; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي، مدد علي سنڌي، استاد خالد،
Showing posts with label ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي، مدد علي سنڌي، استاد خالد،. Show all posts
Showing posts with label ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي، مدد علي سنڌي، استاد خالد،. Show all posts

12 September, 2011

ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي

ڪامريڊ مولوي نذير حسين جلالي

هارين جي حقن لاءِ جنگ جوٽيندڙ سپاهي

مدد علي سنڌي



سنڌ جي ماضي قريب واري تاريخ جا واقعا، ڪيترن ئي ڪردارن سان ڀريا پيا آهن، جن سنڌ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ هڪ ڊگهي ويڙهه وڙهي. انهن مثالي ڪردارن جا صحرا نورد ڪارناما، تاريخ جو حصو ته بڻيا، پر اهي ڪردار ان جنگ ۽ جدوجهد ۾، پنهنجو تن، من، حياتيءَ جو خوبصورت دور، گذاري پاڻ پڇاڙيءَ تائين تمام خسته حال رهيا. پاڻ سڙي خاڪ ٿي ويا، ٻين جي لڙائي لڙي. هاڻي ته اکيون ٿيون واجهائين انهن لاءِ. چؤپاسي ماڻهپي ۽ ماڻهن جي اڻاٺ آهي. تڏهن ٿي مرحوم حافظ احسن چنا، دادوءَ واري جي ڪافيءَ جي هيءَ سٽ ذهن تي تري اچي: