو ڳايل ڪلام شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. عثمان فقير جو اهو ڪلام جيتوڻيڪ هاڻي به ڪجهه فنڪارن ڳايو آهي، پر اهي محمد جمن جي عظمت کي ڇُهي به ڪو نه سگهيا آهن.

 سوز هالائي پنهنجي ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام-ماسٽر محمد جمن: فن ۽ شخصيت“ ۾ ڄاڻايو آهي ته محمد جمن جا ريڊيو رڪارڊيڊ اسم 141 آهن، پر ان کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي رڪارڊ آهن، جيڪي ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. اهڙي ريت هن جيڪي ڪلام ڪمپوز ڪري ٻين فنڪارن کان ڳارايا، تن جو اندازو اٽڪل 72 آهي.

 محمد جمن کي ريڊيو حيدرآباد جي هڪ اذيت پسند آفيسر جهڙي ريت ذهني ۽ مالي اذيتون ڏنيون، تن هن وڏي فنڪار کي جهوري وڌو. ڪيترائي مهينا سندس پگهار بند رهيو ۽ هن جي گذر سفر جي وسيلن تي پابنديون مڙهيون ويون. محمد جمن جي آخري ڏينهن بابت سوز هالائي لکيو آهي ته ”خوشحال جوڀن ۽ ڀرپور جيون گذاريندڙ شخص، خوش پوش ۽ خوش اخلاق انسان پنهنجي ايام ڪاريءَ جا آخري ڪجهه سال نهايت ئي ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا. ان حالت ۾ به هي فقير گوڏ ۽ گنجيءَ جهڙي لباس ۾ پنهنجي گهر جي صحن ۾ بيٺل نم جي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي سنڌي موسيقيءَ لاءِ شاندار طرزون تيار ڪندو رهيو...“ جيتوڻيڪ شگر جي بيماريءَ هن جي جسم کي ڳاري ڇڏيو هو، پر هن جي دل ۾ راڳ سان عشق آخري دم تائين قائم رهيو. هي ٻهڳڻو فنڪار ۽ موسيقار جنهن سنڌي راڳ کي نج سون بڻائي ڇڏيو هو، سو پاڻ غربت ۽ بيماري جي حالت ۾ 24 جنوري 1990ع ۾ گذاري ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا