; سنڌي شخصيتون: صوفي شاه عنايت شهيد رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي

16 September, 2011

صوفي شاه عنايت شهيد رح - ميمڻ عبدالغفور سنڌي


صوفي شاه عنايت شهيد رح [ 1655ع – 1718ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاه عنايت صوفي ولد مخدوم فضل الله، 1056هه مطابق 1655ع ۾، ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس جد- امجد مخدوم صدو لانگاه بٺوري پرڳڻي جي شهر نصريه جي وڏن مشائخن مان هو. ننڍپڻ کان ئي شاه عنايت جي طبيعت ماٺيڻي هئي. صوفي طريقي ۾ سني مذهب رکندڙ هي بزرگ جهوڪ (ميرانپور) ۾ رهندو هو. سندس وڏا بغداد شريف کان هجرت ڪري اُچ شريف (پنجاب) ۾ رهندي، مشهور غوثيه درگاه جا مريد ٿيا، جتان درس و تدريس ۽ شرعي احڪامن جي فروغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيا.

شاه عنايت حق گو، باشريعت، ڪامل اُستاد، ولي الله، صاف دل ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. حق جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي سير سفر ڪيائين؛ جنهن ڪري حيدرآباد دکن ۾ سيد عبدالملڪ شاه جو معتقد ٿيو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، خوب رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائين. زماني جي علم لاءِ شاهه غلام محمد قادريءَ کي رهبر ڪري ورتائين. مرشد جي اجازت سان شاهجان آباد ۾ فقيري فڪر جي گاديءَ تي ويٺو، جتان پوءِ ٺٽي ۾ آيو.
شاه عنايت ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، ميرانپور (جهوڪ) طرف ويو. اُتي پيري مريديءَ جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس اِنهيءَ وڌندڙ عقيدت کان تر جي بااثر زميندارن ۽ وڏن ماڻهن کي سخت مٺيان لڳي. اُنهن مان نور محمد پليجو ۽ حمل بن لاکو جت ۽ بلڙيءَ جي بزرگ جي پوٽي سيد عبدالواسع جا نالا ورتا وڃن ٿا. اُنهن پاڻ ۾ ساز پاز ٿي فقيرن سان اُچائڻ شروع ڪيو. نتيجو آخر سر - عام خونريزيءَ قتل ۽ غارت تي وڃي پهتو؛ جنهن ۾ فقيرن جو وڏو اَٽالو بي گناه ڪسجي ويو. آخر ڳالهه وڌي ويئي؛ جنهن ڪري شاه صاحب پاڻ به شهادت جو جام نوش فرمايو. هي واقعو 17 صفرالمظفر 1130هه مطابق 1718ع ۾ ٿيو. ان وقت مغل سلطنت جي زوال جو زمانو هو.
شاه شهيد صوفي رح نه فقط تصوف جي تصور کي ڏيهان ڏيهه پکيڙيو، بلڪ ادبي ميدان ۾ پڻ پنهنجو ناموس نروار ڪيو. فارسي شاعريءَ کان علاوه سندس سنڌي ڪلام فڪر انگيز آهي. سندس ڪلام نهايت پاڪيزه ۽ پراثر آهي. پاڻ قرآن پاڪ، حديث، تفسير ۽ تصوف وغيره ۾ ماهر ۽ عربي توڙي فارسيءَ جي به وڏي ڄاڻ هيس.
شاه عنايت پهريون سنڌي شاعر آهي؛ جنهن تمثيل نگاريءَ کان ڪم وٺندي، سنڌ جي نيم تاريخي قصن، ڪهاڻين ۽ رومانوي داستانن جي وسيلي روحاني رمزون، اِلاهي اسرار ۽ تصوف جا باريڪ بين نڪتا سمجهايا آهن. حقيقت ۾ شاه شهيد صوفي رح جو سمورو ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي؛ جنهن ۾ روحاني گفتا ۽ فقيري هدايتون رقمطراز ٿيل آهن. سندس انقلاب انگيز ڪلام مان جن پرت جو پاڻي پيتو، تن مان فقير جان الله شاه روهڙائي رح، حضرت سچل سرمست درازي رح، فقير قادر بخش ”بيدل“ رحه، سيد رکيل شاه رح ۽ سيد چيزل شاه بادشاهن جا نالا ورتا وڃن ٿا.
سندس آخري آرام گاه بلڙي شريف کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي، ”جهوڪ شريف“ ۾ آهي، جتي هر سال 17 صفرالمظفر تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
آڌر نڌر اُڀري، ڪوجهي ڪميڻي؛
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيو، هوت ڏسي هيڻي؛
اگهائي ”شاه عنايت“ چوي، تنهنجي نڪر نيڻي؛
جا هي ور جي وهيڻي، تنهنکي محب مليو مهاڙ ۾.
(1) – ”لانگاه“، سنڌ جي قوم آهي؛ جنهن ڳچ وقت ملتان تي حڪومت ڪئي آهي – 931هه مطابق 1524ع ۾ مرزا شاه حسن ارغون، لانگاه قوم جي قائد، سلطان حسين کي شڪست ڏيندي، سندن خاتمو آندو.
[History of Sind – Mirza Qalich Beg, 1931: P.P 78]
(1) – ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سريءَ مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“

No comments:

راءِ ڏيندا